دادو ضلعي جا پي ايڇ ڊي اسڪالر ڪمپيوٽر سائنس ۽ سائبر سيڪيورٽي ماهر ڊاڪٽر عبدالرزاق رند
Dr Rafique Baloch ڊپٽي ائڊمنسٽريٽر زڪوات، اوقاف، مذهبي امور، زڪوات ۽ عشر ڊپارٽمينٽ، حڪومت سنڌ.
ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار، محقق (سنڌي)
ڊاڪٽر عبدالرزاق رند 17 آگسٽ 1974ع تي جوهي شهر کان هڪ ڪلو ميٽر اوڀر طرف واقع ڳوٺ بچل خان رند تعلقي جوهي ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ حاصل ڪرڻ بعد هن گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهيءَ مان 1988ع ۾ مئٽرڪ فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪئي. گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادوءَ مان انٽرميڊئيٽ (سائنس) 1990ع ۾ فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪرڻ کانپوءِ هن 1992ع ۾ سائنس ۾ فرسٽ ڊويزن ۾ گريجوئيشن ڪئي. بعد ۾ هن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان 1997ع ۾ ڪمپيوٽر سائنس ۾ M.Sc ڪئي ۽ فرسٽ ڊويزن ۽ فرسٽ پوزيشن حاصل ڪئي. ان کانپوءِ هن محمد علي جناح يونيورسٽي اسلام آباد ڪئمپس مان ڪمپيوٽر سائينس ۾ ماسٽر آف اسٽڊيز (MS) ڪئي. بعد ۾ ڪامن ويلٿ اسڪالرشپ، شيل پئٽروليم اسڪالرشپ ۽ يو ايس ايڊ (USAID) جي مالي سهڪار سان آمريڪا جي يونيورسٽي آف برج پورٽ (University of Bridge Port)مانPh.D ڪيائين. سندس ڊاڪٽريٽ جي ٿيسز جو عنوان “ڪمپيوٽر سائنس ۽ انجنيئرنگ” هو۔ ڊاڪٽر عبدالرزاق رند پروفيشنل سفر جي شروعات 1992ع کان جونئير اسڪول ٽيچر طور ڪئي ۽ سندس مقرري گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهيءَ ۾ ٿي. 2002ع ۾ فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊيوڪيشن اسلام آباد جي ماڊل ڪاليجز ونگ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. اسلام آباد ۾ مقرريءَ دوران هن ايم ايس ليول تي 12 تحقيقي مقالا لکيا. انهن تحقيقي مقالن جي مڃتا طور ئي ڊاڪٽوريٽ لاءِ ڪامن ويلٿ، شيل پئٽروليم ۽ يو. ايس. ايڊ طرفان سندس مالي سهائتا ٿي. جنوري 2009ع کان ڊسمبر 2010ع تائين يونيسڪو طرفان فرانس ۽ مراڪش ۾ آئي. ٽي جو پروجيڪٽ ڊائريڪٽر رهيو. 2011ع کان مئي 2015ع تائين آمريڪا جي يونيورسٽي آف برج پورٽ ۾ ريسرچ اسسٽنٽ طور ڪم ڪيائين. آگسٽ 2015ع کان جولاءِ 2016ع تائين آمريڪا جي ڪليولئنڊ اسٽيٽ يونيورسٽي (Clave Land State University ) اوهائيو جي ڊپارٽمينٽ آف اليڪٽريڪل ۽ ڪمپيوٽر انجنيئرنگ ۾ وزيٽنگ فئڪلٽي ميمبر (اسسٽنٽ پروفيسر) رهيو. آگسٽ 2016ع کان جولاءِ 2018ع تائين نيويارڪ انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالوجي جي چين ۾ واقع فئنجنگ ڪئمپس جي ڊپارٽمينٽ آف ڪمپيوٽر سائنس ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور پڙهايائين. آگسٽ 2018ع کان جولاءِ 2023ع تائين قزاقستان جي سٿاييف يونيورسٽي (Sathayev University) الماتي ۾ سائبر سيڪيورٽي، انفارميشن پروسيسنگ ۽ اسٽوريج ڊپارٽمينٽ ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر رهيو ۽ ساڳي يونيورسٽي ۾ اپريل 2023ع کان جولاءِ 2024ع تائين پروفيسر جي عهدي تي فائز رهيو. اپريل 2024ع کان آمريڪا جي ارڪانساسٽيڪ يونيورسٽي جي ڊپارٽمينٽ آف سائبر سيڪيورٽي، انفارميشن پروسيسنگ ۽ اسٽوريج ۾ پروفيسر طور خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي۔. ان کان علاوه هن گيچن يونيورسٽي (Gachon University) ڏکڻ ڪوريا جي الحاق سان هلندڙ اسڪول آف ڪمپيوٽنگ ۾ سينئر ريسرچر طور جز وقتي ۽ آن لائين ڪم ڪيو آهي. آگسٽ 2021ع کان ايل اين گميليف يوريشين نيشنل يونيورسٽي (L.N.Gumilev Eurasian National University) الماتي قزاقستان ۾ پروفيسر طور پارٽ ٽائيم آن لائين پڙهائي رهيو آهي. سيپٽمبر 2022ع کان آگسٽ 2023ع تائين الفرابي قزاخ نيشنل يونيورسٽي (Al-Farabi Kazakh National University) الماتي قزاقستان ۾ پروفيسر طور جز وقتي آن لائين پڙهايائين. کيس ڪيتريون ئي ريسرچ گرانٽس مليون۔ قزاقستان جي وزارت تعليم ۽ سائنس ۾ “شين جي انٽرنيٽ (Internet of Things) ۽ ڊيٽا جي تجزئي تي ٻڌل هڪ سمارٽ شهري نظام جي ترقي”، “تعميراتي عمل جي نگرانيءَ لاءِ انٽرنيٽ تي ٻڌل هڪ نگرانيءَ واري نظام جي ترقي” ، “انساني سرگرمين جي تجزياتي ماڊلن جي بنياد تي شهري بنيادي ڍانچي جي منصوبابندي ۽ ڪارڪردگيءَ جي جائزي لاءِ هڪ سمارٽ نقشو تيار ڪرڻ”، “ايج ڪمپيوٽنگ (Edge Computing) لاءِ ڪارائتو ۽ وسعت پذير (ڦهلجندڙ) فرانزڪ نظام” ۽ “سائبر جي دور ۾ سماجي روين جو تجزيو” پروجيڪٽن ۾ مکيه تفتيشڪار، سرواڻ محقق ۽ شريڪ سرواڻ محقق رهيو. نيشنل ريسرچ فائونڊيشن ڪوريا ۾ “سمارٽ شهر لاءِ گاڏين جي آمدورفت ۽ انتظام جو نظام” (اهڙو شهري نظام، جنهن ۾ معلوماتي ۽ مواصلاتي ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال سان ٽرانسپورٽ، توانائي، پاڻي، سيڪيورٽي ۽ ٻين شهري خدمتن کي وڌيڪ اثرائتي نموني منظم ڪري سگهجي) جو شريڪ مکيه محقق رهيو. هن ڪمپيوٽر سائنس، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سائبر سيڪيورٽي جي موضوعن تي اڪيلي سر ۽ ٻين محققن سان شريڪ محقق طور ڪيترائي لاڀائتا ۽ عملي استعمال لاءِ بيحد ڪارگر تحقيقي مقالا لکيا جيڪي تسليم ٿيل بين الاقوامي ريسرچ جرنلن ۾ شايع ٿي چڪا آهن، سندس شايع ٿيل مقالن ۾:
(1) اعليٰ تعليم ۽ تعليمي ڪاميابيءَ لاءِ بلاڪ چين (Blockchain) ۽ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل بدعنواني مخالف نظام۔
(2) چهري ۽ آواز جي سڃاڻپ کي استعمال ڪندي سائبر سيڪيورٽي ۽ ڪوانٽم ٽيڪنالاجي سان بهتر ڪيل بائيو ميٽرڪ ميلاپ (Biometric fusion) وارو نيٽ ورڪ۔
(3)ٽيڪنالاجي جي پوزيشننگ، Li-fi (Light Fidelity يعني روشنيءَ جي ذريعي ڊيٽا منتقل ڪرڻ واري وائرليس رابطي جي نظام واري ٽيڪنالاجي الگورٿم، سيڪيورٽي جي ڪمزورين ۽ مستقبل جي ايپليڪيشنز جو تجزيو.
(4) شين جي انٽرنيٽ Things of Internet جي توانائيءَ جا انتظام بهتر بنائڻ لاءَ مسئلا حل ڪرڻ واري ايجاد جي نظرئي TRIZ – Theory of Inventive Problem Solving جو منتقليءَ واري سکيا ۽ بهتري آڻڻ واري جديد الگورٿمز سان انضمام.
(5) گم ٿيل ڊيٽا بحال ڪرڻ لاءِ ڳوڙهي سکيا جي طريقيڪار ذريعي قائدي تي ٻڌل مناسب اندازي مطابق ڊيٽا ڀرڻ Amputation جو طريقو تيار ڪرڻ.
(6) بدنيتيءَ تي ٻڌل ڪوڊ جي سڃاڻپ ۾ اڳڀرائي، صنعتي ايپليڪيشنز ۾ گم ٿيل ڊيٽا کي پر ڪرڻ جي طريقن جو جامع جائزو.
(7) پيداواري صنعت ۾ ڪريڊٽ جي جائزي کي بهتر بنائڻ لاءِ تقويتي سکيا ۽ اڳڪٿي ڪندڙ تجزياتي طريقيڪار.
(8) اسڪرپٽ (لکڻيءَ جي نظام) کي استعمال ڪندي گهٽ وسيلن وارين ملائيندڙ ٻولين Agglutinative Languages (مختلف لاحقا ۽ لفظي جزا بنيادي لفظ سان ڳنڍي نوان لفظ يا معنائون جوڙيندڙ) هڪ جامع، مڪمل ۽ گهڻ ٻولياتي طريقو.
(9) محفوظ ۽ قابل اعتماد وائرليس تي ٻڌل فوگ، ڪلائوڊ رابطي جي نظام لاءِ وسعت پذير (ڦهلجندڙ) فريم ورڪ۔
(10) هڪ نئين U Mask Net نموني (ماڊل) ذريعي معدي ۽ آنڊن جي ڪينسر جي بيماريءَ جي جديد سڃاڻپ ۽ حصن ۾ ورهاست.
(11) ڪينسر جي بهتر سڃاڻپ لاءِ مشيني سکيا ۽ ڳوڙهي سکيا جي نمونن (ماڊلز) جو تقابلي تجزيو، تشخيصي طريقن ۾ تازين اڳڀرائين جو جامع جائزو.
(12) مصنوعي ذهانت واري طريقيڪار کي استعمال ڪندي ڪينسر جي (تشخيصي) اڳڪٿي لاءِ غير مداخلتي مهارتن ۽ تازين جدتن جو اونهو تجزيو.
(13) صنعتي ڪارخانن ۾ سامان ٺاهيندڙن ۽ درآمد ڪندڙن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ هڪ سمارٽ اسڪورنگ سسٽم جي جوڙجڪ.
(14) بلاڪ چين جي سهڪار سان هائبرڊ 6 G ٽيڪنالاجي تي ٻڌل ڪلائوڊ ايج ڪمپيوٽنگ ذريعي گاڏين جي انتظام جو محفوظ نظام.
(15) الزائمرز جي بيماريءَ جي تشخيص لاءِ مصنوعي ذهانت جي طريقن جو جائزو۔ دماغي تصويرڪشي (Neuroimaging) کان سينسر ڊيٽا جي تجزيي تائين حاصل ٿيندڙ اهم معلومات.
(16) بغير پائليٽ جي هلندڙ فضائي گاڏيون ڳولهڻ لاءِ گهري مشيني سکيا (Deep machine learning) جو استعمال۔
(17) بلاڪ چين جي سهڪار سان ۽ سافٽ ويئر ڊيفائنڊ نيٽ ورڪنگ ۽ 6 G نيٽ ورڪ ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال سان “شين جي انٽرنيٽ” تي ٿيندڙ سائبر حملن جي موثر روڪٿام۔
(18) ڊگهي مدت واري ڪاروباري عمل جي موثر نموني رابطا ڪاريءَ لاءِ روبوٽڪ عمل جي خودڪار ترقي.
(19) ڪوانٽم مواصلاتي نيٽ ورڪن جي جوڙجڪ، انهن جو قابل اعتماد هجڻ ۽ سيڪيورٽي.
(20) ڌڙ جي هيٺين حصي (ڄنگهن) جي پرائمري ويريڪوز رڳن جي علاج لاءِ فليبوگريف (Flabogrif) ذريعي ميڪانيڪي-ڪيميائي اڇل ۽ ريڊيو فريڪئنسي اڇل جي ابتدائي نتيجن جو جائزو۔
(21) جگر جي ڪينسر ۾ مبتلا مريضن ۾ دوا خارج ڪندڙ ذرڙن تي ٻڌل شريان ذريعي ڪيمو ايمبولائيزيشن ۽ روايتي شريان ذريعي ڪيمو ايمبولائيزيشن جي علاج جي رد عمل جو تقابلي اڀياس۔
(22) ليئر تي ٻڌل طريقيڪار موجب “شين جي انٽرنيٽ” جي استعمال سان نقصانڪار گاڏين جي سڃاڻپ.
(23) گاڏين جي انتظام جي نظام لاءِ موثر رستي جي ڳولها ۽ رش کان بچڻ لاءِ متضاد الگورٿم۽ ٻيا ڪيترائي مقالا شامل آهن.
مصنوعي ذهانت ذريعي انساني بيمارين خاص طور تي جگر ۽ معدي جي ڪينسر۽ ڄنگهن جي رڳن جو علاج ڳولهيندڙ، ٽريفڪ نظام کي ڪمپيوٽر سان ڳنڍيندڙ، بلاڪ چين ٽيڪنالاجي جي مدد سان لاتعداد مسئلن جو حل ڳولهيندڙ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ڪمپيوٽر سائنس، مصنوعي ذهانت ۽ سائبر سيڪيورٽي جي هن ماهر کي سندس اوچي معيار واري تحقيقي پورهئي سبب ۽ استاد (پروفيسر) طور بهترين پڙهائيءَ عيوض اڻڳڻيا ايوارڊ ۽ شيلڊون ملي چڪيون آهن۔ ڊاڪٽر عبدالرزاق رند هن وقت آمريڪا جي ارڪانساسٽيڪ يونيورسٽي ۾ پروفيسر طور خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي ۽ ارڪانساس رياست جي شهر رسلوائيل ۾ رهائش پذيرآهي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟