رلين کان اَرٽ، ڀرت ۽ آر تائين وسريل هٿن جي ڪهاڻي
Noor Sindhi
سينئر صحافي، ڪالم نگار، ليکڪ
سنڌ جي ڳوٺاڻي زندگيءَ جي سونهن رڳو کيتن، وڻن، اوطاقن، لوڪ گيتن ۽ ميلن ۾ نه هئي، پر انهن گهرن اندر ويٺل انهن هنر مند عورتن جي هٿن ۾ به هئي، جيڪي پنهنجي آڱرين جي هنر سان ڪپڙي، ڌاڳي، سُئي ۽ رنگن کي اهڙي تخليق ۾ بدلائينديون هيون، جنهن ۾ سنڌ جي ثقافت، عورت جي محنت ۽ نسلن جي روايت گڏ نظر ايندي هئي. رلي، ڀرت، گندين تي لار، ارٽ تي ڪپڙو ٺاهڻ اڳٺ ۽ هٿ جي ٻين ڪيترن ئي هنرن سنڌ جي عورت جي زندگيءَ جو حصو رهيا آهن. اڄ به سنڌ جي ڪيترن ڳوٺن ۾ اهي هنر ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ موجود آهن، پر ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ انهن جو دائرو تمام گهڻو محدود ٿي ويو آهي. هڪ وقت هو، جڏهن تقريبن هر ڳوٺ ۽ هر گهر ۾ تقريبن يا ڪجھه عورتن کي هٿ جو هنر ايندو هو. ڪنهن کي رلي ٺاهڻ ايندي هئي، ڪنهن کي ڀرت ڀرڻ، ڪنهن کي گنديءَ تي لار لڳائڻ، اڳٺ ٺاھڻ ته ڪنهن کي ارٽ تي ڪپڙو ٺاهڻ يا ڪپهه سان لاڳاپيل ٻيا ڪم ايندا هئا. اهي هنر عورتن لاءِ رڳو وقت گذارڻ نه هئا، پر گهر جي ضرورت، ثقافتي سڃاڻپ ۽ آمدنيءَ جو ذريعو پڻ هئا.
مائرون نياڻين کي هنر سيکارينديون هيون: پراڻي ڳوٺاڻي سماج ۾ نياڻيءَ جي تربيت جو هڪ اهم حصو هنر سکڻ به هوندو هو. نياڻيون ننڍي عمر کان ماءُ، ناني، ڏاڏي يا گهر جي ٻين وڏين عورتن وٽ ويهي هٿ جو ڪم ڏسنديون ۽ آهستي آهستي پاڻ به سکڻ لڳنديون هيون. جيڪڏهن ڪا نياڻي هنر سکڻ ۾ دلچسپي نه وٺندي هئي ته ماءُ کيس پيار سان چوندي هئي: “امان، هنر سک، سڀاڻي ڪم ايندءِ.” اهي لفظ ان دور جي سماجي سوچ جي عڪاسي ڪندا هئا. مائرون سمجهنديون هيون ته نياڻيءَ وٽ ڪو اهڙو هنر ضرور هجي، جيڪو هوءَ شاديءَ کانپوءِ پنهنجي نئين گهر ۾ به ڪم آڻي سگهي. ڪڏهن ڪڏهن مائرون اهو به چونديون هيون ته جيڪڏهن نياڻيءَ کي مائٽن هنر نه سيکاريو ته شاديءَ کانپوءِ ساهرن وٽان اهو سوال ٿي سگهي ٿو ته “مائٽن نياڻيءَ کي ڇا سيکاريو؟” ان ڪري هنر سکڻ نياڻيءَ جي تربيت جو حصو سمجهيو ويندو هو. گهر ئي سکيا جو مرڪز هو، ماءُ استاد ۽ نياڻي شاگرد. سنڌ جي هنرمند عورتن جي دنيا رڳو رلي ۽ ڀرت تائين محدود نه هئي. ماضيءَ ۾ سنڌ جون عورتون ارٽ تي ڪپڙو به ٺاهينديون هيون. ڪپهه سان لاڳاپيل مختلف مرحلن کانپوءِ ڌاڳو تيار ٿيندو هو ۽ ارٽ تي ان مان ڪپڙو ٺاهڻ جو هنر به گهرن ۾ موجود هو. ارٽ تي ڪپڙو ٺاهڻ ۾ صبر، مهارت ۽ مسلسل محنت جي ضرورت هوندي هئي. ان زماني ۾ بازار مان هر شيءِ تيار ٿيل خريد ڪرڻ جو رواج اڄ جهڙو عام نه هو، تنهنڪري گهر جون عورتون پنهنجي ضرورتن جو وڏو حصو هٿ جي هنر سان پورو ڪنديون هيون. ارٽ رڳو هڪ اوزار نه هو؛ اهو سنڌ جي گهرن ۾ عورت جي محنت ۽ خود ڀروسي جي علامت هو. ان جي چرپر سان گڏ ڌاڳو ڪپڙي ۾ بدلجندو هو ۽ عورت جي هٿن سان گهر جي ضرورت پوري ٿيندي هئي. شاهه لطيف ڪاپائتيءَ کي امر ڪري ڇڏيو. سنڌ جي هن پراڻي هنر جي سڀ کان وڏي ادبي شاهدي اسان کي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ ملي ٿي. شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪپهه، ڌاڳي ۽ عورت جي محنت کي رڳو گهريلو ڪم جي طور تي پيش نه ڪيو، پر ان کي فڪر ۽ روحاني معنائن سان ڳنڍي ڇڏيو. سر ڪاپائتيءَ جي داستان ۾ ڪپهه، سوت ۽ ڪپڙي سان لاڳاپيل عورت جي محنت سنڌ جي ان سماج جو عڪس آهي، جتي عورت پنهنجي هٿن سان ڌاڳو ڪاتي، هنر سان زندگيءَ کي سنواري ۽ پنهنجي پورهئي سان گهر جي ضرورت پوري ڪندي هئي. لطيف وٽ ڪپهه رڳو فصل ناهي، ڌاڳو رڳو ڌاڳو ناهي ۽ ڪپڙو رڳو ڪپڙو ناهي؛ انهن ۾ محنت، صبر، انتظار، سچائي ۽ زندگيءَ جي فڪر جا ڪيترائي پاسا لڪل آهن. اهڙيءَ طرح شاهه لطيف سنڌ جي هنرمند عورت کي پنهنجي شاعريءَ ۾ اهڙي جاءِ ڏني، جيڪا صدين کانپوءِ به زنده آهي. اڄ ارٽ جو آواز ڪيترن گهرن مان خاموش ٿي ويو آهي، پر ڪاپائتيءَ جي صورت ۾ ان هنر جي گونج لطيف جي ڪلام ۾ اڃان به موجود آهي. رلي سنڌ جي عورت جي هٿ جي هنر جو هڪ نمايان مثال آهي. گهر ۾ بچيل ڪپڙي جا ٽڪرا گڏ ڪيا ويندا، انهن کي رنگن ۽ نمونن جي حساب سان ترتيب ڏنو ويندو ۽ پوءِ سئي ۽ ڌاڳي سان انهن کي جوڙي رلي تيار ڪئي ويندي هئي. رلي ٺاهڻ ۾ رنگن جي سڃاڻپ، نمونن جي ترتيب، ماپ، صبر ۽ تخليقي ذهن جي ضرورت هوندي هئي. هر رلي پنهنجي ٺاهيندڙ عورت جي ذوق ۽ هنر جي سڃاڻپ بڻجي ويندي هئي. ڪنهن رليءَ جا رنگ نمايان هوندا، ڪنهن جا نقش نفيس، ڪنهن ۾ سادا ڪپڙا ترتيب سان لڳل هوندا ۽ ڪنهن ۾ ڀرت سان وڌيڪ سينگار ٿيل هوندو. رلي رڳو وڇائڻ لاءِ ٺهيل شيءِ نه هئي؛ اها گهر جي عورت جي هٿ جي سڃاڻپ ۽ سنڌ جي ثقافتي رنگن جو هڪ خوبصورت اظهار هئي. ڀرت ڀرڻ به سنڌ جي عورتن جو پراڻو ۽ نفيس هنر آهي. ڪپڙي تي مختلف رنگن جي ڌاڳن سان گل، پن، نقش، جاميٽري نمونا ۽ علاقائي ڊزائين ٺاهيا ويندا هئا. ڀرت ۾ هڪ ننڍڙي ٽڪري تي به ڪلاڪن ۽ ڪڏهن ڏينهن جي محنت لڳندي هئي. عورت لاءِ اهو رڳو گهر جو ڪم نه، پر تخليق ۽ سونهن جو اظهار به هو. سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڀرت جا نمونا، رنگ ۽ انداز به مختلف رهيا آهن. ان ڪري سنڌ جو ڀرت وارو هنر پاڻ ۾ هڪ وڏي ثقافتي گهڻ رنگي رکي ٿو. سنڌ جي عورتن جي هٿ جي هنر ۾ رلي ۽ ڀرت کان سواءِ گندين تي لار لڳائڻ، ڪپڙن جي سينگار، ڌاڳن سان مختلف نمونا ٺاهڻ اڳٺ ٺاھڻ ۽ گهر جي استعمال جي شين کي هٿ جي ڪم سان خوبصورت بڻائڻ به شامل هو. اهي هنر ڪنهن ڪتاب مان نه، پر گهر اندر نسلن کان نسلن تائين منتقل ٿيندا هئا. ننڍيون ڇوڪريون وڏين عورتن کي ڪم ڪندي ڏسنديون، سوال ڪنديون، هٿ ونڊائينديون ۽ آهستي آهستي پاڻ هنر سکي وٺنديون هيون. اهڙيءَ طرح سنڌ جي ثقافت جو وڏو حصو عورتن جي هٿن ۾ محفوظ رهيو. سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته اڄ هنر موجود آهي، پر محدود ڇو آھي؟ اڄ به سنڌ جي ڪيترن ڳوٺن ۾ عورتون رليون ٺاهين ٿيون، ڀرت ڀرين ٿيون ۽ هٿ جا ٻيا ڪم ڪن ٿيون، پر ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ اهو هنر محدود ٿي ويو آهي.
هنر محدود ٿيڻ جا سبب: سڀ کان اهم سبب مارڪيٽنگ ۽ وڪري جي مناسب نظام جي کوٽ آهي. عورت جيڪڏهن ڪيترن ڏينهن يا هفتن جي محنت سان رلي يا ڀرت جو ڪم تيار ڪري ٿي ته ان کي مناسب خريدار ۽ مناسب اگهه نه ملي ته اهو ڪم معاشي طور فائديمند نٿو رهي. ٻيو وڏو مسئلو خام مال جي وڌندڙ قيمت آهي. ڪپڙو، ڌاڳو، رنگ، سئي ۽ ٻيو سامان مهانگو ٿيندو وڃي ٿو، پر هٿ جي ٺهيل شيءِ جي قيمت ان حساب سان نٿي وڌي. نتيجي ۾ عورت جي محنت جو صحيح معاوضو نٿو ملي ۽ نئين نسل ۾ اهو خيال پيدا ٿئي ٿو ته ايتري محنت جي مقابلي ۾ آمدني گهٽ آهي.
مشيني شين سان مقابلو: مشين سان تيار ٿيندڙ شيون وڏي تعداد ۾ ۽ گهٽ وقت ۾ تيار ٿين ٿيون. ان ڪري انهن جي قيمت به ڪيترن حالتن ۾ هٿ جي شين کان گهٽ هوندي آهي، پر مشين سان ٺهيل شيءِ ۽ هٿ سان ٺهيل شيءِ جي قدر ۾ بنيادي فرق آهي. هٿ جي هنر ۾ وقت، تخليق، انساني محنت، روايت ۽ مقامي ثقافت شامل هوندي آهي. مسئلو اهو آهي ته اسان جي بازار اڪثر هنر جي ثقافتي قدر بدران رڳو قيمت ڏسي ٿي. جيستائين هٿ جي ٺهيل شيءِ کي ان جي فني ۽ ثقافتي قدر مطابق قيمت نه ملندي، تيستائين هنرمند عورت لاءِ اهو ڪم جاري رکڻ ڏکيو ٿيندو.
سرپرستيءَ جي کوٽ: سنڌ جي هٿ جي هنر کي هٿي ڏيڻ ۾ حڪومت جو ڪردار اهم آهي، پر عملي طور تي هن شعبي کي اها مستقل ۽ منظم سرپرستي نه ملي سگهي آهي، جنهن جي ضرورت هئي. سنڌ جو ثقافت، سياحت، نوادرات ۽ آرڪيالاجي کاتو ثقافتي ورثي جي تحفظ ۽ واڌاري سان لاڳاپيل آهي. جڏهن ته عورتن جي فني ۽ معاشي تربيت لاءِ عورتن جي ترقي، سماجي ڀلائي، صنعت ۽ واپار، ننڍي ۽ وچولي ڪاروبار ۽ فني تربيت سان لاڳاپيل ادارن کي به پنهنجو حصو ادا ڪرڻ گهرجي. ضرورت آهي ته اهي ادارا گڏجي سنڌ جي هٿ جي هنر لاءِ مستقل ۽ عملي منصوبو جوڙين. رڳو نمائش نه، مستقل مارڪيٽ گهرجي. هٿ جي هنر کي رڳو ثقافتي ميلن يا ڪجهه ڏينهن جي نمائشن تائين محدود رکڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو.
هنرمند عورت کي مستقل مارڪيٽ گهرجي: ڳوٺن ۾ عورتن جا هنر مرڪز قائم ڪيا وڃن، جتي عورتون پنهنجون شيون گڏ ڪري وڪرو ڪري سگهن. انهن کي آن لائين وڪري، تصويرڪشي، پيڪنگ، برانڊنگ ۽ قيمت مقرر ڪرڻ جي تربيت ڏني وڃي. وڏن شهرن ۾ سنڌي هٿ جي هنر جا مستقل وڪري جا مرڪز قائم ڪيا وڃن ۽ ملڪ جي ٻين صوبن سان گڏ عالمي مارڪيٽ تائين رسائي پيدا ڪئي وڃي.
سنڌ جو هنر دنيا تائين ڇو نه پهچي؟: سنڌ جون رليون، ڀرٿ ۽ ٻيون هٿ سان ٺهيل شيون ملڪ جي ٻين صوبن ۾ به پسند ڪيون وڃن ٿيون ۽ عالمي سطح تي به انهن ۾ وڏي امڪاني دلچسپي موجود آهي. دنيا ۾ هٿ جي ٺهيل شين کي ثقافتي ۽ فني قدر حاصل آهي. جيڪڏهن سنڌ جي هنر کي سٺي معيار، مناسب پيڪنگ، برانڊنگ، آن لائين وڪري ۽ عالمي نمائش سان ڳنڍيو وڃي ته اها هڪ اهم معاشي سرگرمي بڻجي سگهي ٿي. هڪ هنر مند عورت جيڪا اڄ پنهنجي محنت جو مناسب اگهه حاصل نٿي ڪري، اهائي عورت جيڪڏهن سڌي طرح وڏي مارڪيٽ سان ڳنڍجي وڃي ته سندس آمدني ڪيترائي ڀيرا وڌي سگهي ٿي.
هنر سان عورت جي خوشحالي: هٿ جو هنر رڳو ثقافت بچائڻ جو وسيلو ناهي؛ اهو عورتن لاءِ روزگار ۽ معاشي خوشحاليءَ جو ذريعو پڻ بڻجي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڳوٺن ۾ هنر مرڪز قائم ٿين، ڪچو مال مناسب اگهه تي ملي، تيار ٿيل شين لاءِ يقيني مارڪيٽ هجي ۽ عورت کي سندس محنت جو مناسب معاوضو ملي ته هزارين خاندانن جي آمدني وڌي سگهي ٿي. ان سان ڳوٺاڻن علائقن ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، عورتن جي معاشي حيثيت مضبوط ٿيندي، مقامي صنعت کي هٿي ملندي ۽ ملڪ جي معاشي سرگرمي وڌندي.
حڪومت کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟: سنڌ سرڪار کي گهرجي ته هر ضلعي ۽ اهم تعلقي ۾ عورتن جي هٿ جي هنر جا تربيت، پيداوار ۽ وڪري جا مرڪز قائم ڪري. انهن مرڪزن ۾ روايتي هنر محفوظ ڪرڻ سان گڏ جديد ڊزائين، رنگن جي چونڊ، معيار، پيڪنگ، مارڪيٽنگ، آن لائين ڪاروبار ۽ برآمد بابت تربيت ڏني وڃي. حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا هنرمند عورتن کان مناسب اگهه تي شيون خريد ڪري سگهن ۽ سرڪاري تحفن، ثقافتي پروگرامن ۽ سرڪاري نمائشن ۾ سنڌ جي مقامي هنر کي ترجيح ڏئي سگهن. ان سان گڏ هنرمند عورتن جي رجسٽري ۽ سڃاڻپ جو نظام قائم ڪيو وڃي، جيئن سرڪاري سهولتون واقعي انهن عورتن تائين پهچن، جيڪي عملي طور تي اهو هنر ڪري رهيون آهن.
اسڪولن ۾ هنر جي سکيا: جڏهن گهر هنر جا اسڪول هئا، تڏهن هڪ نسل ٻئي نسل کان هنر سکندو هو. هاڻي اهو سلسلو ڪمزور ٿي ويو آهي، تنهنڪري اسڪول ۽ فني ادارا به هن خال کي ڀري سگهن ٿا. اسڪولن ۾ مقامي هنر بابت عملي سکيا جا پروگرام شروع ڪيا وڃن. وڏين عمر جي هنرمند عورتن کي اسڪولن ۾ گهرائي نئين نسل کي رلي، ڀرت ۽ ٻين روايتي هنرن جي سکيا ڏني وڃي. اهڙيءَ طرح هنر رڳو ماضيءَ جي يادگار نه رهندو، پر نئين نسل جي هٿن ۾ منتقل ٿيندو.
مائرن جي نصيحت کي نئين معنيٰ ڏيڻ جي ضرورت: ڪڏهن سنڌ جون مائرون نياڻين کي چونديون هيون، “امان، هنر سک، سڀاڻي ڪم ايندءِ.” اڄ اها نصيحت ٻيهر زنده ڪرڻ جي ضرورت آهي، پر ان سان گڏ زماني جون نيون گهرجون به شامل ڪرڻيون پونديون. اڄ نياڻيءَ کي هنر سان گڏ مارڪيٽنگ، آن لائين وڪرو، حساب ڪتاب، پيڪنگ، برانڊنگ ۽ پنهنجي محنت جي مناسب قيمت وٺڻ جي ڄاڻ پڻ ڏيڻ گهرجي. جيڪڏهن روايتي هنر کي جديد علم ۽ جديد بازار سان ڳنڍيو وڃي ته ماضيءَ جو اهو وسريل هنر مستقبل جو مضبوط معاشي وسيلو بڻجي سگهي ٿو. سنڌ جي رليءَ ۾ ڪپڙي جا ٽڪرا گڏ ٿين ٿا، پر حقيقت ۾ انهن سان سنڌ جون يادون، رنگ، روايتون ۽ عورتن جون ڪهاڻيون به گڏ ٿين ٿيون. ڀرت جي هر ٽانڪي ۾ هڪ هٿ جي محنت آهي. ارٽ تي ڪپڙي جي هر تار ۾ هڪ پراڻي هنر جي ياد آهي. گنديءَ تي لڳل هر لار ۾ هڪ گهر جي عورت جو ذوق ۽ صبر لڪل آهي. جيڪڏهن اسان انهن شين کي رڳو سستي گهريلو پيداوار سمجهنداسين ته هنر ختم ٿيندو. جيڪڏهن انهن کي ثقافتي ورثو، فني تخليق ۽ معاشي پيداوار سمجهنداسين ته اهو ئي هنر ٻيهر زنده ٿي سگهي ٿو. وسريل هٿن کي ٻيهر سڃاڻپ ڏيڻ جو وقت سنڌ جون هنر مند عورتون اڄ به موجود آهن. انهن جا هٿ اڄ به رليون ٺاهي سگهن ٿا، ڀرت ڀري سگهن ٿا ۽ صدين کان هلندڙ هنر کي زنده رکي سگهن ٿا. ضرورت رڳو اها آهي ته انهن هٿن کي مناسب بازار، تربيت، ڪچو مال، سرمايو، سرپرستي ۽ عزت واري اجرت ملي.
سنڌ سرڪار، ثقافت کاتو ۽ عورتن، صنعت، واپار، فني تربيت ۽ ننڍي ڪاروبار سان لاڳاپيل ادارا جيڪڏهن گڏجي هڪ جامع منصوبو جوڙين ته سنڌ جو هٿ جو هنر رڳو محفوظ نه ٿيندو، پر معاشي طور به مضبوط ٿي سگهي ٿو. ان سان هزارين عورتن کي روزگار ملي سگهي ٿو، ڳوٺاڻن خاندانن جي آمدني وڌي سگهي ٿي، سنڌ جي ثقافتي سڃاڻپ عالمي سطح تي اجاڳر ٿي سگهي ٿي ۽ ملڪ لاءِ نئين پرڏيهي مارڪيٽ جا دروازا کلي سگهن ٿا. سنڌ جون رليون، ڀرٿ، ارٽ تي ٺهيل ڪپڙو ۽ ٻيا هٿ جا هنر رڳو ماضيءَ جا يادگار نه آهن؛ اهي مستقبل جي ثقافت، روزگار ۽ معيشت جو وسيلو بڻجي سگهن ٿا. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن وسريل هٿن کي ٻيهر سڃاڻپ ڏني وڃي، انهن جي هنر کي صحيح قيمت ڏني وڃي ۽ سنڌ جي هن ثقافتي ورثي کي گهرن جي خاموش ڪنڊن مان ڪڍي بازار، ملڪ ۽ دنيا تائين پهچايو وڃي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟