مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

احساساتي ڪالم: لطيف سائينءَ جي نگريءَ ۾ مان ڪڏهن به اوپرو ناهيان هوندو!

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

لطيف سائينءَ جي نگري ڀٽ شاهه سان ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ ڪري منهنجو محبتن عقيدت عشق جو رشتو آھي، ھر وقت لطيف جي نگري جي تانگهه ۽ سڪ من اندر ۾ رھندي آھي، جيڪا شاھ سائين جي درگاھ تي حاضري ڏيڻ ۽ سندس راڳ ٻڌڻ سان گھٽبي آھي. مون کي ايئن لڳندو آھي، جھڙوڪ لطيف ۽ سندس نگريءَ سان منھنجو جنم جنم جو رشتو هجي. ڪڏهن ڪڏهن ويهي سوچيندو آهيان ته جيڪڏهن انسان جي ٻيهر جنم واريون ڳالهيون حقيقت آھن ته پوءِ آخري جنم کان اڳ منھنجا جيڪي به جنم ٿيا آھن اھي شايد لطيف جي هن نگريءَ ۾ ٿيا آھن. لطيف سائين ڀٽ تي وڃي سندس مزار جو درشن ڪرڻ سان مون کي ائين نٿو لڳي ته مان ڪنهن نئين هنڌ تي آيو آهيان، درگاهه تي وڃي چانئٺ چمي شاھ سائين، سندس بابا شاھ حبيب، سندس سجاده نشينن فقير فقراء جي آخري آرام گاھن تي سلامي ڀرڻ بعد اڱڻ ۾ اچي مٿو گوڏن ۾ ڪري راڳ ٻڌندو آهيان ته پنھنجو پاڻ سان گڏ زماني کي ويساري ويھندو آهيان. راڳ جي ھر سر سان ڄڻ وقت جو در کلي ويندو آهي ۽ مان اڄ مان نڪري لطيف سائينءَ جي زماني ۾ وڃي پهچندو آهيان. منهنجي اکين اڳيان ڀٽ شاهه جو اهو پراڻو ڳوٺ اچي بيهندو آهي، جيڪو اڄ جي ڀٽ شاهه کان مختلف هوندو، پر عجيب ڳالهه اها آهي ته منهنجي دل کي اهو اجنبي نٿو لڳي. الائي ڇو مون کي لڳندو آهي ته جڏهن لطيف سائين فقيرن سان گڏ اچي ڀٽ تي وسيو هوندو، تڏهن شايد مان به سندس قافلي سان گڏ هليو آيو هجان. شايد لطيف سائينءَ جو ڪو ادنيٰ فقير، ڪو خادم يا اوطاق جو ننڍڙو خدمتگار هجان، پر منهنجي دنيا لطيف سائينءَ جي ويجهو رهڻ، فقيرن جي خدمت ڪرڻ، مسافرن لاءِ پاڻي آڻڻ ۽ راڳ جي محفل ۾ خاموش ويهي سر ٻڌڻ تائين محدود هجي. شاهه جي سسئيءَ جي هيءَ پڪار جڏهن پڙهندو آهيان ته مون کي لطيف سائينءَ جي انهن پنڌن جو خيال ايندو آهي، جيڪي سنڌ جي ريگستانن، جبلن، ماٿرين ۽ ڏورانهن واٽن مان گذريا. شايد لطيف جي شاعريءَ ۾ پنڌ رڳو رستو نه، پر ڳولها جو نالو آهي.
آئون ڀٽ جي لطيف سائين واري دور جي ماضيءَ جو تصور ڪندو آهيان ته ڀٽ تي لطيف سائين جي ماضيءَ ۾ فقيرن جا گهر، لطيف سائينءَ جي اوطاق، ڪچو هجرو ڪچي حويلي هوندي ۽ اها وڏي اوطاق جيڪا پهرين لطيف سائينءَ جي حويلي هئي. اها عمارت ڪچي هوندي، پر پنهنجي زماني جي حساب سان ڄڻ جديد انجنيئرنگ جو نمونو هئي ۽ فقيرن جو تعداد وڌندو ويو ته لطيف سائين اها حويلي فقيرن جي حوالي ڪري، پاڻ ٽن ڪمرن واري ڪچي ڪڙ جي حويلي ٺهرائي، پنهنجي بابا، امان ۽ جيون ساٿياڻي بيبي سائين سان گڏ رهڻ لڳو. منهنجو تصور مون کي انهن ڏينهن ۾ وٺي وڃي ٿو، جتي سنڌو درياءَ جي ڦاٽ سانگري واھ مان ڪراڙ ۾ پاڻي ايندو ھو ۽ ڪراڙ وڏي ايراضيءَ ۾ پکڙيل ھئي، ھر قسم جا گھاٽا وڏا وڻ هئا، ڪراڙ جنت نما لڳندي هئي ۽ شاھ سائين پنھنجي فقيرن کان ڪراڙ مان مٽي کڻائي ڀٽ جي واريءَ تي وجھي ڪچيون جايون ٺھرايون ته جيئن فقير فقراءَ، مهمان ۽ مريد اچي ويهن. اتي ڀٽ جي ٿوري ھيٺائين ۾ ھجرو ٺھرايو جتي لطيف سائين فقيرن دوستن مھمانن سان ڪچهريون ڪري ٿو، سندن ڳالهيون ٻڌندو ھو، فقيرن کان راڳ ٻڌندو ھو. اڄ جڏهن ڀٽ شاهه جي درگاهه جي موجوده چاڙهيءَ وٽ بيهندو آهيان ته منهنجو تصور مون کي ذاڪري فقير جي اوطاق ۽ گهر ڏانهن وٺي ويندو آهي. ان جي ڀرسان لطيف سائينءَ جي استاد جي اوطاق ۽ گهر، سامهون کوهه، چاڙهيءَ وٽ کوهه، درگاهه جي اوڀر واري ڪنڊ تي حويليءَ جو تصور ۽ عقيدت سان گهر جو ڪم ڪندڙ امڙ بوئا وساڻ جي خاندان جو گهر ۽ اوطاق اهي سڀ شيون مون لاءِ رڳو تاريخ جا نالا ناهن، منهنجي ذهن ۾ اهي اڄ به هڪ جيئرو ڳوٺ آهن. مون کي لڳندو آهي ته ڄڻ ڪنهن زماني ۾ مان به لطيفي فقيرن سان گڏ ڀٽ تي جهنگ وڍيو هو. ڪراڙ مان مٽي مٿي تي ڍوئي ڀٽ جي واريءَ تي وڌي هئي. وري ان واريءَ کي عقيدت وٽان هٿن سان هموار ڪري، ويهڻ جي جاءِ ٺاهڻ ۾ پنهنجو حصو وڌو هو. شايد اهو سڀ ڪجهه حقيقت نه هجي، پر خبر ناهي ڇو اهو احساس مون کي ڪنهن وسريل ياد وانگر لڳندو آهي. جڏهن شعور ٿورو جاڳيو ته لطيف جي نگري ۾ اچڻ سان گڏ سنڌ جي انهن واٽن ڏانهن وڃڻ لڳس، جن تي لطيف سائين پنڌ ڪيو هو. ٿر، لاڙ، سامونڊي پٽي، ڪوھستان، ڪاڇو، سنڌ جا اتريان ساهتي علائقا، گمبٽ وارو علائقو ۽ پوءِ اهي ڏورانهان پنڌ، جيڪي هِنگلاج ۽ نورانيءَ تائين وڃن ٿا. لطيف سائينءَ جي عقيدت ۽ تحقيق جي سلسلي ۾ جڏهن انهن پنڌن پيچرن تي ياترا ڪندو آهيان ته وري ساڳيو احساس مون کي گهيري ويندو آهي ته مان هن واٽ تي پهريون ڀيرو ناهيان آيو، ڄڻ اڳ به هتان ڀلاري ڀٽ ڌڻي سان گذري چڪو آهيان. ڪڏهن لڳندو آهي ته مان لطيف سائينءَ جي قافلي سان گڏ پنڌ ڪري رهيو آهيان. هو اڳيان آهي، فقير ساڻس گڏ آهن ۽ مان پويان خاموشيءَ سان هلندڙ ڪو ننڍڙو خدمتگار آهيان. ڪڏهن پاڻيءَ جو ٿانو کڻي، ڪڏهن سامان سنڀالي، ڪڏهن ڪنهن وڻ جي ڇانوَ هيٺ ٿوري دير ويهي، وري لطيف سائينءَ جي قافلي سان گڏ هلندو وڃان. جبل اچن ٿا، واريون اچن ٿيون، ڊگها پنڌ اچن ٿا، پر اندر جي اها عجيب سڃاڻپ ختم نٿي ٿئي.
هڪ ڀيرو آئون لطيف سائين جي هِنگلاج وارن پنڌن پيچرن تان ويو هئس ۽ ويندي به اهوئي احساس مون سان گڏ هو. جبلن جي خاموشي، پٿرن جي سختي، واٽ جي اڻانگائي ۽ چوڌاري پکڙيل قديم ماحول مون کي ڄڻ صديون پوئتي کڻي ويو. مان سوچن ۾ گم هئس. منهنجي تصور ۾ لطيف سائينءَ جو قافلو سامهون هلي رهيو هو. جوڳي، سامي ۽ فقير پنهنجي پنهنجي انداز ۾ سفر ڪري رهيا هئا. هِنگلاج جي هن قديم ماڳ تي مختلف عقيدن جون پنهنجون رسمون ۽ روايتون هيون. منهنجي ذهن ۾ هڪ افسانوي منظر ٺهي ويو. جوڳي ۽ سامي پنهنجي روايت موجب مورتيءَ اڳيان کير اوتي رهيا آهن. منهنجو تصور لطيف سائينءَ کي به ان منظر ۾ ڏسي ٿو؛ هو ان ماحول کي ڏسي، سمجهي ۽ محسوس ڪري رهيو آهي. اوچتو منهنجي تصور ۾ هڪ عجيب واقعو ٿئي ٿو. مورتيءَ تي وڌل کير ڄڻ غائب ٿي وڃي ٿو. سامين ۽ جوڳين جون نگاهون هڪٻئي ڏانهن کڄن ٿيون. سندن ذهنن ۾ خيال اڀري ٿو ته هي ڪو معمولي فقير ناهي، شايد ڪرامت وارو سخت جان سائين آهي. لطيف سائين ڄڻ سندن ارادو سمجهي وڃي ٿو. منهنجي افسانوي تصور ۾ هو هڪدم جبل جي پاسي ڏانهن وڌي ٿو ۽ پوءِ ٽٻي هڻي جبل جي هڪ پاسي کان غائب ٿي وڃي ٿو. مان ڇرڪ ڀري پنهنجي تصور مان ٻاهر اچان ٿو. سامهون وري ساڳيو جبل آهي، ساڳي خاموشي ۽ ساڳيون پٿريون، پر منهنجي اکين ۾ لطيف سائين اڃان بيٺو آهي. جتي لطيف سائينءَ سان لاڳاپيل تڪيو ۽ ٽٻيءَ واري جاءِ جو تصور منهنجي سامهون اچي ٿو، اتي مان گهوري ڏسان ٿو. دل چوي ٿي، شايد هتي ئي لطيف سائين بيٺو هوندو. شايد هن ئي جاءِ تي سندس مرڪ پکڙيل هوندي. شايد جبل به سندس وڃڻ کانپوءِ ڪجهه دير تائين خاموش بيٺو رهيو هوندو. مان اکين سان پٿرن کي ڏسان ٿو، پر دل سان لطيف سائينءَ کي ڳولهيان ٿو.
لطيف سائينءَ سان منهنجو روحاني ۽ عقيدت جو رشتو آهي، انھيءَ عقيدت ۽ روحاني رشتي تحت سندس ماڳ مڪانن تڪئين پنڌ پيچرن تي عقيدت وچان، پر تحقيقي سفر جاري رکيو اچان. لطيف سائينءَ جي نگريءَ ۾ وڃي پاڻ کي ڳولهيندو آهيان ۽ عجيب ڳالهه اها آهي ته اتي وڃي مون کي لطيف سائينءَ کان وڌيڪ پنهنجي اندر جو هڪ وسريل انسان ملي ويندو آهي. لطيف سائينءَ جي سُر سورٺ ۾ راڳ ۽ قربانيءَ جي ڪهاڻيءَ مان به مون کي ڀٽ شاهه سان پنهنجو رشتو سمجهڻ لاءِ هڪ رمز ملي ٿي. سورٺ جي دنيا ۾ راڳ رڳو ٻڌڻ جي شيءِ ناهي؛ اهو دل جي اندر تائين لهندڙ آواز آهي. شايد انهيءَ ڪري ڀٽ شاهه جي راڳ ۾ ويهندي مون کي ائين لڳندو آهي ته مان رڳو بيت نٿو ٻڌان، پر پنهنجي ڪنهن پراڻي سڃاڻپ کي ٻيهر ٻڌان ٿو.
شايد ڀٽ شاهه مون لاءِ انهيءَ ڪري اهم آهي جو اتي وڃڻ سان مان پنهنجي ماضيءَ، پنهنجي سنڌ، پنهنجي ثقافت ۽ پنهنجي روح سان ڳالهائيندو آهيان. جڏهن درگاهه تي ويهي راڳ ٻڌندو آهيان ڪراڙ جي ڪپ تي ۽ شاھ سائين جي ڀٽ تي رولاڪيون ڪندو آھيان ته وقت ڄڻ بيهي رهندو آهي. اکيون بند ٿينديون آهن، لطيف سائين جي رسالي جا سڀ سر من اندر لھي ويندا آھن ۽ دل آهستي چوندي آهي، تون هتي نئون ناهين آيو، تون ته پنهنجي ئي ڪنهن وسريل ماڳ ڏانهن موٽي آيو آهين. تڏهن مان پاڻ کان وري پڇندو آهيان، لطيف سائينءَ جي نگريءَ سان منهنجو ڪهڙو رشتو آهي؟ شايد ان سوال جو ڪو قطعي جواب ڪڏهن به نه ملندو، پر منهنجي دل وٽ هڪ جواب ضرور آهي، ڀٽ شاهه منهنجي لاءِ رڳو جاءِ ناهي، هڪ احساس آهي؛ درگاهه رڳو زيارت ناهي، اندر جي واپسي آهي؛ ۽ لطيف سائينءَ سان منهنجو رشتو لفظن کان گهڻو اڳتي، هڪ اهڙي عقيدت جو رشتو آهي، جنهن کي مان سمجهڻ کان وڌيڪ محسوس ڪندو آهيان ۽ شايد انهيءَ ڪري جڏهن ڀٽ شاهه کان موٽندو آهيان ته جسم ڀلي واپس اچي وڃي، پر دل جو هڪ حصو اتي ئي رهجي ويندو آهي. لطيف سائينءَ جي نگريءَ ۾، فقيرن جي ڪچهريءَ ۾، راڳ جي ڪنهن اڻکٽ سر ۾ ۽ ان مٽيءَ ۾، جنهن سان منهنجو رشتو شايد هن جنم کان به گهڻو پراڻو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو