شاهه لطيف جي ميلي ۾ پوليس جي محافظ واري ڪردار کي يقيني بڻايو وڃي
Noor Sindhi
سينئر صحافي، ڪالم نگار، ليکڪ
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رڳو سنڌ جو نه، پر دنيا جو عظيم شاعر، ولي الله ۽ شاعرن جو سرتاج، امن، محبت، انسانيت ۽ ڀائيچاري جو سفير آهي. سندس فڪر مظلوم، مسڪين ۽ محروم انسانن جي همت فراهم ڪري ٿو ۽ نفرت بدران محبت، ظلم بدران انصاف ۽ تڪرار بدران امن جو درس ڏئي ٿو. هر سال ڀٽ شاهه ۾ ٿيندڙ شاهه سائين جي ميلي ۾ نه صرف سڄي سنڌ گڏ ٿئي ٿي، پر بلوچستان، پنجاب، خاص طور سرائيڪي وسيب، آزاد ڪشمير ۽ ملڪ جي ٻين علائقن کان به لطيفي پانڌيئڙا وڏي انگ ۽ دنيا جي مختلف ملڪن مان سياح، محقق، صحافي، دانشور ۽ لطيف شناس پڻ ڀٽ شاهه پهچي شاهه جي فڪر کي ويجهڙائي سان ڏسڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. اهڙي طرح شاهه جو ميلو رڳو هڪ مذهبي يا ثقافتي تقريب نه، پر قومي يڪجهتي، صوفي روايت ۽ عالمي ثقافتي سڃاڻپ جو وڏو مرڪز بڻجي وڃي ٿو. بدقسمتيءَ سان ڪيترن ئي سالن کان عرس دوران پوليس جي روَيَي بابت مختلف شڪايتون سامهون اينديون رهيون آهن. لطيفي پانڌيئڙا شاهه جا مهمان آهن، انهن سان عزت، محبت ۽ احترام سان پيش اچڻ هر اداري جي ذميواري آهي. جيڪڏهن انهن سان بداخلاقي، غير ضروري سختي يا تشدد ڪيو وڃي ته اهو نه رڳو قابل مذمت عمل آهي، پر شاهه لطيف جي امن ۽ محبت واري پيغام جي به نفي آهي. پوليس جو بنيادي فرض عوام جي جان، مال ۽ عزت جي حفاظت، امن امان برقرار رکڻ ۽ ماڻهن کي تحفظ جو احساس ڏيارڻ آهي. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پوليس کي “مددگار” ۽ “عوام جي خدمتگار” طور ڏٺو وڃي ٿو، جتي هو ماڻهن سان احترام ۽ خوش اخلاقي سان پيش اچن ٿا. افسوس جو اسان وٽ سياسي مداخلت، انتظامي ڪمزورين ۽ ڪجهه اهلڪارن جي نامناسب رويي سبب پوليس جو تاثر گهڻو ڪري خوف سان ڳنڍيل رهيو آهي. شاهه لطيف جي عرس دوران 3 ايس ايس پي، ڪيترائي ڊي ايس پي، انسپيڪٽر، سب انسپيڪٽر ۽ لڳ ڀڳ ساڍا ٽي سئو پوليس اهلڪار، جن مان ڪيترائي ٻين ضلعن مان به گهرايا وڃن ٿا، ڊيوٽي سرانجام ڏين ٿا. ايتري وڏي نفري جو مقصد پانڌيئڙن کي تحفظ فراهم ڪرڻ هجڻ گهرجي، نه وري ڪو پوليس گردي. ھر سال ميلي ۾ پوليس گردي ڪندي پانڌيئڙن سان بدتميزي، ڌڪا، لٺبازي جا واقعا پيش اچن ٿا، انهن شڪايتن تي ميلي دوران يا ميلي بعد پوليس حڪام پاران سنجيدگي سان نوٽيس وٺي پوليس گردي وارن واقعن تي ڪا ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي. آئون 1982ع کان ھڪ صحافي جي حيثيت سان شاھ لطيف جي ميلي ۾ ويندو رھيو آھيان ۽ منھنجو ذاتي مشاھدو آھي تھ ميلي ۾ مختلف هنڌن جهڙوڪ: درگاهه جي چوڌاري، دنبورو چوڪ، آڊيٽوريم، شاهه جي باغ جي گيٽ شو لائين ۽ ٻين اهم ھنڌن تي خاص طور ميلي ۾ وي آءِ پيز جي آمد تي پوليس گردي ڏسڻ ۾ ايندي آھي. اھا حقيقت آھي ته حالتن جي موجب ميلي ۾ ڪيئي مسئلا پيدا ٿين ٿا. ٿريٽ به هوندا آھن ان ڪري امن امان برقرار رکڻ يقينن ضروري آهي، پر ان سان گڏ اهو به لازمي آهي ته ماڻهن سان نرم لهجي، صبر ۽ احترام سان پيش اچجي. بيجا طاقت جو استعمال ڪنهن به صورت ۾ مناسب نٿو لڳي. عرس دوران کيسا ڪٽجڻ، موبائيل فون، نقد رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ٿيڻ جون شڪايتون به هر ميلي ۾ سامهون اينديون آهن. ڪيترائي پانڌيئڙا، جيڪي پري پري کان محبت ۽ عقيدت سان اچن ٿا، کيسا ڪٽجڻ جو شڪار ٿيڻ کانپوءِ واپسي جي خرچ لاءِ به پريشان ٿي وڃن ٿا. اهڙن واقعن کي روڪڻ پوليس جو اولين فرض آھي ان لاءِ پوليس ۽ انتظاميا کي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ گهرجي، جيئن پيشاور جيب ڪترن ۽ ڏوهارين خلاف اثرائتي ڪارروائي ٿي سگهي، پر شاھ لطيف جو ميلو ھجي يا قلندر لال، سچل سائين جو ميلو ھجي يا لاڙ جي لال سمن سرڪار جو ميلو ڳالھيون اھي ٻڌڻ ۾ اينديون آھن ته ميلن ۾ سماجي برايون جيب ڪترن جون سرگرميون پوليس جي آشيرواد کانسواءِ ممڪن نه آھن، اھي ڳالھيون بلڪل حقيقت ڀريون آھن. ساڳئي ريت هر سال ايس ايس پي پاران منشيات تي پابندي جا اعلان ٿيڻ جي باوجود منشيات جي وڪري جون شڪايتون موجود رھنديون آهن. لطيف سائين جي عرس مبارڪ جهڙي روحاني ۽ ثقافتي ميلن ۾ اهڙين غير قانوني سرگرمين جي ڪابه گنجائش نه هجڻ گهرجي.
ميلي ۾ پوليس گردي جي انتھا ته اھا ھوندي آھي جو صحافي به پوليس گردي جو شڪار ٿيندا آھن. صحافين کي ميلي دوران پنهنجا صحافتي فرض سرانجام ڏيڻ لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ ضروري آهي. صحافي عوام ۽ ادارن جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪن ٿا. جيڪڏهن انهن سان غير مناسب رويو اختيار ڪيو وڃي ته ان سان نه رڳو صحافتي آزادي متاثر ٿئي ٿي، پر تقريب جي مثبت تصوير به متاثر ٿيندي آهي. ڀٽ شاهه ڏانهن ايندڙ مختلف رستن تي قائم پوليس چيڪ پوسٽن جو مقصد سيڪيورٽي هجڻ گهرجي، نه ڪي عام مسافرن لاءِ تڪليف جو سبب بڻجڻ. لطيفي پانڌيئڙا جڏهن محبت ۽ عقيدت سان شاهه جي درگاهه ڏانهن اچن ٿا ته انهن کي سهولت، رهنمائي ۽ تحفظ ملڻ گهرجي. سنڌ جي انسپيڪٽر جنرل پوليس ۽ ضلعي مٽياري جي ايس ايس پي عبدالعليم بلو جيڪو سنڌ جي مشھور پوليس آفيسر شھيد عبدالعزيز بلو جو فرزند آھي، انھن ٻنھي صاحبن مان اها اميد رکي ته هو عرس دوران اهڙا انتظام يقيني بڻائيندا، جن سان پوليس جو ڪردار حقيقي معنيٰ ۾ محافظ، مددگار ۽ عوام دوست طور سامهون اچي. جيڪڏهن پوليس اهلڪارن کي ميلي جي روح، شاهه لطيف جي فڪر ۽ پانڌيئڙن سان خوش اخلاقي بابت اڳواٽ تربيت ڏني وڃي ته ان جا بهتر نتيجا نڪري سگهن ٿا. شاهه لطيف محبت، امن، رواداري ۽ انسانيت جو پيغام ڏئي ٿو. سندس ميلي ۾ ايندڙ هر پانڌيئڙو شاهه جو مهمان آهي. ان ڪري ضروري آهي ته هر سرڪاري ادارن خاص طور پوليس، پنهنجي ذميوارين کي اهڙي انداز ۾ نڀائي، جو هر ايندڙ ماڻهو ڀٽ شاهه مان سٺيون يادون ۽ تحفظ جو احساس کڻي واپس وڃي. اهوئي شاهه جي پيغام جو احترام ۽ عوام جي خدمت جو بهترين نمونو هوندو.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟