مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

روشن خيال منافقت

Azhar Azad Mughal

استاد، مترجم، شاعر، ڪالم نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اسان جي معاشري جي دانشورن ۽ صحافين سان ملو، اوهان کي انهن ۾ ديوجانس (Diogenes) ۽ عيسيٰ ابن مريم جو امتزاج ملندو. اڪثر ججن جا ريمارڪس پڙھو ته اوهان کي انهن ۾ “ٿامس” (انصاف جي ديوي) ۽ بادشاھ سليمان (پنهنجي عدل جي ڪري مشهور) نظر ايندا. عالمن ۽ مذهبي اڳواڻن جون ڳالهيون ٻڌو ته اوهان تي حضرت موسيٰ عليه السلام جون خوبيون ۽ گڻ نروار ٿيندي نظر ايندا. ڪنهن پير سان ملو ته ھو ٻنهي جھانن جي ڪاميابي جو ضمانتي سرٽيفڪيٽ اوھان جي حوالي ڪندو. ڪنهن ڪاموري سان گڏ ڪجھه دير ڪچهري ڪيو ته اوهان جو آمھون سامھون “پروميٿيس” (يوناني ديومالائي ڪردار جنهن انسانن جي خاطر مشڪلاتن ۽ صعوبتن کي سٺو) روپ واري ھمراھ سان ٿيندو. ڪنهن سماجي ڪارڪن (سوشل ايڪٽوسٽ) ڏانهن ھليا وڃو يا ھو اوھان وٽ ھليو اچي ته اوهان کي لڳندو ته اوهان ڪنهن اھڙي سقراط سان ملي رهيا آهيو جيڪو وڏي مشڪل سان جان بچائي نڪتو ھجي يا صفا ساڻو ٿي پيو ھجي. ڪنهن سياستدان کي جي جيءَ ۾ جهاتي پائي ڏسو ته اوهان کي ان ۾ “آگسٽس آڪٽاوين” (عظيم رومي حڪمران) جون خوبيون ڏسڻ ۾ اينديون ۽ جيڪڏهن اسان جي معاشري جي دانشورن ۽ صحافين سان ملندوَ ته اوهان کي انهن ۾ ديوجانس (يوناني فلسفي) ۽ عيسيٰ ناصري جو امتزاج ملندو.
ٿورو ترسو ۽ پاڻ کان پڇو ته انهن اصل ۾ ڪھڙا ڪهڙا اھڙا عظيم الشان ڪم سر انجام ڏنا آهن؟ ڪھڙي بنياد تي انھن ھي وڏا خطاب، ھي اعزاز ۽ عقيدتون حاصل ڪيون آهن؟ ۽ جيڪڏهن اوهان ان نتيجو ڪڍندا ته معاشري جي لاءِ انهن جي ڪائي “خدمت” يا شموليت نه ملندي. ته منھنجا دوست، اوھان ھڪ اھڙي مصلحت پسنداڻي معصوميت جا گنھگار آهيو، ھڪ اھڙي معصوميت، چاھي اھا شعوري ھجي يا غير شعوري، جيڪا انهن کي مڪمل ذميداري کان آجو قرار ڏئي ٿي ۽ ائين ڪري، خدمت جي نالي تي ڪيل ھر ڏوھ ۽ ڀڃڪڙيءَ کي موڪل جي سَنَدَ ملي ٿي. انهن وٽ طاقتورن ۽ عوام ٻنهي پاران ڏنل نذرانا ۽ وسيلا موجود آهن. انهن پنهنجي تجارت، ڪاروباري چالن ۽ ڪرائي جي ڪارندن وارين مھارتن ذريعي عوام جي تڪليفن کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستقل بنيادن تي اذيتناڪ ۽ ڀيانڪ بڻائي ڇڏيو آهي.
طاقتور ماڻهو، پنهنجي طاقت، فطرت ۽ ڪردار جي باوجود، ڪڏهن به ڪروڙين انسانن جي مقدر تي ڌاڙو ھڻي نه سگهي ھا جيڪڏهن ان کي عوام جي انھن نام نھاد مسيحن، دانشورن ۽ صوفين جي مدد حاصل نه ٿئي ھا. اڪثر ججن طاقت جي بدلي انصاف جو سودو ڪيو؛ مذهبي طبقي پنهنجي مفادن خاطر دنياوي طاقت جي سامهون پنهنجي ايمان ۽ اصولن جو سودو ڪري گوڏا کوڙي ڇڏيا؛ دانشورن عوامي شعور ۽ سگھه جو سودو ڪيو؛ صحافين قلم ۽ سچائيءَ کي ڀڳڙن مٺ وڪيو؛ آفيسر شاهي عوام جي وقار کي ولوڙيو؛ سماجي ڪارڪنن عوام جي ڏکن ۽ عوامي اعتماد جي منڊي لڳائي؛ موروثي آمرن عوام جي راءِ ۽ ان جي حق ملڪيت جو ھوڪا ڏنا؛ پيرن خود انحصاري ۽ خود اعتمادي جي حق کي تين وال ڪيو؛ ۽ محافظن انساني تحفظ جو سودو ڪري ڇڏيو. انهن سڀني ملي ڪري، پنهنجي مراعتن ۽ مفادن خاطر، اسان جي سمورن حقن ۽ امڪاني ترجيحن کي وڪڻي ڇڏيو. ھي ماڻهو پنهنجي خود غرض، تڪبر وارن يا شڪاري روين کي لڪائڻ جي لاءِ روشن خيال قدرن، ھمدردي يا روحاني بيداري جي زبان استعمال ڪن ٿا. ھي آهي اھا شيءِ جنهن کي “اميرن يا اشرافيه جي اخلاقيات” سمجهيو وڃي ٿو. ھڪ اھڙي اخلاقي زبان جيڪا آزادي جي تحريڪن مان چورائي وئي، ان کان ان جو اصل مقصد کسيو ويو ۽ پوءِ ان کي ماڻهن کي ضابطي ۾ رکڻ جي ھڪ تمام وڏي شاطر ھٿيار طور استعمال ڪيو ويو. ھتي، عقل ۽ علم ماڻهن کي آزاد نٿو ڪري، پر زور زبردستي واري راڄ کي صحيح ٺھرايو وڃي ٿو.
پوءِ به عوام انهن جي اھڙي عزت ۽ پوڄا ڪري ٿو جھڙي طرح غلام پنهنجي مالڪن جي ڪندا آهن. ڇاڪاڻ جو ائين ڪرڻ سان، اھي پنھنجي ڏکن کي divine (خدا) جي مرضي مڃين ٿا يا انهن سڀني تڪليفن کي جائز سمجهن ٿا جن مان ماڻهو اڄ گذري رهيا آهن. جيڪڏهن اوهان بيمارين ۽ مصيبتن جي بتن جي پوڄا ڪرڻ لڳو، ته پوءِ اوهان کي مظلومن سان ھمدردي ڪرڻ جي ضرورت ئي نه ٿي رهي. نه ته ھي ھڪ چال آهي، ھڪ اھڙي چال جنهن کي آزادي ڏيندڙ آزمايو، پرکيو ۽ ان مان فائدو ورتو ۽ اوھان جو ارادو به انھيءَ رستي تي هلڻ جو آهي. جڏهن ڪوبه معاشرو پنهنجي ئي بيماري کي پوڄڻ لڳي ته ان جي غلامي مضبوط ۽ مستحڪم ٿي وڃي ٿي. ھڪ بيماري کي جڏهن پاليو وڃي ته ان ۾ گهٽتائي ناهي ايندي، پر اھا ڪينسر وانگر پکڙجندي رھندي آهي. اُھي ماڻهو جن کي پيدا ٿيندي ئي مصيبتن جي پوڄا ڪرڻ جي تربيت ڏني وڃي، اُھي ڪنهن سٺي زندگي جي اھل ۽ لائق نه ھوندا آھن، پر اھا سٺائي اڃان تائين انهن تائين پھتي ئي ناهي. اسان شايد ئي ڪڏهن گهرائي سان اھو سوچڻ جي زحمت ڪيون ٿا، حقن جي دعويدارن ۽ انهن نام نھاد بچائيندڙن ۽ ڇوٽڪارو ڏياريندڙن تي سوال ڪرڻ جي ته پري جي ڳالھه آھي يا غلامي ۽ محرومي جي ان ڌٻڻ تي سوال اٿارڻ جنهن جا اُھي مالڪ بڻيا ويٺا آهن ۽ جڏهن اوھان سچائيءَ سان گڏ ۽ بغير ڪنهن خوف جي پنهنجي معاشري جي انھن مڃيل شخصيتن جو اصل چھرو ڏسندئو ته اوهان کان مجبورن رڙيون نڪري وينديون. اف، ھي اچرج ۾ وجهندڙ ٻٽو روپ! سڀ جو سڀ پڙهيا لکيا منافق، وڏا وڏا جُبا، ھار، مالائون، ياريون باشيون ۽ ڀلائي جا لباس. وڏا وڏا جُبا، ھٿن ۾ تسبيحون، دوستيون ۽ خيرخواھي جو ڪوڙو ڏيکاءُ. جيتوڻيڪ ھن آرٽيڪل جو عنوان ٻڌڻ ۾ ٿورو تضاد سان ڀريل لڳي ٿو، ڇاڪاڻ جو منافقت ۽ عقل و علم کي عام طور تي هڪ ٻئي جي خلاف سمجهيو ويندو آهي، پر جڏهن ھي ٻئي ملي ويندا آهن ته ھي انفرادي فائدي کان ڪافي اڳتي نڪري ويندا آهن ۽ ھڪ اھڙي شڪل اختيار ڪندا آهن جو منافقت کي اڃان وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏيندا آهن. يعني، ھڪ جاھل منافق جي برعڪس، جنھن وٽ معاشري کي نقصان پهچائڻ جي طاقت شايد تمام گهٽ ھجي، پڙهيو لکيو ھئڻ منافقت جي رستن کي تمام گهڻو فروغ ۽ تقويت بخشي ٿو. ھڪ پڙھيل لکيل منافق وٽ عوام جي “خدمت” ڪرڻ جا بھانا ڪڏهن ختم ناهن ٿيندا. ڇاڪاڻ جو علم جي ڪري ان منافق کي وڏا وڏا سرپرست، پئسا ۽ شڪار ملي ويندا آهن، اُھي به ڀلائي ۽ خير خواھي جي نالي تي. ھڪ اھڙو قانون جيڪو وڏي حد تائين، پر خاموشي سان اسان جي معاشري کي ھلائي رهيو آهي. ۽ ستم ظريفي ته ڏسو اسان انھيءَ بيماري مان علاج جي اميد رکندا آهيون جنهن اسان کي ڏھاڪن کان بيمار ڪري رکيو آهي. ڪيتري سادگي آهي! ڪيتري معصوميت آهي!

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو