مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

اوزون جي تھه جي بحاليءَ لاءِ عالمي قدم

Wasiuddin Junejo ڪالم نگار

ايم.ايس.سي ( ڪيمسٽري)، رٽائرڊ ڊپٽي مينيجر (FFC)

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

19 ڊسمبر 1994ع تي، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي 16 سيپٽمبر کي “اوزون تھه جي تحفظ جو عالمي ڏينهن” قرار ڏنو. هي ڏينهن 1987ع ۾ ان تاريخ جي ياد ۾ مقرر ڪيو ويو جڏهن اوزون جي تھه کي نقصان پهچائيندڙ مادن بابت “مونٽريال پروٽوڪول” تي صحيحون ڪيون ويون هيون. ھن کان اڳ 22 مارچ 1985ع تي گڏيل قومن طرفان ويانا (آسٽريا) ۾ اوزون جي تھه ۾ ٿيندڙ سوراخن تي ھڪ ڪنوينشن ڪوٺائي وئي ھئي، جنھن تي دنيا جي 28 ملڪن صحيحون ڪيون ھيون. مونٽريال پروٽوڪول اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته سائنس تي ٻڌل پاليسي، عالمي شموليت، ضابطن جي سختي سان پابندي، مخصوص مالي سهڪار ۽ اثرائتي شراڪتداريءَ جھڙا قدم اوزون جي تھه جي بچاءُ جي سلسلي ۾ حقيقي ۽ ماپڻ جوڳا نتيجا آڻي سگهن ٿا. موجوده سال اوزون جي عالمي ڏهاڙي جو موضوع “ٿڌي ڌرتيءَ لاءِ عالمي قدم” رکيو ويو آهي.
زمين جي فضا مختلف تھن تي ٻڌل آهي. سڀ کان هيٺيون تھه جنهن کي “ٽروپوسفيئر” چيو ويندو آهي، زمين جي سطح کان تقريبن 6 ميل يا 10 ڪلو ميٽرن جي اوچائي تائين پکڙيل آهي. انساني سرگرميون تقريبن سموريون ان ئي تھه (ٽروپوسفيئر) ۾ ٿينديون آهن. دنيا جي سڀ کان اوچي جبل، “ماؤنٽ ايورسٽ” جي اوچائي صرف 5.6 ميل (9 ڪلو ميٽر) آهي. ان کانپوءِ وارو تھه، “اسٽريٽوسفيئر” 6 ميل (10 ڪلو ميٽر) کان وٺي تقريبن 31 ميل (50 ڪلو ميٽر) جي اوچائي تائين هوندو آهي. فضا ۾ موجود اوزون جو گهڻو حصو “اسٽريٽوسفيئر” جي هڪ تھه ۾ گڏ ٿيل هوندو آهي، جيڪو زمين جي سطح کان تقريبن 9 کان 18 ميل (15 کان 30 ڪلو ميٽر) مٿي هوندو آهي. اوزون جو اھو تھه سج منجھان خارج ٿيندڙ “الٽراوايوليٽ” واڱڻائي شعاعن کي زمين تائين پھچڻ کان اڳ روڪي وٺندو آھي. “الٽراوايوليٽ” شعاعون زمين ۽ ان تي موجود جاندارن لاءِ انتھائي نقصانڪار ھونديون آھن. اھي شعائون جتي ڌرتيءَ جي گرمي پد ۾ واڌ جو سبب بڻجي ٻوٽن، فصلن، جھنگلي ۽ آبي جيوت کي نقصان پھچائينديون آھن، اتي انسانن لاءِ چمڙيءَ جي ڪينسر ۽ اکين جي بيمارين جھڙن موذي مرضن جو سبب بڻجنديون آھن. اوزون هڪ اهڙو ماليڪيول آهي جنهن ۾ آڪسيجن جا ٽي ايٽم هوندا آهن جڏهن ته آڪسيجن گئس جي ھڪ ماليڪيول ۾آڪسيجن جا ٻه ايٽم ھوندا آھن. “اسٽريٽوسفيئر” ۾ اوزون جا ماليڪيول هر وقت ٺهندا ۽ ختم ٿيندا رهندا آهن. 1970 واري ڏهاڪي ۾ سائنسدانن کي اھي ثابتيون مليون ته اوزون جي تھه کي نقصان رسي رهيو آهي. تحقيق کانپوءِ اھو پتو پيو ته ھن جو ڪارڻ انسانن طرفان ھوا ۾ شامل ٿيندڙ ڪلورين ۽ برومين گيسون آھن. ايتري قدر جو ڪلورين جو ھڪ ايٽم اوزون جي ھڪ لک ماليڪيولن کي نقصان پھچائي سگھي ٿو. ڪلورين گيس ريفريجريٽر ۽ ايئرڪنڊيشنرن ۾ استعمال ٿيندڙ ڪلوروفلورو ڪاربان گيس، ھائيڊرو ڪلوروفلورو ڪاربان گيس ۽ ڪاربان ٽيٽرا ڪلورائيڊ ۽ ميٿائل ڪلوروفارم جھڙن ڪيميڪلن منجھان خارج ٿيندي آهي. ھن مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن جي ماحولياتي اداري طرفان 16 سيپٽمبر 1987 تي مانٽريال ۾ ھڪ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جنھن ۾ اھڙن ڪيميڪلن جي استعمال تي پابندي لڳائي وئي. ھن گڏجاڻيءَ کي “مانٽريال پروٽوڪول” جو نالو ڏنو ويو. ھن گڏجاڻيءَ کانپوءِ دنيا ۾ “ڪلوروفلورو ڪاربان” جي جاءِ تي “ھائيڊرو فلورو ڪاربان” جو استعمال شروع ڪيو ويو. ڪجھه وقت کانپوءِ سائنسدانن پاران اھو انڪشاف ڪيو ويو ته “ھائيڊرو فلورو ڪاربان” پڻ “گرين هائوس” گئس آھي، جيڪا ڌرتي ۽ ان تي رھندڙ جاندارن لاءِ انتھائي نقصانڪار آهي. ھن مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل قومن جي ماحولياتي اداري طرفان روانڊا جي گاديءَ واري شهر ڪيگالي ۾ 15 آڪٽوبر 2016 تي ھڪ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جنھن ۾ مانٽريال پروٽوڪول ۾ ترميم ڪئي وئي ۽ اھو فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ 30 سالن ۾ دنيا ۾ ھائيڊرو فلورو ڪاربان جو استعمال 80 سيڪڙو گھٽايو ويندو.
جيڪڏھن ويانا ڪنوينشن، مانٽريال پروٽوڪول ۽ ڪيگالي ترميم تي نظر وجهبي ته اھو واضح ٿيندو ھنن گڏجاڻين اوزون جي بحاليءَ تي تمام سٺا اثر وڌا آھن جنھن سان اوزون جي تھه ۾ بھتري اچي رھي آھي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس اوزون جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان پنھنجي ھڪ پيغام ۾ چيو آهي ته “ڏھ سال اڳ، دنيا پنهنجي ماحولياتي ڪاميابيءَ جي عظيم ترين داستانن مان هڪ ۾ هڪ نئون باب شامل ڪيو. مونٽريال پروٽوڪول (جنهن اوزون واري تھه جي بحاليءَ جو رستو هموار ڪيو هو) جي بنياد تي اڳتي وڌندي، مختلف ملڪن هڪ نئين خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪيگالي ترميم منظور ڪئي اهو خطرو هائيڊرو فلورو ڪاربان جو هو، جيڪي ٿڌڪار پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ انتهائي طاقتور گرين هائوس گيسون آهن. جيڪڏهن ڪيگالي ترميم تي مڪمل طور تي عمل ڪيو وڃي، ته اها اڪيلي ئي صديءَ جي آخر تائين عالمي گرمي پد ۾ 0.5 ڊگري سينٽي گريڊ تائين اضافي کي روڪي سگهي ٿي ۽ جيڪڏهن ان سان گڏ توانائي جي بچت ڪندڙ ڪولنگ جو استعمال به ڪيو وڃي ته اهو اثر ٻيڻو ٿي سگهي ٿو. اهو عمل صحت ۽ خوراڪ جي تحفظ، روزگار ۽ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت لاءِ انتهائي اهم آهي. عالمي اوزون ڏينهن جي موقعي تي، سمورن ملڪن تي زور ڏجي ٿو ته اهي ڪيگالي ترميم جي توثيق ڪن ۽ ان تي عمل درآمد ڪن، پائيدار ڪولنگ جي نظام ڏانهن منتقلي کي تيز ڪن ۽ ماڻهن توڙي ڌرتيءَ جي حفاظت ڪن.”
هڪ وڊيو پيغام ۾، گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر، انگر اينڊرسن ھن ڳالھه جي تصديق ڪئي ته “مختلف معاهدن تحت کنيل قدمن جي نتيجي ۾ اوزون کي نقصان پهچائيندڙ مادا هاڻي تقريبن ختم ٿي رھيا آهن ۽ اوزون واري تھه ۾ موجود سوراخ بند ٿي رهيا آهن.” اوزون جي تھه جي بحالي ھڪ خوشيءَ جهڙي ڳالهه آھي. دنيا جي گڏيل قدمن مان اھا اميد ڪري سگهجي ٿي ته اھا جلد کان جلد اوزون جي تھه کي مڪمل طور بحال ڪرڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪندي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو