گلگت بلتستان جون چونڊون ۽ ووٽ جي حفاظت
گلگت بلتستان ۾ هن وقت چونڊن جون سرگرميون تيز ٿي ويون آهن. 7 جون تي ٿيندڙ چونڊن ۾ 24 سيٽن تي سڌيون چونڊون ٿينديون. جڏهن ته 6 سيٽون عورتن ۽ 3 سيٽون ماهرن ۽ فني شعبن لاءِ مخصوص آهن. حڪومت ٺاهڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 17 ميمبرن جي حمايت حاصل هوندي آهي. هن وقت ملڪ جي ٽنهي پارٽين پيپلزپارٽي، نواز ليگ ۽ پي ٽي آئي ۾ سڌو سنئون مقابلو آهي. ماضيءَ ۾ سيد مهدي شاهه 2009 کان 2015 تائين وڏو وزير رهيو، جنهن جو تعلق پ پ سان هو ان کانپوءِ حافظ حفيظ الرحمان 2025 کان نواز ليگ جي حڪومت ٺاهي وڏو وزير رهيو. 2020 ۾ پي ٽي آئي جو خالد خورشيد وزيراعليٰ رهيو ان کانپوءِ گلاب خان موجوده سيٽ اپ تائين حڪومت هلائيندو رهيو. مطلب ته جنهن به پارٽيءَ جي وفاق ۾ حڪومت رهي آهي ان جو وڏو وزير رهيو آهي. هن وقت ٿيندڙن چونڊن جي سلسلي ۾ هر هنڌ چونڊن جو جوش و خروش ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي. سڀني سياسي پارٽين جا سربراهه ۽ اڳواڻ پهچي پنهنجي پنهنجي اميدوارن جي ورڪ ڪري رهيا آهن ۽ رسمي طور بلند آواز ۾ دعوائون ڪري رهيا آهن. ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف جي اميدوارن کي دٻائڻ ۽ انهن جي اڳواڻن کي چونڊ مهم هلائڻ کان روڪڻ جون ڪوششون پڻ جاري آهن. جڏهن ته پيپلزپارٽي جي شازيه مري نواز ليگ تي سرڪاري مشينري استعمال ڪرڻ جا الزام هڻي رهي آهي. اهو پڻ ٻڌايو پيو وڃي ته چونڊن ۾ حصو وٺندڙ سڀئي وڏيون سياسي پارٽيون، جن ۾ اسٽيبلشمينٽ به شامل آهي، ٻنهي اتحادي پارٽين خلاف رڪاوٽون پيدا ڪري رهيون آهن. هڪ پاسي اهي سڀئي سياسي پارٽيون آهن ۽ ٻئي پاسي مجلس وحدت مسلمين پاڪستان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جو اتحاد آهي. اهو لڳي ٿو ته سڀني سياسي پارٽين، مقامي ۽ قومي اسٽيبلشمينٽ جو هڪ ئي مقصد آهي ته ايم ڊبليو ايم ۽ پي ٽي آءِ جا اميدوار ڪامياب نه ٿين، پر انهن سڀني رڪاوٽن جي باوجود، انهن پارٽين جا اميدوار ڪيترن ئي حلقن ۾ عوامي ڌيان حاصل ڪرڻ ۾ کليل طور تي ڪامياب ٿي رهيا آهن. الياس صديقي حلقه نمبر 1 مان وزير اعليٰ جو دعويدار امجد ايڊووڪيٽ جي مقابلي ۾ هن انداز سان ميدان ۾ لٿل آهي جنهن ڪري مخالفين حيران ۽ پريشان ٿي چڪا آهن. جڏهن ته هو مرڪزي قيادت کي آڻي بار بار وزير اعليٰ بڻائڻ جا وڏا دعويٰ ڪري رهيو آهي، حالانڪه امجد اهو وساري ويٺو آهي ته اڳوڻي وزير اعليٰ خورشيد کي ڪوڙو ڪيس داخل ڪري خود وزير اعليٰ بنجڻ جي ڪوشش ڪرڻ واري امجد ايڊووڪيٽ کي ڪهڙي نموني پسمنظر ۾ ڌڪي هڪ اهڙي شخص کي وزير اعليٰ بڻايو ويو جنهن گلگت بلتستان جي حقن جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو. اهڙي طرح حلقي نمبر 2 ۾ عتيق الرحمان کي محدود ڪري باقي اميدوارن لاءِ ميدان هموار ڪيو پيو وڃي ۽ سهيل شاهه کي هارائڻ لاءِ سڀ وسيلا استعمال ۾ آندا پيا وڃن. حلقي نمبر 3 تي وزير اظهر جي مقابلي ۾ فدا نشاد ميدان ۾ آهي، جن جي باري ۾ ڪرپشن ۽ ڏاڍ ڪرڻ توڙي پارٽيون تبديل ڪرڻ جون ڳالهيون سڄي گلگت بلتستان ۾ عام آهن. حلقي نمبر 4 ۾ ڊاڪٽر علي محمد هڪ نمايان اميدوار بڻجي چڪو آهي، جڏهن ته حلقي نمبر 5 ۾ رياض اڪبر پنهنجن سڀني مخالفن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن. اڳوڻي اپوزيشن ليڊر محمد ڪاظم ميثم مخالفن کي سخت ٽائيم ڏيکاريو آهي جنهن جو ڪنهن کي وهم ۽ گمان به نه هو. ان جي مقابلي ۾ ن ليگ اميدوار ۽ پيپلز پارٽي جا اميدوار ميدان ۾ آهن، پر محمد ڪاظم ميثم جهڙي قومي، مذهبي، نڊر، ڪرپشن کان پاڪ ۽ جوان قيادت جي سامهون انهن جي ڪارڪردگي زيرو جي برابر محسوس ٿي رهي آهي. حلقي نمبر 4 تي ڊاڪٽر مشتاق حڪيمي جي مقابلي ۾ ناصر خان بيٺل آهي، جنهن تي اهو الزام آهي ته هن زمينن ۽ معدني وسيلن سان لاڳاپيل معاملن ۾ جاويد منوا، امجد ايڊووڪيٽ ۽ ٻين ميمبرن سان ملي اسيمبلي ۾ اهڙن قدمن جي حمايت ڪئي جنهن کي عوام پنهنجن حقن جي خلاف سمجهي ٿو. حلقي نمبر 5 ۾ سعيد شگري راجه اعظم ۽ عمران نديم جي مقابلي ۾ جبل وانگر سامهون بيٺل آهي. اهڙي طرح ٻين حلقن ۾ به اتحادي جماعتن جا اميدوار ميدان ۾ بيٺل آهن. جڏهن ته انهن جي مقابلي ۾ اهڙا اميدوار بيٺا آهن جن کي عوام ڦورو، ڪرپٽ ۽ دٻاءُ آڏو جهڪي وڃڻ وارو سمجهي ٿو. هاڻي فيصلو عوام جي هٿ ۾ آهي ته هو ڪنهن کي ڪامياب ٿو ڪري. ان ڪري عوام کي پنهنجي ووٽ جو دفاع ڪري اهڙن اميدارن کي موڪلڻ گهرجي جيڪي سندن حقن جي حفاظت ڪري سگهن. ان لاءِ گلگت جي عوام کي گهرجي ته سمورين پولنگ اسٽيشنن تي انتهائي مخلص، ديانتدار ۽ بهادر ايجنٽ مقرر ڪن. ڪنهن به صورت ۾ پولنگ بوٿ کي اڪيلو نه ڇڏين ۽ بيلٽ باڪسن تي مسلسل نظر رکن. ووٽرن کي اڳ ۾ ئي انهن جو ووٽر نمبر فراهم ڪن ۽ انهن کي پنهنجو ووٽ صحيح طريقي سان استعمال ڪرڻ ۾ مدد ڪن. پولنگ جي آخر تائين بيلٽ باڪسن جي نگراني ۽ انهن کي تبديل ڪرڻ يا غائب ڪرڻ جي هر ڪوشش کي ناڪام بڻائين. ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته ڪو به شخص هڪ کان وڌيڪ بيلٽ پيپر استعمال نه ڪري سگهي. جڏهن بيلٽ باڪس کولين ته پنهنجي اميدوار جي ووٽن جي صحيح ڳڻپ کي يقيني بڻائين. هر اميدوار جو بيلٽ پيپر الڳ رکن ۽ بعد ۾ ٻين اميدوارن جي ووٽن جي ٻيهر جاچ ڪن ته جيئن ڪنهن ووٽ تي غلط ٺپو يا ڪنهن ٻئي اميدوار جو ووٽ شامل نه هجي. ووٽن جي ڳڻپ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ فارم 45 پنهنجي سامهون حاصل ڪن. ان جون تصويرون محفوظ ڪن ۽ پنهنجن نمائندن تائين فوري پهچائين. فارم 45 جون هڪ کان وڌيڪ ڪاپيون مختلف ماڻهن وٽ محفوظ رکن. آر او آفيس ۾ موجود نمائندا نتيجا اپلوڊ ٿيڻ وقت مڪمل نگراني ڪن ۽ ڪنهن به غلط اندراج يا تبديلي جي ڪوشش کي ناڪام بڻائين. ڪارڪن کي هر وقت الرٽ رکن ته جيئن ڪنهن به مرحلي تي ڌانڌلي نه ٿي سگهي. جيڪڏهن ڌانڌلي ٿئي ته آر او آفيس جي سامهون پرامن، پر اثرائتو احتجاج ڪن ۽ پنهنجي ڀرپور عوامي طاقت ذريعي ڪنهن به کٽيل سيٽ کي فارم 47 ذريعي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائين.
ووٽ صرف هڪ پرچي نه، پر هڪ امانت آهي. جيڪڏهن ان جي حفاظت نه ڪئي وئي ته ڪا به طاقت عوام جي فيصلي کي تبديل ڪري سگهي ٿي. ان لاءِ پنهنجي راءِ استعمال ڪرڻ سان گڏ ان راءِ جي حفاظت ڪرڻ به اسان سڀني جو فرض آهي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟