مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

گل پلازه کان پمز تائين ناڪاميءَ ۽ بدانتظاميءَ جو ساڳيو انداز

Sukaar Jakhro ڪالم نگار، مترجم

جهمپير ڀرسان اتراڻ جو رهاڪو، سينئر صحافي.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

چوڏهن ابھم ٻار پنهنجن انڪيوبيٽرن ۾ اجل جا شڪار ٿي ويا. اٽڪل اسي دڪاندار، ڪارڪن ۽ شهري رک ۽ انساني باقيات ۾ تبديل ٿي ويا. اٺن مهينن اندر ٻه وڏيون تباهيون. هڪ ئي ملڪ، هڪ جهڙا ھاڃا، هڪ جهڙيون ادارتي ناڪاميون ۽ هر ڀيري ساڳيو معمول: تعزيت، تحقيقات، غم ۽ غصو ۽ پوءِ سڀ ڪجھه وساري ڇڏڻ واري پَر.
آگسٽ ۲۰۲۶ع ۾ اسلام آباد جي پمز ۾ لڳل باهه ۽ جنوري ۲۰۲۶ع ۾ ڪراچيءَ جي گل پلازه ۾ ڀڙڪيل باهه يا پمز سانحو صرف بدقسمتيءَ جا حادثا يا اڻٽر تقدير جو نتيجو نه هئا، پر عملي زندگيءَ مان اڪثر گم هوندا آهن؛ جتي چتاءُ جاري ڪيا ويندا آهن، پر انهن کي ليکبو ئي نھ آهي؛ جتي هنگامي رستا سيڪيورٽيءَ جي نالي تي بند رکبا آهن؛ ۽ جتي انساني زندگي بار بار سهولتن، واپاري مفادن، بيوروڪريٽڪ رواجن ۽ سياسي مصلحتن جي اڳيان لاچار ٿي ويندي آهي.
باهه جا طبعي سبب ٿيندا آهن: برقي خرابي، اوورلوڊ سرشتو، ڀڙڪندڙ مواد، آڪسيجن، ناڪافي وينٽيليشن يا شعلن جو تيزيءَ سان موجود رستن وسيلي پکڙجڻ، صرف ٽيڪنڪي ناهن، اصل تباهي پهرين چڻنگ کان اڳ شروع ٿي چڪي هوندي آهي. اها ان وقت شروع ٿيندي آهي، جڏهن خطرن کي نظرانداز ڪبو آهي؛ جڏهن معائنو صرف ڪاغذي ڪارروائي ھوندو آهي؛ جڏهن قانون رسمي دستاويزن تائين محدود رهندا آهن؛ ۽ چتاءُ بي اثر ٿي ويندا آهن. ملڪ قانونن جي کوٽ جو شڪار ناهي. ملڪ وٽ بلڊنگ ڪوڊ آف پاڪستان فائر سيفٽي پروويزنز ۲۰۱۶ع موجود آهي. ان کانسواءِ صوبائي قانون، سول ڊفينس جا ادارا، بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيون، فائر سروسز، صحت جا ريگيوليٽر ۽ نو آبجيڪشن سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جا نظام پڻ موجود آهن. بس کوٽ قانونن جي پوئيواريءَ جي آهي. پمز ملڪ جي هڪ وڏي سرڪاري اسپتال آهي، ان جي نرسريءَ ۾ لڳل باهه، ان جي سارسنڀال، هنگامي تياري ۽ عملي جي تربيت ۽ حفاظتي نگرانيءَ کي وائکو ڪيو آهي. هڪ اسپتال معاشري جي سڀ کان محفوظ جاين مان هڪ هجڻ گهرجي ۽ خاص طور تي جتي معصوم نوان ڄاول ٻار هجن. رپورٽن مان ظاهر ٿيو ته اتي اهڙيون ڪمزوريون موجود هيون، جتي انتهائي اعليٰ سطح جي حفاظت ضروري هئي. باهه وسائڻ واري نظام جا مبينا ناڪافي انتظام، هنگامي رستن جا مسئلا، سارسنڀال ۽ باھ کان بچاءُ بابت تياريءَ بابت خدشا ۽ حفاظتي ضابطن جي پاسداريءَ تي سوال، ان حادثي جا سبب بڻجن ٿا. جنهن کي صرف هڪ برقي خرابيءَ جو نالو ڏئي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. برقي خرابي باهه ڀڙڪائي سگهي ٿي، پر ان باهه جو تباهيءَ ۾ تبديل ٿيڻ اصل ۾ لاپرواهي ۽ بدانتظامي هوندا آهن. حڪومتي رد عمل ۾ معطليون، تحقيقات، سرڪاري بيان ۽ پڇاڻن جا پڙاڏا. اهڙا قدم ضروري ٿي سگهن ٿا، پر پاڪستاني عوام کي انهن جو ڪو نتيجو نه پيو ملي.
اصل سوال اهو آهي ته ڇا تحقيق مستقل ادارتي سڌارو پيدا ڪندي، يا اها صرف هڪ ٻيو دستاويز بڻجي ايندڙ تباهيءَ تائين ڪنهن فائل ۾ بند رهندي؟ ڪراچيءَ جو گل پلازه ھاڃو به گهٽ تباهه ڪندڙ نه هو ۽ ان سان لاڳاپيل حالتون به گهٽ پريشان ڪندڙ نه هيون. عمارت بابت ڪيترن سالن کان باهه جي حفاظت سان لاڳاپيل خدشا ۽ چتاءُ موجود هئا. رستن، عمارت جي جوڙجڪ ۾ تبديلين، باهه کان بچاءُ جي تياري، وينٽيليشن سسٽم، هنگامي امدادي ڪارڪنن جي پهچ ۽ هنگامي صورتحال ۾ ماڻهن جي تيزيءَ سان نڪرڻ جي صلاحيت بابت سوال اٿاريا ويندا رهيا هئا. پوءِ به ڪاروبار جاري رهيو. اهائي پاڪستان جي حفاظتي بحران جي اصل خصوصيت آهي: اڪثر سڀ ماڻهو خطري کان واقف هوندا آهن، پر ڪوبه حتمي قدم کڻڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي، جيستائين ڪو حادثو يا ھاڃو پيش نه اچي ۽ ھاڃي کانپوءِ به اڪثر زور حقيقي سڌارن بدران خانا پُوريءَ تي رهندو آهي. هڪ گهاٽي واپاري عمارت ۾ باهه صرف ان ڪري تباهه ڪندڙ نٿي ٿئي جو شعلا ڀڙڪي پون ٿا. اها ان وقت وڏي تباهي بڻجي ٿي، جڏهن نيڪال جا رستا بند هجن، دروازا بند هجن، الارم ناڪام ٿين، اسپرنڪلر موجود نه هجن يا غير اثرائتا هجن، ڀڙڪندڙ مواد وڏي مقدار ۾ ذخيرو ٿيل هجي ۽ هنگامي ضرورتن لاءِ باهه تي ضابطي لاءِ ضروري سامان يا مناسب پهچ موجود نه هجي. ان وقت باهه صرف هڪ ٽيڪنڪي حادثو نٿي رهي. اها فيصلن، غفلتن ۽ لاپرواهين جي هڪ ڊگهي سلسلي جو آخري نتيجو ھوندي آهي. سالن جي لاپرواهيءَ جو نتيجو هڪ کن ۾ ڀڙڪندڙ چڻنگ جي صورت ۾ سامهون اچي سگهي ٿو. سڀ کان وڏي ذميواري انهن ماڻهن ۽ ادارن تي عائد ٿئي ٿي، جن وٽ اهڙين تباهين کي روڪڻ جو قانوني اختيار موجود آهي.
بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيز، صحت جا ريگيوليٽر، بلدياتي ادارا، سول ڊفينس، فائر سروسز ۽ لائسنس جاري ڪندڙ ادارا ڪنهن مقصد لاءِ موجود آهن. انهن جي ذميواري صرف سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ، ڪڏهن ڪڏهن معائنو ڪرڻ يا رپورٽون تيار ڪرڻ ناهي. انهن جي اصل ذميواري اها آهي ته غير محفوظ عمارتن کي ڪم جاري رکڻ جي اجازت نه ڏني وڃي. هڪ حفاظتي معائنو، جيڪو خلاف ورزين جي نشاندهي ته ڪري، پر سڌارو پيدا نه ڪري، حفاظت ناهي. سالن کان نظرانداز ٿيل چتاءُ ضابطو ناهي. بنا معنيٰ خيز تصديق جي جاري ڪيل لائسنس نگراني ناهي ۽ صرف ڊزنن جي انگ ۾ ماڻهن جي موت کانپوءِ ڪيل تحقيق اپاءُ ناهي. پاڪستان جي ريگيوليٽري ثقافت اڪثر حفاظتي ضابطن جي پاسداريءَ کي زندگي ۽ موت جي معاملي بدران هڪ بيوروڪريٽڪ مشق سمجهي ٿي. تربيتي سيشنن جون تصويرون، ڪاغذي ڪارروائي، سرٽيفڪيٽ ۽ سرڪاري صحيحون حفاظت جو هڪ ظاهري تاثر پيدا ڪري سگهن ٿيون، پر ان جو مطلب حقيقي حفاظت هرگز ناهي.
نتيجو هڪ خطرناڪ فريب جي صورت ۾ نڪري ٿو:
عمارتون قانوني طور محفوظ نظر اچن ٿيون، جڏهن ته حقيقت ۾ طبعي طور غير محفوظ هونديون آهن. بلڊنگ ڪوڊ ڪنهن جي حفاظت نٿو ڪري سگهي، جيڪڏهن اهو صرف هڪ دستاويز جي صورت ۾ موجود هجي. تاهم ذميواري صرف رياست تائين محدود ناهي. عمارتن جا مالڪ، اسپتالن جا منتظم، واپارين جون تنظيمون، مئنيجمينٽ ڪميٽيون ۽ نجي ڪاروبار پڻ انهن ماڻهن جي حفاظت جا ذميوار آهن، جيڪي انهن جي احاطن ۾ ڪم ڪن ٿا، خريداري ڪن ٿا، علاج ڪرائين ٿا يا دورو ڪن ٿا. اڪثر حفاظتي قدمن کي ضرورت بدران “خرچو” سمجهيو ويندو آهي. هنگامي رستا قابلِ استعمال تجارتي جڳهه گهٽائي ڇڏين ٿا. اسپرنڪلر سسٽم تي خرچ اچي ٿو. باهه وسائڻ جون مشقون ڪاروبار ۾ خلل وجهن ٿيون. سارسنڀال لاءِ سيڙپ گهربل هوندي آهي ۽ حفاظتي ضابطن جي پوئيواري نظم و ضبط جو مطالبو ڪري ٿي، پر ان جو متبادل انساني زندگين جي قيمت تي ادا ڪيو ويندو آهي. ڪوبه واپاري منافعو بند ٿيل هنگامي رستن کي جائز قرار نٿو ڏئي سگهي. ڪوبه سيڪيورٽي انتظام اسپتال جي وارڊ يا تجارتي عمارت کي ممڪنه موت جي ڄار ۾ تبديل ڪرڻ جو جواز نٿو بڻجي سگهي. سيڪيورٽيءَ جا خدشا حقيقي ٿي سگهن ٿا، پر سيڪيورٽي سسٽم ڪڏهن به باهه لڳڻ جي صورت ۾ ماڻهن جي فرار جو امڪان ختم نه ڪرڻ گهرجن. چوري روڪڻ لاءِ لڳايل دروازا موت جو سبب نه بڻجڻ گهرجن. غير سرڪاري ادارن کي به پنهنجو ڪردار چڪاسڻ گهرجي. سول سوسائٽيءَ جون تنظيمون، پيشه وراڻه انجمنون، ڊاڪٽرن جا ادارا، واپارين جون تنظيمون، چيمبرز آف ڪامرس ۽ ٻيا ادارا اڪثر تباهيءَ کانپوءِ مضبوط رد عمل ڏيکاريندا آهن. بيان جاري ڪيا ويندا آهن، سيمينار منعقد ٿيندا آهن، انصاف جا مطالبا ڪيا ويندا آهن، پوءِ عوامي ڌيان ڪنهن ٻئي طرف ٿي ويندو آهي، ڪئميرائون هليون وينديون آهن، هئش ٽيگ غائب ٿي ويندا آهن ۽ سڌاري لاءِ دٻاءُ آهستي آهستي ڪمزور ٿي ويندو آهي. اهو پاڪستاني عوامي زندگيءَ جي سڀ کان وڏين ناڪامين مان هڪ آهي. اسان سڀ غم جو اظهار ڪرڻ ۾ ته ماهر آهيون، پر تبديليءَ لاءِ مسلسل دٻاءُ برقرار رکڻ ۾ ناڪام رهون ٿا. پيشه وراڻه تنظيمن کي ايندڙ تباهيءَ جو انتظار نه ڪرڻ گهرجي، ان کان اڳ جو اهي باهه جي حفاظت ۾ قابلِ پيمائش بهتريءَ جو مطالبو ڪن. طبي انجمنن کي اسپتالن جي حفاظتي معيارن جي مسلسل نگراني ڪرڻ گهرجي. واپارين جي ادارن کي خطرناڪ حالتن ۾ هلندڙ ڪاروبارن جو دفاع ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ گهرجي. سول سوسائٽيءَ کي تحقيقاتي سفارشن تي عملدرآمد جي نگراني ڪرڻ گهرجي ۽ عوامي طور پڇڻ گهرجي ته ڇا انهن سفارشن تي واقعي عمل ڪيو ويو آهي يا نه. غصي جو اصل امتحان اهو ناهي ته ماڻهو سانحي جي پهرين هفتي ۾ ڇا ٿا چون. اصل امتحان اهو آهي ته اهي ڇهه مهينا پوءِ به ڇا گهري رهيا آهن. هڪ اڻوڻندڙ سچ اهو به آهي، جنهن کي معاشري کي پاڻ منهن ڏيڻو پوندو. عام ماڻهو اڪثر ادارتي لاپرواهيءَ جو شڪار ٿيندا آهن ۽ حفاظت جي بنيادي ذميواري ڪڏهن به قانوني ۽ انتظامي اختيار رکندڙن تان هٽڻ نه گهرجي، پر معاشرو به ان ثقافت ۾ حصو وٺندو آهي، جيڪا خطرناڪ شارٽ ڪٽس کي معمول بڻائي ٿي. ماڻهو چوريءَ جي خوف کان بند ٿيل رستا برداشت ڪن ٿا. اهي بلاڪ ٿيل ڪوريڊور قبول ڪن ٿا، ڇاڪاڻ ته جڳهه قيمتي هوندي آهي. اهي باهه وسائڻ وارن اوزارن جي غير موجودگيءَ کي نظرانداز ڪن ٿا. ڇاڪاڻ ته “اڃان تائين ڪجھه ٿيو ئي ناهي“.
اهي غير قانوني تبديليون برداشت ڪن ٿا. ڇاڪاڻ ته “ڪاروبار جاري رهڻ گهرجي“. اهي حفاظتي قانونن کي زندگي بچائڻ واري ضرورت بدران تڪليف ڏيندڙ رڪاوٽ سمجهن ٿا. هرڪو ڪنهن نه ڪنهن کي الزام ڏيڻ جي ڳولها ۾ هوندو آهي، پر سڌاري جي ڏکي، سنجيده ۽ ٽيڪنڪي ڪم تي تمام گهٽ توجهه ڏني ويندي آهي. ڪيتريون عمارتون ڪم ڪندڙ اسپرنڪلر سسٽم رکن ٿيون؟ ڪيترا هنگامي رستا واقعي کليل رهن ٿا؟ ڪيترا اسپتال مناسب طريقي سان آزمايل هنگامي انخلا جا طريقا رکن ٿا؟ ڪيترا حفاظتي معائنا آزاداڻه طور تصديق ٿيل آهن؟ ۽ ڪيترا اختياري بار بار ٿيندڙ خلاف ورزين جي اجازت ڏيڻ تي حقيقي نتيجا ڀوڳين ٿا؟ اهي سوال گهٽ توجهه حاصل ڪن ٿا، ڇاڪاڻ ته اهي سياسي بحثن کان گهٽ ڊرامائي آهن، پر اهي ئي سوال آهن، جيڪي زندگيون بچائي سگهن ٿا. ٽيليويزن تي تعزيتون، سرڪاري دورا، پريس ڪانفرنسون، جنازا، هئش ٽيگ، ميڻ بتين جون گرافڪس، ڪميٽيون، احتساب جا واعدا، پوءِ خاموشي. ھاڃو ھڪ پاروٿي خبر بڻجي ويندو آهي، جڏهن ته ان کي پيدا ڪندڙ حالتون برقرار رهنديون آهن. اها صرف ادارتي ناڪامي ناهي. اها عوامي ياداشت ۽ سياسي ثقافت جي به ناڪامي آهي. ڀلي ثبوت ڪجهه به هجن؛ جڏهن ته مخالف سانحي کي بنيادي طور پنهنجن سياسي حريفن کي نقصان پهچائڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن. انساني تڪليف سياسي بحث ۾ هڪ ٻيو هٿيار بڻجي ويندي آهي، پر تنقيد جو مقصد صرف مخالفن کي تباهه ڪرڻ نه هجڻ گهرجي. حمايت جو مقصد صرف اتحادين کي بچائڻ نه هجڻ گهرجي، ٻنهي جو هڪ ئي مقصد هجڻ گهرجي، ايندڙ ھاڃي کي روڪڻ. اعليٰ خطري وارين عمارتن ۾ ڪم ڪندڙ باهه وسائڻ وارا نظام هجڻ گهرجن. هنگامي رستا ماڻهن کي تيزيءَ سان ٻاهر نڪرڻ جي اجازت ڏين. سيڪيورٽي انتظامن ۾ ناڪاميءَ جي صورت ۾ ڪم ڪندڙ هنگامي نظام شامل هجن. باهه ۽ دونهين کي ممڪنه رستن وسيلي پکڙجڻ کان روڪيو وڃي. اسپتالن کي آڪسيجن سان ڀريل ماحول ۽ انتهائي ڪمزور مريضن لاءِ خاص حفاظتي پروٽوڪول گهربل آهن. حفاظتي معائنا آزاد ۽ بامعنيٰ هجن. بار بار ٿيندڙ خلاف ورزين تي حقيقي سزائون ڏنيون وڃن ۽ جتي ضروري هجي، اتي عمارتن يا ادارن کي بند پڻ ڪيو وڃي.
سڀ کان اهم اصول سادو آهي: بغير نتيجن جي چتاءُ صرف ايندڙ تباهيءَ جي اڳڪٿي هوندو آهي. چوڏهن معصوم ٻار اسلام آباد ۾ اجل جو شڪار ٿي ويا. درجنين شهري ڪراچيءَ ۾ جان وڃائي ويٺا. انهن جون فوتگيون پاڪستان جي روڪي سگهجندڙ تباهين جي ڊگهي تاريخ جو هڪ ٻيو باب نه بڻجڻ گهرجن. باهه جا طبعي سبب هڪ عمارت کان ٻي عمارت تائين مختلف ٿي سگهن ٿا، پر نمونو دردناڪ طور ساڳيو رهي ٿو، خطرو سڃاتو وڃي ٿو، چتاءُ نظرانداز ڪيو وڃي ٿو، شارٽ ڪٽ برداشت ڪيا وڃن ٿا، ذميواري منتشر ٿي وڃي ٿي ۽ عمل ان وقت تائين ملتوي رهندو آهي، جيستائين تباهي لاپرواهيءَ کي انڪار ڪرڻ ناممڪن نه بڻائي ڇڏي. اصل سوال اهو ناهي ته ڇا نظام ڄاڻي ٿو ته ڇا ڪرڻو آهي، بلڪه اهو هجڻ کپي ته ڇا ملڪ وٽ انهن قانونن کي نافذ ڪرڻ جي سياسي مرضي ۽ عوامي نظم و ضبط موجود آهي يا نه؟ جيستائين بند ٿيل دروازن کي قابلِ قبول سيڪيورٽي انتظام بدران هڪ ممڪنه موتمار حفاظتي خلاف ورزي نه سمجهيو ويندو، جيستائين غائب اسپرنڪلرن ۽ بند ٿيل رستن کي صرف هڪ ٻئي چتاءُ طور ڏسڻ بدران فوري سڌاري واري ڪارروائي جو سبب نه بڻايو ويندو، جيستائين ريگيوليٽرن کي ڪاغذي ڪارروائيءَ بدران حقيقي نفاذ جي بنياد تي نه پرکيو ويندو؛ ۽ جيستائين عوامي غصو سڌاري لاءِ مستقل ۽ مسلسل دٻاءُ ۾ تبديل نه ٿيندو، تيستائين اها رسم ورجائبي رهندي، باهه ڀڙڪندي، ڪئميرائون اينديون، اختياريون ڪارروائيءَ جو واعدو ڪنديون، ڪميٽيون ٺهنديون ۽ اسين ان چڪر ۾ هميشه ڦاٿل رهنداسين، هن چڪر جو خاتمو ٿيڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته ايندڙ تباهي غير متوقع نه هوندي، ايندڙ غير محفوظ نرسري، اسپتال، مارڪيٽ، اپارٽمينٽ عمارت، اسڪول يا تجارتي مرڪز شايد اڳ ئي ڪٿي موجود آهن ۽ ڪنهن حادثي جا منتظر پڻ، صر صرف هڪ چڻنگ جي انتظار ۾.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو