مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پاڪستان ۾ فاشزم کي هٿي ڏني پئي وڃي!

Tufail Magsi

ڪالم نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

جيڪڏهن اوهان اهو سمجهو ٿا ته اوهان جا اصلي دشمن اهي آهن جيڪي مٿي ويٺا آهن ته فطري طور تي اوهان پاڻ کي بي اختيار محسوس ڪريو ٿا، پر جيڪڏهن اوهان کي اها پڪ ڏياري وڃي ته اوهان جو دشمن اوهان جي پاڙي ۾ رهندڙ شخص آهي، اوهان جي پنهنجي برادريءَ جو فرد آهي يا ڪو اهڙو گروهه آهي، جيڪو سماجي ۽ معاشي طاقت جي اعتبار کان اوهان کان به ڪمزور آهي ته اوهان جي اندر اوچتو طاقت ۽ اختيار جو احساس پيدا ٿيڻ لڳي ٿو. تاريخي طور تي فاشزم انهيءَ نفسيات کي سياسي طاقت ۾ تبديل ڪندو رهيو آهي. فاشزم عوام جي پنهنجي استحصال، محرومي ۽ بي اختياري کان پيدا ٿيڻ واري ڪاوڙ جو رخ انهن گروهن ڏانهن موڙي ڇڏي ٿو، جيڪي اڳ ئي سماجي طاقت جي اعتبار کان ڪمزور هوندا آهن. ائين ماڻهن جو ڌيان انهن بنيادي طبقاتي ۽ معاشي سوالن کان هٽايو وڃي ٿو جيڪي انهن جي اصل سببن جي باري ۾ هوندا آهن ۽ انهن جي ڪاوڙ کا ڪمزور يا بلڪل بي اختيار گروهه جي خلاف منظم ڪيو وڃي ٿو. اڄ پاڪستان جي موجوده سياسي صورتحال ۾ به انهيءَ لاڙي جو هڪ مثال ڏسي سگهجي ٿو. شهباز شريف جي حڪومت، گهٽ ۾ گهٽ معاشي پاليسي جي بنيادي ڍانچي ۾، گذريل پي ٽي آءِ حڪومت کان ڪو بنيادي متبادل پيش نه پئي ڪري. اڻبرابري برقرار آهي، عوامي خدمتون شديد دٻاءُ ۾ آهن، روزگار ۽ معاشي مواقعا محدود آهن، ٽيڪسن جي مٿان ٽيڪس وڌندا پيا وڃن ۽ عام ماڻهو کي پنهنجي زندگي ۾ ڪنهن چٽي بهتري جو احساس پيدا نه پيو ٿئي. جيتوڻيڪ عوام جي هڪ حصي جي ذهن ۾ اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته اسان سان واعدو ڪيو ويو هو ته اسان جي زندگي بهتر ٿيندي، پر اسان جي زندگي بهتر ڇو نه ٿي؟
اهو اهڙو بنيادي سوال آهي جنهن جو جواب معاشي پاليسي ۾ تبديلي، روزگار جا موقعا، بهتر عوامي خدمتون ۽ دولت، وسيلن جي منصفاڻي ورهاست جي صورت ۾ ڏيڻ گهرجي، پر جيڪڏهن ان جي بجاءِ سياسي نظام عوام جو ڌيان ٻئي جهڳڙي ڏانهن موڙي ڇڏي ته اصل مسئلو گم ٿي وڃي ٿو. جڏهن حڪومت يا طاقتور ڌريون اهو تاثر پيدا ڪرڻ لڳن ته اسان جي معاشي مسئلن جو بنيادي سبب صوبن جي موجوده سڃاڻپ آهي ۽ مسئلي جو حل صوبن جي ورهاست ۾ لڪل آهي ته اهو اصل ۾ عوام جي معاشي بي آرامي کي هڪٻئي جي خلاف استعمال ڪرڻ جو عمل بڻجي وڃي ٿو ۽ جڏهن حڪوت به انهيءَ لاڙي ڏانهن جهڪڻ لڳي ته هڪ منطقي سوال پيدا ٿئي ٿو ته جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ جو موقف درست آهي ۽ حڪومت به ساڳئي موقف کي اختيار ڪري رهي آهي ته پوءِ عوام ملڪ ٽوڙڻ جي ٻاهرين ايجنڊه واري بياني کي ڪهڙي کاتي ۾ رکي هضم ڪري؟ اصل مسئلو صوبن تي بحث ٿيڻ ناهي، صوبائي انتظام، اختيارن جي ورهاست ۽ انتظامي سڌارن تي بحث يقينن هئڻ گهرجي. اصل مسئلو اهو آهي ته ڪٿي معاشي ۽ طبقاتي سوالن کي صوبن جي سوال جي پٺيان ته نه پيو لڪايو وڃي؟
ڇاڪاڻ ته علائقن ۾ محرومي، بيروزگاري ۽ معاشي بي اختياري وڌيڪ هوندي آهي، اتي ماڻهن جي اندر پنهنجن حالتن جي باري ۾ ڪاوڙ به گهڻي پيدا ٿئي ٿي. جڏهن انهن کي ان ڪاوڙ جو حقيقي معاشي ۽ سياسي سبب سمجهڻ ۽ انهيءَ کي تبديل ڪرڻ جو رستو نٿو ملي ته هو ڪنهن سڃاڻپ جي قابل دشمن جي تلاش شروع ڪري ڇڏين ٿا. اتان کان فاشسٽ سياستدان عوام جي حقيقي مسئلن جو حل پيش ڪرڻ جي بجاءِ انهن جي ڪاوڙ کي هڪٻئي جي خلاف استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏين ٿا. پوءِ مهاجر شوشو، ڪشميري غدار، اقليت، غريب يا ڪو ٻيو ڪمزور سماجي گروهه سولو نشانو بڻجي وڃي ٿو. عوام جي ڪاوڙ انهن طاقتور طبقن ۽ ادارن ڏانهن وڃڻ جي بجاءِ نتيجي جي پاسي منتقل ڪيو وڃي ٿو جيڪي معاشي ۽ سياسي فيصلن تي حقيقي اثر رکن ٿا.
اهائي فاشزم جي بنيادي سياسي ٽيڪنڪ آهي ته ماڻهن جي حقيقي محرومي ختم ڪرڻ جي بجاءِ انهن جي محرومي لاءِ هڪ اهڙو دشمن ميسر ڪري ڇڏي ٿو جيڪو پاڻ ايترو طاقتور نه ٿئي جو ان بياني کي چيلينج ڪري سگهي. ان ريت هڪ خطرناڪ دوکو جنم وٺي ٿو. مظلوم کي پاڻ جهڙي ٻئي مظلوم ۾ دشمن نظر اچڻ لڳي ٿو. جڏهن ته اصل طاقت جا مرڪز نظرن کان پري رهن ٿا. هڪ بيروزگار شخص پنهنجي بيروزگاريءَ جو سبب ٻئي صوبي جي مزدور کي سمجهڻ لڳي ٿو، معاشي طور تي پريشان شخص پنهنجن مسئلن جو ذميوار ڪنهن ڪمزور گروهه کي قرار ڏيڻ لڳي ٿو ۽ ائين اهو سوال جيڪو مٿي ويٺل طاقت ڏانهن کڄڻ گهرجي اهو هيٺ منتقل ٿي وڃي ٿو.
سياسي طبقو جيڪڏهن ان عمل کي روڪڻ بجاءِ سگھه ڏئي ٿو ته شايد انهيءَ کي وقتي سياسي فائدو حاصل ٿي وڃي، پر ڊگهي مدي ۾ هو پنهنجي ئي سياسي بنياد کي ڪمزور ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته صوبن جي ورهاست جو نعرو لڳائڻ سان بيروزگاري ختم نه ٿيندي، اڻبرابري گهٽ نه ٿيندي، عوامي خدمتون بهتر نه ٿينديون ۽ دولت جي اڻبرابري واري ورهاست درست نه ٿيندي. حقيقي معاشي مسئلا پنهنجي جاءِ تي موجود رهندا، صرف انهن جي ذميوار جو چهرو بدلايو ويندو ۽ جيڪڏهن حقيقي مسئلا حل نه ٿين ته عوام جي ڪاوڙ به ختم نٿي ٿئي، صرف سندس ڪاوڙ جو نشانو بدلبو رهي ٿو. اڄ پاڪستان ۾ سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته عوام جي حقيقي معاشي بي آرامي جو جواب معاشي تبديلي سان ڏنو پيو وڃي يا انهن کي هڪٻئي خلاف بيهاري سندن ڪاوڙ جو رخ موڙيو پيو وڃي. ڇو ته تاريخ جو سبق بلڪل چٽو آهي ته جڏهن سياست عوام کي انهن جي حقيقي مسئلن کان هٽائي هڪٻئي جو دشمن بڻائي ڇڏي ٿي ته سڀ کان وڌيڪ فائدو انهن طاقتور طبقن کي ٿيندو آهي جن جي خلاف عوام جي اصل ڪاوڙ هئڻ گهرجي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو