مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

وجودي ويڳاڻپ، تهذيبي شعور ۽ سياسي تمثيل: “اها رات” جو عالمي ادب جي تناظر ۾ تنقيدي اڀياس

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

هيءَ ڪهاڻي هڪ گڏيل سماجي تباهيءَ جو نوحو پڻ آهي، جتي ٻوڏ سڀ ڪجهه لوڙهي ڇڏيو، مائٽ مري ويا ۽ شهر جي مڪاريءَ مڙس کي نشئي بڻائي ڇڏيو. ماني ۽ ٻوڙ جو اوسيئڙو ڪندڙ ٻار جڏهن پڇي ٿو ته “ڇا تون به بابا وانگر جلدي مري ويندينءَ؟” ته اهو جملو ميڪسم گورڪي جي ناول (The Mother) ماءُ جي ان طبقاتي سچ کي ياد ڏياري ٿو، جتي غريب جو ٻار وقت کان اڳ جوان ۽ ڏاهو ٿي وڃي ٿو.(Gorky, 1906)  ماءُ پاران پٽ سميت “خودڪشي” جو سوچڻ ۽ وري ممتا جي ڪري ان خيال تان هٿ کڻڻ انساني جبلت جو وڏو تضاد آهي. فرانسيسي ليکڪ وڪٽر هيوگو جي شاهڪار ناول Les Misérables (مفلس هاري) جي ڪردار “فانٽين” وانگر، هيءَ سنڌي ماءُ به پنهنجي معصوم ٻار لاءِ سماج جي سڀني درن کي بند ڏسي اڻٽيهه اونداهيءَ ۾ اڪيلي بيٺي آهي، جتي ڌرتيءَ کان آسمان تائين ڪوبه داد رس ناهي (Hugo, 1862)

تنقيدي طور، ڪهاڻيءَ جو انت ڪنهن خيالي معجزي يا مٿان کان نازل ٿيندڙ امداد کانسواءِ، هڪ انتهائي حقيقت پسند موڙ تي ٿئي ٿو. ساحر بُک کان هارائي سمهي پوي ٿو ۽ ماءُ ان ڊپ کان ڪو کڙڪو نٿي ڪري ته متان هو اٿي وري ماني نه گهري. احسان دانش پنهنجي قلم کي ڪنهن مصنوعي دلاسي سان آلوده ناهي ڪيو، پر سماج جو اهو ننگو ۽ سفاڪ سچ ايمانداريءَ سان پيش ڪيو آهي ته اسان جي کوکلي اخلاقيات واري سماج ۾، جتي “ماڻهپي جو لاش سرد خاني ۾ دفن ٿي چڪو آهي”، اتي بُکئي ٻارن کي لوليون نه، پر صرف مجبور مائرن جا لڙڪ ۽ ڪوڙا دلاسا ئي نصيب ٿين ٿا. هيءَ ڪهاڻي پڙهندڙ کي مڪمل طور لوڏي رکي ٿي ۽ کيس پنهنجي آسپاس جي بي حسيءَ تي شرمسار ٿيڻ جو آئينو ڏيکاري ٿي.

احسان دانش ڪتاب “اها رات” ۾ ‘پنهنجي پاران’ ۾ پنهنجي انهيءَ ڪهاڻيءَ بابت لکيو آهي ته: “ڪهاڻي ‘بُکَ’ هڪ سچي ڪهاڻي آهي، جنهن تي ٿي سگهي ٿو ڪنهن کي علي بابا جي ڪهاڻي “چنڊ ۽ ماني” جو اولڙو محسوس ٿئي، پر مون پنهنجي ڪهاڻيءَ جي ڪردارن کي قريب کان ڏٺو ۽ ان درد کي محسوس ڪيو آهي، جنهن کي ڪهاڻيءَ ۾ اوتڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.” (دانش 2026ع، ص. 15). منهنجي مطالعي ۽ تحقيق مطابق ڪهاڻي “بُکَ” ۽ سنڌي ادب جي ڪلاسيڪل ڪهاڻيڪار علي بابا جي شاهڪار ڪهاڻي “چنڊ ۽ ماني” جو تحقيقي اڀياس ظاهر ڪري ٿو ته ٻنهي ليکڪن سنڌي ڪهاڻي کيتر ۾ سماجي حقيقت نگاري (Social Realism) جي موضوع کي پنهنجي پنهنجي دور جي عڪاسيءَ سان نڀايو آهي. موضوعاتي طور تي ٻنهي ڪهاڻين جو مرڪزي محور “بُک” جي سفاڪي، معصوم ٻارن جي نفسيات ۽ پنهنجي اولاد جي پيٽ جو دوزخ ڀرڻ لاءِ مجبور مائرن جا ڪوڙا دلاسا ۽ ڪهاڻيون آهي. علي بابا جتي بُک جي ان ڪرب کي اڌ آني، پائلي ۽ ٿانوَ وڪڻڻ واري پهرين دور جي ڪلاسيڪل پسمنظر ۽ رومانوي حقيقت پسندي(Romantic Realism)  جي اسلوب ۾ چٽيو آهي، اتي احسان دانش ان ساڳئي لاشعوري عڪس کي کڻي اڄوڪي دور جي وڌيڪ بيهودا سماجي ناسورن (منشيات، ٻوڏ جي تباهي، ايڊز ۽ ماڻهپي جي سرد مهري) سان جوڙي، معروضي حقيقت نگاريءَ جي انتها تائين پهچايو آهي.

علمي ۽ تنقيدي حوالي سان، ٻنهي تخليقن جو فني تضاد(Contrast)  انهن جي انت(Climax)  مان واضح ٿئي ٿو. علي بابا جي ڪهاڻي “چنڊ ۽ ماني” ٻار جي معصوميت، اميد ۽ هڪ خوبصورت اداس علامتي موڙ تي ختم ٿئي ٿي، جتي مانيءَ جي موجودگي يا غيرموجودگيءَ کي چنڊ جي گهٽجڻ ۽ وڌڻ سان تشبيهه ڏئي ٻار کي ماءُ جي ڪڇ ۾ اگهور ننڊ سمهاريو وڃي ٿو، جيڪو اسان کي عالمي ڪلاسيڪل ادب جي روايتن جي ياد ڏياري ٿو. ان جي برعڪس، احسان دانش پنهنجي قلم کي ڪنهن به مصنوعي دلاسي يا خيالي علامت سان آلوده نٿو ڪري؛ سندس ڪهاڻي “بُکَ” هڪ هانءُ ڳاريندڙ الميي(Tragedy)  تي ختم ٿئي ٿي، جتي معصوم ساحر بُک کان هارائي سمهي پوي ٿو ۽ ماءُ ان خوف کان ڪو کڙڪو نٿي ڪري ته متان هو اٿي وري ماني نه گهري.

نتيجي طور چئي سگهجي ٿو ته علي بابا جي ڪهاڻي سنڌي ادب جو اهو فني بنياد آهي جنهن جي گهري اثر جو اعتراف خود احسان دانش به پنهنجي ڪتاب ۾ ڪيو آهي، پر هڪ محقق جي نظر سان، احسان دانش جو ڪمال اهو آهي ته هن ان روايتي موضوع کي جديد سنڌ جي تلخ ۽ ننگي سچ سان هم آهنگ ڪري، وڪٽر هيوگو جي Les Misérables وانگر، سماج جي بي حسيءَ جي سرد خاني کي وائکو ڪيو آهي. علي بابا جي ڪهاڻي پڙهندڙ جي دل ۾ هڪ اداس هڏڪي ڇڏي ٿي، جڏهن ته احسان دانش جي ڪهاڻي سماجي ضمير کي لوڏي، پڙهندڙ کي پنهنجي آسپاس جي بي حسيءَ تي شرمسار ٿيڻ جو آئينو ڏيکاري ٿي. ٻئي تخليقون پنهنجي منفرد اسلوب ۽ فني پختگيءَ سبب سنڌي ڪهاڻيڪاريءَ جو املهه سرمايو آهن.

انهن سڀني ڪهاڻين جي گهري فڪري اڀياس مان اهو واضح ٿئي ٿو ته احسان دانش رڳو مٿاڇري سماجي حقيقتن جو عڪاس ناهي، پر هو انساني شعور جي پيچيدگين، نفسياتي معاملن ۽ وجودي سوالن جو هڪ حساس مبصر پڻ آهي. هن جي افسانوي ڪائنات ۾ فرد جي ذاتي پيڙا، طبقاتي جبر ۽ اجتماعي درد جي گڏيل وهڪري ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي، جتي “جُتي”، “پاتال” يا “بُکَ” جهڙيون روزمره جون محروميون وسيع انساني المين جي آفاقي علامت بڻجي سامهون اچن ٿيون. جارج لوڪاچ ۽ ٽيري ايگلٽن جي ادبي نظرين وانگر، سندس قلم سستي جذباتيت يا نعريبازي کان هٽي ڪري، فن جي جمالياتي ۽ شاعراڻي اسلوب ذريعي سماج جو سچ اگهاڙو ڪري ٿو.(Eagleton, 2008; Lukács, 1950)  نتيجي طور، احسان دانش جي هيءَ تخليقي دنيا هڪ ئي وقت سماجي ناانصافين جي خلاف هڪ گهري تنقيد، انساني روح جي بي وسيءَ جو زنده دستاويز ۽ پڙهندڙن جي سمهيل ضمير کي جهنجهوڙيندڙ هڪ اهڙو آئينو آهي، جيڪو کين پنهنجي ئي اندر جي پاتال ۾ جهاتي پائڻ تي مجبور ڪري ٿو.

فليش فڪشن: اختصار، طنز ۽ معنوي وسعت

ڪتاب جو ٻيو حصو مختصر مختصر ڪهاڻين(Flash Fiction)  تي مشتمل آهي، جيڪو احسان دانش جي فني صلاحيت جو هڪ ٻيو اهم رخ ظاهر ڪري ٿو. احسان دانش ڪتاب ۾ “پنهنجي پاران” ۾لکيو آهي ته “منھنجي خيال ۾ فليش فڪشن لکڻ، شارٽ اسٽوري کان نھ رڳو مختلف، پر بيحد مشڪل بھ آھي، پر اسان وٽ ان کي تمام آسان ڪم سمجهيو وڃي ٿو. ھر ٻن، ٽن يا ڏھن سٽن ۾ ڪھاڻي ھجي اھو ضروري ناھي. سڀ کان پھريان ڏسجي تھ فليش فڪشن ۾ ڪا اھڙي چمڪ، ڪا اھڙي پنچ لائين آھي، جيڪا پڙھندڙ کي ڇرڪائي وجهي.” (دانش، 2026، ص 16) فليش فڪشن جي صنف ۾ محدود لفظن اندر گهري معنويت، فڪري ڇرڪ ۽ جمالياتي تاثر پيدا ڪرڻ بنيادي گهرج هوندي آهي. مختصر هجڻ جي باوجود هن صنف ۾ زندگيءَ جي ڪنهن وڏي سچائيءَ کي اهڙي انداز سان پيش ڪرڻو پوندو آهي، جو پڙهندڙ جي ذهن ۾ ڊگهي عرصي تائين اثر قائم رهي. هيءَ صنف گهٽ لفظن ۾ ڪنهن وڏي فڪري، سماجي يا نفسياتي سچائيءَ کي بيان ڪرڻ جي سگهه رکي ٿي. ليکڪ پنهنجين هنن مختصر مختصر تخليقن ۾ همعصر سماج جي ناسورن، منافقتن، طبقاتي تضادن ۽ انساني نفسيات جي اونداهي گوشن کي نهايت تيز، تکي ۽ علامتي انداز ۾ چٽيو آهي.احسان دانش جي فليش فڪشن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو هن صنف جي فني تقاضائن کان چڱيءَ طرح واقف آهي. سندس مختصر تخليقون محض واقعن جا خاڪا نه، بلڪه سماجي، اخلاقي ۽ فڪري سوالن تي مشتمل ننڍيون تمثيلون آهن، جيڪي پنهنجي اختصار جي باوجود وسيع معنوي دنيا تخليق ڪن ٿيون.

“شهر” جديد دور جي تشدد، دهشتگردي ۽ انساني بي وسيءَ تي لکيل هڪ انتهائي اثرائتو فليش فڪشن آهي. ڪهاڻيءَ ۾ هڪ اهڙي شهر جي تصوير پيش ڪئي وئي آهي، جتي هر چوڪ تي امن جا جهنڊا ڦاٽل آهن، هر گهٽي مقتل بڻيل آهي ۽ هر چهري تي خوف جا پاڇا موجود آهن. بظاهر هيءَ هڪ مخصوص شهر جي ڳالهه لڳي ٿي، پر حقيقت ۾ اها هر انهيءَ سماج جي علامت آهي، جيڪو تشدد ۽ عدم تحفظ جي ور چڙهيل هجي. ڪهاڻيءَ جو اصل فني ڪمال ان جي پڄاڻيءَ ۾ آهي. جڏهن سڀني کان وڌيڪ مطمئن ۽ خوش نظر ايندڙ شخص پاڻ کي گورڪن طور متعارف ڪرائي ٿو ۽ ٻڌائي ٿو ته هو “شهرِ خاموشان” ۾ رهندو آهي، تڏهن ڪهاڻي پنهنجي مڪمل معنوي شدت سان سامهون اچي ٿي. گورڪن جي خوشي دراصل موت جي واپار سان جڙيل آهي؛ يعني جيترو وڌيڪ خونريزي ۽ تباهي، اوترو وڌيڪ سندس روزگار. هيءَ پڄاڻي پڙهندڙ کي ڇرڪائي ٿي ۽ ساڳئي وقت انهن سماجي ۽ معاشي قوتن بابت سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي، جيڪي انساني المين مان فائدو حاصل ڪن ٿيون. هيءُ هڪ وڏو طنزيه اشارو آهي ته جتي عام انسان لاءِ بقا جو بحران هجي، اتي رڳو موت جو ڪاروبار ڪندڙ ئي مطمئن ٿي سگهي ٿو. احسان دانش هتي طنز کي سماجي تنقيد جي اوزار طور استعمال ڪيو آهي. هيءَ ڪهاڻي فرينچ وجودي اديب البرٽ ڪاميو جي ناول (The Plague) وبا ۽ آئرش ڊراما نگار سيموئل بيڪيٽ جي بي مقصديت واري فلسفي جي ويجهو بيهي ٿي، جتي ڪاميو چيو هو ته انسان جي سڀ کان وڏي بدقسمتي اها آهي ته هو پنهنجي ناخوش هجڻ کي تسليم ڪري چڪو آهي. (Beckett, 1953; Camus, 1947. P. 90)

بيچيني ۽ روحاني سفر جي عڪاسي ڪندڙ ڪهاڻي “مسافر” ۾ “اندر جي غار” حقيقت ۾ انسان جي تنهائي ۽ معنيٰ جي تلاش جو نالو آهي. جڏهن مسافر ماءُ جي هنج ۾ پناهه وٺي ٿو، جيڪا پاڪيزگي ۽ تحفظ جي علامت آهي ته کيس خواب ۾ اطمينان جي ديوي ملي ٿي جيڪا کيس پيار جو ٻوٽو تحفي ۾ ڏئي ٿي. ڪهاڻي اها حقيقت واضح ڪري ٿي ته نفرت جي صحرا کي رڳو محبت جي آلي مٽيءَ سان ئي گلزار ڪري سگهجي ٿو. اندر جي غار جو هي تصور قديم يوناني فلسفي افلاطون جي غار جي تمثيل(Allegory of the Cave)  ۽ جرمن اديب هرمين هس جي ناول Siddhartha سان گهري مطابقت رکي ٿو، جتي سڪون جي ڳولها پنهنجي اندر مان پوري ٿئي ٿي. (Hesse, 1922; Plato,2007)

سماجي ۽ رياستي بدعنواني تي لکيل ڪهاڻي “رات جي تاريڪي” پوليس، ڏوهارين ۽ سرمائيدارن جي گڏيل ڳٺ جوڙ تي هڪ ڪاري ضرب آهي. ايس ايڇ او جو ڪردار، جنهن لاءِ هڪڙي گاڏي پڪڙڻ رڳو پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو وسيلو آهي ته جيئن پويان ايندڙ ڏهه گاڏيون رشوت عيوض آسانيءَ سان لنگهي سگهن، اسان جي سسٽم جي زوال کي اگهاڙو ڪري ٿو. ڪهاڻيءَ جي آخر ۾ ميڊيا تي ايندڙ خبر پوري سچائيءَ کي مٽائي هڪ مصنوعي سچ پيدا ڪري ٿي. هيءَ صورتحال برطانوي اديب جارج آرويل جي ناول Nineteen Eighty-Four جي سياسي منافقت واري ماحول سان ملي ٿي، جنهن چيو هو ته سياسي ٻولي ان ڪري ايجاد ڪئي وئي آهي ته جيئن ڪوڙ سچ لڳي ۽ قاتل کي معزز بڻائي پيش ڪجي. (Orwell, 1949. P. 105)

سنڌي جي هڪ وڏي سماجي ناسور “ڪارنهن” کي احسان دانش ٻن ڪهاڻين “روشني” ۽ “پاڇو” ۾ موضوع بڻايو آهي. “روشني” ڪهاڻين ۾ شعور جي روشني ڦهلائيندڙ نينگريءَ کي جڏهن وڏيري جي اشاري تي هڪ جاهل شخص قتل ڪري ٿو، ته اهو رڳو هڪ فرد جو قتل ناهي، پر سڄي سماج مان علم کي ختم ڪرڻ جي سازش آهي. ٻئي طرف “پاڇو” ڪهاڻين ۾ وحشت جي انتها آهي، جتي رڳو هڪ وهم يا پاڇي جي بنياد تي پيءُ پنهنجي اوڻيهه سالن جي ڌيءَ جو سر ڌڙ کان ڌار ڪري ٿو، جيڪو مرداڻي انا جو بدترين روپ آهي. اهو موضوع اسپين جي مشهور ڊراما نگار فيڊريڪو گارسيا لورڪا جي الميه ڊراميThe House of Bernarda Alba ۽ روسي اديب ليو ٽالسٽائي جي ڪهاڻين ۾ موجود اخلاقي زوال سان مناسبت رکي ٿو. (Lorca, 1945; Tolstoy, 1886)

ظاهري طور تي پيءُ پٽ جي گفتگو تي ٻڌل ڪهاڻي “نافرمان” پنهنجي گهرائيءَ ۾ هڪ انتهائي مضبوط سياسي تمثيل (Political Allegory) آهي. هتي پيءُ مرڪز يا وفاق آهي، وڏو ڀاءُ پنجاب جو روپ آهي ۽ ننڍو پٽ سنڌ يا ٻين ننڍن صوبن جي علامت آهي. مارگلا جي پهاڙن جو ذڪر اسلام آباد جي جاگرافيائي اشاري کي واضح ڪري ٿو ته ڪيئن پورهيت صوبي جي ڪمائي وڏي ڀاءُ تي خرچ ڪئي وڃي ٿي ۽ حق گهرڻ تي کيس “نافرمان” ڪوٺيو وڃي ٿو. هيءَ ڪهاڻي جارج آرويل جي مشهور ڪتاب Animal Farm وانگر آهي، جنهن جو مشهور جملو هو ته “سڀئي جانور برابر آهن، پر ڪجهه جانور ٻين کان وڌيڪ برابر آهن” (Orwell, 1945, P. 12)

مذهبي پيشوائيت، طبقاتي بي حسي ۽ انساني درندگيءَ تي لکيل ڪهاڻيون “ڪُتي جو پُٽ” ۽ “خون پياڪ”  انسانيت جي زوال جو چٽو نقشو آهن. “ڪُتي جو پُٽ”  احسان دانش جي انهن مختصر مختصر ڪهاڻين مان آهي، جيڪي پنهنجي مختصر جسامت جي باوجود انتهائي گهرو اخلاقي ۽ سماجي سوال اٿارين ٿيون. ڪهاڻيءَ ۾ هڪ بک وگهي هيروئني مانيءَ جي التجا ڪري ٿو، پر هڪ پيٽو مولوي سندس فرياد کي محسوس ڪرڻ بدران کيس ڌڪاريندو رهي ٿو. جڏهن مولوي چوي ٿو ته “توکي ماني ڏيان تنهن کان ڪُتي کي نه ڏيان” ۽ پوءِ کيس “ڪُتي جو پُٽ” سڏي ٿو، تڏهن ڪهاڻيءَ جو سڄو اخلاقي تضاد نمايان ٿي پوي ٿو. آخري سٽ “ڪاش مان ڪُتي جو پُٽ هجان ها.” ڪهاڻيءَ جو فڪري مرڪز آهي. هتي طنز فقط هڪ شخص تي ناهي، بلڪه انهيءَ سماجي ۽ مذهبي منافقت تي آهي، جتي رحمت، انسانيت ۽ همدرديءَ جا درس ته ڏنا وڃن ٿا، پر بک وگهي انسان جي دانهن ٻڌڻ لاءِ دل تيار نٿي ٿئي. هيروئنيءَ جو آخري جملو سماج ۾ انسان جي تذليل جي آخري حد آهي. ڪهاڻيءَ جي قوت انهيءَ ڳالهه ۾ آهي ته ڪهاڻيڪار ڪنهن نظرياتي بحث ۾ وڃڻ بدران فقط هڪ مختصر صورتحال ذريعي سماج جي اخلاقي زوال کي وائکو ڪري ڇڏي ٿو. هيءَ ڪهاڻي فرانسيسي اديب وڪٽر هيوگو جي شاهڪار ناول (Les Misérables) مفلس جي ياد ڏياري ٿي(Hugo, 1862) ، ٻئي طرف “خون پياڪ” ۾ جڏهن چمڙا انسانن کي هڪٻئي جو رت پيئندي ۽ بم ڌماڪا ڪندي ڏسن ٿا ته چون ٿا ته خون پيئڻ لاءِ چمڙو هجڻ ضروري ناهي. هيءُ انداز فرانز ڪافڪا جي علامتي اسلوب ۽ جارج برنارڊ شا جي ان طنزيه انداز سان ملي ٿي جتي حيوان انسان کان وڌيڪ بااخلاق نظر ايندا آهن(Kafka, 2009; Shaw, 1903)

سرمائيداري ۽ سياسي لوٽا ڪرزم جي موضوع تي لکيل ڪهاڻيون “هڏڙا” ۽ “ڪالهه ۽ اڄ” پڻ فڪري گهرائيءَ واريون ڪهاڻيون آهن.ڪهاڻي “هڏڙا” بي لغام سرمائيداريءَ جي عڪاسي ڪري ٿي، جتي ماڻهن جي جذبات ۽ وڏڙن جي قبرن جي به ڪا قيمت ناهي ۽ نوٽن جي نشي ۾ ڌت ماڻهو غريبن کي بلڊوز ڪن ٿا، جيڪو جرمن مفڪر ڪارل مارڪس جي ڪتاب Das Capital جي ان فلسفي کي سچو ثابت ڪري ٿو ته سرمائيداري انساني رشتن کي رڳو پئسي جي ڏيکاءُ ۾ بدلائي ڇڏيندي آهي. (Marx, 1867)  ٻئي طرف “ڪالهه ۽ اڄ” ۾ مفاهمت جي نالي تي ٿيندڙ منافقت ۽ سياستدان جي چهري تان نڪ غائب هجڻ بي غيرتيءَ جي آخري علامت آهي، جيڪا اطالوي مفڪر ميڪاولي جي ڪتاب The Prince جي اصولن جي عڪاسي ڪري ٿي، جتي اقتدار لاءِ اخلاق جو جنازو ڪڍڻ جائز هوندو آهي. (Machiavelli, 1532)

”وارث” مختصر هجڻ باوجود فڪري لحاظ کان مجموعي جي سڀ کان وڌيڪ طاقتور فليش اسٽورين مان هڪ آهي. هيءَ ڪهاڻي سنڌي سماج جي ان تضاد ۽ منافقت کي اگهاڙو ڪري ٿي، جتي “غيرت” جو سڄو بار صرف عورت جي ڪلهن تي رکيو ويندو آهي ۽ مرد پاڻ کي ان جو مصنوعي محافظ يا “وارث” سمجهندو آهي. ڪهاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار، طعنن کان تنگ اچي پنهنجي هڪ اڇي (بي ڏوهه) ڀيڻ کي ڪاري ڪري قتل ڪري ٿو ته جيئن سماج ۾ پنهنجي ڪوڙي مردانگي ۽ غيرت جو ڀرم رکي سگهي، پر ڪهاڻيءَ جو عروج(Climax)  تڏهن ٿئي ٿو، جڏهن هو جيل جي سلاخن پٺيان وڃي ٿو ۽ کيس اها خبر پوي ٿي ته سندس باقي ٻئي ڀينرون معاشي بيوسيءَ سبب ڪسبياڻيون (طوائفون) بڻجي چڪيون آهن. هتي ليکڪ انتهائي اختصار سان هڪ وڏي سماجي الميي کي پيش ڪري ٿو. هن هتي اها وڏي سچائي به بيان ڪئي آهي ته نام نهاد غيرت جي نالي تي گهر جو اڪيلو ڪمائيندڙ مرد جڏهن جيل هليو وڃي ٿو، ته اهو سماج جيڪو طعنا ڏئي رهيو هو، سو انهن بيوس عورتن کي مانيءَ جو ٽڪر به نٿو ڏئي، پر کين بک بدل عصمت فروشيءَ جي دلدل ۾ ڌڪي ڇڏي ٿو. “وارث” جو عنوان به وڏي معنويت رکي ٿو. جنهن شخص کي خاندان جي عزت، وقار ۽ ورثي جو محافظ سمجهيو وڃي ٿو، اهو ئي پنهنجي خاندان جي تباهيءَ جو سبب بڻجي ٿو. ڪهاڻي پدر شاهيت، غيرت جي نالي تي تشدد ۽ عورت بابت روايتي سماجي روين تي هڪ انتهائي تيز ۽ اثرائتي تنقيد آهي. احسان دانش بنا ڪنهن واعظ يا تبصري جي فقط هڪ صورتحال پيش ڪري ٿو، پر اها صورتحال پاڻ ۾ هڪ مڪمل سماجي فردِ جرم بڻجي وڃي ٿي. هيءَ ڪهاڻي عالمي ادب ۾ روسي اديب فيودور دوستوفسڪي جي جڳ مشهور ناول (Crime and Punishment) “ڏوهه ۽ سزا” جي نفسياتي لاڙن سان گهري مطابقت رکي ٿي، جتي ڏوهاري پنهنجي نظر ۾ هڪ “صحيح عمل” ڪري ٿو، پر ان جي سزا سڄي خاندان کي ڀوڳڻي پوي ٿي. (Dostoevsky, 1866 P 315) گڏوگڏ، هيءُ تضاد فرانسيسي ڪهاڻيڪار گائي ڊي موپاسان جي ڪهاڻين وانگر سماجي بي حسيءَ تي هڪ ڪاري ضرب آهي، جتي سماج پهريان عورت کي بيوس ڪري ٿو ۽ پوءِ ان جي مجبوريءَ جو تماشو ڏسي ٿو (Maupassant, 1880)

ڪهاڻي “بازو” دهشتگردي، انڌي تشدد ۽ ان جي نتيجي ۾ تباهه ٿيندڙ معصوم زندگين جو هڪ انتهائي دردناڪ نوحو آهي. شهر جي گوڙ ۾ گل فروش (گجرن ۽ گلن جو سوداگر) ٻار جو دهشتگرد جي گوليءَ سان قتل ٿيڻ اهو ثابت ڪري ٿو ته نفرت ۽ وحشت انڌي هوندي آهي، جنهن کي ڪنهن معصوم جي چهري جو تقدس به نظر نه ايندو آهي. ليکڪ هتي هڪ نابين پيءُ جو ڪردار تخليق ڪري الميي کي وڌيڪ گهرو ڪيو آهي. اهو پيءُ جنهن جي اکين جي اونداهيءَ جو واحد سهارو سندس پٽ هو، جنهن کي هو پنهنجو “بازو” سمجهندو هو، تنهن جي لاش تي بيهي کيس ائين لڳي ٿو ڄڻ ڪنهن سندس جسم جو حصو ڪپي ڇڏيو هجي. هيءَ ڪهاڻي رڳو هڪ فرد جو موت ناهي، پر اميدن، خوابن ۽ هڪ غريب جي بقا جي وسيلي جو موت آهي.

هيءَ ڪهاڻي صومالي اديب نورالدين فرح ۽ مشهور افغاني ڄائي اديب خالد حسيني جي ناولن، خاص ڪري The Kite Runner جي ان دردناڪ ماحول سان ملي ٿي، جتي جنگ ۽ دهشتگردي وڏن محلن ۾ رهندڙن کي نقصان پهچائڻ کان اڳ فٽ پاٿن تي رهندڙ معصوم ٻارن جا خواب لتاڙي ڇڏيندي آهي (Farah, 1986; Hosseini, 2003) احسان دانش هتي ٻوليءَ جو انتهائي علامتي ۽ شاعراڻه استعمال ڪيو آهي. جيئن “گل فروش” ۽ “دهشتگرد جي گولي”، جيڪي زندگيءَ جي خوبصورتي ۽ موت جي بدصورتي جي وچ ۾ واضح تضاد پيدا ڪن ٿا. پوين ٻنهي ڪهاڻين “وارث” ۽ “بازو” جو گڏيل تحقيقي حاصل اهو آهي ته اهي همعصر سنڌي سماج جي اندروني ڀڃ ڊاهه ۽ اخلاقي زوال جو هڪ مڪمل آئينو آهن.

احسان دانش جي انهن فليش اسٽورين مان واضح ٿئي ٿو ته هو اختصار کي محض لفظن جي بچت لاءِ استعمال نٿو ڪري، بلڪه ان کي فڪري شدت ۽ معنوي اثر پيدا ڪرڻ جو ذريعو بڻائي ٿو. رولان بارٿ جي گهڻ معنويت واري خيال جي تناظر ۾ ڏسبو ته اهي مختصر متن پنهنجي جسامت کان گهڻو وڌيڪ معنوي وسعت رکن ٿا.(Barthes, 1977) هر ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي پڙهندڙ کي هڪ نئين فڪري سطح تي وٺي وڃي ٿي، جتي متن ختم ٿي وڃي ٿو، پر ان جون معنائون جاري رهن ٿيون.مجموعي طور تي احسان دانش پنهنجي هن ڪتاب ۾ فليش فڪشن جي صنف کي سنڌي ادب ۾ هڪ نئون موڙ ڏنو آهي. هنن ڪهاڻين جي ٻولي سادي، پر جملن جي بناوٽ نهايت تيز، مختصر ۽ چڀندڙ آهي. هر ڪهاڻي پنهنجي پڄاڻيءَ تي پڙهندڙ کي هڪ وڏو ذهني جهٽڪو ڏئي ٿي، جيڪو هن صنف جي بنيادي گهرج آهي. عالمي اديبن جهڙوڪ: ڪافڪا، آرويل، ڪاميو ۽ لورڪا جي فڪري لاڙن سان مطابقت رکڻ جي ڪري احسان دانش جو هيءُ فڪشن مقامي سڃاڻپ رکڻ جي باوجود آفاقي اپيل رکي ٿو ۽ سنڌي مائڪرو فڪشن جي تاريخ ۾ هڪ اهم علمي دستاويز جي حيثيت ماڻي ٿو (Camus, 1947; Kafka, 2009; Lorca, 1945; Orwell, 1949).

اسلوبياتي اڀياس: ٻولي، ڊڪشن ۽ ڪردارنگاري

ڪنهن به ڪهاڻيڪار جي فني ڪاميابيءَ جو اهم دارومدار سندس ٻوليءَ تي هوندو آهي. احسان دانش جي ڪهاڻين جي هڪ وڏي خوبي سندس سليس، فطري ۽ اثرائتي ٻولي آهي. هو لفظن جي غير ضروري آرائش کان پاسو ڪري ٿو ۽ زندگيءَ جي حقيقي لهجي کي پنهنجي بيانيي جو حصو بڻائي ٿو. سندس ٻولي نه ته مصنوعي ادبيت جو شڪار آهي ۽ نه ئي روزمره جي سادگيءَ ۾ فني وقار وڃائي ويهي ٿي. اها هڪ اهڙي ٻولي آهي، جيڪا پڙهندڙ سان سڌو رابطو قائم ڪري ٿي. احسان دانش جي ڊڪشن ۾ مقامي زندگيءَ جي مٽيءَ جي خوشبو، سنڌي سماج جي نفسيات ۽ روزمره جي احساسن جي صداقت موجود آهي. سندس ڪردار پنهنجي طبقي، ماحول ۽ سماجي پسمنظر مطابق ڳالهائين ٿا، جنهن ڪري بيانيي ۾ فطريت پيدا ٿئي ٿي. “جُتي”، “اوجاڳيل اکيون” ۽ “ڪُتي جو پُٽ” جهڙين ڪهاڻين ۾ مڪالمي جي اها فطري خوبي خاص طور نمايان نظر اچي ٿي.

احسان دانش جي افسانوي نثر جي سڀ کان وڏي انفراديت سندس لساني سڃاڻپ ۽ اسلوبياتي جماليات (Stylistic Aesthetics) آهي.سندس ڪهاڻين جو نثر صرف سادو ۽ روان ناهي، بلڪه اهو پنهنجي اندر هڪ مخصوص ادبي وقار، فني نفاست ۽ لساني سگهه رکي ٿو. هو مصنوعي لفظي سجاڳي ۽ اجائي خطابت کان پاسو ڪندي، عام واهپي جي ٻوليءَ ۽ لوڪ محاورن کي پنهنجي تخليقي رنگ ۾ رنڱي، نثر کي شاعراڻو ترنم ۽ گهرائي عطا ڪري ٿو. اها سادگي اها آهي جنهن کي تنقيدي اصطلاح ۾ سهلِ ممتنع چيو ويندو آهي، جتي ٻولي پڙهندڙ جي ذهن تي ٻوجھه ٿيڻ بدران احساسن جي گهرائين ۾ لهي وڃي ٿي ۽ هڪ مستقل تاثر ڇڏي ٿي.

احسان جو ڊڪشن(Diction)  موضوعاتي گهرجن سان گڏ پنهنجو رنگ مٽائي ٿو، جيڪو سندس مشاهدي جي وسعت ۽ گهري انساني شعور جو وڏو دليل آهي. دانش جي لفظن جي چونڊ ۾ هڪطرف ڳوٺاڻي سماج جي مٽيءَ جي هٻڪار، هاريءَ ۽ پورهيت جي لهجي جو فطري ساءُ آهي ته ٻئي طرف شهري زندگيءَ جي تلخين،  طبقاتي ڇڪتاڻ ۽ جديد انسان جي نفسياتي ٻوجهه جي ترجماني ڪندڙ لفظيات موجود آهي. هو صرف پنهنجي عهد جي ٻولي نٿو ڳالهائي، پر هن وٽ هڪ گهرو تاريخي ۽ ثقافتي شعور به آهي، جنهن جي ڪري سندس اسلوب پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي ٿو.

احسان دانش جي فني قوت جو اوج سندس منظر نگاري(Imagery)  ۽ فضا سازي (Atmosphere) ۾ نمايان طور ظاهر ٿئي ٿو. “اجگر” جهڙي ڪهاڻيءَ ۾ هو رڳو ٻوڏ جو اکين ڏٺو احوال نٿو ڏئي، پر ٻوڏ جي تباهي ڪاريءَ کي هڪ اهڙي خوفناڪ منظرنامي ۾ تبديل ڪري ٿو، جتي فطرت جو قهر انسان جي بي وسيءَ جو عڪس بڻجي وڃي ٿو. اهڙي ئي طرح ڪهاڻي “اها رات” ۾ موهن جي دڙي جي پسمنظر کي استعمال ڪندي، هو پنهنجي مخصوص ڊڪشن ذريعي ماضيءَ ۽ حال جي وچ ۾ هڪ پراسرار نفسياتي پل تعمير ڪري ٿو. جڏهن ته “اوجاڳيل اکيون” ۾ غربت ۽ افلاس جا منظر ڪنهن تصوير وانگر پڙهندڙ جي اڳيان اچي وڃن ٿا، جتي ٻولي مجرد رهڻ بدران هڪ مجسم روپ اختيار ڪري وٺي ٿي. اهي خوبيون سندس افسانوي دنيا کي بصري ۽ جمالياتي قوت عطا ڪن ٿيون.

ڪردار نگاريءَ جي حوالي سان به احسان دانش پنهنجي فن تي مضبوط گرفت جو ثبوت ڏئي ٿو. اي. ايم. فورسٽر پنهنجي مشهور ڪتابAspects of the Novel ۾ ڪردارن کي “فليٽ” ۽ “رائونڊ” قسمن ۾ ورهايو آهي. (Forster, 1927) احسان دانش جي ڪيترين ئي ڪهاڻين جا ڪردار، خاص طور فيروز، آرڪيالاجسٽ، سمبارا ۽ مختلف سماجي حالتن سان جهيڙيندڙ عام ماڻهو، پنهنجي نفسياتي ۽ سماجي پسمنظر سبب يادگار بڻجي وڃن ٿا. اهي محض پلاٽ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ موجود ناهن، بلڪه پنهنجي فڪري ۽ جذباتي وجود سان پڙهندڙ جي ذهن تي نقش ڇڏي وڃن ٿا. نامياري نقاد اِي. ايم. فورسٽر جي ڪردار نگاريءَ جي اصولن، خاص ڪري “گول ڪردارن” (Round Characters) جي روشنيءَ ۾ جيڪڏهن احسان دانش جي افسانن جو جائزو وٺبو ته معلوم ٿيندو ته سندس ڪردار محض واقعاتي ضرورتن کي پورو ڪندڙ ڪاٺ جا پتلا يا هڪ-رُخا ناهن (Forster, 1927 P.118) اهي سماجي تضادن، گهري نفسياتي ڪشمڪش، ۽ انساني جبلتن جا زنده جاويد نمونا آهن، جيڪي وقت ۽ حالتن جي گهرج آهر پنهنجو پاڻ تبديل ڪن ٿا. اهي ڪهاڻيءَ جي پلاٽ جي هٿن ۾ بي وس ناهن، بلڪه پنهنجي عمل ۽ لهجي سان پلاٽ جو رخ متعين ڪن ٿا ۽ اهوئي سبب آهي جو ڪهاڻي ختم ٿيڻ کانپوءِ به اهي ڪردار پڙهندڙ جي لاشعور ۾ هميشه لاءِ زنده رهن ٿا.

ميخائيل باختين جي گهڻ آوازي(Polyphony)  تصور (Bakhtin, 1981) جي روشنيءَ ۾ ڏسبو ته احسان دانش جي ڪهاڻين ۾ مختلف سماجي طبقن ۽ فڪري تجربن جا آواز موجود آهن. پورهيت، مزدور، هاري، عورت، ٻار، دانشور ۽ محروم انسان سڀ پنهنجي پنهنجي تجربي سان ڳالهائين ٿا. انهيءَ ڪري سندس ڪهاڻيون هڪ فرد جي داستان کان اڳتي وڌي سماج جي گڏيل شعور جي عڪاسي بڻجي وڃن ٿيون.

نتيجو (Conclusion)

احسان دانش جو ڪهاڻي مجموعو “اها رات” همعصر سنڌي افسانوي ادب جو هڪ اهم ۽ قابلِ توجهه اضافو آهي. هن ڪتاب جون ڪهاڻيون همعصر سنڌي افسانوي ادب ۾ موضوعاتي تنوع، نفسياتي گهرائي ۽ فني تجربن جو هڪ نئون سنگِ ميل آهن، جيڪو سنڌي ڪهاڻي کيتر جي روايتي حقيقت نگاريءَ کي عالمي فڪري لاڙن ۽ جديد بيانيي جي اصولن سان هم آهنگ ڪري ٿو. هن مجموعي ۾ سماجي حقيقت نگاري، نفسياتي تجزيو، علامتي اظهار، فينٽسي، فليش فڪشن ۽ فني جماليات جا مختلف رنگ هڪ متوازن ۽ تخليقي صورت ۾ موجود آهن. ليکڪ پنهنجي سماج جي محرومين، دردن، خوفن، اميدن ۽ ثقافتي بحرانن کي رڳو بيان نٿو ڪري، بلڪه انهن کي فني ۽ فڪري معنيٰ عطا ڪري ٿو. خاص طور عنواني ڪهاڻي “اها رات” مجموعي جي فڪري مرڪز طور سامهون اچي ٿي، جتي موهن جي دڙي جي تهذيبي ورثي، تاريخي شعور ۽ جديد انسان جي ثقافتي ويڳاڻپ کي فينٽسيءَ جي اثرائتي وسيلي سان پيش ڪيو ويو آهي. هن تحقيقي مطالعي مان اهو واضح ٿئي ٿو ته ليکڪ ڪتاب جي ٽائيٽل اسٽوري ۾ موهن جي دڙي جي پسمنظر ذريعي اڄوڪي دور جي ماڻهوءَ جي فڪري بحران، تاريخ جي لتاڙ ۽ ثقافتي بيگانگيءَ خلاف هڪ فلسفياڻو احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي، جنهن جو موازنو فرائي ۽ بارٿ جي علامتي نظرين سان ڪري سگهجي ٿو (Barthes, 1977; Frye, 1957)

اهڙيءَ طرح “جُتي”، “اوجاڳيل اکيون”، “پاتال” ۽ “بُکَ” جهڙين ڪهاڻين ۾ سستي جذباتيت کان هٽي ڪري پورهيت طبقي جي لاچاريءَ ۽ طبقاتي استحصال جي معروضي عڪاسي ڪئي آهي. ان سان گڏوگڏ، “اُساٽ” ۽ “خوف” جهڙيون ڪهاڻيون سنڌي ادب ۾ نفسياتي ۽ طبي موضوعن جهڙوڪ: (Acquired Savant Syndrome) تي لکيل اهڙا اڻ ڇهليل شاهڪار آهن جيڪي انساني شعور جي پيچيدگين کي چٽين ٿيون، جنهن تي نٽشي جي فڪر جو گهرو پرتوو آهي. جڏهن ته “سرد خاني ۾ رکيل لاش” ۽ “وارث” جهڙيون تخليقون ڪافڪا ۽ ڪاميو جي عالمي وجودي فڪر سان جڙي سماجي منافقت تي ڪاري ضرب هڻن ٿيون. (Camus, 1942; Kafka, 2009) ڪتاب جو ٻيو حصو فليش فڪشن (مختصر ترين ڪهاڻين) جي حوالي سان هڪ اهم علمي دستاويز آهي، جنهن ۾ سياسي تمثيل ۽ تيز طنز ذريعي سياسي تضادن ۽ دهشتگرديءَ جهڙن موضوعن کي جارج آرويل جي فڪري بيهڪ جيان پيش ڪيو ويو آهي (Orwell, 1945, 1949)

احسان دانش جو نثر ‘سهلِ ممتنع’ جو اعليٰ مثال آهي، جتي هو لوڪ محاورن، عمدي منظر نگاريءَ ۽ اي. ايم. فورسٽر جي اصولن موجب “گول ڪردارن” جي اڻت ذريعي هڪ اهڙي فضا سازي ڪري ٿو جيڪا پڙهندڙ جي لاشعور تي حاوي رهي ٿي. (Forster, 1927) مجموعي طور تي، “اها رات” (دانش، 2026ع) سنڌي افسانوي ادب جو اهو گهڻَ رخو (Multidimensional) دستاويز آهي، جيڪو مقامي رنگن سان جڙيل هجڻ جي باوجود پنهنجي فڪري گهرائيءَ سبب عالمي ادب سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائڻ جي پوري سگهه رکي ٿو. احسان دانش جي ڪهاڻين جي هڪ ٻي اهم خوبي سندس ٻولي، ڊڪشن ۽ بيانيي جي سادگي آهي، جيڪا فني وقار سان گڏ پڙهندڙ تي گهرو اثر ڇڏي ٿي. انهيءَ بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته “اها رات” نه فقط پنهنجي دور جي سماجي ۽ ثقافتي حالتن جو حساس ادبي دستاويز آهي، پر جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي ارتقائي سفر ۾ هڪ اهم تخليقي وک پڻ آهي.

حوالا۽ ذريعا (References &Sources)

دانش، احسان (2026ع) اها رات (ڪهاڻين ۽ فليش فڪشن جو مجموعو) سمبارا پبليڪيشن، حيدرآباد.

Barthes, Roland. (1977). Image, Music, Text. London: Fontana Press.

Bakhtin, Mikhail.(1981)The Dialogic Imagination. Austin: University of Texas Press,

Beckett,Samuel. (1953) (The Philosophy of Absurdity / Meaninglessness).

Booth, Wayne C. (1983). The Rhetoric of Fiction (2nd ed.). Chicago: University of Chicago Press.

Brecht, Bertolt. (1990) (Famous Quote: “First comes the grub, then morals” / Sociological Theater concepts). Los Angeles Time, 13.01.1990 (https://www.latimes.com/archives/la-xpm-1990-01-13-me-26-story.html)

Camus, Albert. (1942-1947)The Stranger&The Plague (Concepts of Existential Alienation and Absurdism).

Dostoevsky, Fyodor. (1866-1880)Crime and Punishment&The Brothers Karamazov (Psychological Realism and Moral Crisis concepts).

Eagleton, Terry. (2008). Literary Theory: An Introduction (3rd ed.). Oxford: Blackwell Publishing.

Farah, Nuruddin. (1986) (Modern African Literature / Themes of Terrorism and Human Suffering).

Forster, E. M. (1927). Aspects of the Novel (Concepts of “Round Characters”). New York: Harcourt, Brace and Company.

Frye, Northrop. (1957). Anatomy of Criticism: Four Essays (Archetypal and Symbolic Criticism). Princeton: Princeton University Press.

Gorky, Maxim. (1906)The Mother (Socialist Realism and Working-class Consciousness).

Hamsun, Knut. (1890)Hunger (Psychological and Physiological Realism of Starvation).

Hosseini, Khaled. (2003)The Kite Runner (Contemporary Afghan Fiction / Themes of War and Innocence).

Hugo, Victor. (1862)Les Misérables (The Character of “Fantine” and Socio-Economic Exploitation). Boston, Little Brown and Company (1887)

Kafka, Franz. (2009)The Metamorphosis (Themes of Existential Alienation and Bureaucratic Absurdity).Oxford University Press, Oxford World’s Classics

Lorca, Federico García. (1945)The House of Bernarda Alba (Spanish Tragedy / Critique of Moral Decay and Honor Killing).

Lu Xun. (1918) (Modern Chinese Literature / Realist Short Stories on Poverty and Ignorance).

Lukács, Georg. (1950). Studies in European Realism. London: Hillway Publishing Co.

Lukács, Georg. (1962). The Historical Novel. Harmondsworth: Penguin Books.

Machiavelli, Niccolò. (1532)The Prince (Political Realism / Concepts of Power and Moral Decadence).

Marx, Karl. (1867)Das Kapital (Critique of Capitalism and Commodity Fetishism). Hamburg, Germany. Otto Meissner

Maupassant, Guy de. (1880) (French Realism / Short Stories on Social Hypocrisy and Human Vulnerability).

Medical Science / Neuro-psychology. (Concept of Acquired Savant Syndrome and Neo-Vascularization).

Nietzsche, Friedrich.(1978) Thus Spoke Zarathustra (Philosophical Concepts: “The Death of Moral Values” and the quote on “Chaos and Dancing Star”).Penguin Random House

Orwell, George. (1949-1945)Nineteen Eighty-Four&Animal Farm (Political Allegory and Institutional Hypocrisy).

Plato. (2007) Republic-Allegory of the Cave (Classical Philosophy on Reality and Enlightenment).Penguin Books, Penguin Classics

Tolstoy, Leo.(1993)The Kreutzer Sonata and other Short Stories (Universal Quote on Physical Beauty vs. True Love / Concepts of Moral Realism). Dover Publications

***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو