مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

حيدرآباد ۾ شديد گرمي ۽ هيٽ اسٽروڪ جو وڌندڙ خطرو

Hazoor Bux Malik تعليمدان، ليکڪ، ڪالم نگار

بي.ايس (P.S)، سماجي مسئلن تي آواز اٿاريندڙ.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ هن وقت سخت گرمي جي لهر جاري آهي. جڏهن ته حيدرآباد شهر به انتهائي تيز گرميءَ جي لپيٽ ۾ آهي. وڌندڙ گرمي سبب هيٽ اسٽروڪ جا واقعا وڌڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي، جيڪو خاص طور تي ٻارن، بزرگن ۽ بيمار ماڻهن لاءِ انتهائي خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. ماهرن موجب جڏهن جسم جو گرمي پد غير معمولي حد تائين وڌي وڃي ۽ جسم پاڻ کي ٿڌو رکڻ جي صلاحيت وڃائي ويهي ته ان حالت کي هيٽ اسٽروڪ چيو ويندو آهي. هيٽ اسٽروڪ سبب چڪر اچڻ، بيهوشي، جسماني ڪمزوري، ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ۽ بعض حالتن ۾ موت به واقع ٿي سگهي ٿو.
موجوده موسمي حالتن کي نظر ۾ رکندي شهرين کي گهرجي ته غير ضروري طور گهرن کان ٻاهر نه نڪرن. خاص طور تي صبح 11 وڳي کان شام 5 وڳي تائين سج جي سڌي روشني کان بچڻ ضروري آهي. والدين کي گهرجي ته هو پنهنجن ٻارن کي سخت گرمي دوران گهر کان ٻاهر وارين سرگرمين کان روڪين ۽ انهن لاءِ ٿڌي ۽ هوادار جاين تي کيڏڻ جو بندوبست ڪن. عام ماڻهو کي جيڪو هن وقت ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان گرميءَ کان متاثر آهي وڌيڪ پاڻي، لسي، شربت، ٿاڌل ۽ ٻين صحت بخش شربتن جو استعمال ڪرڻ گهرجي ته جيئن جسم ۾ پاڻيءَ جي کوٽ پيدا نه ٿئي. هلڪا ۽ سوٽي ڪپڙا پائڻ سان گڏوگڏ ڇٽي يا ٽوپي جو استعمال به فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو. حڪومت جي صحت کاتي ۽ لاڳاپيل ادارن کي پڻ گهرجي ته عوام ۾ آگاهي مهم هلائي هيٽ اسٽروڪ کان بچاءُ بابت معلومات فراهم ڪن. اسپتالن ۽ صحت مرڪزن ۾ هنگامي سهولتن کي وڌيڪ فعال بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هي وقت احتياط، ذميواري ۽ شعور جو آهي. جيڪڏهن اسان ساديون حفاظتي تدبيرون اختيار ڪريون ته پاڻ سان گڏ پنهنجي خاندان ۽ سماج کي به شديد گرميءَ جي اثر ۽ هيٽ اسٽروڪ جهڙي خطرناڪ صورتحال کان بچائي سگهون ٿا.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو