مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پنجاهه سالن کان اسان پيا ڪاهيندا اچون “نه منزل آهي نه منزل جو ڪو نشان”

Shabir Khokharr تجزيه نگار، ليکڪ، ڪالم نويس، سينئر صحافي

ايم فل اسڪالر، شاعر، تجزيي نگار، نقاد، محقق، اٺ ڪتابن جو ليکڪ، مضمون نگار، ڪالم نويس.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

مخالف ڌر جي اڳواڻن جا لکيل ڪتاب، تقريرون، ليڪچر، خطاب نوجوانن جي برين واش تحريڪ جا مک ڪارڻ آھن. خاص طور کاٻي ڌر جا لکيل ڪتاب، انھن جي پوئلڳ ليکڪن جا ڪتاب پڻ برين واش تحريڪ جا اھم بنياد آهن، جيڪي سياسي پارٽيون گذريل پنجاھ سالن ۾ ھڪڙو تڪ کٽي نه سگهيون آهن انھن کي قومي سياست جو حق نٿو جڳائي، انھن کي تڪ جي سياست ڪرڻ کپي، قومي سياست ھنن جي وس کان ٻاهر آهي، تڪ جي سياست جو سبق سکڻ کپي، جيڪو اڳواڻ تڪ جي سياست کي نه سمجھي سگھيو يا ڄاڻي واڻي مخالف ڌر جي سياست جو ٺيڪيدار بڻيو ان قومي سياست تي تقرير ڪري مظلومن کي متاثر ڪيو. لطيف جي الٽي اک وارن سان اڳواڻ جيڪو سلوڪ ڪيو اھو به پوئلڳ ڪارڪنن کي معلوم ٿيڻ کپي. سمورا سياستدان، وڪيل دانشور ڀٽائي جي ابتڙ زندگي گذارين پيا، ھي تقرير رڳو اداڪاري آهي، مظلومن کي متاثر ڪرڻ جي.
سنڌ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻن ڪارڪنن کي سدائين پنھنجي سياست لاءِ روڊن تي گھلڻ کانسواءِ ڇا ڪيو آهي، ڪارڪنن کي ڇا مليو آهي، رڳو عقيدت، نظرياتي وابستگي تي قربان پيا ٿين. ان کان چڱي ڊرائنگ روم جي سياست ھئي، مظلومن جي جان آجي ھوندي ھئي .مخالف ڌر جي غلط سياست جي ڪري اڄ قوم بدترين اشرافيه جي اقتدار جي غلام بڻيل آهي، ان جي باوجود مخالف ڌر پنھنجي ناڪامي جو اعتراف نه پئي ڪري، نه وري غلطين جو ازالو يا تدارڪ ڪرڻ لاءِ تيار آهي، اول ته اھڙي قسم جي سياست جو انڪار ئي ڪرڻ گهرجي. ذوالفقار علي ڀٽو بالغ ووٽ سان سياست کي ڊرائنگ روم مان ڪڍي ھميشه لاءِ اقتدار اشرافيه حوالي ڪري ڇڏيو، جنھن جي حمايت ترقي پسند تحريڪ کاٻي ڌر جي سياست ڪئي، جيڪا ھاڻي مظلومن کي روڊن تي گھلڻ جو ڊرامو پئي ڪري، ذوالفقار علي ڀٽو ھنن کي اقتدار جي سياست مان ٻاھر ڪري ڇڏيو.
حڪومت جي تبديلي جو رستو: سياست ۾ تبديليءَ جو رستو اهو آهي ته بالغ ووٽ کان انڪار ڪجي، چونڊن جي لاءِ اصلاحات جي گهر ڪرڻ گهرجي، موجود مخالف ڌر جي سياست جو انڪار، روايتي سياست جو انڪار. ھمعصر دانشورن کان ھڪ اھم سوال جو جواب کپي ته نظرياتي سياست ھٿان مغلوب، برين واش ٿيل ادب، صحافت مخالف بيانيي جي سوالن جا جواب ڇو نه پيو ڏئي سگھي؟ سياست مڪالمو ڇو نه پئي ڪري رڳو ھڪطرفي واعظ تي ڇو بيٺي آهي؟ افسوس رڳو عقيدت جي بنياد تي تعريف ڪتاب “پيغامِ لطيف” تي منھنجو تبصرو پڙھي سگھو ٿا، ڪتاب ۾ تمام گھڻي تنقيد جي گنجائش آهي، اھو ڪو ادبي ڪتاب ناھي، پر ھڪ سياسي وابستگي سان لکيل آهي. ناڪام سياستدان لاءِ مظلوم سڻڀي گرھ کان گھٽ نه آهن، ٻيو اھڙا مسئلا جيڪي ڪڏهن به حل ٿي نه سگھن، جيئن پاڻي جو مسئلو جنھن تي ھڪ ناڪام اڳواڻ پنجاھ سالن کان مخالف ڌر طور پنھنجي سياست چمڪائي مظلومن کي روڊن تي گھلڻ جو ڪم پيو ڪري. مظلومن کي روڊن تي گھلڻ جو ڪاروبار به اڄڪلهه عروج تي آهي، تاجر برادري به پريشان ٿي ڏسجي، پر سياستدان مظلومن سان گڏ خوش پيا نظر اچن، پنجاھ سالن کان اسان پيا ڪاهيندا اچون “نه منزل آھي نه منزل جو ڪو نشان.” جيڪي پنجاھ سالن کان مظلومن کي گھلڻ کانپوءِ به ڪنھن منزل تي نه رسن انھن کي پنھنجي ناڪامي جو اعتراف ڪرڻ کپي، نه ڪي وڌيڪ ساڳي گس تي قوم کي گھلڻ لاءِ غيرت جو سوال ڪن.
جي ايم سيد جو ھڪڙو عمل پليجي جي پنجاھ سالن جي سياست کان بھتر ھو، ايم آر ڊي تحريڪ کان پري رھڻ، مخالف ڌر جي سياست پنجاھ سالن ۾ ڇا ڏنو آهي؟ موجوده اشرافيه جي بدترين حڪومت؟ سنڌ جي مخالف ڌر جي سياست جيڪا سنڌ حڪومت تي ملامت پئي ڪري، جي سنڌ حڪومت کي ڪابه ڌر ھٽائي ٿي ته ان جي خلاف جدوجھد ۾ به اڳيان نظر ايندي، مظلوم سان به ظالم سان به گڏ. اڄ سنڌ جيڪو ڪجھه آهي ھڪڙي پارٽي جي عنايت آهي. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ميئر جي عھدي تي رسائي، مخالف جماعتن سان مھاڏو اٽڪائڻ جو اعزاز، اسٽيبلشمينٽ سان تعلقات، وفاقي حڪومت ۾ حصيداري سڀ ھن جي اقتدار جي سياست بدولت ممڪن ٿيو آهي، مخالف ڌر فوٽ پاٿ تي ويٺل آھي. ڪراچي، حيدرآباد شھرن جي سياست تان جماعت اسلامي، ايم ڪيو ايم کي بي دخل ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪرڻ سنڌ لاءِ وڏي ڪاميابي آهي. اھو ڪم ايترو آسان نه ھو، پر اقتدار جي سياست جي ماھرن ڪري ڏيکاريو آهي. مخالف ڌر جي سياست رڳو پنھنجي سياست چمڪائڻ ۾ پوري آهي.
ڪراچي، حيدرآباد ۾ ۲۰۲۴ کان اڳ جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم جو راڄ عروج تي ھو، جيڪو ھاڻي ختم ٿي چڪو آهي. جتي ۱۹۷۹، ۱۹۸۳ ۾ ڪراچي حيدرآباد جا ميئر ايم ڪيو ايم جا ھوندا ھئا، اڄ اتي پ پ جا ميئر ڪاميابي حاصل ڪري چڪا آهن. ڪراچي، حيدرآباد ۾ سنڌي ماڻهن جي اقتدار جي بحالي جو اعزاز جنھن به سياسي پارٽي حاصل ڪيو آهي اھو آھي. ھاڻي سوال ان ڪاميابي کي برقرار رکڻ جو آھي، ڪراچي حيدرآباد کي انھن ٻن سياسي پارٽين کان پري رکڻ جو چئلينج سڀاڻي جي سياست لاءِ اھميت رکي ٿو. سنڌ جي مفادن جو گھڻو دارومدار ان ڳالھه تي آھي. سڀاڻي سنڌ جي مفادن کي صرف اقتدار جي سياست بچائي سگھي ٿي نه ڪي نظرياتي کاٻي ڌر جي سياست جيڪا گذريل پنجاھ سالن کان مظلومن کي روڊن تي گھلڻ ۾ پوري آهي. حڪمران پارٽي بدعنواني جي باوجود سنڌ جي مفادن کي تحفظ فراهم ڪيو آهي. موجوده سنڌ حڪومت کانپوءِ جي ٻي ڪا سياسي پارٽي اچي ٿي ته پوءِ سنڌ جا مفاد وڌيڪ متاثر ٿي سگھن ٿا. مخالف ڌر جي سياسي پارٽين مان سنڌ جي مفادن جي تحفظ جي اميد رکڻ ڪافي پريشاني وارو سوال ٿي سگهي ٿو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو