وجودي ويڳاڻپ، تهذيبي شعور ۽ سياسي تمثيل: “اها رات” جو عالمي ادب جي تناظر ۾ تنقيدي اڀياس
جديد سنڌي ڪهاڻي پنهنجي ارتقا جي مختلف مرحلن دوران سماجي حقيقت نگاري، نفسياتي تجزيي، علامتي اظهار، وجودي سوالن ۽ فني تجربن جي مختلف مرحلن مان گذري آهي. ويهين صديءَ جي ٻئي اڌ کان وٺي سنڌي افسانوي ادب ۾ اهڙا لاڙا نمايان ٿيا، جن فرد جي داخلي دنيا، سماجي تضادن، ثقافتي تبديلين ۽ انساني وجود جي پيچيدگين کي تخليقي اظهار جو موضوع بڻايو. انهيءَ ادبي سفر ۾ ڪيترن ئي ڪهاڻيڪارن پنهنجي دور جي سماجي سچائين کي مختلف فني اسلوبن وسيلي پيش ڪيو، پر ڪي تخليقڪار اهڙا به آهن، جن پنهنجي ڌرتيءَ، ماڻهن ۽ تاريخ سان گهري وابستگي برقرار رکندي جديد فني تجربن کي به ڪاميابيءَ سان اپنائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. احسان دانش جي ڪهاڻين جو مجموعو “اها رات” اهڙي ئي تخليقي ڪوشش جو نتيجو آهي.
هي مجموعو محض ڪهاڻين جو ڪتاب نه، پر همعصر سنڌي سماج جي داخلي ۽ خارجي حالتن جو هڪ ادبي دستاويز آهي. هتي غربت، محرومي، طبقاتي اڻبرابري، ثقافتي ويڳاڻپ، انساني اڪيلائي، خوف، انتظار، اخلاقي زوال ۽ تاريخي شعور جهڙا موضوع مختلف فني صورتن ۾ سامهون اچن ٿا. احسان دانش جي تخليقي دنيا جو مرڪز انسان آهي، پر اهو انسان پنهنجي انفرادي وجود ۾ محدود نٿو رهي، بلڪه پنهنجي سماجي، ثقافتي ۽ تاريخي پسمنظر سان گڏ پيش ٿئي ٿو.
جارج لوڪاچ جي خيال موجب حقيقت نگار ادب پنهنجي دور جي سماجي ۽ تاريخي تضادن کي فني صورت ۾ پيش ڪندو آهي.(Lukács, 1950) لوڪاچ لاءِ اهم ڳالهه اها آهي ته ادب فرد جي ذاتي تجربي مان اجتماعي حقيقت کي ظاهر ڪري (Lukács, 1962) انهيءَ لحاظ کان ڏسبو ته “اها رات” جون ڪهاڻيون به فرد جي محدود دنيا مان نڪري سماج جي وسيع حقيقتن تائين پهچن ٿيون. ساڳئي وقت ٽيري ايگلٽن ادب کي سماجي شعور جي هڪ صورت قرار ڏئي ٿو؛ سندس نظر ۾ ادبي متن سماجي حالتن کان الڳ نه هوندو آهي. (Eagleton, 2008) احسان دانش جي ڪهاڻين ۾ به سماجي شعور جو اهو عنصر نمايان آهي، جيڪو پڙهندڙ کي رڳو واقعن جي سطح تي نه، پر انهن جي پسمنظر ۾ موجود سماجي حقيقتن بابت به سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو.
احسان دانش جون ڪهاڻيون: روايت، سماج ۽ فن:
احسان دانش جي ڪهاڻين لکڻ واري فن جي هڪ اهم وصف اها آهي ته هو روايت ۽ جدت جي وچ ۾ هڪ متوازن رستو اختيار ڪري ٿو. سندس ڪهاڻين ۾ سنڌي افسانوي ادب جي حقيقت نگار روايت جو تسلسل به موجود آهي ۽ جديد افسانوي فن جا تجربا پڻ. هو نه رڳو زندگيءَ جي سڌي سنئين عڪاسي ڪري ٿو، پر علامتن، استعارن، نفسياتي ڪيفيتن ۽ ڪڏهن ڪڏهن فينٽسيءَ وسيلي به پنهنجي فڪر جو اظهار ڪري ٿو.
سنڌي ڪهاڻيءَ جي بنيادي قوت ان جي سماجي وابستگي ۽ مقامي زندگيءَ سان تعلق رکي ٿي.احسان دانش جون ڪهاڻيون انهيءَ نقطه نظر جي تصديق ڪن ٿيون. سندس ڪردارن جا مسئلا، احساس ۽ خواب سنڌي سماج جي حقيقي زندگيءَ مان جنم وٺن ٿا. پورهيت، غريب ٻار، بيروزگار نوجوان، مجبور عورت، حساس دانشور يا سماجي جبر هيٺ دٻيل عام ماڻهو سندس تخليقن ۾ بار بار نظر اچن ٿا، پر احسان دانش کي رڳو سماجي حقيقت نگار ڪهاڻيڪار چوڻ ڪافي نه ٿيندو. سندس تخليقي دنيا ۾ نفسياتي مشاهدو، داخلي ڪيفيتن جي عڪاسي ۽ علامتي اظهار به اهم حيثيت رکن ٿا. هو پنهنجي ڪردارن جي ظاهري زندگيءَ سان گڏ انهن جي داخلي احساسن کي به اهميت ڏئي ٿو. انهيءَ ڪري سندس ڪهاڻيون محض واقعاتي بيانيي تائين محدود نٿيون رهن، بلڪه انساني شعور جي پيچيدگين تائين پهچن ٿيون.
هن مجموعي جي هڪ ٻي اهم خصوصيت فني تنوع آهي. هتي روايتي مختصر ڪهاڻي به موجود آهي، علامتي ڪهاڻي به، نفسياتي ڪهاڻي به ۽ فليش فڪشن به. اها گهڻ رنگي ظاهر ڪري ٿي ته ليکڪ پنهنجي اظهار لاءِ رڳو هڪ فارم تي ڀاڙڻ بدران مختلف فني صورتن کي آزمايو آهي. اهڙيءَ ريت “اها رات” (دانش، 2026ع) جديد سنڌي افسانوي ادب جي انهن مجموعن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو، جيڪي موضوعاتي ۽ فني ٻنهي لحاظن کان گهڻ رخا آهن.
“اها رات” ۽ تهذيبي شعور جي ڳولا:
مجموعي جي ٽائيٽل اسٽوري “اها رات” ڪتاب جي سڀ کان وڌيڪ اهم، فڪري ۽ فني لحاظ کان پختين تخليقن مان هڪ آهي. هيءَ ڪهاڻي پنهنجي موضوع، اسلوب ۽ علامتي نظام جي ڪري مجموعي جي ٻين ڪهاڻين کان الڳ حيثيت رکي ٿو. جتي ڪتاب جون گهڻيون ڪهاڻيون سماجي حقيقت نگاريءَ جي دائري ۾ اچن ٿيون، اتي “اها رات” فينٽسي، تاريخي شعور ۽ ثقافتي تنقيد جو هڪ خوبصورت امتزاج پيش ڪري ٿي.
ڪهاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار هڪ آرڪيالاجسٽ آهي، جيڪو موهن جي دڙي جي آثارن سان وابسته آهي. هڪ پراسرار رات دوران هو اهڙن تجربن مان گذري ٿو، جيڪي حقيقت ۽ خواب، حال ۽ ماضي، تاريخ ۽ تخيل جي سرحدن کي ڌنڌلو ڪري ڇڏين ٿا. انهيءَ رات ۾ سندس ملاقات سمبارا، ڪنگ پريسٽ ۽ ٻين اهڙن ڪردارن سان ٿئي ٿي، جيڪي بظاهر قديم تهذيب جا نمائندا آهن، پر حقيقت ۾ هڪ زنده تاريخي شعور جي علامتن طور سامهون اچن ٿا.
سمبارا هن ڪهاڻيءَ جو سڀ کان اهم ڪردار آهي. هوءَ فقط هڪ عورت يا تاريخي شخصيت ناهي، بلڪه سنڌو تهذيب جي حسن، سونهن، ثقافتي وقار ۽ انساني تخليق جي علامت بڻيل آهي. ساڳئي وقت ڪنگ پريسٽ رڳو هڪ مجسمو ناهي، پر ڪهاڻيءَ ۾ هڪ اهڙي تهذيب جو شاهد بڻجي سامهون اچي ٿو، جنهن انساني ارتقا جي شاندار بابن مان هڪ باب رقم ڪيو هو.
ڪهاڻيءَ جو بنيادي الميو اهو آهي ته جنهن تهذيب تي جديد دنيا فخر ڪري ٿي، ان جا اصل وارث پاڻ ان کان بيخبر ۽ بيگانا ٿيندا وڃن ٿا. آرڪيالاجسٽ جي تجربي وسيلي ليکڪ اهو سوال اٿاري ٿو ته ڇا موهن جو دڙو فقط آثار قديمه جو ماڳ آهي يا هڪ زنده ثقافتي يادگيري پڻ آهي؟ جيڪڏهن اها يادگيري آهي ته پوءِ جديد سنڌي سماج ان سان ڪيترو جڙيل آهي؟
هيءَ ڪهاڻي دراصل تاريخ جي لتاڙ ۽ ثقافتي ويڳاڻپ خلاف هڪ تخليقي احتجاج آهي. ليکڪ محسوس ڪري ٿو ته جديد انسان ترقيءَ جي ڊوڙ ۾ پنهنجي تاريخي پاڙن کان پري ٿيندو پيو وڃي. موهن جو دڙو، جيڪو انساني تهذيب جي عظيم ورثن مان هڪ آهي، پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي بي ڌيانيءَ ۽ ويڳاڻپ جو شڪار نظر اچي ٿو. انهيءَ احساس کي احسان دانش سڌي واعظانه انداز ۾ پيش نٿو ڪري، بلڪه فينٽسيءَ جي فن ۽ ٽيڪنڪ وسيلي پڙهندڙ تائين پهچائي ٿو.
رولان بارٿ جي متن جي گهڻ معنويت واري تصور جي روشنيءَ ۾ ڏسبو ته “اها رات” هڪ کليل متن آهي. (Barthes, 1977) ان کي تاريخي تمثيل، ثقافتي احتجاج، تهذيبي نوحو يا انساني يادگيريءَ بابت فلسفياڻه سوال طور پڙهي سگهجي ٿو. هر پڙهندڙ پنهنجي فڪري پسمنظر موجب ان مان نيون معنائون اخذ ڪري سگهي ٿو. ساڳئي وقت نارٿروپ فرائي جي علامتي تنقيد موجب ڪهاڻيءَ جا اهم عنصر هڪ وسيع علامتي نظام جو حصو بڻجي وڃن ٿا. (Frye, 1957) سمبارا، ڪنگ پريسٽ، موهن جو دڙو، رات، خاموش آثار ۽ آرڪيالاجسٽ سڀ گڏجي هڪ اهڙي معنوي فضا پيدا ڪن ٿا، جيڪا ظاهري واقعن کان گهڻو اڳتي وڃي ٿي. هتي رات فقط وقت جو هڪ حصو نه، پر تاريخي شعور جي بيداريءَ جو استعارو بڻجي وڃي ٿي.
فني لحاظ کان به هيءَ ڪهاڻي خاص اهميت رکي ٿي. احسان دانش فينٽسيءَ کي محض تخيل آرائيءَ لاءِ استعمال نٿو ڪري، بلڪه ان کي فڪري معنيٰ پيدا ڪرڻ جو وسيلو بڻائي ٿو. حقيقت ۽ تخيل جي ميلاپ سبب ڪهاڻيءَ ۾ هڪ پراسرار ۽ جمالياتي فضا پيدا ٿئي ٿي، جيڪا پڙهندڙ کي آخر تائين پنهنجي گرفت ۾ رکندي آهي. اهوئي سبب آهي جو “اها رات” کي نه فقط هن مجموعي جي، پر همعصر سنڌي ڪهاڻيءَ جي اهم تخليقن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو.
انساني درد، نفسياتي ڪيفيتون ۽ سماجي حقيقت نگاري:
احسان دانش جي ڪهاڻين جو سڀ کان نمايان حوالو انسان آهي؛ اهو انسان جيڪو سماجي جبر، معاشي محرومين، نفسياتي ڪيفيتن ۽ وجودي سوالن جي گهيري ۾ زندگي گذاري ٿو. سندس ڪهاڻين ۾ نه رومانوي فرار آهي ۽ نه ئي نعريبازي، بلڪه زندگيءَ جي حقيقي تجربن کي فني پختگيءَ سان پيش ڪرڻ جي ڪوشش آهي. جارج لوڪاچ جي خيال موجب حقيقي ادب فرد جي زندگيءَ ذريعي سماج جي وڏي سچائيءَ کي ظاهر ڪندو آهي. (Lukács, 1950) انهيءَ لحاظ کان احسان دانش جون ڪهاڻيون انفرادي تجربن مان اجتماعي حقيقتن تائين پهچڻ جي ڪامياب ڪوشش نظر اچن ٿيون.
“جُتي” هن ڪهاڻي ڪتاب جي انهن مختصر پر اثرائتين ڪهاڻين مان هڪ آهي، جيڪي پنهنجي سادگيءَ ۾ گهري سماجي معنويت رکن ٿيون. ڪهاڻيءَ جو مرڪزي نقطو هڪ معصوم ٻار جي جُتيءَ جي خواهش آهي، پر اها خواهش جلد ئي هڪ وسيع سماجي الميي ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. هتي جُتي رڳو پيرن ۾ پائڻ واري شيءِ ناهي، بلڪه بنيادي انساني ضرورتن، محروم خواهشن ۽ طبقاتي فرق جي علامت بڻجي وڃي ٿي. ڪهاڻي پڙهندي احساس ٿئي ٿو ته غربت فقط معاشي مسئلو نه، پر انساني خوابن جي محدود ٿيڻ جو به نالو آهي. ليکڪ وڏي مهارت سان اهو ڏيکاري ٿو ته سماج جي هيٺين طبقن جا ٻار ڪهڙي طرح ننڍين ننڍين خواهشن لاءِ به محروم رهجي وڃن ٿا. اها محرومي فرد جي نه، پر سڄي سماجي ڍانچي جي ناڪاميءَ جي علامت بڻجي وڃي ٿو.
ساڳئي نوعيت جي هڪ ٻي اهم ڪهاڻي “اوجاڳيل اکيون” آهي، جيڪا احسان دانش جي سماجي حساسيت جو بهترين مثال پيش ڪري ٿي. ڪهاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار فيروز هڪ بوٽ پالش ڪندڙ ٻار آهي، جنهن جي اکين ۾ موجود خمار کي ماڻهو غلط معنيٰ ۾ وٺن ٿا، پر جڏهن خبر پوي ٿي ته اهو خمار نشي جو نه، بلڪه سڄي رات ماءُ جي بيماريءَ سبب جاڳڻ ۽ غربت جي مسلسل دٻاءُ جو نتيجو آهي، تڏهن ڪهاڻي هڪ نئين معنوي سطح تي پهچي وڃي ٿي. ليکڪ فيروز کي رحم جوڳو وجود بڻائڻ بدران عزتِ نفس رکندڙ انسان طور پيش ڪري ٿو. انهيءَ ڪري پڙهندڙ جي همدردي ترس جي صورت اختيار نٿي ڪري، پر سماجي ناانصافيءَ جي شعور ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. ٽيري ايگلٽن جي نظر ۾ ادب سماجي شعور جي تعمير جو ذريعو آهي (Eagleton, 2008)؛ “اوجاڳيل اکيون” انهيءَ تصور جو هڪ خوبصورت مثال آهي.
احسان دانش جي ڪهاڻي “يادن جو ڪوهيڙو” (جنهن کي ليکڪ ڪوتا ڪهاڻي ڪوٺيو آهي) سنڌي ادب ۾ رومانوي الميي(Romantic Tragedy) ۽ نفسياتي گهرائيءَ جو هڪ بيحد سهڻو پيرائو آهي. هيءَ ڪھاڻي شاعراڻي اسلوب ۽ افسانوي تاثر جو هڪ اهڙو امتزاج آهي، جتي ماضيءَ جا سندر خواب، حال جي تلخ حقيقتن سان ٽڪرائجي پاش پاش ٿيندي نظر اچن ٿا. ڪهاڻيڪار هن ڪهاڻيءَ ۾ انساني نفسيات جي ان پهلوءَ کي اگهاڙو ڪيو آهي، جتي يادون رڳو ماضيءَ جو حصو ناهن رهنديون، پر هڪ زنده حقيقت بڻجي انسان جي حال تي حاوي ٿي وينديون آهن.تخليقي ۽ تحقيقي نقطي نگاهه کان، ڪهاڻيءَ جو سڀ کان خوبصورت پاسو ان جو يونيورسٽي آرڪيٽائپ(University Archetype) آهي. ڄامشوري جي مست هوا، زيرو پوائنٽ، علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ايلسا قاضي جي مزار، المنظر تي سنڌو نديءَ جو ڪنارو، آرٽس فيڪلٽي ۽ لوَرس پوائنٽ اهي رڳو جڳهين جا نالا ناهن، پر سنڌ جي علمي ۽ رومانوي تاريخ جا جيئرا جاڳندا ڪردار آهن. ليکڪ ان دور جي رومانوي ڪيفيت کي ڪينٽين جي گرم چانهه، هٿن سان اڻيل سوئيٽر ۽ شاعراڻي گفتگو ذريعي ايڏو ته سحر انگيز بڻائي پيش ڪيو آهي، جو پڙهندڙ خود ان سحر ۾ گم ٿي وڃي ٿو. شيخ اياز جي شاعريءَ جو حوالو ڪهاڻيءَ جي ادبي وقار کي ويتر اوج تي پهچائي ٿو.
هن ڪهاڻيءَ جو فني موڙ(Climax) تڏهن اچي ٿو، جڏهن يادن جي ان سندر محل مٿان حال جي تلخ حقيقت جو هڪ زوردار ڪڙڪو ٿئي ٿو. هڪ حادثي ۾ عاشق جي ٽنگ ڪٽجي وڃي ٿي ۽ جنهن محبوبا لاءِ “محبت جي ڪا حد ۽ سرحد نه هئي”، سا جسماني معذوري ڏسي منهن موڙي وڃي ٿي. هتي ڪهاڻيڪار سماج جي ان مادي ۽ ظاهر پسنديءَ تي گهري تنقيد ڪئي آهي، جتي روحاني دعوائون جسماني عيبن جي اڳيان دم ٽوڙي ڇڏينديون آهن. عاشق جو پنهنجي معذوريءَ کانپوءِ به محبوبا جي تصوير سان ڳالهائڻ ۽ خود ڪلامي ڪرڻ پنهنجي جاءِ تي هڪ نفسياتي بچاءُ (Defense Mechanism) آهي، جنهن کي ليکڪ “يادن جو ڪوهيڙو” سڏيو آهي، جتي هو حقيقت کان ڀڄي ماضيءَ جي پناھ وٺي ٿو. جسماني خوبصورتي جي عارضي هجڻ ۽ ان مادي پرست دنيا ۾ سچي محبت جي تذليل کي ڏسندي، مشهور روسي اديب ليئو ٽالسٽائي جو اهو عالمي قول جيڪو ھن پنھنجي ڪتاب (The Kreutzer Sonata) ۾ ڏنو آھي، ذهن تي تري اچي ٿو ته: “جيڪڏهن تون رڳو جسماني خوبصورتيءَ جي ڪري ڪنهن سان محبت ڪرين ٿو ته اها محبت ناهي، پر رڳو هڪ وهم آهي. ڇو ته سچي محبت روح جي سڃاڻپ هوندي آهي. (Tolstoy, 1993, P. 100) احسان دانش جي هيءَ ڪوتا ڪهاڻي “يادن جو ڪوهيڙو” رڳو هڪ ناڪام محبت جو قصو ناهي، پر هي انساني روح جي پيڙا، احساسِ ڪمتري ۽ لاچاريءَ جو هڪ زنده دستاويز آهي. هيءَ ڪهاڻي اسان کي ٻڌائي ٿي ته جڏهن حال جا رستا بند ٿي ويندا آهن، تڏهن انسان ماضيءَ جي ڪوهيڙي ۾ پنهنجي بقا ڳولهيندو آهي. هيءَ ڪهاڻي پنهنجي رواني، شاعراڻي جماليات ۽ بي پناھ درد سبب سنڌي ادب ۾ پنهنجو هڪ منفرد مقام رکي ٿي.
احسان دانش جي لکيل ڪهاڻي “اَجگر” صرف هڪ غريب پورهيت محمد خان جي گهر ۾ يارنهن سالن جي اوسيئڙي بعد ڄاول سڪيلڌي ڌيءَ “سدوري” جي خوابن ۽ شاديءَ جي تياريءَ جو احوال ناهي، پر اها اصل ۾ آفتن ۽ ظالم سماجي نظام جي آڏو مجبور انسان جي لاچاريءَ جو هڪ دردناڪ نوحو آهي. ڪهاڻيڪار جنهن فني نفاست سان سدوريءَ جي حسن، ماءُ جي ڀرت جي هنر ۽ ڏاڏي جي واڻ واڻڻ وارن قصن مان هڪ گهريلو ماحول جي عڪاسي ڪئي آهي، اهو پڙهندڙ کي داخلي طور ڪهاڻيءَ سان ٻڌي ڇڏي ٿو، پر هيءَ رومانوي ۽ ثقافتي سونهن تيزيءَ سان هڪ اهڙي ڀيانڪ الميي(Tragedy) ۾ تبديل ٿئي ٿي، جيڪو هانءُ ڏاري ڇڏيندڙ آهي. چوڏهينءَ جي چنڊ جي چٽي روشنيءَ ۾ درياءَ جو بند ٽٽڻ ۽ پاڻيءَ جو اجگر اچڻ فطرت جي هڪ زبردست تضاد کي ظاهر ڪري ٿو، جتي چنڊ جي چاندني به ان موت جي راڪاس کي روڪي نٿي سگهي، جيڪو هڪ ئي رات ۾ سڀ ڪجهه ڳڙڪائي وڃي ٿو.
نارٿروپ فرائي جي علامتي تنقيد جي روشنيءَ ۾ جيڪڏهن هن تخليق جو جائزو وٺبو ته معلوم ٿيندو ته “اَجگر” هتي صرف درياءَ جي تيز ۽ وحشي لهرن جي لغوي معنيٰ تائين محدود ناهي، پر ان ۾ هڪ وسيع ثقافتي ۽ گهڻ-رخي (Multidimensional) علامت سمايل آهي. (Frye, 1957) هيءُ اجگر هڪ پاسي جيڪڏهن اڻٽر قدرتي آفت آهي ته ٻئي پاسي اهو ان بي رحم سماجي ۽ معاشي نظام جو روپ به آهي، جتي وڏيري جو قرض ۽ غريبن کي “وانگار” (مفت مزدوري) ۾ لڳائڻ جهڙيون صديون پراڻيون ناانصافيون غريب جو رت چوسين ٿيون. اهوئي سبب آهي جو محمد خان جڏهن ٻئي ڳوٺ ۾ وانگار وهڻ ۾ مصروف هوندو آهي ته پٺيان سندس سڄو سنسار اجگر جي ڦوڪ جي ور چڙهي ويندو آهي. پيرسن ڏاڏي جو پاڻيءَ ۾ لڙهي وڃڻ، ماءُ- ڌيءَ جو ڪلهن تائين پاڻيءَ ۾ غوطا کائيندي رڳو سر بچائڻ لاءِ ڀڄڻ، ۽ ڏاج جي قيمتي سامان ۽ زيورن جو تباھ ٿيڻ، ان آفاقي خوف ۽ بي وسيءَ کي مجسم ڪري ٿو جيڪو صدين کان سنڌ جي پورهيت طبقي جو مقدر رهيو آهي.
هن ڪهاڻيءَ جو سڀ کان وڏو ڪمال ان جي مڪمل ۽ بي رحم حقيقت نگاري (Pure Realism) آهي. ڪهاڻي سماج جو سچو اولڙو ۽ عڪس ٿيندي آهي، تنهنڪري احسان دانش پنهنجي ڪردارن تي ڪو به مصنوعي يا فرضي بهادريءَ جو خول چاڙهڻ بدران اسان جي تلخ سماجي سچائيءَ کي ائين ئي اگهاڙو پيش ڪيو آهي، جهڙي اها حقيقت ۾ آهي. ڪراچيءَ جي ڪيمپ جي هڪ ڪنڊ ۾ سبيل چپن ۽ سڪل نيڻن سان ويٺل محمد خان ڪو خيالي ڪردار ناهي، پر اهو سنڌي جي هر ان غريب پورهيت جو سچو روپ آهي جيڪو آفتن کانپوءِ ڪئمپن ۾ ائين ئي بي يار و مددگار نظر ايندو آهي. ڪهاڻيڪار هتي پنهنجي پڙهندڙن کي سستي جذباتيت يا سستي تسلي ڏيڻ بدران، سماج جي ان مڪمل شڪست کي پنهنجي فني اوج تي چٽيو آهي، جيڪا پورهيت طبقي جي اصل سچائي آهي. نتيجي ۾، هيءَ ڪهاڻي رڳو ٻوڏ جي تباھ ڪاريءَ جو بيان ۽ منظر پيش ڪندڙ نه ٿي رهي، پر سنڌ جي پورهيت طبقي تي ٻه پاسائين وار (فطرت جي سفاڪي ۽ جاگيرداري نظام جي مڪاري) جي هڪ جيئري جاڳندي ۽ سچي تصوير بڻجي وڃي ٿي. هيءَ ڪهاڻي ذهن تي اهو اڻمٽ سوال ڇڏي ٿي ته جيستائين اسان جي سماج مان هي معاشي ۽ طبقاتي اجگر ختم نه ٿيندا، تيستائين ڪنهن به سدوريءَ جي خوابن کي حقيقت جو روپ ملي نه سگهندو.
احسان دانش جي ڪهاڻي “اُساٽ” سنڌي افسانوي ادب ۾ هڪ بلڪل نئين، اڻ ڇهليل ۽ تحقيقي موضوع تي لکيل شاهڪار آهي، جنهن کي ميڊيڪل سائنس ۽ نفسيات جي اصطلاح ۾Acquired Savant Syndrome چيو ويندو آهي. هيءَ هڪ اهڙي غير معمولي طبي ڪيفيت آهي جتي ڪو انسان ڪنهن شديد دماغي صدمي، حادثي يا برين هيمريج مان گذرڻ کانپوءِ اوچتو اهڙيون تخليقي صلاحيتون حاصل ڪري وٺندو آهي جيڪي ان کان اڳ ان جي وجود ۾ ناهن هونديون. ليکڪ، پروفيسر سنگهار جي ڪردار ذريعي هن پيچيده سائنسي معجزي کي تمام سهڻي نموني افسانوي روپ ڏنو آهي، جتي ڪيميسٽري جو پروفيسر دماغي رڳن جي ڦاٽڻ ۽ ٻيهر جڙڻ جي عمل(Neo-Vascularization) کانپوءِ هڪ جنوني شاعر ۽ نقاش بڻجي وڃي ٿو. هن ڪهاڻيءَ جو عنوان “اُساٽ”، جنهن جي لغوي معنيٰ اندر جي شديد گُهٽَ، اڃ يا تيز تپش آهي، ڪنهن روايتي انتظار جو نالو ناهي، پر سنگهار جي اندر جو اهو تخليقي جوالا آهي جيڪو ٻاهر نڪرڻ لاءِ بيتاب آهي. هو پاڻ چوي ٿو ته “هيءَ هڪ اهڙي پياس آهي جيڪا ڪيترو به لکڻ سان پوري نٿي ٿئي ۽ جيڪڏهن هو اظهار نه ڪندو ته گُهٽجي مري ويندو.‘ليکڪ ڪهاڻيءَ کي زال جي نقطي نگاهه(First Person Narrative) وسيلي بيان ڪري ان ۾ پيڙا، محبت ۽ حيرت جا گهرا رنگ ڀريا آهن، جتي زال مڙس جي ان بدلجندڙ ديوانگيءَ کي “خطا به ادا لڳندي آ” جي فلسفي تحت قبول ڪري ٿي. ڪهاڻيءَ جي آخري حصي ۾ “دائرن” جي علامت نگاري لامتناهيت (Infinity) کي ظاهر ڪري ٿي، جتي هڪ سچو آرٽسٽ پنهنجي اندر جي وشال ڪائنات کي ڪينواس جي محدود حدن ۾ قيد ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي پاڻ کي انهن دائرن ۾ گم ڪري ڇڏي ٿو.
سنگهار جي هن تخليقي جنون ۽ اندروني ڪرب کي ڏسندي مشهور جرمن فلاسفر فريڊرڪ نٽشي جو اهو جملو ياد اچي ٿو ته: توهان جي اندر ۾ اڃان تائين هڪ انتشار (Chaos) جو هجڻ ضروري آهي ته جيئن توهان هڪ رقص ڪندڙ ستاري کي جنم ڏئي سگهو.I say unto you: one must still have chaos in oneself to be able to give birth to a dancing star(Nietzsche: 1978) حقيقت ۾، “اُساٽ” رڳو هڪ نفسياتي افسانو ناهي، پر هيءَ سائنس، نفسيات ۽ آرٽ جو هڪ خوبصورت سنگم آهي. هيءَ دماغ جي اسرارن، صدمي مان جنم وٺندڙ تخليقي ديوانگيءَ ۽ انساني روح جي ان اڃ جي ڪهاڻي آهي جنهن کي موت به مٽائي نٿو سگهي. انيس انصاري ڪهاڻي ايوارڊ ملڻ هن ڪهاڻيءَ جي فني سڃاڻپ ۽ موضوعاتي منفرد هجڻ جو واضح ثبوت آهي. اهڙي طرح احسان دانش جي ڪهاڻي “خوف” انساني شعور جي اهڙي ئي هڪ پيچيده ڪيفيت کي موضوع بڻائي ٿي. هتي خوف ڪنهن هڪ مخصوص خطري سان وابسته ناهي، بلڪه هڪ اهڙي نفسياتي قوت آهي، جيڪا انسان جي آزادي، اعتماد ۽ وجود تي حاوي ٿي وڃي ٿي. ڪهاڻيءَ جو اهميت انهيءَ ڳالهه ۾ آهي ته ليکڪ خوف کي ظاهري واقعن جي بجاءِ داخلي تجربي طور پيش ڪري ٿو. پڙهندڙ محسوس ڪري ٿو ته خوف جي اصل جڳهه ٻاهرين دنيا نه، پر انسان جو اندر آهي. انهيءَ ڪري هيءَ ڪهاڻي پنهنجي علامتي ۽ نفسياتي معنويت سبب گهرو اثر ڇڏي ٿي.
احسان دانش جي ڪهاڻي “پاتال” معاشرتي نابرابري، طبقاتي استحصال ۽ رياستي بي حسيءَ جي موضوع تي لکيل هڪ انتهائي پورشڪوه ۽ تکو نفسياتي، سماجي (Socio-Psychological) شاهڪار آهي. هيءَ ڪهاڻي پنهنجي ساخت ۾ جيتري سادي نظر اچي ٿي، پنهنجي معنيٰ ۽ گهرائيءَ ۾ اوتري ئي خوفناڪ حد تائين پيچيده آهي. ليکڪ ڪاسائيءَ جي هڪ دڪان کي “مائڪرو ڪوزم” (Microcosm) يعني ننڍڙي ڪائنات طور استعمال ڪندي، پوري سماج جي هيبتناڪ اندروني شڪل کي اگهاڙو ڪري بيهاريو آهي، جتي قانون جا رکوالا، سرمائيداري ۽ غريب جو لاچار وجود هڪ ئي ڪينواس تي ڏيکاريا ويا آهن.
تحقيقي ۽ نفسياتي نقطي نگاهه کان، ڪهاڻيءَ جو سڀ کان مضبوط پهلو ان جو نالو “پاتال” آهي. پاتال هندو ديو مالائي ۽ روحاني تصورن ۾ زمين جي گهرائيءَ ۾ موجود ان اونداهيءَ دنيا کي چيو ويندو آهي جتي روشني ڪڏهن به ناهي پهچندي. ليکڪ هن لفظ کي هڪ اڻ ڄاتل غم جي علامت بڻايو آهي. مئجسٽريٽ جي نائڪ جو حڪميه انداز، ڪاسائيءَ جي مئل ڍورن جو گوشت کپائڻ واري بدعنواني ۽ ڊاڪٽرن جا ڪوڙا سرٽيفڪيٽ اهي سڀ گڏجي سماج جي ان اخلاقي پاتال (Moral Abyss) جي نشاندهي ڪن ٿا، جنهن جي آخري گهرائيءَ ۾ غريب پوڙهو پنهنجو پاڻ کي دفن ٿيندي محسوس ڪري ٿو. پوڙهي جو ويهه رپيا کڻي گوشت وٺڻ وڃڻ، سندس اندر جي تنهائي ۽ معاشي لاچاريءَ جو اعليٰ ترين اظهار آهي. ڪهاڻيءَ جي فني پختگي ان جي آخري منظر ۾ پنهنجي عروج تي پهچي ٿي، جتي ليکڪ هڪ زبردست تقابلي بيانيو (Comparative Narrative) قائم ڪري ٿو. ڪاسائيءَ پاران ڪتي اڳيان اُڇلايل ڇڇڙا ان گوشت کان وڌيڪ آهن جيڪي هڪ پوڙهو انسان ٻن مهينن جي حسرت کانپوءِ پنهنجن ٻچڙن لاءِ گهر کڻي پيو وڃي. هي منظر سماج جي ان وحشتناڪ حقيقت کي ننگو ڪري ٿو، جتي انساني تذليل پنهنجي آخري حدن کي ڇهي ٿي. پوڙهي جو هڪ هڪ قدم، پاتال يعني انساني گهٽتائيءَ ۽ سماجي دوزخ ڏانهن کڄي رهيو آهي.
غريب جي هن لاچاريءَ ۽ بکئي پيٽ جي اڳيان اخلاقي قدرن جي جنازي کي ڏسندي، مشهور جرمن ڊراما نگار برٽولٽ بريخت جو اهو ڪوٽيشن هوبهو هن ڪهاڻيءَ تي صادق اچي ٿو ته: “پهرين بک مٽائڻ کپي، اخلاقيات جو نمبر ان کان پوءِ ايندو آهي Brecht,1990 نتيجي طور احسان دانش جي ڪهاڻي “پاتال” رڳو هڪ غريب انسان جي ڪهاڻي ناهي، پر هيءَ ان سرمائيداراڻي ۽ فرسوده نظام جي خلاف هڪ گهري تنقيد آهي، جتي حڪمران طبقو مغز (ميڄالو) ۽ گوشت جون رانون هضم ڪري ٿو ۽ پورهيت طبقو ڪُٺل جانور جيان پنهنجي مٿان سير وهندي محسوس ڪري ٿو. هيءَ ڪهاڻي پڙهندڙ کي مڪمل طور لوڏي رکي ٿي ۽ اسان کي پنهنجي ئي اندر جي پاتال ۾ جهاتي پائڻ تي مجبور ڪري ٿي.
احسان دانش جي لکيل ڪهاڻي “مھلت” انسان جي نفسيات، ترجيحن جي تضاد ۽ وقت جي بي رحميءَ جو هڪ گهرو فڪري اولڙو آهي. حقيقت نگاريءَ (Realism) جي روشنيءَ ۾ ڏسجي ته هيءَ ڪهاڻي رڳو ڪتابن جي ضايع ٿيڻ جو احوال ناهي، پر زندگيءَ جي ان وڏي الميي جي سچي تصوير آهي جتي انسان ماديت ۽ ڪاروبار جي ڊوڙ ۾ پنهنجي روحاني سڪون ۽ اصل خوابن کي سدائين پٺتي ڌڪيندو رهي ٿو. ڪهاڻيڪار بنيادي طرح اهو ٻڌائڻ چاهي ٿو ته زندگي ڪنهن جي لاءِ به بيهندي ناهي؛ انسان جنهن “صحيح وقت” يا مھلت جي انتظار ۾ سڄي عمر گذاري ڇڏي ٿو، اهو وقت جڏهن بيماريءَ جي صورت ۾ ملي ٿو، تڏهن گهڻو دير ٿي چڪي هوندي آهي.
علامتي طور تي، ڪهاڻيءَ ۾ استعمال ٿيل “اُڏوهي” رڳو ڪتابن کي کائيندڙ جيت ناهي، پر اهو وقت جو اهو خاموش وهڪرو آهي جيڪو انسان جي اندر جي تخليقي سگهه، چاهتن ۽ آئيڊيلز کي آهستي آهستي چٽ ڪري وڃي ٿو. جنهن ريت ڪتاب پنهنجي سڃاڻپ وڃائي پٿر بڻجي وڃن ٿا، تنهن ريت مرڪزي ڪردار به پنهنجي رهبر جهڙو ڏاهو بڻجڻ بدران صرف هڪ بي جان “ڪلڪيوليٽر” بڻجي رهجي وڃي ٿو. جان ڪيٽس جي نظم جا بند هتي رڳو ادبي سونهن ناهن، پر اهي ان ابدي سڪون ۽ موت جي ويجهڙائيءَ جو پيش خيمو آهن جيڪو پڇتاءُ سان ڀريل وجود جو مقدر بڻجي ٿو. تنقيدي ۽ حقيقي پهلوءَ کان هيءَ ڪهاڻي سماج جو اهو ننگو سچ پيش ڪري ٿي، جتي اڄ جو انسان رڳو وسيلن (ڪتابن يا دولت) کي گڏ ڪرڻ جي حوس ۾ مصروف آهي، پر انهن کي ماڻڻ جي مھلت کانئس کسجي چڪي آهي. ڪهاڻيءَ جو انت انتهائي حقيقت پسند آهي، جيڪو پڙهندڙ کي داخلي طور جهنجهوڙي رکي ٿو ته خوابن کي سڀاڻي تي ٽارڻ جو نتيجو مڪمل تباهي ۽ پڇتاءُ کانسواءِ ڪجهه به ناهي.
احسان دانش جي ڪهاڻي “سرد خاني ۾ رکيل لاش” هڪ شاندار ڪهاڻي آهي. ڪهاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار شروعات کان ئي پاڻ کي سماج کان ڪٽيل ۽ الڳ ٿلڳ محسوس ڪري ٿو، جيڪو فرانز ڪافڪا جي مشهور ناولThe Metamorphosis يا البرٽ ڪامو جي ناول The Stranger جي ڪردارن وانگر “وجودي ويڳاڻپ” جو شڪار آهي (Camus, 1942; Kafka, 2009) ڪامو جي ڪردارن وانگر، هن ڪهاڻيءَ جو راوي به هجوم ۾ رهندي اڪيلو آهي ۽ سماج کي هڪ “گند جو ڍير” سمجهي ٿو، جتي اصولن ۽ سسٽم جو نالو نشان ناهي. اها ويڳاڻپ اڳتي هلي ان وقت هڪ ڀيانڪ حقيقت ۾ تبديل ٿئي ٿي، جڏهن هو شھر ۾ هڪ اهڙي جنازي جو شاهد بڻجي ٿو، جنهن ۾ منسٽرن، سياستدانن ۽ ڏوهارين سميت سڄي خلق شامل آهي. هتي وئن سي بوٿ جي بيانيي جي نظريي(Narrative Theory) مطابق، راوي صرف اکين ڏٺو احوال بيان نٿو ڪري، پر هو پنهنجي داخلي ڪرب جي ذريعي پڙهندڙ کي ان حيرت ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ پاڻ سان گڏ گهلي هلي ٿو،(Booth 1983).
ڪهاڻيءَ جو سڀ کان وڏو موڙ قبرستان ۾ پوڙهي ماڻهوءَ سان ملاقات آهي، جتي معلوم ٿئي ٿو ته صديون اڳ قتل ٿيل جنهن “لاش” کي اڄ دفن ڪيو پيو وڃي، اهو ڪنهن انسان جو ناهي پر خود “ماڻهپي” (Humanity) جو آهي. هيءَ هڪ اهڙي سگهاري علامت آهي، جنهن جو پڙاڏو جرمن فليسوف فريڊرڪ نٽشي جي ان مشهور فلسفي سان ملي ٿو، جنهن ۾ هن جديد دور ۾ اخلاقي قدرن جي موت جو اعلان ڪيو هو. ماڻهپي جو هي لاش “سرد خاني”(Cold Storage) ۾ رکيل هو يعني سماج جي بي حسيءَ، منافقت ۽ مصلحت پسنديءَ ان کي مري وڃڻ جي باوجود دفن ٿيڻ نه ڏنو، پر جڏهن هاڻي ان جي “ڌپ” (اخلاقي زوال جي انتها) ظالمن جي پنهنجي وجود لاءِ خطرو بڻجي وئي آهي ته اهي سڀ گڏجي ان کي مٽيءَ ۾ دٻائڻ آيا آهن. روسي ليکڪ فيودور دوستووسڪي جي ناول The Brothers Karamazov وانگر، هيءَ ڪهاڻي به اهو سوال اٿاري ٿي ته جيڪڏهن سماج مان ماڻهپو ۽ روحاني قدر ختم ٿي وڃن ته پوءِ انسان رڳو هڪ گوشت جو لوٿڙو ۽ هڪ چڪرائيندڙ خواب بڻجي رهجي وڃي ٿو. (Dostoevsky, 1880)
ڪهاڻيءَ جو انت جتي راوي اچانڪ پاڻ کي قبرن جي وچ ۾ اڪيلو بڻيل ڏسي ٿو ۽ هجوم هوائن ۾ اڏري وڃي ٿو، اهو ثابت ڪري ٿو ته اڄ جو انسان اخلاقي طور صفا اڪيلو ۽ خالي هٿين آهي. احسان دانش حقيقت نگاريءَ جي انتها تي پهچي پڙهندڙ کي ڪنهن به خوشفهمي ۾ نٿو رکي. هو ٻڌائي ٿو ته ماڻهپي جو جنازو کڻندڙ هي سماج پاڻ به زنده ناهي، پر سرد خاني مان نڪتل ان لاش وانگر بي جان ٿي چڪو آهي. نتيجتن، هيءَ ڪهاڻي عالمي درجي جي ان وجودي فڪر سان وڃي ملي ٿي، جيڪا پڙهندڙ جي ذهن تي هڪ اڻمٽ نقش ڇڏيندي، کيس پنهنجي اندر جي مري ويل انسان کي ڳولهڻ تي مجبور ڪري ٿو.
“اها رات” ۾ احسان دانش جي لکيل ڪهاڻي “بُکَ” سنڌي ڪهاڻي نويسيءَ ۾ سماجي حقيقت نگاري (Social Realism) جي انتها آهي، جتي “بُک” رڳو پيٽ جي هڪ گهرج ناهي، پر اها پوري انساني وقار، اخلاقيات ۽ جياپي کي نيست نابود ڪندڙ هڪ خوفناڪ سفاڪي بڻجي سامهون اچي ٿي. حقيقت نگاريءَ جي عين مطابق، هيءَ ڪهاڻي سماج جي انهن اڻ-ٻڌل چيخن کي ٻڌائي ٿي، جيڪي اسان جي آسپاس روز مرن ٿيون.
ڪهاڻيءَ جو سڄو تاڃي پيٽو هڪ لاچار ماءُ جي نفسياتي ڪرب ۽ سندس ڇهن سالن جي بکئي ٻار ساحر جي معصوم ضد جي چوڌاري ڦري ٿو. ديڳڙيءَ ۾ رڳو پاڻي اوٻاري ٻار کي دلاسا ڏيڻ وارو منظر عالمي ادب جي ان مشهور ڪلاسيڪل انداز سان ميل کائي ٿو، جيڪو اسان کي نارويجن ليکڪ ڪنٽ هيمسن جي نوبل انعام يافته ناول (Hunger) بک ۽ چيني ادب جي عظيم ليکڪ لو شون جي ڪهاڻين ۾ نظر اچي ٿو.(Hamsun, 1890; Lu Xun, 1918) هيمسن وانگر، احسان دانش به بک کي رڳو جسماني حالت طور پيش ناهي ڪيو، پر ان کي ذهني ۽ روحاني اذيت بڻائي چٽيو آهي. هتي ماءُ جي اها بيوسي ته هوءَ وس پڄڻ تي “پنهنجون ٻوٽيون پٽي رڌي ڏئي”، پڙهندڙ جي هانءُ کي جهٻي ٿو ڏئي. مڙس جي هيروئني هجڻ ۽ کيس “ايڊز” جهڙو موذي مرض ڏيڻ کانپوءِ، سماج جي نفرت ۽ بي حسي کيس زنده درگور ڪري ڇڏيو آهي.
(هلندڙ)
هي مضمون ڪيئن رهيو؟