پاور ڊسٽريبيوشن ڪمپنيون جهڙوڪ: ڪي اي، سيپڪو، ليسڪو، ڪيسڪو وغيره وغيره جو اهو رواج آهي ته اهي منظم طريقي سان بجليءَ جي صارفين کان اوور چارج ڪنديون رهن ٿيون ۽ هر دفعي بل جي وصولي جي شرح وڌيڪ ڏيکارين ٿيون ته جيئن بل جي شرح ڏسي صارف اهو سمجهي ته واقعي ان هن مهيني گهڻي بجلي خرچ ڪئي آهي ۽ اهو مظلوم صارف پنهنجي گهر جي بجلي تي هلندڙ شين کي به ڏسي ٿو ته اهي ساڳيون ئي شيون جيڪي پهرين 15 سئو تائين بجليءَ جو بل آڻينديون هيون اهي وڌي وري 15000 ۽ هاڻي لک ڏيڍ کان به بجليءَ جا بل تجاوز ڪري ٿا وڃن، اها ڳالھ به ڏسجي ٿي ته جيڪي علائقا ”اليٽ ڪلاس يا رولنگ ڪلاس“ ۾ شامل ڪيا ٿا وڃن، جيڪي ”هاءِ پيڊ“ علائقا آهن جن ۾ بحريا ٽائون کان ڊفينس ۽ ڪلفٽن به ليکيا وڃن ٿا انهن وٽ بجلي جي لوڊشيڊنگ به ناهي ۽ اتي بجلي جا بل به وڏا وڏا ٿا اچن جو ايترو سموري گهر جو خرچ به نه هوندو، اهڙو مسئلو گهڻي ڀاڱي گرمين جي مسئلي ۾ گهڻو هجي، معنيٰ اپريل کان وٺي جولاءِ جي آخر تائين يا گرمين جا ڇهه ئي مهينا جن ۾ بجلي جا بل وڏا ٿا اچن ان ڪري ته اي سي جو استعمال گهڻو ٿو ٿئي ۽ يونٽ گهڻا ٿا ڪرين ان ڪري صارف به اهو سمجهي گرمين جا بل سهي ٿو وڃي ۽ ڀري ٿو ڇڏي.