دادو ضلعي جا پي ايڇ ڊي اسڪالر زرعي ماهر ڊاڪٽر محمد قاسم رند
Dr Rafique Baloch ڊپٽي ائڊمنسٽريٽر زڪوات، اوقاف، مذهبي امور، زڪوات ۽ عشر ڊپارٽمينٽ، حڪومت سنڌ.
ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار، محقق (سنڌي)
ڊاڪٽر محمد قاسم رند 4 نومبر 1942ع تي جوهي شهر کان هڪ ڪلو ميٽر اوڀر طرف هاءِ اسڪول جوهيءَ لڳ ڳوٺ بچل خان رند تعلقي جوهيءَ ۾ هڪ غريب هاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. ڳوٺ ڀرسان واقع پرائمري اسڪول مان پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ هن گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهيءَ مان ميٽرڪ ڪئي ۽ ڳوٺ بچل رند جي پهرئين مئٽريڪيوليٽ نوجوان جو اعزاز ماڻيو جو هن کان اڳ ڳوٺ جو ڪوبه نوجوان ميٽرڪ ڪري نه سگهيو هو. 1962ع ۾ سندس داخلا زرعي ڪاليج ٽنڊوڄام ۾ ٿي جتان 1967ع ۾ B.Sc آنرز ايگرونامي ۾ پاس ڪيائين۔ کيس پهرين نوڪري زرعي ترقياتي ڪارپوريشن (Agricultural Development Corporation) حيدرآباد ۾ ملي ۽ سندس مقرري ڏورانهين علائقي ٿاڻو بولا خان ۾ واقع ڪوهستان فارم ۾ فارم مئنيجر طور ٿي جتي هن پهرين آڪٽوبر 1967ع کان 30 سيپٽمبر 1968ع تائين ڪم ڪيو. بعد ۾ استعيفيٰ ڏيئي ڇڏيائين. 1968ع ۾ هن سنڌ زرعي ڪاليج ٽنڊوڄام مان M.Sc جي ڊگري حاصل ڪري ورتي. ماسٽرز کانپوءِ ان ئي ڪاليج مان شماريات ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ڊپلوما ڪيائين.
پڙهائيءَ دوران ئي 6 جولاءِ 1966ع تي سندس شادي سندس سئوٽ گل محمد رند جي نياڻيءَ سان ٿي. 10 جنوري 1969ع کان 19 ڊسمبر 1969ع تائين هڪ پرائيويٽ اداري جي ماتحت ڪولاب فارم ۾ فارم مئنيجر رهيو. بعد ۾ ايگريڪلچرل ريسرچ انسٽيٽيوٽ ٽنڊوڄام جي ايگرونامي سيڪشن ۾ ريسرچ اسسٽنٽ مقرر ٿيو ۽ ان ئي اداري ۾ 20 ڊسمبر 1969ع کان 15 آگسٽ 1978ع تائين ريسرچ آفيسر طور تحقيق جو ڪم ڪيائين. ان دوران جنوري 1972ع ۾ سندس مقرري ٽنڊو ڄام مان دادو ريسرچ اسٽيشن تي ٿي، پر سخت موسم، اچ وڃ جي ڏکيائين ۽ ڪجهه ٻين مسئلن سبب اتي تحقيقي ڪم جاري رکي نه سگهيو ۽ واپس ٽنڊو ڄام هليو ويو. ڪجهه وقت نيشنل بئنڪ آف پاڪستان ۾ ايگريڪلچر ڪريڊٽ آفيسر پڻ ٿي رهيو. ٿورو وقت ڪراچيءَ جي ملير ضلعي ۾ واقع جانورن جي نسل جي افزائش واري اداري جي انتظام ڪاريءَ هيٺ هلندڙ ملير فارم ۾ فارم مئنيجر ٿي رهيو، پر جيئن ته پاڻ زراعت سان وابسته هو، ان ڪري ستت ئي جانورن جو شعبو ۽ ملير فارم ڇڏي واپس اچي ٽنڊو ڄام جوائننگ ڪيائين.
سيپٽمبر 1975ع ۾ کيس وفاقي وزارت تعليم ۽ رومانيا حڪومت جي گڏيل اسڪالرشپ اسڪيم تحت اسڪالرشپ ملي ۽ سندس رومانيا جي بخارسٽ شهر ۾ واقع اڪيڊمي آف اڪانامڪس اسٽڊيز جي پلاننگ ۽ سائبرنيٽڪس ڊپارٽمينٽ ۾ Ph.D ۾ داخلا ٿي. ڊاڪٽريٽ جي ڪورس ورڪ کان پهرين هن اڪيڊمي آف اڪانامڪس اسٽڊيز جي سفارش تي روماني زبان جي سکيا جو مختصر ڪورس ڪيو. بخارسٽ جي هن اڪيڊميءَ جي ڪلاسز ۾ هن اقتصاديات، شماريات، سائبرنيٽڪس ۽ انفارميٽڪس جا مضمون پڙهيا. هن نظرياتي شماريات، زرعي شماريات ۽ ڪمپيوٽر پروگرامنگ، فورٽرانv- لئنگويج عنوان سان تحقيقي مقالو (Thesis) پيش ڪري اڪيڊمي آف اڪانامڪس اسٽڊيز بخارسٽ مان نومبر 1978ع ۾ پي. ايڇ. ڊي جي سند ورتي. پي ايڇ ڊي ۾ سندس سپروائيزر ڊاڪٽر آئيون آئيونسڪوٿا هو.
ڊاڪٽر محمد قاسم رند جنم ڀومي جوهيءَ ۾ رهائش دوران احمد خان ‘مدهوش’ ۽ محمد ڇٽل ‘مشتاق’ رند جي اثر هيٺ شاعري پڻ ڪئي ۽ شاعريءَ ۾ هن ‘صنم’ تخلص اختيار ڪيو، پر سندس شاعري ميسر ٿي نه سگهي. سندس آتم ڪٿا 60ع ۽ 70ع وارن ڏهاڪن جي تاريخ آهي، جنهن ۾ سندس ذاتي زندگيءَ جو تفصيلي احوال پڻ شامل آهي. 15 بابن تي مشتمل هن جيون ڪٿا جي شروعاتي بابن ۾ سندس ننڍپڻ جي سفر، پرائمري ۽ مڊل اسڪول جي زندگي ۽ واقعن کان وٺي، قرآن پاڪ جي تعليم ۽ تجويد (قائدن مطابق لفظن جي ادائگي) سان سکڻ، ڊرامن ۾ حصو وٺڻ، دوڪانداري، هارپو/زمينداري، زرعي ڪاليج (يونيورسٽي) ٽنڊوڄام ۾ داخلا ۽ ڪاليجي (هاسٽل جي) زندگي، ايوب خان ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جو ايگريڪلچر ڪاليج ٽنڊو ڄام جي دوري، ڪاليج جي قابل ذڪر ساٿين سميت پيشوراڻي زندگي ۽ زرعي شعبي ۾ مختلف نوڪرين جو احوال شامل آهي. ٻئي حصي ۾ رومانيا ۾ اعليٰ تعليم لاءِ اسڪالرشپ، پاسپورٽ جي تياري، آجر کان ڊگهي موڪل، هوائي سفر ۽ رومانيا روانگيءَ جي ڪهاڻي آهي. ليکڪ آتم ڪٿا ۾ رومانيا پهچڻ، اتان جي زندگي ۽ رومانيا جي بخارسٽ شهر جو احوال پڻ تفصيل سان لکيو آهي.
اتي پڙهائيءَ دوران هن نه صرف رومانيا ملڪ جي بٽيشٽ ۽ براشو شهرن ۽ بخارسٽ شهر جي ڏسڻ جهڙين جاين جيئن گريگور انتپيا ڳوٺ جي تاريخي قديمي ميوزيم، وڪٽوريا اسٽريٽ، اسپرنگ پئليس، پارليامينٽ پئليس، رومانين ايٿونيم وليج ميوزيم، چشم جو گارڊن ۽ براسترو پارڪ جو مطالعاتي دور ڪيو، بلڪه ريل گاڏي ۽ بسن ذريعي رومانيا کان ٻاهر سوئيڊن، اٽلي، جرمني، ڊينمارڪ ۽ آسٽريا ملڪن جا شهر اسٽاڪ هوم، ٽرائسٽا، هيمبرگ، برلن، ڪوپن هيگن ۽ ويانا پڻ گهميا. هن رومانيا جي سياسي سرگرمين، صحت ۽ تعليم جي نظام بابت لکيو. ان وقت جي پاڪستان جي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي رومانيا جي دوري جو احوال پڻ قلمبند ڪيو. هن پاڪستان مان اعلي تعليم لاءِ رومانيا پهتل دوستن محرم علي سنجراڻي، نور محمد شاهاڻي، ڪليم الله خان، نذير احمد لغاري، اي ڊي گوپانگ، چوڌري رياض حسين، جنيد احمد، حسن رضا، عبدالحئي، پير بخش ڦلپوٽو، صالحا بلوچ، يوسف شيخ، اي ڊي ميمڻ، عبدالستار شيخ، نور الاهي، خرم جمالي، سعيد عزيز، عبدالعزيز، الهڏتو، رشيد عمر ٿانوي، روحي بانو، فاروق قيصر، عارف جعفري، واصف حسين، تاج محمد بلوچ، شيخ عبدالرحمان، پرويز حبيب الله، علي بخش سومرو، رياض احمد، اي ڊبليو بلوچ، ڊاڪٽر عظمت اڪبر، ناصر حسين، محمد الياس، شاهده الياس، محبوب شيخ، طارق پنهور ۽ اظهارالحق جو مختصر احوال پڻ قلمبند ڪيو. هن رومانيا جي ڪجهه دوستن جو احوال پڻ هن آتم ڪٿا ۾ شامل ڪيو آهي جن ۾ ڪورنيل، مخائيل ۽ ٻيا شامل آهن. سوشل ميڊيا فيس بُڪ اڪائونٽ تي اردوءَ ۾ 15 حصن ۾ شايع ٿيل ڊاڪٽر محمد قاسم رند جي هي آتم ڪٿا هڪ بهترين آتم ڪٿا آهي جنهن ۾ جوهيءَ جي ننڍڙي شهر کان ويندي ٽنڊو ڄام، حيدرآباد، اسلام آباد، بخارسٽ، ڪوپن هيگن، ويانا، برلن، ڪرائيوو، هيمبرگ، ٽرائسٽا، سيتائيا ۽ اسٽاڪ هوم شهرن ۽ اتان جي رهڻي ڪهڻيءَ تائين جو احوال شامل آهي.
سنڌ جي هن يگاني زرعي سائنسدان ۽ محقق 83 سالن جي ڄمار ۾ 12 جنوري، 2026ع تي وفات ڪئي. لسانيات جا ماهر ان نڪتي تي متفق آهن ته پالي هند- آريائي ٻولي آهي جيڪا 500 ق.م ڌاري اسري ۽ ننڍي کنڊ ۾ هندومت جي هوندي ۽ اسلام جي آمد کانپوءِ به 712 عيسوي تائين قائم ۽ عام رهي. هي ٻولي سنسڪرت کي گهڻي ويجهي رهي. سنسڪرت لاءِ مشهور آهي ته اها اپر ڪلاس جي ٻولي رهي آهي. هندن ۾ برهمڻ سنسڪرت لکندا ۽ ڳالهائيندا هئا ۽ سنسڪرت ئي برهمڻ روايتن جي ترجمان ۽ اپر ڪلاس upper class جي ادب ۽ ثقافت جي نمائندا ٻولي هئي، پر ان جي برعڪس گوتم ٻڌ پنهنجي مت جي ڦهلاءُ لاءِ پالي ٻوليءَ جي چونڊ ڪئي، ان وقت پالي عوامي ٻولي هئي.
اسلام جي آمد کان اڳ سنڌ ٻڌ ڌرم جو گهوارو رهي آهي، موريا دور حڪومت ۾ پالي سنڌ سميت هندستان جي ڪيترن ئي پرڳڻن/خطن ۾ ڳالهائي ويندي هئي. اشوڪا جي دور ۾ پاليءَ جي سرڪاري سرپرستي ٿي. پالي نه صرف مذهبي ٻولي هئي، بلڪه عوامي ٻولي پڻ هئي. موريا خاندان کانپوءِ راءِ خاندان به پاليءَ جي سرپرستي جاري رکي. سنڌ جي ماڻهن جي وڏي تعداد (جن ۾ خاص طور تي اپر ڪلاس هندن طرفان نظر انداز ٿيل برادريون شامل هيون) ٻڌمت کي قبول ڪيو.
موريا دور ۾ سنڌ جي مختلف علائقن ۽ شهرن ۾ اسٽوپائن جي تعمير ٿي. چچ نامي مطابق سنڌو درياءَ جي ساڄي ڪپ وارو علائقو “ٻوڌيا پرڳڻو” سڏبو هو. لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي رتو ديري ڀرسان خيرو ديرو جي ڳوٺ لاشاري ۾ ٺل، ضلعي قمبر جي تعلقي ميرو خان جي ڊرپ چانڊيو، تعلقي شهدادڪوٽ جي ڳوٺ نعمت کوسو ۽ تعلقي وارهه جي شهر گاجي کهاوڙ ڀرسان ٺل، ضلعي شڪارپور جي تعلقي لکي غلام شاهه ۾ ٺل، ضلعي دادو جي تعلقي جوهيءَ ۾ ڳوٺ ٺل ڀرسان اسٽوپا (ٺل)، ڳوٺ بٺي تعلقي جوهيءَ ۾ دودي جو ٺل، هئرو خان ۽ ڳوٺ ڪنگراڻي پرسان ٺل، مزار ڀرڳڙي ۽ ڇني ڀرسان ٺل، تعلقي ميهڙ جي فريد آباد ڀرسان مارو جو ٺل، ضلعي ڄامشوري ۽ تعلقي سيوهڻ جي نئيگ شريف ۽ ڳوٺ گرانڊي ۾ واقع ٺل، لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ڌامراهو پرسان ميرن جو ٽاور (ٺل) ۽ بينظير آباد ضلعي جي تعلقي دولتپور صفن ۾ مير رڪڻ ٺل سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم جون نشانيون آهن۔
انگريز دور جي هڪ نالي واري محقق ۽ نثر نگار ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، جنهن سڀني کان اڳ شاھه جو رسالو سهيڙي جرمني (يورپ) مان ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايو، پنهنجي ڪتاب “سنڌي گرامر”، جيڪو پهريون دفعو 1872ع ۾ شايع ٿيو، ۾ راءِ ڏيندي لکي ٿو ته سنڌي ٻولي سنسڪرت مان پراڪرت، پالي، شؤرسيني، اپڀرنش ۽ وراچڊ اپڀرنش معرفت يارهين صدي عيسوي ڌاري موجوده شڪل اختيار ڪئي. ڪاڪي ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي، مرزا قليچ بيگ، جيرام داس دولترام ۽ ٻين ان نظرئي جي حمايت ڪئي.
ماحوليات ۽ باغبانيءَ جي ماهر، سائنسدان، مورخ ۽ ٻوليدان ايم ايڇ پنهور مطابق سنڌي ٻولي قديم سنسڪرت، اخميني، پالي ۽ يوناني، پهلوي، سنسڪرت، عربي، وچولي سنڌي ۽ فارسيءَ کان ٿيندي موجوده صورت اختيار ڪئي. سنڌيءَ تي پالي ۽ يوناني ٻوليون 322 قبل مسيح کان 263 عيسوي تائين اثر انداز ٿيون.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مطابق شروعاتي طور سڀئي ٻوليون سامي تمدن مان ڦٽي نڪتل آهن. آڳاٽي يوناني، يوناني، ترڪي ۽ داردي، پالي، ترڪي ۽ داردي، پوئين ايراني، ترڪيه ۽ ايراني، ملڪي ٻولين، عربي ۽ فارسيءَ مان موجوده سنڌي ٻولي وجود ۾ آئي.
مطلب ته سراج ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا کان علاوه ٻين سڀني ماهرن ان کي تسليم ڪيو آهي ته پاليءَ جو سڌي يا اڻ سڌي طرح سنڌي ٻوليءَ جي اسرڻ ۽ نسرڻ ۾ وڏو ڪردار رهيو آهي. ڊاڪٽر ڪانجي ڪڇيءَ مطابق اسان سنڌين جو ڌرم اسلام کان اڳ جين ڌرم ۽ سناتن ڌرم هو. ٻڌ ڌرم جي ذريعي پالي ٻولي سنڌ جي 11 سئو سال سرڪاري ٻولي رهي، ڪنهن وقت سنڌين جو اڪثريتي ڌرم ٻڌ مت هو.
پالي ٻولي سوين سال سنڌ ۾ رائج رهي آهي، ليڪن ڪن چند محققن ئي ان جي صرفي ۽ نحوي بناوٽ، صوتيات ۽ ان جي ٻين ٻولين سان لاڳاپن تي ڪم ڪيو آهي. جوهي واسي نارائڻ داس هيمنداس سامتاڻي (ڊاڪٽر اين.ايڇ سامتاڻي) پالي ٻوليءَ تي ماسٽرز ۽ پي ايڇ ڊي ڪئي. سندس اها ٿيسز آمريڪا مان شايع ٿي آهي ۽ محمد صلاح الدين جنهن “مساليني، راوڙ ۽ پالي ٻولي” ڪتاب لکيو. انهن ٻنهي مانائتن ليکڪن کانپوءِ پروفيسر عزيز ڪنگراڻي ئي آهي جنهن پالي ٻوليءَ تي خاطر خواهه ڪم ڪيو آهي.
ڊراما نگار، ڪهاڻيڪار، لغت نويس، آرڪيالاجسٽ، مورخ ۽ لسانيات جي ماهر پروفيسر عزيز ڪنگراڻيءَ جو تحقيقي ڪتاب:
Sindh and Pali Languages A Comparative Study
(پالي ۽ سنڌي ٻولي- هڪ تقابلي جائزو)
سنڌ ۾ پالي ٻوليءَ جي کوجنا جي حوالي سان هڪ اهم پيش رفت آهي. لسانيات/لسانيات جي تاريخ، سنڌو لکت ۽ سنڌي ٻوليءَ تي هي سندس ٽيون ڪتاب آهي. هن کان اڳ لسانيات ۽ انڊس اسڪرپٽ تي سندس ٻه اهم ڪتاب:
Indus Script on stones (پٿرن تي سنڌو لکت)، ۽
Sindhu Script and Sindhi Language (سنڌو لکت ۽ سنڌي ٻولي) شايع ٿي چڪا آهن.
هن ڪتاب جو مهاڳ گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي حيدرآباد جي سنڌي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر احسان دانش لکيو آهي. جڏهن ته بيڪ ٽائيٽل تي بهاتا انسومالي مکو پاڌيي Bahata Ansumali (Mukhopadhyay) ۽ بنگالي آرڪيالاجسٽ نئني گوپال منجمدار (جنهن کي قديم ماڳن جي کوجنا دوران دادو ضلعي جي ننڍي شهر جوهي ڀرسان گاج ندي ڪناري شهيد ڪيو ويو هو) تي سوانحي (Biographical) ناول لکندڙ ڪولڪتا (اولهه بنگال) جي ليکڪا پراتيوا سرڪار (Prativa Sarkar) جون سٽون شامل آهن.
عزيز ڪنگراڻي صاحب جي هن ڪتاب ۾ ڪل 9 مضمون شامل آهن جن ۾:
Lexical Similarities between Pali and Sindhi
(پالي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ لغوي هڪ جهڙايون)
Phonology(صوتيات)،
Genders, Cases, Numerals and Gerunds
(جنس، مقدما، انگ/ اعداد ۽ مصدر)،
Morphology) صرفيات)،
Syntax of the Sentence) جملي جي نحوي بناوٽ)، Buddhism in Sindh) سنڌ ۾ ٻڌمت)،
Traces of Pali Language in Sindh) سنڌ ۾ پالي ٻوليءَ جون نشانيون)،
Pali Inscriptions in Sindh (سنڌ ۾ پاليءَ جي اڪر)،
Kachho and Machhko in Buddhist Text) ٻڌمت متن ۾ ڪاڇو ۽ ماڇڪو) عنوانن سان مضمون شامل آهن.
ڪتاب ۾ شامل هڪ اهم مضمون:
Lexical Similarities between Pali and Sindhi
(پالي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ لغوي هڪ جهڙايون) آهي جنهن ۾ مانائتي ليکڪ اهڙن 424 لفظن جي فهرست ڏني آهي جن جو سنڌي ۽ پالي ٻوليءَ ۾ (اعراب جي معمولي ڦيرڦار سان) اچار به ساڳيو آهي ته معنيٰ به ساڳي آهي. جيئن:
Siyani Mai-سياڻي مائي،
Pakk-پڪ، Rupa-روپ، Rog-روڳ،
Machhi-مڇي، Kutumb-ڪٽنب،
Magg-ماڳ، Abhyas-اڀياس،
Kharo-کارو، Aram-آرام، Sadd-سڏ،
Manjhand-منجهند، Katha-ڪٿا ۽ Puja-پوجا وغيره.
پاليءَ کي پنهنجي مقرر لپي ڪانهي، ان ڪري رومن اسڪرپٽ ۾ لکي وڃي ٿي. ليکڪ مطابق ڪاڇو ۽ ماڇڪو پالي ٻوليءَ جا لفظ آهن جيڪي اسان وٽ هن وقت به سنڌيءَ ۾ عام آهن. کيرٿر جابلو سلسلي جي بغل(Armbit) وارو علائقو ڪاڇو سڏجي ٿو ۽ گهوٽڪي ضلعي کان داخل ٿيندي پنجاب جو پهريون شهر (جيڪو ون يونٽ کان اڳ سنڌ صوبي جو حصو هو ) ماڇڪو سڏجي ٿو.
هن ڪتاب ۾ شامل ٻيا ٻه اهم مضمون “سنڌ ۾ پالي ٻوليءَ جون نشانيون” ۽ “سنڌ ۾ ٻڌمت” پڻ آهن. پالي سنسڪرت سان مشابهت رکي ٿي ۽ سنسڪرت جا ڪجهه لفظ پالي ۾ شامل/جذب ٿي ويا آهن، جنهن مان ٻنهي ٻولين وچ ۾ جزوي رابطي جي تصديق ٿئي ٿي. لسانيات جي تاريخ تي ڪم ڪندڙن جي راءِ آهي ته پالي اپکنڊ ۾ مهين جي دڙي جي ٻوليءَ سان گڏ رائج رهي آهي.
ڪجهه عالمن جيئن ليسن (Lessen) ڪوويل (Cowel) ۽ اسٽينلزر (Stenlzer) جي راءِ آهي ته پالي سنسڪرت جي همعصر ٻولي آهي يا ان کان به اڳ جي ٻولي آهي. هن ڪتاب ۾ مانائتي ليکڪ سنڌي ۽ پالي ٻولين جي ارتقا ۽ بڻ بنياد تي پڻ بحث ڪيو آهي۔ عزيز ڪنگراڻيءَ مطابق سنڌي ۽ پالي ٻه قديم ٻوليون آهن جيڪي هڪ قديم ماءُ ٻوليءَ جون ٻه ڌيئرون آهن. سنڌي ٻولي ويدڪ دور کان اڳ پروٽو دراوڙ دور (يعني 3300 ق.م کان به اڳ) جي آهي ۽ دراوڙ دور ۾ به موجود رهي. پروٽو دراوڙي ٻولين جا لفظ نير، ويرُ، ڪنواٽي، وِيرِي ۽ ٻيا ڪيترائي هن وقت به سنڌي ٻوليءَ ۾ رائج آهن۔ پروٽو دراوڙي ٻولين جي ويا ڪرڻي ۽ سنڌيءَ جي ويا ڪرڻيءَ ۾ هڪ جهڙائي موجود آهي. سنڌي ٻولي 500 ق. م کان پالي ٻوليءَ سان آشنا ٿيڻ شروع ٿي.
مجموعي طور سنڌي ۽ پالي ٻوليءَ جي حوالي سان هي نهايت ئي ڪارگر ڪتاب آهي جيڪو لسانيات ۽ لسانياتي تاريخ تي ڪم ڪندڙن کي ماخذ طور ڪم ايندو ۽ ٻولي ۽ ادب جاشاگرد ان مان استفادو حاصل ڪري سگهن ٿا.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟