اختلاف راءِ جمھوريت جي ڌڙڪن آهي
Azhar Azad Mughal
استاد، مترجم، شاعر، ڪالم نگار
“هر نسل کي گمناميءَ (جهالت جي اونداهيءَ) مان نڪري، پنهنجي مقصد کي ڳولڻو پوندو؛ يا ته ان کي پورو ڪرڻو پوندو يا ان سان غداري ڪرڻي پوندي.”-فرينٽز فينن.
399 ق. م ۾ اٿينز هڪ ڪمزور ۽ سخت صدمي جو شڪار شهر هو. 30 سالن جي پيلوپونيشيائي جنگ کي منهن ڏيڻ ۽ اٿينز تي اسپارٽا پاران مڙهيل فوجي بغاوت تان قبضو ختم ڪرڻ کانپوءِ، هن شهر تازو ئي جمهوريت کي پنهنجي حڪومتي نظام طور بحال ڪيو هو. جمهوريت ڏانهن واپس اچڻ جي باوجود، جيڪو نظام اتي جڙيو، ان اٿينز کي هڪ انتهائي شڪي ۽ حد کان وڌيڪ چوڪس جڳهه بڻائي ڇڏيو، جتي شهري هڪٻئي تي ۽ رياست تي به ڀروسو نه ڪندا هئا. اٿينز جا رهواسي پنهنجي هن نئين بحال ٿيل جمهوريت جي تحفظ لاءِ حد کان وڌيڪ حساس ٿي ويا هئا، جنهن ڪري ان دور ۾ هن شهري رياست اندر هڪ جنوني جٿي وارو رويو پيدا ٿي ويو. سياسي توڙي سماجي طور تي ڇڪتاڻ جي شڪار ۽ غير محفوظ اٿينز ۾، هڪ چترڪار ۽ دائيءَ جو پٽ، جنهن جو نالو سقراط هو، گهر گهر ۾ مشهور ٿي ويو. سقراط ان وقت اڳيئي هڪ نامور مفڪر هو، پر نئين بحال ٿيل حڪومتي نظام تي پنهنجن سوالن جي ڪري هو اڃان به وڌيڪ نمايان بڻجي ويو. هن اٿينز جي نوجوانن کي، جن مان اڪثر سندس شاگرد هئا، اهو چئلينج ڪيو ته هو پنهنجن حڪمرانن کان سوال ڇو نٿا ڪن ۽ نظام تي انڌو ڀروسو ڪرڻ تي هن کين سخت تنقيد جو نشانو بڻايو. ائين ڪري، هن کين اهو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو پنهنجي حڪمران طبقي (اشرافيه) بابت ڪيترا نه بيوقوف ۽ اڻواقف آهن، ان ئي ڏوهه ۾ سقراط تي اٿينز جي هڪ عوامي عدالت ۾ ٻن بنيادي الزامن تحت ڪيس هلايو ويو: هڪ ته هو سرڪاري ديوتائن کي نٿو مڃي ۽ ٻيو ته هو اٿينز جي نوجوانن کي گمراهه ڪري رهيو آهي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران سقراط اٿينز جي ڀيٽ هڪ اهڙي وڏي ۽ طاقتور گهوڙي سان ڪئي جيڪو حد کان وڌيڪ مغرور ۽ بي پرواهه ٿي چڪو هجي. جڏهن ته هن پاڻ کي هڪ ننڍڙو ڏنگيندڙ جيت سمجهيو جيڪو گهوڙي کي سجاڳ رکڻ لاءِ مسلسل ان کي چڪ پائيندو رهندو آهي. هو اٿينز جي حڪمرانن کي هڪ پريشان ڪندڙ شخص طور مشهور ٿي ويو. ڇاڪاڻ ته هو مسلسل اٿينز جي نوجوانن کان سوال ڪندو هو، کين پرکيندو هو ۽ کين اها چاٻي ڏيندو هو ته هو پنهنجي حق لاءِ آواز ڇو نٿا اٿارين.
عوامي عدالت ۾ 10 ڪلاڪن جي ٻڌڻي کانپوءِ، 501 ججن تي ٻڌل هڪ عدالت سقراط کي ڏوهي قرار ڏنو ۽ کيس موت جي سزا ٻڌائي. کيس مليل موت جي سزا کيس هميشه لاءِ زنده ڪري ڇڏيو ۽ هو پنهنجي دور جو سڀ کان وڌيڪ بحث هيٺ ايندڙ ۽ اختلاف پيدا ڪندڙ ڪردار بڻجي ويو، جنهن جو اڄ به مختلف طريقن سان تجزيو ڪيو وڃي ٿو. ڪجهه ماڻهو کيس عوامي ووٽ کي رد ڪرڻ جي ڪري جمهوريت جو مخالف سمجهن ٿا، پر جمهوريت تي سخت تنقيد ڪرڻ جي باوجود، هن ڪڏهن به عدالت جي حيثيت تي سوال نه اٿاريو ۽ سزا کي قبول ڪري اهو ثابت ڪيو ته عوامي عدالت ئي ڪيس هلائڻ لاءِ سڀ کان صحيح جاءِ هئي. هاڻي قانون جا شاگرد سندس ڪيس جو مطالعو ڪن ٿا ته جيئن ڏسي سگهجي ته اڄوڪي دور ۾ اهڙي ڪيس تي ڪيئن دليل ڏنا وڃن ها. جڏهن ته علمي ماهر هن تي مختلف راءِ رکن ٿا، ڪي 399 ق. م جي هن ڪيس کي هڪ مشڪل ۾ گھيريل جمهوريت پاران پنهنجو دفاع ڪرڻ جو مثال بڻائين ٿا ته ڪي وري سقراط کي هڪ موقعي پرست سرڪاري وڪيل، آمر حڪمرانن ۽ هڪ بي پرواهه يا جاهل عوام جو قرباني جو ٻڪرو قرار ڏين ٿا. انهن سڀني مختلف راين ۾ هڪ ڳالهه عام آهي ته سقراط اختلافِ راءِ جو هڪ بدنام، مستقل ۽ سڀ کان وڏو آواز هو. سقراط هڪ اهڙو مفڪر بڻجي اڀريو جنهن کلي عام اقتداري ڌرين کان سوال ڪيو ۽ ٻين کان به اهوئي مطالبو ڪيو. اهو ضروري ناهي ته ڪو ماڻهو سندس نظريي سان متفق هجي، پر اهو مڃڻ بي حد ضروري آهي ته هڪ عوامي دانشور جي حيثيت ۾، هو پوري دنيا جي شهرين لاءِ اظهار ۽ ٻوليءَ جي آزاديءَ جو هڪ انمول حق ڇڏي ويو. سقراط جي مزاحمت اقتدار ۽ ان جي بي پرواهيءَ کي چئلينج ڪري اٿينز کي مضبوط ڪيو.
تنهن هوندي به جيڪا ڳالهه 399 ق. م ۾ اٿينز جا حڪمران نه ڏسي سگهيا هئا، اها اڄ بلڪل واضح نظر اچي ٿي ته جمهوريت ڪو بيٺل تصور ناهي ۽ نه ئي هي ڪو اهڙو نظام آهي، جتي وقت بوقت ٿيندڙ چونڊون ان جي نمائنده ۽ شفاف هجڻ جو بنياد بڻجن. ان نظرئي جي ابتڙ، جمهوريت دراصل مسلسل بدلجندڙ خيالن جو هڪ سلسلو آهي، جنهن کي هر وقت مختلف راين، وڏي پيماني تي عوام جي شرڪت ۽ وڌيڪ نظرين جي ضرورت هوندي آهي ۽ هن کي ان سڀ ڪجهه جي هر وقت ضرورت هوندي آهي ته پوءِ اسان اٿينز مان ڇا سکي سگهون ٿا؟ اسان جي بدقسمتي اها آهي ته هر گذرندڙ سال سان گڏ، پاڪستان ان سمجهه کان گهڻو پري ٿيندو پيو وڃي ته وڏي ڀلائي آڻڻ لاءِ اقتدار کي چئلينج به ڪري سگهجي ٿو.
بلوچستان ۾، سياسي نااميديءَ جي وڏن معاملن کان وٺي (هڪ اهڙو صوبو جيڪو معدنيات سان مالامال آهي، پر ان جي قدرتي وسيلن کي ڪنهن ٻئي هنڌ جي استعمال ۽ فائدي لاءِ لٽيو پيو وڃي) بنيادي تعليمي ضرورتن تائين، جتي هڪ پبلڪ لائبريريءَ پاران ڪيل پرامن ۽ باوقار احتجاج تي شاگردن کي بند عمارت جي ٻاهران هفتن تائين ويهڻو پيو، تنهن کانپوءِ وڃي وڏي وزير ان معاملي تي ڪو ڌيان ڏنو، اسان هتي صرف بي پرواهي ۽ تنقيد ڪندڙن تي ڪريڪ ڊائون ڏسون ٿا. ڪيترائي ماڻهو چون ٿا ته پاڪستان هلائڻ جي لائق ناهي رهيو ۽ ان لاءِ ڪجهه حلقن پاران جيڪو حل پيش ڪيو وڃي ٿو، اهو آهي: گهٽ جمهوريت ۽ وڌيڪ نوڪر شاهي. وڌيڪ مرڪزي طاقت ۽ گهٽ وفاق، وڌيڪ صوبا، پر گهٽ نمائندگي. تنهن هوندي به، تنقيد ڪو گهٽ جمهوريت جو جواز ناهي، پر ان جو مطلب وڌيڪ جمهوريت آهي. وڌيڪ شرڪت، وڌيڪ جاچ پڙتال، وڌيڪ مختلف آواز ۽ وڌيڪ گڏيل فيصلا سازي. تنهنڪري جيڪڏهن نوان صوبا ٺاهڻا ئي آهن ته اچو ته ان تي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ بحث جي شروعات ڪريون جيئن آئين اسان کان تقاضا ڪري ٿو. ان کانسواءِ، سياسي فيصلا، خاص طور تي صوبن جهڙن تاريخي حصن جي معاملن تي، جن سان ماڻهن جي سڃاڻپ ۽ تعلق جو هڪ گهرو رشتو جڙيل هوندو آهي، انهن لاءِ مڪمل ۽ قانوني طريقيڪار بي حد ضروري آهي. ان کان گهٽ ڪابه ڪوشش اڳيئي ڌپ هڻي ويندڙ ۽ تشدد جي شڪار وفاق ۾ وڌيڪ نااميدي ۽ بدامني جا دروازا کولي ڇڏيندي.
هتي هر موڙ تي اختلافِ راءِ خطرناڪ بڻجي وئي آهي. گم ٿيل پيارن جي بازيابي جو مطالبو ڪندڙ سياسي آوازن کان وٺي سندن ڪيس وڙهندڙ وڪيلن تائين، دهشتگردي ٽوڙ عدالتن ۾ جنهن طريقي سان هر قانون جو استعمال ڪيو پيو وڃي، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اقتدار جي ايوانن ۾ اختلافِ راءِ کي سخت نفرت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. اسان تڏهن به ڳالهائڻ جي جرئت نٿا ڪريون جڏهن شيما ڪرماني جهڙين معزز شخصيتن سان پوليس بدتميزي ڪندي آهي يا جڏهن بهتر تعليم ۽ صحت جي سهولتن جو مطالبو ڪندڙ شاگردن کي اختيارين پاران زبردستي کنيو ويندو آهي. اسان جي هن بحال ٿيل، پر ڪمزور جمهوريت ۾، صدين اڳ جي اٿينز وانگر، شهري خوفزده، پريشان ۽ نظام کان بيزار آهن، پر هاڻي پنهنجي اختلافِ راءِ جو اظهار ڪرڻ ڪنهن جي حب الوطنيءَ جي سند تي هڪ نئون داغ بڻجي ويو آهي.
ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ هڪ سمجهدار ۽ امن قائم ڪندڙ جو لقب ماڻڻ ۽ عالمي سطح تي تازوئي مڃتا ملڻ کانپوءِ، هرڪو ائين سوچيندو ته اسان جا حڪمران هاڻي وڌيڪ محفوظ محسوس ڪندا، تنقيد کي برداشت ڪرڻ جو حوصلي وارا بڻجندا ۽ حقيقي فڪر رکندڙ آوازن سان ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار هوندا، پر ان جي ابتڙ، ائين پيو لڳي ته عالمي سطح تي مليل هن ڌيان سان گڏوگڏ ملڪ اندر اختلافِ راءِ تي دٻاءُ اڃان به وڌي ويو آهي. اقتدار ۾ ويٺل طبقي جي سوچ جي برخلاف، اختلافِ راءِ جو مقصد جمهوريت کي نقصان پهچائڻ يا بدنام ڪرڻ ناهي هوندو، پر ان کي بهتر بڻائڻ، ان ۾ نئون روح ڦوڪڻ هوندو آهي ته جيئن اها صرف مخصوص طاقتور طبقي بدران سڀني عام ماڻهن جي خدمت ڪري سگهي. حب الوطنيءَ جو سڀ کان وڏو تحفو، جيڪو مان اميد ڪريان ٿي ته توهان کي ملي، اهو آهي “کلي عام ۽ بهادريءَ سان اختلافِ راءِ جو اظهار”، ڇاڪاڻ ته اهوئي توهان کي ۽ اسان سڀني کي مضبوط ڪندو.
حوالو: ڊيلي ايڪسپريس ٽرائبيون.
تاريخ: 14 آگسٽ 2026
موضوع: Dissent is the heartbeat of democracy
هي مضمون ڪيئن رهيو؟