مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

اٽو، لٽو ۽ اجھو ته مليو، پر مهانگائي زندگي به مهانگي ڪري ڇڏي!

Saqi Irshad Lorar

ڪالم نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اٽو، لٽو ۽ اجھو انسان جون بنيادي ضرورتون آهن، پر جڏهن انهن ضرورتن کي پورو ڪرڻ به عام ماڻهوءَ لاءِ ڏکيو بڻجي وڃي. جڏهن ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ به پريشان ٿيڻو پوي، جڏهن بيماريءَ ۾ دوا وٺڻ کان اڳ کيس پنهنجي کيسي ۾ پيل پئسا ڳڻڻا پون، تڏهن سوال پيدا ٿئي ٿو ته آخر هن ملڪ جو عام ماڻهو ڪيستائين اهڙين تڪليفن کي برداشت ڪندو؟ ملڪ اندر مهانگائيءَ جو طوفان ڄڻ ته هر شيءِ کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي. زندگيءَ جون ضرورتون ڏينهون ڏينهن مهانگيون ٿينديون پيون وڃن. جڏهن ته عام ماڻهوءَ جي آمدني ساڳي جاءِ تي بيٺل آهي. ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ زندگي گذارڻ هاڻي ڏينهون ڏينهن ڏکيو ٿيندي پئي وڃي. پاڻي، بجلي ۽ گئس جهڙيون بنيادي سهولتون به عام ماڻهوءَ جي پهچ کان پري ٿينديون پيون وڃن. هڪ پاسي گهر جو ڪرايو، ٻئي پاسي ٻارن جي تعليم، مٿان وري کاڌ خوراڪ، علاج ۽ سفر جا خرچ؛ آخر هڪ محدود پگهار مان ماڻهو ڪهڙيون ضرورتون پوريون ڪري؟
تاريخ شاهد آهي ته عوام سان هر دور ۾ ڪيترائي واعدا ڪيا ويا آهن. خوشحالي آڻڻ، بيروزگاري ختم ڪرڻ، مهانگائيءَ تي ضابطو آڻڻ ۽ غريبن جي زندگي بهتر بڻائڻ جون دعوائون ڪيون ويون. چونڊن کان اڳ عوام کي اميدون ڏياريون وڃن ٿيون، ووٽ حاصل ڪيا وڃن ٿا ۽ حڪومتون جوڙيون وڃن ٿيون، پر اقتدار جي ايوانن تائين پهچڻ کان پوءِ ساڳئي عوام جا مسئلا ھر ڀيري نظرانداز ڪيا وڃن ٿا.
عوام اهو ڏسي ھر ڀيري مايوسي ۽ احساس محرومي جو شڪار ٿيندو وڃي ٿو ته جنهن جي ووٽ سان حڪمران اقتدار ۾ اچن ٿا، اقتدار ملڻ کان پوءِ ساڳئي ماڻهوءَ کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏنو وڃي ٿو. عوام سان ڪيل واعدا رڳو تقريرن، جلسن ۽ سياسي بيانن تائين محدود نه هجڻ گهرجن، پر انهن جو اثر ماڻهن جي روزاني زندگيءَ ۾ به نظر اچڻ گهرجي. اڄوڪي دور ۾ عام ماڻهو جڏهن بازار مان ٿوري گهڻي خريداري ڪري ٿو ته کيس خبر ئي نٿي پوي ته پئسا ڪٿي خرچ ٿي ويا. ڏھ هزار رپيا کڻي بازار وڃڻ وارو ماڻهو به ڪيترين ئي بنيادي ضرورتن جي خريداري کان سواءِ خالي هٿين واپس موٽڻ تي مجبور ٿئي ٿو. اٽو، گيهه، تيل، کنڊ، داليون، ڀاڄيون ۽ ٻيون کاڌي پيتي جون شيون خريد ڪرڻ به ڪيترن خاندانن لاءِ هڪ وڏو امتحان بڻجي ويو آهي. گوشت مرغي ته ھنن لئي خواب بڻجي ويو آھي، ڪٿي مھيني ماسي ته ڪٿي سال پڄاڻي… صد افسوس…!؟
پيٽرول ۽ گئس جي اگهن ۾ واڌ جو اثر رڳو گاڏين يا سفر تائين محدود نٿو رهي، پر ٽرانسپورٽ کان وٺي روزمره جي استعمال وارين شين تائين هر شعبي تي پوي ٿو. نتيجي ۾ مهانگائيءَ جو بار آخرڪار مزدور ماڻھو يا ھيٺين طبقي جي عام ماڻھو تي پوي ٿو. سڀ کان وڌيڪ متاثر اهي ماڻهو آهن، جيڪي روزانو مزدوري ڪري پنهنجو گهر هلائين ٿا. مزدوري ڪڏهن ملي ٿي ته ڪڏهن نه، پگهار وقت تي نٿي ملي ۽ جيڪڏهن ملي به ٿي ته وڌندڙ خرچن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪافي نٿي رهي. اهڙي صورتحال ۾ ٻارن جي تعليم، گهر جي راشن ۽ ٻين ضرورتن مان ڪنهن هڪ کي ترجيح ڏيڻ بدران ماڻهوءَ کي هر روز نئين پريشانيءَ سان منهن ڏيڻو پوي ٿو. زندگيءَ ۾ بيماري ڪنهن کي به ٿي سگهي ٿي، پر غريب ماڻهوءَ لاءِ بيمار ٿيڻ ڄڻ ته هڪ ٻي مصيبت کي دعوت ڏيڻ برابر بڻجي ويو آهي. دوائن جون وڌندڙ قيمتون، ڊاڪٽرن جي فيس، ٽيسٽن جا خرچ ۽ اسپتالن تائين پهچڻ لاءِ گهربل رقم ڪيترن ئي خاندانن جي پهچ کان ٻاهر ٿيندي پئي وڃي. هڪ پاسي گهر ۾ بيمار ٻار يا پوڙها والدين علاج جا منتظر هوندا آهن ته ٻئي پاسي گهر جو سربراهه خالي کيسي ۽ محدود آمدنيءَ سبب پريشان هوندو آهي. اهڙي حالت ۾ ماڻهوءَ جي مجبوريءَ جو اندازو ڪير لڳائيندو؟ ڇا ڪنهن غريب جي اکين ۾ لڪل بي وسيءَ کي محسوس ڪرڻ لاءِ حڪمرانن وٽ وقت آهي؟
ملڪ جي سياسي منظرنامي تي نظر وجهجي ته اڪثر هڪ ٻئي تي الزام، بيان بازي ۽ ماضيءَ جي غلطين جو ذڪر ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. ڪو چوي ٿو ته اڳين حڪومت ڪجهه نه ڪيو ته ڪو موجوده حالتن جو ذميوار ڪنهن ٻئي کي قرار ڏئي ٿو. سياسي اختلاف جمهوريت جو حصو آهن، پر سوال اهو آهي ته عوام جي روزاني مسئلن جو حل ڪڏهن نڪرندو؟ جيڪڏهن اڳوڻين حڪومتن کان غلطيون ٿيون ته موجوده حڪمرانن جي ذميواري آهي ته انهن مان سبق سکي عوام لاءِ بهتر پاليسيون جوڙين. عوام کي الزام تراشيءَ جي ڊگهي بحث بدران عملي قدم گهرجن. مهانگائيءَ تي ضابطو، روزگار جا موقعا، مناسب اجرت، معياري صحت جون سهولتون ۽ بنيادي ضرورتن جي فراهمي ڪنهن تي احسان نه، پر عوام جون جائز ضرورتون آهن.
ھن وقت حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن کي گهرجي ته بازارن ۾ اگهن جي نگرانيءَ جو موثر نظام جوڙين، ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوريءَ خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪن، مزدورن جي اجرت ۽ پگهارن بابت قانونن تي عمل ڪرائين ۽ غريب طبقن لاءِ اهڙا قدم کڻن، جن جو فائدو واقعي مستحق ماڻهن تائين پهچي. عام ماڻهوءَ جي زندگي هاڻي رڳو ڪمائڻ ۽ کائڻ تائين محدود نه رهي آهي، پر هر ڏينهن خرچن، قرضن ۽ پريشانين جو حساب ڪندي گذري ٿو. هو صبح جو گهران نڪري ٿو ته اميد هوندي اٿس ته شام جو ڪجهه ڪمائي ٻارن لاءِ ماني کڻي ويندو، پر ڪڏهن ڪم نٿو ملي، ڪڏهن مزدوري گهٽ ملي ٿي ۽ ڪڏهن سڄي ڏينهن جي ڪمائي به گهر جي ضرورتن لاءِ ناڪافي ثابت ٿئي ٿي. اهڙي صورتحال ۾ ماڻهوءَ جي دل ۾ مايوسي پيدا ٿيڻ فطري آهي. هو پنهنجن ٻارن جي مستقبل بابت سوچي ٿو، گهر جي ضرورتن بابت سوچي ٿو ۽ پنهنجي زندگيءَ جي ڏکن ڏولاون کي ڏسي پريشان ٿئي ٿو. هو آخر ڪنهن اڳيان دانهن ڏئي؟ ڪنهن کان سوال ڪري؟ ڪنهن کي ٻڌائي ته سندس محدود آمدني ۽ وڌندڙ خرچن جي وچ ۾ فاصلو ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي؟
مان ڪنھن هڪ سياسي ڌر جي مخالفت يا ڪنهن ٻئي جي حمايت لاءِ نه، پر ان عام ماڻهوءَ جي آواز طور ھي ڪالم لکي رھيو آھيان، جيڪو مهانگائيءَ جي بار هيٺ دٻيل آهي ۽ جنهن کي پنهنجي بنيادي ضرورتن جي پورائي لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوي ٿي ھر ڏينھن عجب ڪشمڪش مان گذري زندگي جي ڏک ڏوجرن سان ھزار موت مرندو رھي ٿو ان ماڻھو جو آخر ڪھڙو ڪثور آھي…؟
حڪمرانن کي اهو سمجهڻ گهرجي ته ملڪ جي ترقيءَ جو حقيقي اندازو رڳو وڏن منصوبن، بلند عمارتن يا سياسي دعوائن مان نٿو لڳائي سگهجي. ترقي تڏهن محسوس ٿيندي، جڏهن مزدور پنهنجي پگهار مان گهر جو خرچ آسانيءَ سان هلائي سگهندو، جڏهن غريب ماڻهو بيماريءَ جي صورت ۾ علاج ڪرائي سگهندو، جڏهن ٻارن کي تعليم ڏيارڻ والدين لاءِ ناقابلِ برداشت بار نه هوندو ۽ جڏهن ڪنهن گهر ۾ مانيءَ جي اڻهوند سبب مايوسي نه هوندي. عوام کي رڳو اميدن تي زنده رکڻ بدران انهن اميدن کي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ لئي پتو ناھي ته ڪير ايندو ۽ الائي ڪڏھن ايندو، جيڪو اچي انسان جي عظمت کي اوچو ڪري عام ماڻھو جون پريشانيون دور ڪري ھنن جي تڪليفن جو ازالو ڪندو؟ الائي ڪڏھن اھو سوچيندا ته حڪومت جي ڪاميابيءَ جو هڪ اهم معيار اهو به آهي ته عام ماڻهوءَ جي زندگي ڪيتري آسان ٿي آهي ۽ سندس بنيادي مسئلا ڪيتري حد تائين حل ٿيا آهن.
اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪمران، سياستدان ۽ لاڳاپيل ادارا عوام جي دانهن ٻڌن، مهانگائيءَ کي گهٽائڻ لاءِ سنجيده ۽ عملي قدم کڻن ۽ پنهنجي واعدن جو حساب ڏين. ڇو ته جڏهن هڪ مزدور پنهنجي ٻارن لاءِ ٻن ويلن جي مانيءَ جو بندوبست نٿو ڪري سگهي، جڏهن هڪ پيءُ پنهنجي بيمار ٻار لاءِ دوا خريد ڪرڻ کان لاچار هجي ۽ جڏهن هڪ پگهاردار شخص سڄو مهينو ڪم ڪرڻ باوجود گهر جا خرچ پورا نه ڪري سگهي، تڏهن رڳو تقريرن سان سندس پيٽ نٿو ڀرجي…!؟ اٽو، لٽو ۽ اجھو ته انسان جون بنيادي ضرورتون آهن، پر جيڪڏهن انهن جي حاصلات به جدوجهد بڻجي وڃي ته عام ماڻهوءَ کي سک جو ساهه ڪڏهن نصيب ٿيندو؟ ھاڻ اسان کي رڳو واعدا نه، پر عملي تبديلي گهرجي؛ اهڙي تبديلي، جيڪا اسان جي گهر جي چلهه ٻاري، ٻارن جي چهري تي مرڪ آڻي ۽ زندگيءَ مان مايوسي گهٽائي. ڇو ته ڪنهن به ملڪ جي اصل طاقت ان جا حڪمران نه، پر ان جا ماڻهو هوندا آهن ۽ جڏهن ماڻهو ئي پريشان، مجبور ۽ مايوس هوندا ته خوشحاليءَ جون دعوائون پنهنجو اثر وڃائي ويهنديون آهن…!!

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو