رهائشي سوسائٽين جي نالي ۾ سنڌ جا ساوا کيت ڪنڪريٽ نه بڻايو
Ramesh Raja سول اينڊ ريسرچ انجنيئر، آرٽسٽ، ڪالم نگار
PMP سرٽيفائيڊ ۽ ادب، فن ۽ سياحت سان خاص شوق رکندڙ.
حيدرآباد کان ڪمون شهيد تائين نيشنل هاءِ وي ۽ ڪشمور ڏانهن ويندڙ انڊس هاءِ وي تي رهائشي اسڪيمن جا اشتهار، زرعي منظرن کي پلاٽن جي فهرستن ۾ بدلائي رهيا آهن. سنڌ کي عارضي نفعي لاءِ زرخيز، آبپاشيءَ هيٺ زمين قربان ڪرڻ جو سلسلو روڪڻو پوندو ۽ اهڙين آبادين جي رٿابندي ڪرڻي پوندي، جيڪي سڀاڻي جي خوراڪ ۽ ماحول کي محفوظ رکن. سنڌ جي آبادي 2017ع ۾ 4 ڪروڙ 78 لک 50 هزار مان وڌي، 2023ع جي آدمشماريءَ موجب 5 ڪروڙ 56 لک 90 هزار ٿي وئي؛ يعني ڇهن سالن ۾ لڳ ڀڳ 78 لک 40 هزار ماڻهن جو اضافو ٿيو. سڀني کي ڇت به گهرجي ۽ ماني به. هڪ ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ ٻيءَ جو بنياد ڊاهڻ، ڪوتاهه نظري آهي.
زرعي زمين، مٽي، پاڻي، آمد رفت، پوک جي ڄاڻ ۽ آبپاشيءَ تي ٿيل سيڙپڪاريءَ جو گڏيل سرمايو آهي. ايف اي او موجب اسان جي خوراڪ جو 95 سيڪڙو زمين، مٽي ۽ پاڻيءَ تي دارومدار رکي ٿو. پيداواري مٽي ٺهڻ ۾ صديون لڳن ٿيون؛ ٽڪرن ۾ ورهايل کيتن جي بحالي مهانگي پوي ٿي، ڀلي رهائشي منصوبا خالي پيا هجن. ڪنڪريٽ ۽ ڏامر مٽيءَ جي سطح بند ٿيڻ (Soil Sealing) جو سبب بڻجن ٿا: پاڻيءَ جو جذب گهٽجي ٿو، مٽيءَ ۽ وايو منڊل جي ڏي وٺ محدود ٿئي ٿي، زير زمين جاندارن جون رهائشگاهون متاثر ٿين ٿيون ۽ گرمي وڌي ٿي. ڄڻ اسين ڌرتيءَ جا ساهه کڻڻ وارا لنگهه بند ڪري رهيا آهيون. عالمي مثال رهنمائي ڪن ٿا. برٽش ڪولمبيا 1973ع ۾ محفوظ زرعي ايراضيءَ جو نظام قائم ڪيو، جنهن تحت قانوني اجازت کانسواءِ غير زرعي استعمال ۽ زمين جي ورهاست تي پابنديون آهن. جاپان جي مخصوص زرعي علائقن ۾ استعمال جي تبديلي عام طور منع آهي؛ استثنا لاءِ متبادل هنڌن ۽ زرعي اثرن بابت شرط پورا ڪرڻا پون ٿا. چين ۾ مستقل بنيادي زرعي زمين کي تعميراتي استعمال ۾ آڻڻ لاءِ اسٽيٽ ڪائونسل جي منظوري ضروري آهي.
چين ڏيکاري ٿو ته ضروري روڊ به گهٽ زرعي زمين والاري سگهن ٿا. هونان جو 50.284 ڪلو ميٽر ڊگهو چانگشا-يي يانگ ايڪسپريس وي توسيعي منصوبو، 31 آگسٽ 2020ع تي چانگشا-چانگدي اترين ايڪسپريس وي جي چانگشا-يي يانگ حصي طور کوليو ويو. پوک وارن حصن ۾ اوچيون پليون اختيار ڪرڻ سان زرعي زمين جي گهرج 55 هيڪٽر، يعني لڳ ڀڳ 136 ايڪڙ گهٽجي وئي.
هوبي جي شيائوگان-هانچوان-ينگچنگ ايڪسپريس وي جو فوين ايڪسپريس وي کان ووجنگ ايڪسپريس وي تائين وارو حصو ٻيو مثال آهي. صوبائي قدرتي وسيلن واري کاتي جي 17 جولاءِ 2024ع جي رپورٽ موجب، منصوبي جو لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو حصو پلن تي ٻڌل هو. اوچن حصن ۽ ڊزائينن جي ٻين سڌارن گڏجي پوک واري زمين جي گهرج ۾ 35.86 هيڪٽر گهٽتائي آندي، جنهن ۾ مستقل بنيادي زرعي زمين جا 22.68 هيڪٽر شامل هئا.
چين جي ٽرانسپورٽ واري وزارت زرعي زمين کان پاسو ڪرڻ، کيتن جي ٽڪرن ۾ ورهائجڻ کي گهٽائڻ ۽ موزون هنڌن تي پلن يا سرنگهن جي استعمال جي همت افزائي ڪري ٿي. اوچن روڊن لاءِ به بنياد ۽ پهچ وارا رستا گهرجن؛ سندن ڇانوَ پوک تي اثر وجهي ٿي. سنڌ ۾ جتي ضروري بنيادي ڍانچو قيمتي کيتن مان گذري، اتي اهڙن متبادلن جي فني ۽ معاشي موزونيت جاچڻ گهرجي. اوريگن ۾ شهري واڌ جون مقرر حدون کيتن ۽ ٻيلن کي بچائين ٿيون؛ انهن ۾ واڌ رٿابنديءَ سان مشروط آهي. فرانس جي 2021ع واري آبهوا ۽ موسمي اثرن کي منهن ڏيڻ جي سگهه بابت قانون، 2050ع تائين زمين کي مصنوعي سطحن ۾ بدلائڻ جي خالص واڌ ٻڙيءَ تي آڻڻ ۽ 2021ع کان 2031ع دوران قدرتي، زرعي ۽ ٻيلن واري زمين جي استعمال ۾ تبديلي، گذريل ڏهاڪي جي ڀيٽ ۾ اڌ ڪرڻ جا هدف رکيا آهن.
سنڌ کي پيداواري مٽيءَ، آبپاشيءَ هيٺ کيتن، باغن، نيڪال جي لنگهن ۽ آبادين جي نقشي بندي ڪرڻ گهرجي. سڃاتل اعليٰ پيداواري زمينن تي نئين رهائشي اسڪيمن جون منظوريون روڪي، محفوظ زرعي علائقا قائم ڪيا وڃن. عوامي مفاد ۾ ڪنهن استثنائي تبديليءَ لاءِ سببن جي پڌرائي، متبادل هنڌن جي ڀيٽ، زرعي اثرن جو جائزو ۽ آزاد ڇنڊ ڇاڻ لازمي هجي. شهري خالي پلاٽن، نئين سر تعمير ۽ محدود ايراضيءَ ۾ وس آهر رهائشي پاڙن کي اوليت ڏجي، جتي آمدرفت، پاڻي ۽ نيڪال جون سهولتون هجن. بنيادي ڍانچي ۽ تعمير ڪندڙن لاءِ ترغيبن جو رخ مناسب غير زرعي زمين ڏانهن موڙجي.
آمريڪي رياست نيواڊا، جيڪا گهڻي ڀاڱي خشڪ ۽ پهاڙي آهي، لڳ ڀڳ 286,400 چورس ڪلو ميٽرن تي پکڙيل آهي ۽ ڪيليفورنيا، اوريگن، آئيڊاهو، يوٽا ۽ ايريزونا سان سرحدون رکي ٿي. لاس ويگاس 1905ع ۾ ريلوي شهر طور اُسريو ۽ بنيادي سهولتن، سيڙپڪاريءَ ۽ ڪاروباري ڪوششن وسيلي سياحت ۽ وندر جو عالمي مرڪز بڻيو.
سنڌ جي اوڀر واري نارا ٿر ريگستاني پٽيءَ لاءِ گڏيل علاقائي رٿابندي گهرجي، جنهن ۾ موزون هنڌن تي شهر، ثقافتي سياحت، تفريحي ماڳ، شمسي توانائي، تعليمي ادارا ۽ مناسب صنعتون هجن؛ گڏوگڏ روڊ، ڊجيٽل رابطا ۽ پائيدار پاڻيءَ جي فراهمي يقيني هجي. مقامي آبادين، زميني حقن، چراگاهن ۽ حياتياتي گوناگونيت کي تحفظ ملي؛ روزگار ۽ خوشحاليءَ ۾ مقامي ماڻهن جو حصو هجي. گرمي، گذر سفر ۽ ماحولياتي موزونيت جاچيا وڃن. برساتي پاڻي گڏ ڪرڻ ۽ ننڍا ذخيرا فراهميءَ ۾ مدد ڪري سگهن ٿا، پر پاڻيءَ جي دستيابيءَ ۽ گهرج جي ڀروسي جوڳي حساب جو بدل نٿا بڻجي سگهن.
ريگستاني ترقي تحقيق ۽ ثبوتن تي ٻڌل هجي؛ موجود قدرتي نظامن جو احترام ڪيو وڃي ۽ کين خالي زمين نه سمجهيو وڃي. زرعي تحفظ سان گڏ عام ماڻهن جي پهچ ۾ رهائشي متبادل به پيدا ڪجن، ته جيئن پابنديون ڳوٺاڻي روزگار کي مضبوط ڪن ۽ گهر عام خاندانن جي وس کان ٻاهر نه ٿين.
فائديمند منڊين ۽ زمين زرعي استعمال ۾ برقرار رکڻ لاءِ ترغيبن وسيلي مزارعن ۽ ننڍن آبادگارن کي تحفظ ڏجي. رٿابندي، بلڊنگ ڪنٽرول، روينيو ۽ ماحولياتي ادارا منظور ٿيل نقشا، زميني استعمال جا فيصلا ۽ تبديليءَ جا سيٽلائيٽ رڪارڊ پڌرا ڪن. ترقيءَ ۾ ايندڙ رهائشي اسڪيم سان گڏ ايندڙ فصل جو به قدر هجي. ڪنڪريٽ ماڻهن کي ڇت ڏئي سگهي ٿو، ماني نٿو ڏئي سگهي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟