قدرتي وسيلن ۽ زراعت جي حوالي سان سنڌ مالا مال آھي جنهن جو اھم سبب صدين کان موجود سنڌو درياھ آھي. قدرتي وسيلن ۽ زراعت جي لحاظ کان اسان جي سر زمين قدرتي وسيلن سان مالا مال ليکي وڃي ٿي. ڇاڪاڻ جو اسان وٽ سنڌو درياھ آھي، جنهن جي ڪري لکين ايڪڙ زمين آباد ڪري آبادگار پنهنجي ڌرتيءَ تي سون اپائي ٿو. اسان جو صوبو ڀاڳن وارو ليکيو وڃي ٿو. اسان وٽ زرعي حوالي سان پوکون جھڙوڪ: ڪڻڪ، ڦٽيون، ڪيلو، انب ٻير وغيره ھر سال تمام گھڻو لهي ٿو، پر افسوس جو اسان جي ڌرتي زرعي وسيلن سان مالا مال ھوندي به ٻين جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي پٺتي پيل نظر اچي ٿي، آخر ان جا ڪهڙا سبب آهن؟