کٽل پاڻي ۽ سڪل زمين: ڇا سائنس سنڌ جي زراعت کي بچائي سگهندي؟
Ramesh Raja سول اينڊ ريسرچ انجنيئر، آرٽسٽ، ڪالم نگار
PMP سرٽيفائيڊ ۽ ادب، فن ۽ سياحت سان خاص شوق رکندڙ.
صدين کان سنڌ جو آبادگار ٻن شين ڏانهن اکيون کڻي ڏسندو رهيو آهي، هڪ مٿي ڪڪرن ڀريل آسمان ڏانهن، ٻيو هيٺ وهندڙ سنڌو ڏانهن. درياءَ جي دل ۾ جيڪڏهن رحم هو ته ٻني جي جهولي ڀريل هوندي هئي. هاڻي اهو پراڻو ناتو ٽٽي رهيو آهي، اهو حساب ڪتاب ڪم نٿو ڪري. هن سال مارچ ۾ ئي سکر بئراج، جنهن کي سنڌ جي زراعت جي شاهه رڳ چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو، ان تي 69.8 سيڪڙو پاڻي جي اڻهوند رڪارڊ ڪئي وئي. سڄي سنڌ ۾ سراسري کوٽ 52 سيڪڙو کان مٿي هئي، اهو به ان وقت جڏهن ٻج ڌرتي جي هنج ۾ پوڻ گهرجي ها. ڪوٽڙي بئراج، سمنڊ کان اڳ سنڌو جو آخري بند، ان کان هيٺ وهڪرو 150 ارب ڪيوبڪ ميٽر مان سڪي رڳو ھڪ ارب تي اچي بيٺو آهي. ان پاڻي سان گڏ هر سال ايندڙ 400 ملين ٽن ڀوري ۽ سون جهڙي زرخيز چيڪ به هاڻي نٿي اچي، ان جي جاءِ تي سمنڊ جو کارو ڏهڪاءُ اڳتي وڌي رهيو آهي. سنڌ ست هزار ڪلو ميٽر ڊگهي سنڌو طاس جي آبپاشي نظام جي ڇيڙي تي ويٺل آهي. درياءَ جي مٿين وهڪرن ۾ کنگهه به ٿئي ته سنڌ کي بخار ٿي وڃي ٿو، پر رڳو مٿانهين وارن ڏانهن آڱر کڻڻ سان اسان جا سڪل واهه ساوا نه ٿيندا. دنيا اسان کي سيکاريو آهي ته ريگستان به گلزار ٿي سگهن ٿا، شرط اهو آهي ته اسان جو سوچڻ جو انداز بدلجي.
ٻوڏ واري ٻني کان سائنسي ٻني تائين: اسان وٽ اڄ به نوي سيڪڙو زراعت ٻوڏ واري طريقي سان ٿئي ٿي. پاڻي کولي ڇڏيو، سڄو کيت ٻوڙي ڇڏيو. هن طريقي ۾ 60 سيڪڙو پاڻي بخارات ٿي اڏامي وڃي ٿو يا ڌرتي هيٺ هليو وڃي ٿو. پاڙ تائين رڳو 35 سيڪڙو پهچي ٿو. اسرائيل، جنهن جو 60 سيڪڙو ملڪ ٿر آهي، ان هن موت کي 1960ع ۾ ئي سمجهي ورتو ۽ ڊرپ آبپاشي ايجاد ڪئي. اڄ اسرائيل پنهنجي شهرن جي 80 کان 90 سيڪڙو گندي پاڻي کي صاف ڪري ٻيهر زراعت ۾ آڻي ٿو، دنيا ۾ سڀ کان مٿانهون مثال، ڊرپ ذريعي پاڻي سڌو ٻوٽي جي پاڙ ۾ ڦڙو ڪري وڃي ٿو، 70-80 سيڪڙو بچت ٿئي ٿي. نتيجو – پاڻي اڌ کان به گهٽ، پيداوار ٻيڻي. اها ڪهاڻي هاڻي پرڏيهي نه رهي. سانگهڙ ۽ مٺي ۾ اسان جا پنهنجا آبادگار SIAPEP پروجيڪٽ تحت مرچ ۽ ڪپهه ڊرپ تي پوکي رهيا آهن. پاڻي 45 سيڪڙو گهٽ، پيداوار 20 مڻ مان 40 مڻ. ليزر ليولر سان زمين اهڙي ته شيشي وانگر برابر ٿئي ٿي جو هڪ ڦڙو به ضايع نٿو ٿئي، 25 سيڪڙو پاڻي بچي ٿو. ان کان به سستا نسخا آهن. چانورن کي سڄو سال پاڻي ۾ ٻوڙي رکڻ جي ڪهڙي ضرورت؟ AWD طريقي سان زمين کي ٻه ٽي ڏينهن سڪڻ ڏيو، پوءِ پاڻي ڏيو، 30 سيڪڙو پاڻي بچي ٿو. سڌي پوک وارا چانور يعني ٻج سڌو ڇٽي پوکڻ، 30 سيڪڙو پاڻي ۽ 15 ڏينهن ٻئي بچائي ٿو. هي طريقا هندستان جي پنجاب ۾ لکين ايڪڙن تي ڪامياب ٿي چڪا آهن.
اهو ننڍڙو ملڪ جيڪو دنيا کي کارائي ٿو: ٻيو سبق هالينڊ کان وٺون، هالينڊ جو سڄو ملڪ اسان جي بدين ضلعي کان ٿورو وڏو آهي، پر اهو آمريڪا کان پوءِ دنيا ۾ زرعي شين جو ٻيو نمبر وڏو برآمد ڪندڙ آهي. هن اهو ڪمال ڪيئن ڪيو؟ زمين وڌائي نه، پر سوچ وڌائي. سڄو ملڪ 10,000 شيشي جي گهرن، گرين هائوسز سان ڀريل آهي. کليل ميدان ۾ جتي هڪ ڪلو ٽماٽو 60 ليٽر پاڻي گهري ٿو، اتي ڊچ گرين هائوس ۾ اهو رڳو 4 ليٽر ۾ تيار ٿئي ٿو. دنيا جي سبزي جي ٻج جو ٽيون حصو هن ننڍڙي ملڪ مان اچي ٿو. اهو منظر هاڻي ڪراچي جي گڏاپ ۽ ملير ۾ به نظر اچي ٿو. 15 کان وڌيڪ فارمن تي مٽي کانسواءِ زراعت ٿي رهي آهي، هائيڊروپونڪس، پاڻي سان ڀريل پائيپن ۾ ليٽس، بيسل ۽ چيري ٽماٽو هوا ۾ لٽڪي رهيا آهن. 95 سيڪڙو گهٽ پاڻي، هڪ ڪلو ليٽس 800 رپين ۾ پنج تارا هوٽلن ڏانهن وڃي ٿو. اها آهي جديد زراعت جيڪا زمين نه، پر عقل سان ٿئي ٿي.
سنڌ جا زخم ۽ انهن جو مرهم: سنڌ جي زراعت ٽن زخمن سان رتورت آهي. هڪڙو پاڻي جي اڻهوند، ٻيو زمين جو کاراٺ ۽ ٽيون پيداوار جو ضايع ٿيڻ. ٺٽي، سجاول ۽ بدين ۾ 12 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين سمنڊ ڳهي چڪو آهي. 30 سيڪڙو زمين اڇي کار سان ڍڪيل آهي. اسان جي مٽي ۾ ساھ کڻندڙ مادو، نامياتي مادو، اڌ سيڪڙو کان به گهٽ رهجي ويو آهي.
پر هر زخم جو مرهم به موجود آهي: پهريون مرهم: فصل مٽايو، چانور ۽ ڪمند اسان جي 70 سيڪڙو پاڻي پي وڃن ٿا. انهن جي جاءِ تي جيڪڏهن اسان تِل، سج مکي، موڱ ۽ ڳوار جهڙا فصل پوکيون، جيڪي 80 سيڪڙو گهٽ پاڻي گهرن ٿا ۽ جن جو اگهه آسمان تي آهي تِل جو هڪ مڻ 16 هزار رپيا ته 20 لک ايڪڙ فوٽ پاڻي بچي سگهي ٿو.
ٻيو مرهم: مٽي جي ماءُ جهڙي خدمت ڪريو. ٽنڊي ڄام يونيورسٽي مان 500 رپين جي مٽي ٽيسٽ ڪرايو. خبر پوندي ته زمين کي يوريا نه، پر جپسم گهرجي. ڳوبر ۽ ڪچري جي ڀاڻ سان مٽي ٻيهر جيئري ٿيندي، پاڻي جهلڻ جي طاقت ٻيڻي ٿيندي.
ٽيون مرهم: جيڪو پوکيون ٿا سو بچايون. سنڌ 70 سيڪڙو مرچ، 50 سيڪڙو ڪيلا ۽ 30 سيڪڙو انب پيدا ڪري ٿي، پر 30 سيڪڙو رستي ۾ ئي سڙي وڃي ٿو. 80 هزار رپين جو سولر ڊرائر آبادگار جي گهر ۾ ئي مرچ ۽ انب کي سڪائي، ان جو اگهه ٻيڻو ڪري سگهي ٿو.
اڃايل ڌرتي جو سڀاڻي: سنڌ وٽ سج جي تپش جي کوٽ ناهي، نه ئي زرخيز مٽي جي. اسان وٽ محنتي هاري جي به کوٽ ناهي. کوٽ آهي ته رڳو پاڻي جي سار سنڀال جي. اچو ته سچ کي مڃون، سنڌو ۾ پاڻي وڌڻ وارو ناهي، موسم وڌيڪ گرم ٿيندي، سمنڊ وڌيڪ اڳتي ايندو، جيڪو وس اسان جي هٿ ۾ آهي اهو آهي ته اسان پنهنجي ٻني اندر ڇا ڪريون ٿا.
ليزر سان زمين برابر ڪرڻ، ڪڻڪ کي بسترن تي پوکڻ، چانورن کي سڪائي سڪائي پاڻي ڏيڻ رڳو هنن ٽن ڪمن سان ايترو پاڻي بچي ٿو جيترو ڪنهن وڏي ڊيم مان به سنڌ کي نه ملندو. ڊگهي سوچ اها آهي ته گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي تي پاڻي جو حساب ڪتاب شيشي وانگر صاف هجي، ٽيلي ميٽري لڳي، هر ڦڙي جو انگ اکر هجي. ڪوهستان ۽ ٿر ۾ برسات جو پاڻي روڪڻ لاءِ ننڍا تلاءُ ٺهن، جيئن آسٽريليا ڪيو آهي. سنڌو قديم آهي، پر اسان جا طريقا قديم نٿا رهي سگهن، جيڪو آبادگار ڪنهن دور ۾ ڪڪرن ڏانهن اکيون کڻي دعا گهرندو هو، هاڻي هن کي موبائل تي نمي جو گراف، pH ميٽر ۽ منڊي جو اگهه ڏسڻو پوندو. جيڪڏهن اسرائيل ريگستان کي باغ بڻائي سگهي ٿو، جيڪڏهن هالينڊ جهڙو ننڍڙو ملڪ شيشي جي گهرن مان دنيا کي کارائي سگهي ٿو ته پوءِ سنڌ، جنهن وٽ اڃان به سنڌو جو سيني جهڙو وهڪرو آهي، ڇو نه وطن کي بچائي سگھندو.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟