فيس بڪ يا فيڪ بَڪ بَڪ
Hamir Khan Gad
ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار، مترجم
دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏٺو ويندڙ ڪتاب (Face Book) آهي. ماڻهو جنهن شدت ۽ لڳاءُ سان فيس بڪ تي مصروف رهن ٿا، اهو منظر سڀني جي سامهون آهي. ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ڪائنات جي انتهائي اهم معاملن تي غور ۽ فڪر ڪيو پيو وڃي. گهر ۾ جڏهن مهمان اچن ٿا ته روايتي سلام ۽ دعا جي جاءِ تي “يار، وائي فائي (Wi-Fi) جو پاسورڊ ته ٻڌاءِ” جهڙا جملا ٻڌڻ لاءِ ملن ٿا. اسان پنهنجي چوطرف وائي فائي جي سگنلن ۾ گهيريل آهيون. هاڻي ته زندگيءَ ۾ ان کان سواءِ ٻيو رهيو ئي ڇا آهي؟ چاهي ڪا مرغي آنو لاهي يا ڪا ٻڪري ٻچو ڄڻي، ان کي فيس بڪ تي پوسٽ ڪرڻ لازمي ٿي پيو آهي. ساڳئي طرح، وليمن، جنازن، چانهه جي محفلن، سياسي جلوسن ۽ مزارن جي زيارتن، توڙي گهر يا مسجد ۾ داخل ٿيڻ يا نڪرڻ وقت ورتل تصويرن کي وائرل ڪرڻ هڪ لازمي فرض بڻجي ويو آهي. جي ايئن نه ڪنداسين ته بي چيني ٿي پوندي سڪون ئي نه ايندو. وڏڙا چوندا هئا “نيڪي ڪري درياهه ۾ اڇلجي” ۽ هاڻي “ڪجهه به ڪر ۽ ان کي فيس بڪ تي پوسٽ ڪر.”
اڳي چيو ويندو هو ته انسان جي سڃاڻپ ان جي صحبت مان ٿيندي آهي، پر اڄڪلهه ڪنهن جي پرک ان جي پوسٽ ڪيل اسٽيٽس اپڊيٽس (status updates) مان ڪري سگهجي ٿي. اڄڪلهه ڪنهن گهر ۾ مڪمل خاموشي هجي، ته سمجهي وڃو ته اتي انٽرنيٽ جا سگنل مڪمل طاقت سان موجود آهن ۽ گهر جا ڀاتي دنيا جي اهم ڪمن ۾ مصروف آهن. حج ۽ عمري جي ادائگي جي لمحن کي شيئر ڪرڻ فيس بڪ جو هڪ “روشن” پاسو آهي، جتي “سيلفي” کي وڏي اهميت حاصل آهي. اڄڪلهه سيلفي وٺڻ جي نيت کي ايترو ئي ضروري سمجهيو وڃي ٿو جيترو خود عمري جي ادائگي جي نيت کي. هن دور ۾ جيڪڏهن رانجهو هجي ها ته اهو هير سان گڏ سهڻي ۽ سسئيءَ جو فرينڊ به هجي ها. ليليٰ جي در جي ڪتي کي به هزارن کان مٿي لائيڪ ملن ها. ڪجهه ماڻهن لاءِ فيس بڪ محبت جو لنڊا بازار آهي ته وري ڪن ماڻهن لاءِ بي مقصد ڳالهين جو پليٽ فارم آهي. ماڻهو هاڻي هڪ ئي گهر ۾ موجود هوندي به پنهنجي والدين، ڀينرن، ڀائرن ۽ ٻارن کان پري آهن. جڏهن ته پري ويٺل اڻڄاتل ماڻهن سان تمام ويجهو. نئين نسل کي هاڻي پنهنجي راءِ سان اختلاف ڪندڙن کي ٻڌڻ جي عادت نه رهي آهي؛ فيس بڪ تي هرڪو پاڻ کي “عقل-ڪل” (سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ) ۽ سياسي دانشور سمجهي ٿو. جيڪڏهن غالب هن دور ۾ زنده هجي ها ته چوي ها:
“فيس بڪ ني غالب نڪما ڪر ديا،
ورنه هم ڀي آدمي ٿي ڪام ڪي.”
هي مضمون ڪيئن رهيو؟