مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ جي خوبصورت وحدت کي ڳڀا ڳڀا نه ڪريو!

Tufail Magsi

ڪالم نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سر زمين سنڌ پاڪستان جو هڪ اهڙو خوبصورت ۽ تاريخي صوبو آهي، جتي مختلف مذهبن، ثقافتن، ٻولين ۽ روايتن جا امين ماڻهو محبت ۽ احترام ۽ ڀائيچاري سان گڏ زندگي گهاري رهيا آهن. هتي چاهي اردو ڳالهائڻ وارا هجن يا سنڌي ڳالهائڻ وارا، پشتون هجن يا پنجابي، ڪشميري هجن يا پاڪستان جي ڏورانهن علائقن کان ايندڙ شهري سڀ گڏجي سنڌ جي ترقي ۽ پاڪستان جي خوشحالي ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. سنڌ جيڪو صرف هڪ صوبو ناهي، بلڪه پاڪستان جي گهڻ پاسائين تهذيبن، روداري ۽ ٻڌيءَ جي هڪ عملي تصوير آهي. سنڌ ڪو اڄڪلھه جو وطن نه بلڪ سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي، جنهن جي پنهنجي صدين تي ٻڌل تهذيب، ثقافت، ٻولي ۽ جاگرافيائي سڃاڻپ آهي. هي پرڳڻو تاريخي، ثقافتي ۽ تهذيبي لحاظ کان نهايت مالا مال آهي. حقيقت ۾ پاڪستان جو بنياد رکڻ وارن صوبن پنهنجي سڃاڻپ ۽ وحدت سان گڏجي هن ملڪ جي جوڙجڪ ڪئي ۽ سنڌ انهيءَ قومي تاريخ جو هڪ اهم ۽ نه وساريندڙ حصو آهي.
هتي مختلف قوميتن جي وچ ۾ نه صرف گڏيل احترام ڏٺو وڃي ٿو، بلڪه ڪيترن ئي خاندانن جي وچ ۾ مٽيون مائٽيون به قائم آهن، جيڪي هن ڌرتي جي محبت، روداري ۽ هڪ جهڙائپ جو ثبوت آهن. جيڪڏهن ڪو پاڪستان جو اصل چهرو، ان جي رنگين چٽسالي، ڀائيچارو ۽ قومي ٻڌي ڏسڻ چاهي ٿو ته انهيءَ کي سنڌ جو رخ ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته سنڌ واقعي پاڪستان جي خوبصورتي ۽ اتحاد جو هڪ جيئرو جاڳندو مثال آهي. هتي سنڌي، بلوچ، پشتون، پنجابي، ڪشميري، سرائيڪي، هزاروي، بهاري، بنگالي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جو هڪ اهڙو گلدستو موجود آهي جنهن جي پنهنجي خوشبو ۽ سونهن آهي. هر گل جي خوشبو ته پنهنجي پنهنجي آهي، مگر گلدستو هڪ ئي آهي، پر ڪجھه تعصبن جي ڪنڊن هن گلدستي جي سونهن ۾ بگاڙ جي هر وقت ڪوشش ڪئي آهي. بهرحال تعصب سدائين رسوائي جو منهن ئي ڏسندو آهي.
جيستائين صوبن جي ورهاست جي ڳالھه آهي ته اهو هڪ نهايت نازڪ، جاگرافيائي ۽ عوامي نموني جو مامرو آهي ۽ اهڙا نازڪ فيصلا بند ڪمرن ۾ نه بلڪه عوام جي راءِ سان ٿيڻ گهرجن. جيڪڏهن ضرورت محسوس ٿئي ٿي ته عوام خود پنهنجن نمائندن جي وسيلي اهڙو فيصلو آئين جي مطابق ڪندو. ڇاڪاڻ ته عوام ان ڳالهه تي متفق آهي ته مسئلا نون صوبن سان حل ٿيڻا ناهن. عوام جو مسئلو تڏهن حل ٿيندو جڏهن صوبن کي وڌيڪ امن، روزگار، بهتر طرز حڪمراني ۽ هر صوبي جي نوجوانن کي بهتر تعليم ۽ نوان موقعا حاصل ٿيندا.
صوبن جي ورهاست جي نالي تي ماڻهن جي وچ ۾ ڏوريون پيدا ڪرڻ جي بجاءِ قومي ٻڌي کي واڌ ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. سنڌ جو عوام پنهنجي صوبي، پنهنجي تاريخي سڃاڻپ ۽ پنهنجي صوبائي وحدت جي حوالي سان نهايت حساس آهي. ان لاءِ سنڌ جي وحدت سان ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ نه صرف ملڪ جي امن امان کي خراب ڪندي بلڪه وفاق جي بنيادن کي به لوڏي ڇڏيندي. هن وقت انڌ جي گهوڙي تي سوار وفاقي حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ کي کي گذارش آهي ته هڪ نئين بنگال تخليق ڪرڻ جي بجاءِ عوامي مسئلن جي حل، روزگار جي موقعن، امن ۽ امان ۽ ترقياتي منصوبن تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏنو وڃي ۽ سنڌ کي ورهائڻ بجاءِ ملڪ جي اصل مسئلن کي حل ڪرڻ طرف ڌيان ڏنو وڃي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو