فيڊل ڪاسترو جو آمريڪي غلامي کان انڪار
Tufail Magsi
ڪالم نگار
1959ع جو سال هو، ڪيريبين سمنڊ جي وچ ئي وچ ۾ هڪ ننڍڙو ٻيٽ “ڪيوبا” جيڪو آمريڪا جي نڪ هيٺ هو، صرف 90 ميلن جي مفاصلي تي. ان ٻيٽ تي هڪ نوجوان وڪيل، جنهن جي هٿ ۾ بندوق ۽ دل ۾ انقلاب جو جذبو هو، پنهنجن ڪجھه ساٿين سميت جبلن تان لهي “هوانا” ڏانهن وڌي رهيو هو. سندس نالو فيڊل ڪاسترو هو، هن نٿي ڄاتو ته ايندڙ پنجن ڏهاڪن تائين هو دنيا جي سڀ کان طاقتور حڪومت آمريڪا لاءِ هڪ اهڙو ڪنڊو بنجڻ وارو هو، جنهن کي نه اها رياست نڙيءَ کان هيٺ ٿي لاهي سگهي نه ڪو ڪڍي ٿي سگهي. فيڊل ڪاسترو 13 آگسٽ 1926ع ۾ ڪيوبا جي اترين علائقي ۾ هڪ زميندار گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد هسپانوي نسل جو زميندار هو، ڪاسترو هوانا يونيورسٽي مان قانون جي تعليم حاصل ڪئي ۽ انهيءَ رستي تي هن جي اندر سياسي شعور بيدار ٿيڻ شروع ٿيو. ان وقت ڪيوبا تي فولينگو باتيستا جي آمراڻي حڪومت هئي. هڪ اهڙي حڪومت جنهن کي آمريڪا جي مڪمل حمايت حاصل هئي، جنهن جي دور ۾ آمريڪي ڪمپنيون ڪيوبا جي شگر انڊسٽري، ڪيسينو ۽ تيل جي وسيلن تي مڪمل ڪنٽرول رکنديون هيون. عام ڪيوبن عوام غربت جي چڪي ۾ پيسجي رهيو هو. جڏهن ته ملڪ جي دولت سرمائيدارن جي ٽجوڙين ۾ گڏ ٿي رهي هئي. 1953ع ۾ فيڊل ڪاسترو پنهنجن ساٿين سان گڏ مونڪاڊا بيرڪس جيڪي ڪيوبا جي ٻئي نمبر وڏي شهر سانتياگو ڊي ڪيوبا تي آهن، تي حملو ڪيو، پر اهو حملو ناڪام رهيو ۽ ڪاسترو گرفتار ٿي ويو. عدالت ۾ هن اهو تاريخي جملو چيو جيڪو بعد ۾ هن جي انقلابي منشور جو عنوان بڻيو: “تاريخ مون کي بي ڏوهي قرار ڏيندي” جيل کان آزادي کانپوءِ ڪاسترو ميڪسيڪو هليو ويو، جتي هن جي ملاقات ارجنٽائني ڊاڪٽر ۽ انقلابي چي گويرا سان ٿي، جيڪا ملاقات تاريخ جو رخ بدلائڻ واري هئي.
1956ع ۾ فيڊل ڪاسترو، چي گويرا ۽ 80 جي لڳ ڀڳ باغي “گرانما” نالي هڪ ننڍڙي ٻيڙي ۾ سوار ٿي واپس ڪيوبا پهتا. آمر باتيستا جي فوج انهن تي حملو ڪيو ۽ ڪافي باغي مارجي ويا يا گرفتار ٿيا. مشڪل سان هڪ ڊزن کن ماڻهو بچيا ۽ اهي ئي ڪجھه ماڻهو سيرا مائسٽرا جي جبلن ۾ لڪي گوريلا جنگ جا بنياد بڻيا. ٻن سالن جي رتوڇاڻ واري گوريلا جنگ کانپوءِ پهرين جنوري 1959ع ۾ باتيستا ملڪ ڇڏي ڀڄي ويو ۽ ڪاسترو جي فوج هوانا ۾ داخل ٿي ۽ ڪيوبا جو انقلاب مڪمل ٿيو.
ڪاسترو جو نعرو وطن يا موت: اقتدار سنڀالڻ جي ڪجھه ئي مهينن کانپوءِ ڪاسترو اهو قدم کنيو، جنهن وائٽ هائوس جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون. هن هڪ ئي جهٽڪي ۾ ڪيوبا ۾ موجود سمورين آمريڪي ڪمپنين جون جائيدادون، شوگر ملون، بينڪون ۽ تيل ريفائنريون ضبط ڪري قومي ملڪيت ۾ وٺي ڇڏيون. بنا ڪنهن قيمت ڏيڻ جي اهو ڪو غير معمولي حڪم نامو نه هو، اها هڪ للڪار هئي، هڪ اعلان جنگ جيڪا بنا گولي هلائڻ جي ڪئي وئي. “ڪيوبا جي زمين، ڪيوبا جي دولت، هاڻي صرف ڪيوبن عوام جي آهي، آمريڪا جي سرمائيدارن جي ناهي.” واشنگٽن جي ايوانن ۾ ٿرٿلو پيدا ٿي ويو. هڪ ننڍڙو ٻيٽ، جيڪو نقشي تي مشڪل نظر ايندو هو، ان دنيا جي سڀ کان وڏي ملڪ جي معشيت کي چيلينج ڪري ڇڏيو. آمريڪا بنا دير 1960ع ۾ ڪيوبا تي واپاري پابنديون (embargo) مڙهي ڇڏيون. هڪ اهڙو اقتصادي گهيراءُ جيڪو سٺ سالن کان وڌيڪ وقت گذرڻ جي باوجود اڄ به، ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ جاري آهي. اها دنيا جي تمام ڊگهي عرصي جي ناڪابندي آهي، جيڪا صرف هڪ مقصد لاءِ لاڳو ڪئي وئي هئي. مقصد ڪاسترو کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪرڻ هو، پر ٻيٽ جو اهو سرفروش ليڊر جهڪڻ جي بجاءِ سوويت يونين جي پاسي بيهي رهيو ۽ ائين آمريڪا جي بلڪل دروازي تي سرد جنگ جو سڀ کان خطرناڪ محاذ کلي ويو.
اپريل 1961ع جي هڪ اونداهي رات CIA جي تيار ڪيل هڪ ڳجهي فوج جيڪا 1,400 جلاوطن ڪيوبن ماڻهن تي ٻڌل هئي، آمريڪي سامونڊي ٻيڙي جي ذريعي ڪيوبا جي ڪناري “بي آف پگز” تي لاٿي وئي. منصوبو سادو هو ته سمنڊ تي قبضو ڪري عوام کي بغاوت تي ڀڙڪايو وڃي ۽ ڪاسترو جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو وڃي، پر جيڪو ٿيو اهو CIA جي تاريخ ۾ هڪ ڀيانڪ خواب بڻجي ويو. ڪاسترو پاڻ ميدان ۾ لهي آيو ۽ پنهنجي فوج جي قيادت ڪئي ۽ صرف 72 ڪلاڪن اندر دنيا جي سڀ کان طاقتور ڳجهي ايجنسي جي تربيت ورتل فوج کي ريتي تي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪيو. سوين حملا آور گرفتار ڪيا ويا، درجنين مارجي ويا. اها صرف هڪ فوجي شڪست نه هئي، بلڪه صدر ڪينيڊي جي نئين حڪومت جي منهن تي هڪ زوردار چماٽ هئي ۽ ڪاسترو لاءِ اهو پل جنهن هن کي سموري ٽين دنيا ۾ هڪ زنده افسانوي ڪردار بڻائي ڇڏيو، يعني اهو ماڻهو جنهن آمريڪا جي حملا آور فوج کي شڪست ڏني. آڪٽوبر 1962ع ۾ اهي تيرهن ڏينهن جنهن کي تاريخ “ڪيوبن ميزائيل بحران” جي نالي سان ياد رکندي آهي. فيڊل ڪاسترو سوويت يونين کي پنهنجي سر زمين تي ايٽمي ميزائيل نصب ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. آمريڪا جي ڪناري کان محض ڪجھه منٽن جي اڏام واري مفاصلي تي جڏهن آمريڪي جاسوسي جهاز جون تصويرن ذريعي انهن ميزائلن کي ننگو ڪيو، سڄي دنيا جو ساهه سڪل هو. صدر ڪينيڊي ڪيوبا جي چوڌاري ناڪابندي ڪري ڇڏي، سڄي دنيا جي فوج الرٽ ٿي وئي ۽ انساني تاريخ ۾ شايد ڪڏهن ايٽمي جنگ کي ايترو ويجهي کان محسوس نه ڪيو ويو، جيترو انهن تيرهن ڏينهن ۾. نيٺ پردي پٺيان هڪ ڳجهي ڊيل ٿي، سوويت ميزائيل واپس ۽ بدلي ۾ آمريڪا ڪڏهن به ڪيوبا تي حملو نه ڪرڻ جي ضمانت ڏني.
فيڊل ڪاسترو جي قتل جي سازش: 1967ع جي هڪ CIA رپورٽ، جيڪا بعد ۾ JFK Assassination Records Act جي تحت جاري ڪئي وئي. هن ڳالھه جي شاهدي ڏئي ٿي ته آمريڪا جي ڳجهي ايجنسي فيڊل ڪاسترو کي ختم ڪرڻ لاءِ هر حد تائين وڃڻ لاءِ تيار هئي، کيس زهريلو ملڪ شيڪ ڏيڻ، هڪ هائپوڊرمڪ سرنج وارو قلم جنهن جي بال پين جي سُئي ۾ موتمار زهر استعمال ٿيل هو. ان کان علاوه ڪاسترو کي تحفي طور ڊائيونگ سوٽ جنهن ۾ هڪ قسم جو فنگس ملايو ويو هو، جنهن سان کيس چمڙيءَ جي بيماري پيدا ٿئي ها ۽ هو ساهه وارو ماسڪ پائڻ سبب جنهن ۾ پڻ ٽي بي جا جراثيم رکيا ويا هئا، پر اهو ان تائين پهچي نه سگهيو. ڪيوبا جي ڳجهي ايجنسين جي اندازي مطابق سي اي آءِ کيس مارائڻ لاءِ 600 کان وڌيڪ ناڪام ڪوششون ڪيون. 22 نومبر 1963ع تي ٺيڪ انهيءَ ڏينهن جڏهن صدر ڪينيڊي قتل ٿيو، هڪ هائپوڊرمڪ سرنج وارو قلم جنهن جي بال پين جي سُئي ۾ موتمار زهر استعمال ٿيل هو. هڪ ڪيوبن ايجنٽ جي حوالي ڪيو ويو، ايستائين ته ان جي ڏاڙهي ڪيرائڻ وارو ڪيميڪل ٿيليم استعمال ٿيل هو ته جيئن ان جي سڃاڻپ واري نشاني ئي ختم ٿي وڃي.
ڪيوبا جي سابق اينٽيليجنس چيف فابيان ايسڪالاتني، جنهن جي ذميواري ئي ڪاسترو جي جان بچائڻ هئي. بعد ۾ دعويٰ ڪئي ته اهڙين ڪوششن جو ٽوٽل انگ 638 تائين پهچي ٿو. فيڊل ڪاسترو پاڻ انهيءَ تي ٽهڪ ڏئي چوندو هو ته “جيڪڏهن قاتلاڻن حملن کان بچڻ جو اولمپڪ مقابلو هجي ها ته مان سون جو تغمو حاصل ڪريان ها.”
ايترين سازشن جي باوجود هر ڀيري ڪاسترو بچي ويو. هو نون آمريڪي صدرن جي اقتدار وارن دورن کان گذريو، آئزن هاور کان وٺي جارج بش تائين، پر ڪوبه کيس اقتدار کان ڌار نه ڪري سگهيو. 1991ع ۾ سوويت يونين وکري ويو، جنهن کانپوءِ ڪيوبا جي معيشت کي شديد ڌڪ رسيو “خاص دور” (Período Especial) سڏرائڻ واري ان بحران ۾ خوراڪ ۽ ٻارڻ جي شديد کوٽ ٿي، پر ڪاسترو پوءِ به آمريڪا جي پريشر تحت سياسي نظام تبديل ڪرڻ کان انڪار ڪيو. 2006ع ۾ شديد بيماريءَ سبب فيڊل ڪاسترو اقتدار وقتي طور تي پنهنجي ڀاءُ راهول ڪاسترو جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ 2008 ۾ باقاعدي صدارت تان استعيفيٰ ڏني. اٽڪل 49 سال اقتدار ۾ رهڻ کانپوءِ جيڪو جديد تاريخ جي ڪنهن به غير بادشاهي اڳواڻ جو نهايت ڊگهو دور هو.
25 نومبر 2016ع تي 90 سالن جي عمر ۾، فيڊل ڪاسترو طبعي موت مري ويو. ڪو بم نه ڪا گولي نه ڪو زهريلو سگار، هو صرف وڏي عمر جي ڪري طبعي سببن کان وفات ڪري ويو، پنهنجي ئي بستر تي، پنهنجي ئي ملڪ ۾، جنهن کي هن آمريڪا جي مرضي جي خلاف سٺ سالن تائين هلايو. هن جي خاڪ کي هن جي وصيت مطابق هڪ سادڙي پٿر جي هيٺان سانتياگو جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. بنا ڪنهن شاندار مزار جي، بلڪل انهيءَ سادگي سان جنهن جو هو واعدو ڪندو هو.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟