شاهه عبداللطيف ڀٽائي “ادبي ڪانفرنس” کي محدود نه ڪريو!
هر سال حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس مبارڪ تي ثقافت کاتي سنڌ پاران “ادبي ڪانفرنس” جو انعقاد ڪيو ويندو آهي جنهن ۾ ڪراچيءَ جي اديبن کي خاص پروٽوڪول ۽ سرڪاري خرچ تي وٺي اچي وڏي سيڪيورٽي ۾ ويهاريو ويندو آهي. جڏهن ته باقي سنڌ جا اديب پنهنجي خرچ تي پهچي ويڳاڻن وانگر ڦرندو وتندا آهن، جيڪڏهن ڪرسي خالي ملي ته ويهي رهندا، ٻي صورت ۾ ڀت سان ٽيڪ ڏئي بڪ اسٽال تي بيهي پيا ڪتابن جو مطالعو ڪندا آهن. مطلب ته هن ڪانفرنس جو پورو نظام وڏيرڪو ۽ طبقاتي لڳندو آھي ثقافت کاتي جا ملازم ويچارا وزيرن ۽ پنهنجي آفيسرن جي خدمت ڪندي نظر ايندا آهن. گذريل سال واري ادبي ڪانفرنس ۾ اسان جي هڪ دوست کان ايڊوانس رقم وٺي مقالو پڙهايو ويو. جيڪڏهن ثقافت کاتي اهڙو معيار برقرار رکيو ته اها لطيف سان ناانصافي ٿيندي. سرڪاري خرچ تي ٿيندڙ ھن ادبي ڪانفرنس لاءِ معياري مقالن جو هجڻ به اهميت جوڳو هجي ٿو. اڳ ادبي ڪانفرنس لاءِ هڪ موضوع ڏنو ويندو هو ان بابت هڪ اشتھار جاري ٿيندو هو جنهن تي سنڌ جا ڏاها اديب لطيف جي فڪر ۽ فن کي بيان ڪندا هئا ۽ ڪانفرنس کانپوءِ انهن مقالن کي ثقافت کاتو ڪتابي صورت ۾ آڻيندو هو ۽ هڪ تاريخ رقم ٿيندي هئي، پر ڪجهه سالن کان اهو سلسلو به ختم ڪيو ويو آهي ان جو ڪارڻ به سفارشي ڪلچر ۽ پئسا هڙپ ڪرڻ کان سواءِ ڪجهه ناهي. مقالا چونڊ ڪندڙ ماھرن واري ڪاميٽي ۽ مقالن جو معيار نه ڏسي ڪيترن ئي اديبن ڪانفرنس ۾ وڃڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي جيڪا هڪ ڏکوئيندڙ ڳالهه آهي. جڏهن سسئي پليجو ثقافت کاتي جي وزير هوندي هئي ته مون وڏي سفارش کانپوءِ ساڻس شاهه لطيف جي ميلي تي منعقد ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس جي حوالي سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ کيس ڪجهه سفارشون ڪيم ته لطيف سائين کي ڪراچي ۽ حيدرآباد تائين محدود نه ڪريو. ڪشمور کان ڪارونجهر ۽ ڪراچيءَ تائين سنڌ جا هزارين اهڙا اديب آهن جيڪي شاهه جي رسالي کي نه رڳو پرکين ٿا، پر موجوده حالات مطابق شاهه جي ڪلام تي تحقيقي ڪم ڪن ٿا. انهن کي به ادبي ڪانفرنس ۾ ثقافت کاتي طرفان سرڪاري خرچ تي گهرائي انهن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي. ان جي جواب ۾ محترمه فرمايو ته شاهه سائين دنيا جي اها شخصيت آهي جنهن تي نه رڳو هر ماڻهو لکي ٿو، پر پنهنجي خرچ تي ڪانفرنس توڙي ٻين پروگرامن ۾شرڪت ڪن ٿا. هن جي هڪ جملي نهايت اچرج ۾ وجهي ڇڏيو ته “ڪراچيءَ جي اديبن جو معيار باقي سنڌ کان مٿي آهي ان ڪري انهن لاءِ ڪنوينس جو ا نتظام ڪرڻ اسانجي مجبوري آهي.” ان جي سوچ تي حيرانگي به ٿي ۽ ڏک به ٿيو، پر باوجود ان جي مون پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ لاءِ کيس خط به لکيو، پر هن وقت تائين ڪوبه جواب وصول نه ٿيو. آخر لطيف سرڪار تي ٿيندڙ ساليانه ادبي ڪانفرنس ايتري غير معياري بنائڻ ۽ ڪروڙين رپين جا ووچر ٺاهي اداري جي ڀينگ ڪرڻ ڪٿان جو انصاف آهي!
مون کي افسوس ان وقت ٿيو جڏهن هڪ اديبا لطيف تي مقالو پڙهي رهي هئي ته پنڊال ۾ سڀ کِل ۾ ٻڏل هئا جو هوءَ نه شاهه لطيف جا بيت درست اچار سان پڙهي رهي هئي ۽ نه ئي سندس تَلفظ درست هو، جنهن مان خبر پئي ٿي ته کيس لطيفي مطالعي جي ڪابه ڄاڻ نه آهي، پر اسٽيج تي ويٺل سنڌ جا مهان اديب سڏائيندڙ پنهنجي ڪچهريءَ ۾ محو هئا. ياد رکڻ گهرجي ته لطيف سائين ڪنهن هڪ اداري يا سرڪار جي ملڪيت ڪونهي، پر عوام جي ٽيڪس مان هي جيڪي ڪانفرنسون منعقد ٿين ٿيون، انهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڪي پڙهيا ڳڙهيا، لطيفي فن ۽ فڪر جي خوبين، خاصيتن، ٻوليءَ جي ساخت ۽ مجموعي شاعراڻي فڪر کان واقفيت رکندڙ ماڻهو سڏڻ گهرجن ته جيئن لطيفي فڪر ۽ پيغام عام ماڻهو تائين نه سهي، پر ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙن تائين بهتر نموني پهچي سگهي. ڇو ته هڪ ادب دوست ماڻهو وقت سيڙائي پئسا خرچ ڪري ڪانفرنس ۾ ڪجهه حاصل ڪرڻ وڃي ٿو، پر جيڪڏهن اسٽيج تي سفارشي ۽ حڪومتي اديب مقرر ڪيا ويندا ته اها لطيف شناسي واري سلسلي ۾ ڪابه اڳڀرائي ڪرڻ ۾ مددگار نه ٿي سگهندي. گڏوگڏ سنڌي ادب جو معيار به پست ٿيندو رهندو. لطيف سائين جو فڪر سماجي، سياسي ۽ انقلابي تبديليءَ جو اهڃاڻ آهي جيڪو هر سنڌ دوست ۽ قوم سان محبت ڪندڙ آدرشي انسان وٽ اڳواٽ موجود آهي، جنهن مان همت، حوصلي ۽ جدوجهد جا نوان گسَ ۽ راهون نڪرن ٿا ۽ هو جبر ۽ ظلم سان مهاڏو به اٽڪائي ٿو. اهو سڀ ڪنهن ادبي ڪانفرنس جي نتيجي ۾ ناهي ٿيو، بلڪه اهو صدين کان لطيف سرڪار سان محبت جو نتيجو آهي.
جيتوڻيڪ شاهه لطيف هڪ شاعر هو، پر عرس جي موقعي تي ڪابه شاعراڻي محفل نٿي ٿئي، ادبي ڪانفرنس ۾ لطيف جي پيغام کي اڌورو پهچائڻ جو اهتمام ٿئي ٿو. جڏهن ته سگهڙ ڪچهريءَ ۾ هر سگهڙ پنهنجي سوچ ۽ سمجهه مطابق ٻه بند بيان ڪري ٿو، باقي لطيف جي موضوع تي ڪوبه شاعر منظوم ڀيٽا پيش نٿو ڪري. ماضيءَ ۾ لطيف ادبي ڪانفرنس دوران مشاعرو منعقد ٿيندو ھو، جنھن ۾ شاعر ڀٽائي کي منظوم ڀيٽا پيش ڪندا ھئا، پر ان مشاعري تي جنرل ضياءُالحق جي دور ۾ پابندي لڳائي وئي، جيڪا اڃان تائين برقرار آھي! ان معاملي تي پڻ ثقافت کاتي کي قدم کڻڻ گهرجي. ان سان گڏ لطيف سرڪار تي ڪم ڪندڙ نون اديبن ۽ لطيف جي پارکن کي به ثقافت کاتو خاص دعوت ڏئي گهرائي ته جيئن لطيف جي پيغام کي نئين تحقيق آهر پوري دنيا تائين پهچائي سگهجي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟