ملڪ جا معاشي ۽ سياسي چيلينج
اها ڳالھه واضح آهي ته هڪ ڪمزور اتحادي حڪومت وڏي پيماني تي معاشي سڌارا نه آڻي سگهندي. شايد انهن امڪانن کي به رد نه ٿو ڪري سگهجي ته هاڻوڪو غيرمستحڪم سيٽ اپ ملڪ کي هڪ پائيدار ترقي نه ڏئي سگهندو ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن کي ان ڳالھه تي نه آڻي سگهندو ته اهي هن ملڪ ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ڪن ته جيئن رياست کي ترقي جي رستي تي آڻي سگهجي، جنهن جي ملڪ کي سخت ترين ضرورت آهي. اها به ڳالھه مڃون ٿا ته ايندڙ حڪومت ڪمزور ترين حڪومت هوندي جنهن جي بقاءَ جو دارومدار رڳو سياسي پارٽين جي جوڙيل ٽولين ۽ گروهن کي راضي ڪرڻ تي هوندو، پر سوال اهو آهي ته ڇا اهي ٽولا ملڪ کي معاشي ۽ سياسي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ ڪوشان هوندا؟ يا اهي پنهنجا ننڍڙا ننڍڙا مفاد حڪومت جي آڏو رکندا جنهن ۾ مخلوط حڪومت اهڙي سخت ترين سياسي صورتحال ۾ ڏکيا فيصلا ڪندي جنهن جي ڪري وري سياسي بحران پيدا ٿي پوندا، پر ان غيرمستحڪم صورتحال جي ڪري اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ شيئرز جي قيمتن ۾ گهٽتائي ايندي رهندي ۽ نتيجي ۾ ڊالر جي قيمت ۾ واڌرو ايندو ويندو ۽ روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ايندي رهندي، ڇو ته اهڙي ڪمزور سياسي ۽ بي معني معاشي سڌارن جي امڪانن سبب غيريقيني صورتحال وڌندي رهندي.