مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

صوبائي خود مختياري کان مضبوط مڪاني حڪومت تائين

Kalavanti Raja ڪالم نگار

سياسي ۽ سماجي ڪارڪن، اقليتن ۽ عورتن لاءِ جاکوڙيندڙ.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

انگريزن کان هندستان خالي ڪرائڻ جي جدوجهد دوران هندستان ۾ هڪ ٻي آزاد رياست، پاڪستان، جو خيال ئي “اڪثريت ۽ اقليت” جي بنياد تي آيو. ڇو ته مسلمان پاڻ کي اقليت ۾ محسوس ڪري رهيا هئا. ان جو هڪ اهم سبب اهو هو ته ڪانگريس مضبوط مرڪز جي حامي هئي ۽ مضبوط مرڪز ۾ مسلمانن جي حيثيت اقليت واري ئي رهڻي هئي. ان ڪري مسلمانن جو سياسي نعرو ۽ نظريو “ڪمزور مرڪز ۽ خود مختيار رياستون” هو.
اهو تصور اڳتي هلي 1940ع جي تاريخي قرارداد ۾ لکت ۾ آيو، جيڪا پاڪستان جو پهريون نظرياتي بنياد هو ۽ جيڪو سنڌ مان ئي منظور ٿيو ۽ ان تي سنڌ جي به صحيح ٿيل هئي. ان قرارداد ۾ ٻين سڀني صوبن/رياستن وانگر سنڌ کي به هڪ خود مختيار صوبائي حيثيت حاصل هئي، انهن ئي بنيادن تي پيارو پاڪستان ٺهيو. 79 سال گذري ويا آهن، پر اڄ به هر صوبو مڪمل خود مختياري لاءِ واجهائي رهيو آهي. مسلمان سياسي اڳواڻن هندستان ۾ جنهن مضبوط مرڪز خلاف پنهنجو نظرياتي موقف جوڙي جدوجهد ڪئي هئي، اهوئي مضبوط مرڪز پاڪستان ۾ مسلط ڪيو ويو آهي. ان ڪري ئي محترم رسول بخش پليجو چوندو هو ته: “پاڪستان اڃان تائين آزاد ئي ڪونه ٿيو آهي.”
هر دور ۾ انگريز حامي اصل اميرالمومنين سڳورا پنهنجا طوطا هوا ۾ ڇڏيندا آهن ته هن ملڪ ۾ اسلامي جمهوريت هجي ته ڪڏهن ون يونٽ ته ڪڏهن روحاني مساوات ته ڪڏهن هيٺئين سطح تائين پاور هجن. ٽن آئينن جي مسودن کانپوءِ لولي لنگڙي اڪثريت سان 1973ع جو آئين ٺاهيو ويو، پر اهو مڪمل طور نافذ نه ٿي سگهيو آهي. سراسري طور هر اڍائي سالن ۾ هڪ ترميم ٿي رهي آهي خير سان، 79 سالن ۾ 28 هين ترميم به زيرِ بحث آهي.
گذريل ٻن سالن کان وري نوان طوطا ميدان ۾ لاٿا ويا آهن ۽ ٽران ٽران ڪن پيا ته “نوان صوبا ۽ نوان انتظامي يونٽ ٺاهڻا آهن ۽ ان کانسواءِ ملڪ ڪونه هلندو.” ملڪ جو نظام مڪمل طور تباهه ٿي ويو آهي. سائين 79 سالن کان ڪنهن چيو آهي ته ملڪ صحيح هلي پيو، جو اوهان اڄ پيا ٻڌايو؟ ملڪ ڪيئن صحيح هلندو، جڏهن اوهان ملڪ هلائڻ جو “صوبائي خود مختياري” وارو بنيادي نقطو ئي نافذ ڪرڻ وساري ويٺا آهيو؟ حيرت جي ڳالهه آهي ته لاهور جا بلڊر ۽ صحافي سنڌ کي ٽوڙڻ جي مهم پيا هلائين ڄڻ ته ڪا سوسائٽي جا بلاڪ ٺاهڻا هجن. رات وچ ۾ دانشور ٿيو پيا هلن. دانشور ٿيڻ لاءِ علم مان نور نچوئڻ بدران هڪ “دانشوراڻي ويسٽ ڪوٽ” پائڻي آهي ۽ بس، پنهنجو ٽيليويزن کپي.
باقي هيٺئين ۽ بنيادي سطح تائين اختيارن جي منتقلي لاءِ ته بلدياتي ڍانچو موجود آهي، جن کي صوبائي حڪومت اختيار ڏئي، جيڪي 1980ع تائين ڪافي بهتر هئا، پوءِ آهستي آهستي خراب ڪيا ويا. سنڌ ۾ هاڻي ته صورتحال اها آهي جو بجيٽون به ٺيڪ ٺاڪ رکيون وڃن ٿيون، پر حقيقي خرچ بنهه ٿورو ٿئي ٿو ۽ سرڪاري ڪامورا، ايڊمنسٽريٽر ۽ مقامي وڏيرا گڏجي سڄو بجيٽ کائي وڃن ٿا. باقي گندگي آخري حد تائين آهي. ناليون اوور فلو ٿي هاڻي گهٽيون نالا بڻجي ويون آهن. صفائي جا ورڪر بکون ڪاٽي مري کپي ويا آهن ۽ نوان ڀنگي سيد، لغاري، مخدوم، قريشي ۽ ٻيون وڏيون وڏيون ذاتيون آهن، جيڪي اتان جي پارلياماني ميمبرن جا مائٽ آهن. ڇو ته ڀنگين جي سڀني آسامين تي اهي ئي ڀرتي ٿيل آهن؛ صفائي ڪونه ڪندا آهن، پر گهر ويٺي پگهار کڻندا آهن. ان ڪري سنڌ جا سمورا شهر گندگيءَ جا ڍير ٿي ويا آهن. اهو سڄو کيل سمورا ادارا خاموشيءَ سان ڏسندا رهن ٿا ۽ پوءِ چون ٿا ته سڄو نظام خراب ٿي ويو آهي ۽ نوان صوبا ٺهندا.
سنڌ ۾ ڪل 3,472 مڪاني ادارا آهن، جن ۾ 1,736 يونين ڪائونسلون، 1,170 يونين ڪميٽيون، 351 ٽائون ڪميٽيون، 146 ميونسپل ڪميٽيون، 34 ضلعي ڪائونسلون، 24 ميونسپل ڪارپوريشنون، 10 ميٽروپوليٽن/ ضلعي ميونسپل ڪارپوريشنون ۽ 1 ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن شامل آهن. مالي سال 2025-26ع لاءِ سنڌ حڪومت جي مڪاني حڪومت جي شعبي جو ڪل بجيٽ 327.89 ارب رپيا آهي، جنهن مان 204.26 ارب رپيا خدمتن جي فراهمي ۽ 123.63 ارب رپيا ترقياتي ڪمن لاءِ رکيا ويا آهن؛ ان مجموعي رقم مان 165 ارب رپيا مڪاني ادارن کي منتقل ڪرڻ لاءِ، 132 ارب رپيا سنڌ جي سالياني ترقياتي پروگرام(ADP) تحت مڪاني حڪومت لاءِ. جڏهن ته مڪاني حڪومت کاتي جي مخصوص ترقياتي پورٽ فوليو لاءِ 765 ترقياتي اسڪيمن تي 78.087 ارب رپيا رکيا ويا آهن.
دنيا جي ڪامياب ملڪن جو تجربو ثابت ڪري ٿو ته بااختيار ۽ مضبوط مڪاني حڪومت ئي سٺي حڪمراني، عوامي ڀلائي ۽ شهري ترقي جي بنياد آهي. سوئٽزرلينڊ، جرمني، ڊينمارڪ، سوئيڊن، ناروي، فنلينڊ، هالينڊ ۽ جاپان جهڙن ملڪن ۾ اختيارن، وسيلن ۽ ذميوارين جي موثر منتقلي هيٺين سطح تائين ڪئي وئي آهي، جنهن سان صفائي، شهري نظم، بنيادي سهولتن، منصوبابندي ۽ عوامي خدمتن ۾ بهتري آئي آهي. جڏهن فيصلا عوام جي ويجهو، وسيلا مقامي سطح تي ۽ ادارا عوام آڏو جوابده هجن، تڏهن حڪمراني وڌيڪ اثرائتي ۽ عوامي ڀلائي وڌيڪ يقيني بڻجي ٿي. تنهنڪري مضبوط، خود مختيار، مالي طور سگهارا ۽ جوابده مڪاني ادارا ڪنهن به جديد ۽ عوام دوست نظامِ حڪمراني جو بنيادي ٿنڀ آهن.
باقي پاڪستان کي وڌيڪ تجربيگاهه بڻائڻ بند ڪريو. حڪومت عوام جي چونڊيل هجي، فارم 47 نه هجن، هٿ سان دٻا نه ڀرجن، اليڪشن بايو ميٽرڪ نظام تحت هجي، جنهن جي سهولت هر ڳوٺ ۾ موجود آهي. هر ڳوٺ ۾ سمون وڪامن پيون، جتي بايو ميٽرڪ مشين پيل آهي. بايو ميٽرڪ ووٽ ڏيڻ جو نظام نافذ ڪرڻ ۾ وڏيرا وچ ۾ آهن. ڇو ته سنڌ جي اها حالت ڪرڻ کانپوءِ اهي هاڻي چونڊجي ڪونه سگهبا ۽ وري شايد اسٽيبلشمينٽ کي نئين قيادت ۽ نون ماڻهن جي ضرورت ناهي. ان ڪري ملڪ کي تجربيگاهه بڻايو ويو آهي. ائين ئي پاڻي جا جديد اليڪٽرانڪ ماپا به اچي ويا آهن، جيڪي هر درياءَ، نديءَ ۽ واهه تي لڳائي سگهجن ٿا ته جيئن طئي ٿيل مقدار موجب پاڻي ڏئي سگهجي ۽ کوٽ کي گڏيل طور ورهائي سگهجي. سمنڊ ۽ ڊيلٽا کي سڀئي صوبا گڏجي بچائي سگهن ٿا. ڇو ته جڏهن سمنڊ جي ڪمائيءَ جو حصو سڀئي کائي سگهن ٿا ته پوءِ ڊيلٽا به گڏجي بچائڻو پوندو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو