عالمي فالٽ لائنون ۽ طاقت جي بيرحم راند!
Tufail Magsi
ڪالم نگار
جيڪڏهن عالمي سياست کي جذبن، نعرن ۽ وقتي خبرن کان هٽي ڪري ڏٺو وڃي ته هڪ سخت، پر مستقل حقيقت سامهون اچي ٿي. دنيا جيڪا اصولن سان نه، طاقت جي توازن سان هلندي آهي. هر اها رياست جنهن وٽ فوجي، معاشي يا سفارتي قوت آهي، سڌو سنئون يا پراڪسين جي وسيلي پنهنجن مفادن جو تحفظ ڪري ٿي. مسئلو طاقت جو ناهي، بلڪه طاقت جو عدم توازن آهي ۽ اهوئي عدم توازن دنيا کي مستقل جهڳڙن ۾ مصروف رکي ٿو. عالمي نظام اصل ۾ مختلف فالٽ لائنن تي بيٺل آهي. جيئن زمين جي اندر ڏارون زلزلي کي جنم ڏينديون آهن، ائين ئي اهي فالٽ لائنون جاگرافيائي ورهاست، جنگين، پابندين ۽ انساني بحرانن جو سبب بڻجن ٿيون. انهن فالٽ لائنن تي موجود جهڳڙا ڪنهن حادثي جو نتيجو ناهن، بلڪه هڪ سوچيل سمجهيل اسٽريٽجڪ حقيقت آهن. وينزويلا کي ڏسجي ته مسئلو صرف جهموريت يا آمراڻي طرز حڪومت جو ناهي بلڪه تيل، لاطيني آمريڪا ۾ آمريڪي اثر و رسوخ ۽ چين ۽ روس جي وڌندڙ موجودگيءَ جو آهي. نالو انساني حقن جو آهي، پر اصل جنگ مفادن جي آهي.
ايران جي چوڌاري پابنديون، ڇڪتان ۽ ڌمڪيون ان نظريي کان وڌيڪ سندس جاگرافي، توانائي جا ذخيرا ۽ وچ اوڀر ۾ طاقت جي توازن سان ڳنڍيل آهن. يوڪرين هڪ آزاد رياست ضرور آهي، پر حقيقت ۾ نيٽو ۽ روس جي وچ ۾ هڪ اسٽريٽيجڪ بفرزون آهي. هتي خودمختياري جو مسئلو پنهنجي جاءِ تي، پر اصل ٽڪراءَ عالمي طاقتن جي اثر ۽ رسوخ جو آهي. تائيوان، چين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٽيڪنالاجي، سامونڊي رستن ۽ عالمي برتري جي سڀ کان نازڪ فالٽ لائن بڻجي چڪو آهي، جتي هڪ غلط اندازو سڄي دنيا کي ڌوڏي سگهي ٿو. يورپ ظاهر ۾ ترقي يافته ۽ مضبوط نظر اچي ٿو، پر اندر ئي اندر ڀُريل آهي. جنهن جو تازو نظارو يورپ ۾ سڀ ڏسي چڪا آهيون. وچ اوڀر ته هونئن ئي نوآبادياتي دور جي ڇڪيل سرحدن جو قيدي آهي، جتي رياستون ڪمزور، معاشرا مضبوط ۽ جهڳڙا مستقل آهن. فرقو، تيل، اسرائيل ۽ علائقائي بالادستي سڀ هڪ ئي زنجير جون ڪڙيون آهن. هر ڌر پنهنجي پنهنجي سوچ رکي ٿي، ڪو سلامتي جي نالي تي، ڪو جهموريت جي، ڪو مذهب ۽ ڪو مزاحمت جي نالي تي، پر تاريخ شاهد آهي ته بيانا اڪثر اصل سببن کي لڪائڻ جو وسيلو بڻجن ٿا. طاقتور اخلاقيات جي ڳالھه ضرور ڪن ٿا، پر فيصلا سدائين مفادن جي بنياد ٿي ٿين ٿا. تاريخ جو سبق سادو، پر سخت آهي، جتي طاقت جو توازن بگڙيو، اتي امن گهڻو وقت نه رهيو، جتي جذبن کي حڪمت عملي تي فوقيت ڏني وئي، اتي نقصان رياستن کان وڌيڪ ماڻهن کنيو ۽ جتي حقيقت پسنداڻي سياست کي نظرانداز ڪيو ويو، اتي اخلاقي دعوائون به کوکليون ثابت ٿيون. اڄ جي دنيا ۾ اصل ڏاهپ اها ناهي ته ڪير وڌيڪ نعرا هڻي ٿو، بلڪه اهو آهي ته ڪير پنهنجي فالٽ لائين کي سڃاڻي توازن، تدبر ۽ ڊگهي مدي واري مفاد سان درست فيصلا ڪري ٿو. ائين نه ڪيو ويو ته تاريخ ڪنهن جو لحاظ نه ڪندي، اها پاڻ کي ورجائي ٿي ۽ هر ڀيري قيمت ڪمزور کي ادا ڪرڻي پوي ٿي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟