مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

کائو، پيئو ۽ جيئو سکيا!-دنيا جا طور طريقا ڏکيا

Hakeem Prem Chandwani ڪالم نگار، شاعر

ايم.اي (اڪنامڪس)، ايل.ايل.بي (فاضل طب ۽ جراحت)

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

زندگيءَ جو سفر رڳو ساهه کڻڻ، پيٽ ڀرڻ ۽ ڏينهن گذارڻ جو نالو ناهي، پر اهو هڪ اهڙو امتحان آهي، جنهن ۾ هر لمحو انسان کي ڪا نئين ڳالهه سيکاري ٿو. دنيا جي رنگينين ۾ لڪل حقيقتون، ماڻهن جي روين ۾ سمايل راز ۽ حالتن جي بدلجندڙ رخن کي سمجهڻ لاءِ رڳو اکين جو کليل هجڻ ڪافي ناهي، پر شعور جي بيداري به ضروري آهي. کائڻ پيئڻ جسم جي ضرورت آهي. جڏهن ته سکڻ، سمجهڻ ۽ سڃاڻڻ روح ۽ ذهن جي غذا آهي، جيڪو انسان زندگيءَ مان سبق وٺڻ ڇڏي ڏئي ٿو، سو عمر ۾ ته اڳتي وڌي ٿو، پر فڪر ۽ فهم ۾ ساڳي جاءِ تي بيهي رهي ٿو. دنيا جا طور طريقا واقعي ڏکيا آهن. ڇاڪاڻ ته هتي هر چهرو پنهنجي اندر هڪ الڳ ڪهاڻي رکي ٿو. ڪنهن جي مرڪ پويان محبت هوندي آهي ته ڪنهن جي مٺڙين ڳالهين ۾ مطلب لڪل هوندو آهي، ڪي ماڻهو ٻين جي ڪاميابيءَ تي خوش ٿيندا آهن. جڏهن ته ڪي پنهنجي محروميءَ جو بار ٻين جي خوشين تي رکڻ چاهيندا آهن، ڪي خاموش رهي به دلين ۾ جاءِ ٺاهيندا آهن ۽ ڪي وڏيون وڏيون دعوائون ڪري به اعتماد وڃائي ويهندا آهن. تنهنڪري زندگيءَ ۾ هر ٻڌل ڳالهه کي سچ ۽ هر ڏٺل منظر کي مڪمل حقيقت سمجهڻ بدران، عقل، تجربي ۽ مشاهدي جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ گهرجي. انسان جي سڀ کان وڏي غلطي اها آهي ته هو دنيا کي پنهنجي سوچ مطابق هلندي ڏسڻ چاهي ٿو. کيس اميد هوندي آهي ته هر ماڻهو سندس نيت جهڙي نيت رکندو، هر تعلق ساڳي سچائيءَ سان نڀائبو ۽ هر نيڪيءَ جو جواب نيڪيءَ سان ملندو، پر زندگيءَ جو ميدان خواهشن جي تابع ناهي. هتي حق سان گڏ ناانصافي، محبت سان گڏ نفرت، وفا سان گڏ بي وفائي ۽ سچ سان گڏ ڪوڙ به موجود آهن. انهن تضادن کان ڀڄڻ بدران، انهن کي سمجهي پنهنجو ڪردار محفوظ رکڻ ئي اصل دانائي آهي. دنيا جي بي رخيءَ کي ڏسي پاڻ بي رحم ٿيڻ، ٻين جي ڪوڙ سبب پنهنجي سچائي ڇڏي ڏيڻ ۽ ڪنهن جي فريب تي انسانيت تان اعتماد وڃائڻ، پنهنجي ئي وجود سان ناانصافي آهي. کائو، پيئو ۽ جيئو، پر زندگيءَ کي رڳو خواهشن جي بازار نه بڻايو. رزق حلال سان حاصل ڪيل لقمـو، محنت سان ڪمايل دولت ۽ عزت سان گذاريل گهڙيون انسان جي شخصيت کي وقار بخشين ٿيون. عيش عشرت جيڪڏهن اخلاق کان خالي هجي ته اندر جي غربت ختم نٿي ڪري سگهي. وڏي بنگلي ۾ رهندڙ ماڻهوءَ جي دل جيڪڏهن حسد، حرص ۽ بي اطمينانيءَ سان ڀريل هجي ته سندس آسائشون به کيس سڪون ڏئي نٿيون سگهن. ان جي ابتڙ، محدود وسيلن ۾ به شڪر، خودداري ۽ محبت سان زندگي گذاريندڙ انسان پنهنجي وجود کي بامعنيٰ بڻائي سگهي ٿو. اصل خوشحالي اها آهي، جنهن ۾ ضرورتون پوريون ٿين، ضمير مطمئن رهي ۽ ڪنهن ٻئي جي حق تي قبضو ڪرڻ جي نوبت نه اچي.
دنيا جي ڏکين حالتن ۾ سڀ کان اهم سکيا پاڻ کي سڃاڻڻ آهي. جيڪو پنهنجي ڪمزورين کان واقف آهي، سو انهن جي اصلاح ڪري سگهي ٿو، جيڪو پنهنجي غلطي قبول ڪري ٿو، تنهن لاءِ ترقيءَ جا دروازا کليل رهن ٿا. ضد ۽ هٺ انسان کي پنهنجي ئي ٺاهيل دائري ۾ قيد ڪري ڇڏي ٿو. جڏهن ته وسيع النظري کيس نون خيالن، نون تجربن ۽ بهتر فيصلن تائين پهچائي ٿي. اختلاف کي دشمني سمجهڻ بدران، ٻين جي ڳالهه ٻڌڻ ۽ دليل سان پنهنجو موقف پيش ڪرڻ هڪ مهذب سماج جي سڃاڻپ آهي. پنهنجي راءِ رکڻ حق آهي، پر ان کي هر حال ۾ مڃرائڻ جي خواهش علم نه، انا جي علامت آهي.
زندگيءَ جي اصل خوبصورتي ان ڳالهه ۾ آهي ته انسان پنهنجي حصي جي خوشي حاصل ڪندي ٻين جي ڏکن کان به بي خبر نه رهي. بکئي کي ماني، مايوس کي حوصلو، اڪيلي کي ساٿ ۽ پريشان حال کي سهارو ڏيڻ لاءِ وڏين جاگيرن يا خزانن جي ضرورت ناهي. ڪڏهن هڪ سچو جملو، هڪ همدرداڻي نگاهه ۽ هڪ بي غرض قدم ڪنهن جي زندگيءَ ۾ اهڙي روشني پيدا ڪري سگهي ٿو، جيڪا وڏيون تقريرون به پيدا نٿيون ڪري سگهن. انسان جي عظمت سندس ملڪيت جي ماپ سان نه، پر سندس ڪردار مان ٻين کي ملندڙ آسانيءَ سان ظاهر ٿئي ٿي. اچو ته زندگيءَ کي سکيا جو مسلسل سلسلو بڻايون. تجربن مان دانائي، ڏکن مان برداشت، خوشين مان شڪر ۽ غلطين مان اصلاح حاصل ڪريون. پنهنجي رزق ۾ حلال، پنهنجي زبان تي سچ، پنهنجي رويي ۾ نرمي ۽ پنهنجي ارادن ۾ خير خواهي پيدا ڪريون. دنيا جا رستا ڀلي ڏکيا هجن، پر جيڪڏهن انسان وٽ روشن ضمير، بيدار شعور ۽ مضبوط ڪردار موجود آهي ته هو مشڪلاتن جي وچ ۾ به پنهنجي منزل ڳولهي سگهي ٿو.
ياد رکڻ گهرجي ته زندگيءَ جو ڪمال رڳو جيئڻ ۾ ناهي، پر اهڙي نموني جيئڻ ۾ آهي، جو پنهنجي وجود سان ڪنهن جي اکين ۾ اميد، ڪنهن جي دل ۾ محبت ۽ سماج ۾ انسانيت جي خوشبو پيدا ٿئي.
جي دل کي، راضي رکڻو آ،
ظلم نه ڪنهن سان ڪرڻو آ.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو