اٽي جي اڻاٺ: سرڪاري نااهلي ۽ عوامي ڀوڳنا
پاڪستان ۾ اٽي جي بحران سبب ماني هاڻي ڪيترن ئي خاندانن جي پهچ کان پري ٿيندي پئي وڃي. هي بحران رڳو ڪنهن هڪ شيءِ جي مهانگي ٿيڻ جو معاملو ڪونھي، پر ملڪ جي معاشي انتظام، زرعي پاليسين، خوراڪ جي ورڇ ۽ حڪومتي ذميوارين بابت ڪيترائي بنيادي سوال اٿاري ٿو. اٽي جي بحران پٺيان حڪومتي پاليسين جي غير يقيني، انتظامي نااهلي، ذخيره اندوزي، ناجائز منافعي خوري، زرعي مسئلن ۽ مارڪيٽ جي بي ضابطگين جو گڏيل ڪردار آهي، جنهن جو سڀ کان وڏو بار گهٽ آمدنيءَ وارن تي پوي ٿو.
ڪڻڪ جي خريداريءَ واري نظام جون تبديليون بحران جو هڪ اهم سبب آهن. ماضيءَ ۾ حڪومت هارين کان مقرر ڪيل امدادي اگهه تي ڪڻڪ خريد ڪري سرڪاري ذخيرا قائم ڪندي هئي، جن ذريعي ضرورت پوڻ تي فلور ملز کي ڪڻڪ فراهم ڪري اٽي جي قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي هئي، پر سرڪاري خريداريءَ ۾ گهٽتائي، پاليسيءَ جي غير يقيني ۽ حڪومت جي مارڪيٽ مان پوئتي هٽڻ سبب غذائي نظام ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿيو آهي. سرڪاري خريداريءَ جي خاتمي يا محدود ٿيڻ جو اثر ننڍن هارين ۽ وڏن واپارين تي ساڳيو ڪونھي. ننڍو هاري، جنهن وٽ فصل کي ڊگهي عرصي تائين محفوظ رکڻ لاءِ گودام، مالي وسيلن ۽ انتظار ڪرڻ جي سگهه موجود نه هوندي آهي، اڪثر فصل لڻڻ شرط دلال يا واپاريءَ کي وڪڻڻ تي مجبور ٿئي ٿو. ان جي ابتڙ، وڏا زميندار ۽ سرمائيدار واپاري ڪڻڪ ذخيرو ڪري مارڪيٽ ۾ مناسب اگهن جو انتظار ڪري سگهن ٿا. اهڙيءَ طرح آزاد مارڪيٽ جو فائدو گهڻو ڪري انهن ڌرين کي ملي ٿو، جن وٽ سرمايو ۽ ذخيري جي سهولت موجود آهي، جڏهن ته ننڍو هاري پنهنجي محنت جي مناسب معاوضي کان محروم رهي ٿو. ڪڻڪ جي پيداوار کان وٺي صارف تائين پهچڻ واري سموري نظام ۾ دلالن ۽ وچولي واپارين جو ڪردار پڻ اهم آهي. هاريءَ کان خريد ڪيل ڪڻڪ تي دلال جو ڪميشن، صفائي ۽ ذخيرن جا خرچ، ٽرانسپورٽ، واپاري منافعو، فلور ملز جي پيھڻ جا خرچ ۽ وري هول سيل توڙي پرچون واپارين جا منافعا شامل ٿين ٿا. انهن مرحلن مان هر هڪ تي قيمت ۾ اضافو ٿئي ٿو، پر ان اضافي جو ڪو شفاف ۽ عوامي حساب موجود نه هئڻ سبب صارف کي خبر نٿي پوي ته اٽي جي آخري اگهه ۾ اصل پيداوار جو حصو ڪيترو ۽ وچولي ڌرين جو منافعو ڪيترو آهي. پيٽرول، ڊيزل ۽ بجليءَ جي وڌندڙ قيمتن سان ٽرانسپورٽ ۽ پيداوار جا خرچ ضرور وڌيا آهن، پر انهن کي ناجائز منافعي جو جواز نٿو بنائي سگهجي. حڪومت کي ڪڻڪ جي خريداريءَ کان وٺي اٽي جي ريزڪي وڪري تائين قيمتن جي سمورن مرحلن جو حساب ڪتاب عوام آڏو رکڻ گهرجي.
اٽي جي بحران جو ٻيو اهم سبب ذخيرو ڪرڻ ۽ بليڪ مارڪيٽنگ آهي. ڪجهه واپاري ۽ منافعي خور ڌريون ڪڻڪ کي گودامن ۾ گڏ ڪري مارڪيٽ ۾ فراهمي گهٽجڻ جو تاثر پيدا ڪن ٿيون ۽ پوءِ وڌندڙ اگهن مان فائدو حاصل ڪن ٿيون. جيڪڏهن اهڙي عمل خلاف مھلائتي ڪارروائي نه ڪئي وڃي ته حقيقي کوٽ کان سواءِ به ھٿرادو بحران پيدا ٿي سگهي ٿو. ان سان گڏ ڪڻڪ جي اسمگلنگ بابت شڪايتون پڻ اينديون رهنديون آهن. سرحدي علائقن مان اناج جي غير قانوني منتقليءَ کي روڪڻ ۾ ناڪامي ملڪ اندر فراهميءَ تي دٻاءُ وڌائي سگهي ٿي. تنهن هوندي به بحران جي شدت کي رڳو اسمگلنگ يا ذخيرو ڪرڻ سان منسوب ڪرڻ بدران حڪومت کي پيداوار، درآمد، سرڪاري ذخيرن ۽ مقامي ورڇ بابت درست انگ اکر جاري ڪرڻ گهرجن. ملڪ ۾ ڪڻڪ جي پيداوار جو وڏو حصو پنجاب مان حاصل ٿئي ٿو، جنهن جو حصو عام طور 75 کان 80 سيڪڙو، جڏهن ته سنڌ جو حصو لڳ ڀڳ 14 کان 15 سيڪڙو ڄاڻايو وڃي ٿو. ان ڪري سنڌ جي خوراڪي ضرورتن، مقامي پيداوار ۽ ٻين صوبن کان ڪڻڪ جي فراهميءَ ۾ توازن رکڻ خاص اهميت رکي ٿو، پر ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ اٽي جا اگهه غير معمولي طور وڌڻ جون شڪايتون آهن. تازن انگن اکرن موجب، اٽي جي 10 ڪلو ٻوريءَ جي قيمت 1700 رپين کان وڌيڪ ۽ کليل اٽي جو اگهه 160 کان 170 رپيا في ڪلو تائين پهچي چڪو آهي. سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ جي رليز پرائس 5000 رپين مان گهٽائي 4500 رپيا في 40 ڪلو مقرر ڪرڻ جو فيصلو هڪ اهم قدم آهي، پر ان جو حقيقي فائدو تڏهن ئي عام صارف تائين پهچندو، جڏهن فلور ملز کي وقت سر مناسب مقدار ۾ ڪڻڪ فراهم ڪئي ويندي ۽ اٽي جي وڪري تي اثرائتي نگراني ٿيندي. رڳو سرڪاري اگهه گهٽائڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو، جيستائين سستي ڪڻڪ جو فائدو وچولي واپارين جي منافعي بدران صارف تائين نٿو پھچي.
اٽي جي بحران ۾ وفاقي، صوبائي ۽ ضلعي حڪومتن جي ذميوارين کي به الڳ الڳ سمجهڻ ضروري آهي. وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي ته ڪڻڪ جي درآمد ۽ برآمد بابت واضح پاليسي اختيار ڪري، صوبن وچ ۾ فراهميءَ ۾ رنڊڪن کي ختم ڪري ۽ ملڪ جي مجموعي خوراڪي تحفظ لاءِ پيداوار ۽ گهرج جو درست ڪاٿو لڳائي. ڪڻڪ جي کوٽ جي امڪان باوجود بروقت درآمد نه ڪرڻ يا مقامي پيداوار ۽ ذخيرن جي صورتحال کي نظرانداز ڪري غير ضروري درآمدي يا برآمدي فيصلا ڪرڻ سان مارڪيٽ ۾ عدم توازن پيدا ٿي سگهي ٿو. ٻئي طرف، صوبائي حڪومتن کي پنهنجي حصي جي ڪڻڪ جي خريداري، سرڪاري ذخيرن جي سارسنڀال، فلور ملز کي مناسب اگهه تي فراهمي ۽ مارڪيٽ ۾ قيمتن جي نگرانيءَ جو ذميوار قرار ڏيڻ گهرجي. ضلعي انتظاميا جو ڪم ذخيرو ڪرڻ، بليڪ مارڪيٽنگ، غير قانوني وڪري ۽ مقرر ڪيل اگهن جي ڀڃڪڙيءَ خلاف بنا فرق ڪارروائي ڪرڻ آهي. جيڪڏهن اهي ٽئي سطحون هڪ ٻئي تي ذميواريون وجهنديون رهنديون ته بحران جو مستقل حل ممڪن نه ٿيندو.
سنڌ ۾ اٽي جي بحران جو هڪ بنيادي پاسو زرعي پيداوار سان لاڳاپيل آهي. سنڌ جي زراعت جو وڏو دارومدار آبپاشيءَ جي ڪئنال نظام تي آهي، تنهنڪري ربيع جي مند دوران پاڻيءَ جي 20 کان 30 سيڪڙو کوٽ ڪڻڪ جي پوکيءَ، ايراضيءَ ۽ في ايڪڙ پيداوار کي متاثر ڪري سگهي ٿي. پاڻيءَ جي اڻاٺ سان گڏ يوريا ۽ ڊي اي پي ڀاڻ، معياري ٻج، جيت مار دوائن ۽ زرعي مشينريءَ جي وڌندڙ قيمتن هارين لاءِ مسئلا پيدا ڪيا آهن. ٽيوب ويلن لاءِ مهانگي بجلي ۽ ڊيزل پڻ زرعي خرچن ۾ اضافو ڪيو آهي. جڏهن هاريءَ کي مناسب پاڻي، سستو زرعي سامان ۽ مالي سهائتا نه ملندي ته مقامي پيداوار متاثر ٿيندي ۽ گهرج پوري ڪرڻ لاءِ ٻين صوبن کان ڪڻڪ آڻڻ يا درآمد تي ڀاڙڻو پوندو. تنهنڪري اٽي جي بحران جو مستقل حل رڳو اگهن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناهي، پر پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ، زرعي سهولتن ۽ ننڍن هارين جي معاشي تحفظ ۾ به آهي. هن بحران جو سڀ کان ڏکوئيندڙ پاسو غربت ۽ غذائي عدم تحفظ آهي. گهٽ آمدنيءَ وارن خاندانن جي بجيٽ ۾ اٽي جو حصو اڳ ئي وڏو هوندو آهي، تنهنڪري ان جي قيمت ۾ معمولي واڌ به سندن ٻين ضرورتن کي متاثر ڪري ٿي. جڏهن ماني مهانگي ٿئي ٿي ته ڪيترائي خاندان کير، گوشت، ميون، ڀاڄين ۽ ٻين غذائي شين جي گهٽايل خريداري ويتر وڌيڪ گهٽائڻ تي مجبور ٿين ٿا. ڪجهه خاندان خوراڪ جي مقدار ۽ معيار ٻنهي ۾ گهٽتائي ڪن ٿا، جنهن جا اثر ٻارن، عورتن ۽ ڪمزور معاشي حالتن ۾ رهندڙ ماڻهن جي غذائيت تي پئجي سگهن ٿا. اهڙيءَ طرح اٽي جي مهانگائي رڳو گهرو خرچن جو مسئلو نه رهي ٿي، پر عوامي صحت، ٻارن جي واڌ ويجهه ۽ سماجي برابريءَ جو مسئلو پڻ آھي. حڪومت جيڪڏهن رڳو مهانگائيءَ جا انگ اکر جاري ڪري ۽ عام ماڻهوءَ جي خريداريءَ جي سگهه کي نظرانداز ڪري ته خوراڪي تحفظ جو مقصد حاصل نٿو ٿي سگهي.
حڪومتون اڪثر مهانگائيءَ جو جواز عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن، ڊالر جي مٽاسٽا واري اگهه ۽ عالمي رسد جي مسئلن کي قرار ڏينديون آهن. يقينن عالمي معاشي صورتحال ۽ درآمدي خرچن جو اثر مقامي مارڪيٽ تي پوي ٿو، پر انهن عنصرن کي هر بحران جو واحد سبب قرار ڏيڻ مناسب ڪونھي. پاڪستان ۾ اٽي جي بحران جي شدت جو تعلق ناقص حڪمراني، ڪرپشن، دلال جي بيلغام ڪردار، غير شفاف خريداريءَ ۽ بروقت پاليسي سازيءَ جي فقدان سان پڻ آهي. جيڪڏهن حڪومت وٽ پيداوار ۽ طلب جا درست انگ اکر، ڪڻڪ جا مناسب ذخيرا، شفاف خريداريءَ جو نظام ۽ موثر ورڇ جو انتظام ھوندو ته عالمي مهانگائيءَ جا اثر گهٽائي سگهجن ٿا.
اٽي جو بحران بنيادي طور خوراڪ جي تحفظ ۽ سماجي انصاف جو مسئلو آهي. ان جي حل لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي، جڏهن ته ضلعي انتظاميا کي ذخيرو ڪندڙن ۽ ناجائز منافعي خورن خلاف عملي ڪارروائي ڪرڻي پوندي. سرڪاري خريداريءَ جي نظام کي اهڙي نموني بحال يا نئين سر ترتيب ڏيڻ ضروري آهي، جو ننڍن هارين کي مناسب اگهه ملي ۽ وڏن واپارين کي غير معمولي ذخيري ذريعي مارڪيٽ تي ھڪ ھٽي قائم ڪرڻ جو موقعو نه ملي. ساڳئي وقت ڪڻڪ جي قيمت، ٽرانسپورٽ، مِلنگ ۽ پرچون منافعي جو شفاف حساب عوام آڏو رکجي. حڪومت عالمي حالتن کي پنهنجي انتظامي ناڪامين لاءِ ڍال بڻائي نٿي سگهي. مانيءَ جي وڌندڙ قيمت لکين خاندانن جي روزاني زندگي، خوراڪي تحفظ ۽ سماجي وقار سان سڌيءَ طرح لاڳاپيل آهي. جيڪڏهن حڪومتي ترجيحن ۾ عام ماڻهوءَ جي بنيادي ضرورتن کي مرڪزي حيثيت نه ڏني وئي ته اٽي جو بحران وقتي طور گهٽجڻ باوجود بار بار نئين شدت سان اڀرندو رهندو.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟