عقيدت، عقل ۽ معاشري جو فڪري زوال
Azhar Azad Mughal
استاد، مترجم، شاعر، ڪالم نگار
تحرير: ڊاڪٽر انتخاب الفت
عقيدت انساني زندگيءَ جي خوبصورت جذبن مان هڪ آهي. هيءَ محبت کي گهرائي، تعلق کي مضبوطي ۽ شخصيت کي ڪنهن اعليٰ مقصد سان لڳاءُ عطا ڪندي آهي، پر اها ئي عقيدت جڏهن عقل، سوال ۽ تنقيدي شعور کان بي نياز ٿي وڃي ته انسان سوچڻ بدران ڪنڌ جُهڪائڻ ۽ تحقيق بدران تقليد تي تيار ٿي ويندو آهي. مولانا ابوالڪلام آزاد جي بقول: “انڌي عقيدت هڪ خطرناڪ نفسياتي بيماري آهي، جيڪا پٿر کي معبود، ٻانهن کي خدا، دين فروشن کي عالم ۽ لٽيرن کي ليڊر بڻائي ڇڏيندي آهي.” ان قول جي مستند هجڻ جي تصديق پنهنجي جاءِ تي، پر ان ۾ لڪيل خيال اسان جي مذهبي، سياسي ۽ سماجي رويي تي هڪ گهرو سوال اٿاري ٿو: انسان ڪنهن شخصيت يا نظريي سان محبت ڪندي ڪندي پنهنجي سوچڻ جي آزادي ڇو وڃائي ويهندو آهي؟
انسان هميشه کان معنيٰ ۽ يقين جي ڳولها ۾ رهيو آهي. زندگي، موت، ڪائنات، انصاف ۽ مستقبل جا سوال کيس فلسفي، مذهب، ادب ۽ سائنس طرف وٺي ويندا آهن، پر سوال پاڻ سان گڏ بي يقيني به آڻيندو آهي ۽ هر شخص ان بي يقينيءَ جو مقابلو ڪرڻ جو حوصلو ناهي رکندو. ان ڪري ڪجهه ماڻهو ڪنهن اهڙي اڳواڻ، پيشوا يا نظريي جو سهارو ڳولهيندا آهن جيڪو کين هر سوال جو تيار جواب فراهم ڪري ڏئي. ائين تحقيق جي ڏکي واٽ جي ڀيٽ ۾ غير مشروط يقين جو سولو رستو وڌيڪ پرڪشش لڳڻ لڳندو آهي. عقيدت جي شروعات محبت سان ٿيندي آهي، پر جڏهن ان ۾ سوال جي گنجائش ختم ٿي وڃي ته اها فڪري غلامي جي صورت اختيار ڪري سگهي ٿي.
تاريخ ۾ شخصيت پرستي جا مثال جام ملن ٿا. ڪڏهن بادشاهن کي خدائي اختيارن جو مالڪ سمجهيو ويو، ڪڏهن مذهبي پيشوائن کي خطا کان مٿانهون قرار ڏنو ويو ۽ ڪڏهن سياسي اڳواڻن کي قوم جو واحد نجات ڏيندڙ (مسيحا) بڻائي پيش ڪيو ويو. زمانو بدليو، پر انساني نفسيات جي هيءَ ڪمزوري برقرار رهي. اڳي ڪنهن شخصيت جي چوڌاري تقدس ۽ پاڪائيءَ جو گهيرو بڻائڻ ۾ سال لڳندا هئا، اڄ سوشل ميڊيا چند ڪلاڪن ۾ هڪ عام انسان کي غير معمولي مسيحا بڻائي سگهي ٿي. هڪ تصوير، جذباتي تقرير، جوشيلو نعرو ۽ لکين ڀيرا ورجايو ويندڙ پيغام ملي ڪري اهڙو اجتماعي ماحول پيدا ڪن ٿا جنهن ۾ دليل جو آواز دٻجي ويندو آهي.
مذهبي عقيدت جو معاملو خاص طور تي حساس آهي. ڇاڪاڻ ته مذهب انسان جي روحاني ۽ اخلاقي زندگيءَ ۾ بنيادي اهميت رکي ٿو. ايمان ۽ انڌي تقليد کي هڪ سمجهڻ درست ناهي. ايمان جيڪڏهن انسان ۾ عاجزي، ايمانداري، انصاف ۽ خدمت جو جذبو پيدا ڪري ته سماج جي سڌاري جو ذريعو بڻجي ٿو، پر جڏهن ڪو شخص مذهب جي تشريح تي پنهنجي اجاره داري قائم ڪري پنهنجي هر ڳالهه کي آخري حقيقت قرار ڏيڻ لڳي ته پوءِ مسئلو پيدا ٿيندو آهي. ڪنهن عالم جو احترام ڪرڻ ۽ کيس سوال کان مٿانهون سمجهڻ ٻه مختلف رويا آهن. علم جي دنيا ۾ سوال ڪرڻ گستاخي ناهي، پر سمجهڻ جو بنيادي شرط آهي. جيڪو علم سوال کان ڊڄي، کيس پنهنجي بنيادن تي ٻيهر غور ڪرڻ گهرجي.
سياست ۾ انڌي عقيدت جا نتيجا وڌيڪ چٽا ۽ ڪن حالتن ۾ وڌيڪ خطرناڪ هوندا آهن. سياسي پارٽيون اصولن، منشور ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ قائم ٿينديون آهن، پر جڏهن پارٽي ڪنهن هڪ شخصيت جي چوڌاري ڦرڻ لڳي ته اصول آھستي آھستي شخصيت جي تابع ٿي ويندا آهن. محبوب اڳواڻ جي غلطي کي سياسي حڪمتِ عملي، جڏهن ته مخالف جي ساڳئي عمل کي بدعنواني يا نااهلي قرار ڏنو ويندو آهي. احتساب جو معيار بدلجي ويندو آهي ۽ وفاداري، سچائيءَ کان وڌيڪ اهم ٿي ويندي آهي. هي رويو ڪنهن هڪ پارٽي، ملڪ يا نظريي تائين محدود ناهي. جتي شخصيت کي اصول کان مٿانهون مقام ڏنو وڃي اتي جمهوري شعور ڪمزور ٿيڻ لڳندو آهي، ڇاڪاڻ ته جمهوريت ماڻهن جي غير مشروط فرمانبرداري جو نالو ناهي، پر ادارن، قانون ۽ جوابدهي جو نالو آهي.
نفسيات ان ڪيفيت جي هڪ دلچسپ وضاحت پيش ڪري ٿي. انسان عام طور تي اهڙي معلومات قبول ڪرڻ ۾ وڌيڪ سهولت محسوس ڪندو آهي جيڪا سندس اڳ ۾ ئي قائم ٿيل عقيدن جي تائيد ڪندي هجي. ان کي تصديقي تعصب چيو ويندو آهي. اسان پنهنجي پسنديده شخصيت جي تعريف ٻڌي خوش ٿيندا آهيون، پر مٿس تنقيد کي ذاتي حملو سمجهي وٺندا آهيون. جڏهن ڪنهن پارٽي، گروهه يا نظريي سان لڳاءُ اسان جي سڃاڻپ جو حصو بڻجي وڃي ته پوءِ اختلاف اسان کي پنهنجي ذات لاءِ هڪ خطرو محسوس ٿيڻ لڳندو آهي. نتيجي طور اسان دليل جو جواب ڏيڻ بدران دليل پيش ڪندڙ جي نيت تي حملو ڪندا آهيون. ان ئي موڙ تي ڳالهه ٻولهه ختم ۽ جهيڙو شروع ٿي ويندو آهي. تعليم جو بنيادي مقصد ان فڪري جمود کي ٽوڙڻ هجڻ گهرجي، پر بدقسمتيءَ سان اسان جا ڪجهه تعليمي رويا پڻ سوال ڪرڻ بدران فرمانبرداري (اطاعت) جي حوصلي افزائي ڪن ٿا. شاگرد جيڪڏهن استاد، ڪتاب يا ڪنهن رائج تصور تي سوال اٿاري ته کيس ڪڏهن ڪڏهن غير ضروري بحث ڪندڙ سمجهيو ويندو آهي. جيتوڻيڪ انساني علم جي تاريخ سوالن جي ذريعي ئي اڳتي وڌي آهي. سقراط سوال کي فلسفي جو وسيلو بڻايو، گليلييو مشاهدي جي بنياد تي رائج ڪائناتي تصورن کي چئلينج ڪيو ۽ آئنسٽائن زمان ۽ مڪان (وقت ۽ فضا) جي باري ۾ مڃيل تصورن کي نئين انداز سان سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي. جيڪڏهن هر قائم ٿيل تصور کي سوال کان مٿانهون قرار ڏنو وڃي ها ته شايد انساني فڪر پنهنجي شروعاتي منزلن کان اڳتي نه وڌي سگهي ها.
منهنجو مشاهدو آهي ته سائنسي طرزِ فڪر انسان کي عاجزي سيکاريندو آهي. سائنس ڪنهن نظريي کي رڳو ان ڪري درست ناهي مڃيندي جو اهو ڪنهن عظيم سائنسدان پيش ڪيو آهي. نيُوٽن جي عظمت پنهنجي جاءِ تي، پر سندس قانونن جي لاڳو ٿيڻ جون حدون بعد جي تحقيقات مان واضح ٿيون. آئنسٽائن جي غير معمولي علمي حيثيت جي باوجود، سندس نظريا پڻ تجرباتي پرک کان آزاد ناهن. سائنس جو حسن اهو ئي آهي ته هتي شخصيت نه، پر ثبوت فيصلو ڪندا آهن. هڪ نوجوان محقق جو درست دليل ڪنهن نامور سائنسدان جي غلط راءِ تي فوقيت رکي سگهي ٿو. ڪاش اهو ئي اصول اسان جي سماجي ۽ سياسي زندگيءَ ۾ پڻ رائج ٿي وڃي.
البته عقل جي اهميت مڃڻ جو مطلب جذبات کان انڪار ڪرڻ ناهي؛ انسان صرف منطق جو مجموعو ناهي، سندس اندر محبت، وفاداري، احترام ۽ لڳاءُ پڻ موجود آهن. والدين سان محبت، استاد جو احترام، وطن سان لڳاءُ ۽ مذهبي عقيدت زندگيءَ کي معنيٰ عطا ڪندا آهن. مسئلو جذبات جو ناهي پر انهن جو بي لغام ٿي وڃڻ آهي. محبت جڏهن انصاف تي غالب اچي وڃي، وفاداري سچائيءَ کي پٺي ڏئي ڇڏي ۽ احترام سوال ڪرڻ جي اجازت کسي وٺي ته پوءِ خوبصورت جذبا پڻ نقصانڪار نتيجا پيدا ڪري سگهن ٿا. ڪنهن سان محبت جو مطلب اهو ناهي ته سندس هر غلطيءَ کي خوبي قرار ڏنو وڃي. ڪجهه حالتن ۾ حقيقي خير خواهي ان ۾ ئي هوندي آهي ته انسان پنهنجي پياري شخص کي سندس غلطيءَ کان آگاهه ڪري.
اسان جي سماج ۾ عقيدت ۽ مفاد جي وچ ۾ لاڳاپو پڻ ڪافي دلچسپ آهي. ڪجهه ماڻهو ڪنهن طاقتور شخصيت جي چوڌاري ان ڪري گڏ ٿيندا آهن جو کين سندس بصيرت تي يقين هوندو آهي، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن جي ويجهو قربت ئي اصل پئسو هوندي آهي. اقتدار جي ايوانن کان وٺي تعليمي ۽ سماجي ادارن تائين اهڙا ڪردار نظر اچن ٿا جيڪي طاقتور جي هر ڳالهه ۾ حڪمت ڳولهي وٺندا آهن. صاحبِ اقتدار خاموش هجي ته ان کي تدبر، ڳالهائي ته بصيرت، مرڪي ته خوش اخلاقي ۽ ناراض ٿئي ته اصول پسندي چيو ويندو آهي. اقتدار بدلجندي ئي اهي سڀ خوبيون ڪڏهن ڪڏهن نئين صاحبِ اقتدار ڏانهن منتقل ٿي وينديون آهن. ائين لڳندو آهي ڄڻ اصول نه، پر عقيدت جو قبلو تبديل ٿيو هجي.
سوشل ميڊيا ان رجحان کي وڌيڪ هٿي ڏني آهي. معلومات جي گهڻائيءَ جي باوجود تحقيق ۽ تصديق ڪرڻ جي عادت ڪمزور ٿيندي نظر اچي ٿي. ڪو اثرائتو جملو ڪنهن مشهور مفڪر جي نالي سان منسوب ڪيو وڃي ته هزارين ماڻهو ان کي بغير تصديق جي اڳتي شيئر ڪري ڇڏيندا آهن. هن مضمون جو بنياد بڻجندڙ قول سان گڏ پڻ اها احتياط ضروري آهي. ڪنهن فڪر جي معنيٰ ۽ ان جو تاريخي لاڳاپو ٻه ڌار معاملا آهن. رڳو ڪنهن معروف شخصيت جي نالي سان منسوب ٿيڻ جي ڪري ڪنهن قول کي مستند سمجهي وٺڻ پاڻ ان غير تنقيدي رويي جو مثال آهي جنهن تي اسان ڳالهائي رهيا آهيون.
هڪ صحت مند سماج جي سڃاڻپ اها ناهي ته اتي سڀ هڪ جهڙو سوچيندا هجن، پر اها آهي ته اختلاف رکندڙ هڪ ٻئي کي ٻڌڻ جو حوصلو رکندا هجن. اسان کي ٻارن کي سيکارڻو پوندو ته ڪنهن شخصيت کان متاثر ٿيڻ سٺي ڳالهه آهي، پر کيس خطا کان مٿانهون سمجهڻ ناهي. ڪنهن نظريي کي قبول ڪرڻ هڪ شعوري عمل هجڻ گهرجي، نه ڪي رڳو ورثي ۾ مليل هڪ عادت. سياسي قيادت جي حمايت ڪارڪردگي ۽ اصولن جي بنياد تي هجي، جڏهن ته مذهبي ۽ علمي شخصيتن جو احترام تحقيق ۽ سوال ڪرڻ جي حق ۾ رڪاوٽ نه بڻجي. ڳالهه عقيدت کي ختم ڪرڻ جي ناهي، پر ان کي شعور، اعتدال ۽ اخلاقي ذميواري جي تابع ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان کي اهڙو سماج گهرجي جتي استاد جو احترام هجي، پر سوال ڪرڻ جي آزادي به، مذهبي اڳواڻ جي عزت هجي، پر تحقيق جو دروازو کليل رهي، سياسي قيادت جي حمايت هجي، پر احتساب جو حق محفوظ رهي ۽ محبت هجي، پر ان جي قيمت عقل جي قرباني نه هجي. انسان لاءِ سڀ کان وڏو خطرو اهو ناهي ته هو ڪنهن غلط ڳالهه کي درست سمجهي ويهي؛ اصل خطرو ان وقت پيدا ٿيندو آهي جڏهن هو اهو يقين ڪري وٺي ته سندس پسنديده شخص، گروهه يا نظريو ڪڏهن غلط ٿي ئي نٿو سگهي. عقيدت اکين ۾ روشني پيدا ڪري ته نعمت آهي ۽ جيڪڏهن اکين تي پٽي ٻڌي ڇڏي ته الميو آهي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟