سي ايس ايس-غم جو هڪ اڻ کٽ داستان
Azhar Azad Mughal
استاد، مترجم، شاعر، ڪالم نگار
“هيلو، اميد آهي ته توهان خيريت سان هوندا. مون هينئر ئي توهان جو ڪالم (CSS Mishap/سي ايس ايس جو حادثو) پڙهيو آهي ۽ مان ان فوت ٿي ويل شاگرد جي تڪليف کي محسوس ڪري سگهان ٿي. ڇاڪاڻ ته ڪلهه ئي منهنجو سي ايس ايس جو نتيجو آيو آهي، مان لکت وارو امتحان پاس نه ڪري سگهيس. ڇا توهان مهرباني ڪري هڪ ٻيو آرٽيڪل لکي سگهو ٿا؟ هڪ عورت هجڻ جي ناتي، منهنجي امتحاني ڏينهن کان هڪ ڏينهن اڳ ئي مون کي پي ايم ايس (PMS/حيض کان اڳ واريون تڪليفون) شروع ٿي ويون. هي 9 ڏينهن وارو امتحان منهنجي لاءِ انتهائي ڏکيو بڻجي ويو. مان هرهڪ ڏينهن پاڻ کي گِهلي امتحان ڏيڻ ويندي هئس، انهن عجيب ۽ تڪليف ڏيندڙ ڪرسين تي وهڻو پوندو هو، جتان جڏهن توهان گهر واپس اچو ته توهان جي پٺي ايتري سڪڙجي ويندي آهي جو مان بيان به نٿي ڪري سگهان. هڪ اهڙو امتحان جنهن لاءِ توهان رات ڏينهن پڙهو ٿا ۽ آخر ۾ حياتياتي تبديليون توهان کي اهڙي موڙ تي کڻي اچن ٿيون. مون جهڙيون ڪيتريون ئي عورتون آهن جن تي ناڪامي جو ٺپو لڳايو وڃي ٿو؟ ڇا ڪو ڪڏهن هن اذيت کي سمجهندو؟ مون اهي 9 ڏينهن ڪيئن گذاريا جڏهن انسان جي ڌيان ڏيڻ جي صلاحيت اڳيئي گهٽجي ويندي آهي ۽ سالن جي محنت جو فيصلو صرف 3 ڪلاڪن جي پيپر ۾ ڪيو ويندو آهي؟ مهرباني ڪري ان باري ۾ ڪجهه لکو.”
گذريل هفتي سي ايس ايس 2026 جي لکت واري نتيجن کانپوءِ مون کي هڪ اميدوار عورت پاران مليل هيءَ ايميل، اڪثر اميدوارن جي اڻ چيل المين ۽ تعليمي توڙي ڪوچنگ جي نظام، سماجي سوچ ۽ سي ايس ايس جي امتحان تي هڪ اهڙو داغ آهي جنهن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. تنهن هوندي به، هي ڪالم آخري ٻن شين (سماجي سوچ ۽ سي ايس ايس امتحان) جو جائزو وٺي ٿو. سي ايس ايس پاڪستان جي اڪثر نوجوانن کي پنهنجي گرفت ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ اهڙن ڪيترن ئي خاموش المين کي لڪائي ڇڏي ٿو، جن کي اميدوار هڪ مشڪل ۽ اڪثر دوکو ڏيندڙ اميد جي قيمت طور برداشت ڪن ٿا. ڪامياب ٿيندڙن کانسواءِ جن جي ڪاميابيءَ جو خرچ آخرڪار عوام ڀري ٿو، باقي اميدوارن کي هڪ اهڙي غلطيءَ لاءِ سخت سماجي بدنامي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جيڪو اصل ۾ سي ايس ايس ۽ ايف پي ايس سي (FPSC) جي نظام ۾ آهي. والدين، دوست ۽ مائٽ ناڪاميءَ جو پورو ڏوهه صرف اميدوارن تي هڻندا آهن. اهي سندن ڪيل ڪوششن، جاڳيل راتين، ذهني دٻاءُ واري زندگي، بي وقتي کائڻ، ڪوچنگ سينٽرن جي ڦرلٽ ۽ ايف پي ايس سي جي سڀني خامين کي مڪمل طور نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهن. حقيقت ۾، هي امتحان ايترو مبهم آهي جو ڪامياب ٿيندڙ ۽ ناڪام ٿيندڙ، ٻئي ڪڏهن به ان جا اصل ڪارڻ نٿا سمجهي سگهن، ۽ نه ئي وري ايف پي ايس سي کي ان جي خبر هوندي آهي.
امتحان وٺندڙن جي پنهنجي قابليت ڪهڙي آهي؟ اهي جوابي ڪاپين ۾ پڪي ۽ هڪجهڙي انداز سان ڪهڙي شيءِ تي مارڪون ڏيندا آهن؟ پيپرن جي مارڪنگ انهن جي ذاتي پسند ناپسند ۽ ٻاهرين حڪمن کان ڪيئن محفوظ رهندي آهي؟ پيپرن ۾ مارڪون اچڻ جا رجحان ڇو ۽ ڪهڙا آهن، اهي ڪيئن طئي ٿيندا آهن، ۽ انهن جو حڪم ڪير ڏيندو آهي؟ نتيجو تيار ٿيڻ کانپوءِ ڇا ڪو اهڙو مرحلو ناهي هوندو جنهن جو مقصد پاس ٿيڻ جي شرح کي گهٽائڻ هجي ته جيئن “اداري جي ڪارڪردگي” جو ڀرم رکي سگهجي؟ ڪنهن کي به خبر ناهي. سڀ ڪجهه هڪ ابهام ۾ هلي رهيو آهي.
سليبس ۽ هدايتن جي باوجود، اڪثر نتيجا ۽ مارڪون انهن ٻنهي شين جي تصديق نٿيون ڪن. مثال طور، هڪ اميدوار جيڪو پهرين ڪوشش ۾ 80 مارڪون کڻي ٿو، اهو ٻي ڪوشش ۾ 18 ۽ ٽين ڪوشش ۾ رڳو 8 مارڪون حاصل ڪري ٿو. ايف پي ايس سي جي ان منطق جي حساب سان ته اميدوار ڪنهن مضمون کي جيترو وڌيڪ پڙهندو، لکندو ۽ مشق ڪندو، اوترو ئي اهو ان مضمون مان هٿ ڌوئي ويهندو. اها ڪا حيرت جي ڳالهه ناهي. اصل حيرت جي ڳالهه ان تناظر ۾ لڪيل اهو اشارو آهي ته: نه پڙهو. نه لکو. سوال نه ڪريو. ۽ نه ئي سوچيو. تڏهن ئي توهان ڪامياب ٿيندؤ. اهو ئي سبب آهي جو سي ايس ايس هڪ مقابلي واري امتحان بدران حڪم مڃڻ وارو امتحان بڻجي ويو آهي، جيڪو عوام جي بهترين ماڻهن کي چونڊڻ بدران موجوده نظام جي ڪريم کي ڇاڻي ڌار ڪري ٿو.
ٻئي طرف، وقت به وقت اچڻ واريون پيپر چيڪ ڪندڙن جون رپورٽون ڪنهن مذاق وانگر لڳنديون آهن، جيڪي هزارين اميدوارن جي ناڪامين جي سببن تي ٻڌل رڳو ساديون عام ڳالهيون هونديون آهن، جيڪي ڪنهن حقيقي تشخيص بدران صرف هڪ رسم پوري ڪرڻ لاءِ لکيون وينديون آهن. ڇاڪاڻ ته هي نظام جنهن انداز سان مارڪون ڏئي ٿو، اهو هڪ سچي ذهن، ايمانداري ۽ ديانتداري جي خلاف آهي. جيڪي ماڻهو ان کي پاس ڪن ٿا، اهي سماج کي ڪامياب ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وڃن ٿا ۽ ان کي ناڪام ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن. جيڪڏهن ائين نه هجي ها، ته اڄ اسان جو سماج ايترو ناڪام نه هجي ها.
اڄ جي دور ۾، سي ايس ايس موجوده نظام جي هڪ هٿيار طور نوجوانن ۾ مايوسيءَ کي تيزيءَ سان وڌائي رهيو آهي – جيڪو سماجي سطح تي هڪ اهڙي ناڪام ڪاميابي ڏئي ٿو، جنهن جي پٺيان حقيقي انفرادي ۽ اجتماعي ناڪامي هوندي آهي.
ڇا ان مان نڪرڻ جو ڪو رستو آهي؟ هن نوآبادياتي سي ايس ايس نظام کي مڪمل طور ختم ڪرڻ ئي سماجي مسئلن ۽ شاگردن جي مايوسيءَ جو مستقل حل آهي، پر اڄ جي دور ۾ اهو ناممڪن ٿو لڳي. تنهنڪري، هاڻي نظام ۾ شفافيت ۽ واضح مقصدن جي ضرورت آهي. پهرين ڳالهه ته سڀني غير واضح شين ۽ سوالن کي حل ڪيو وڃي. ٻي ڳالهه ته هر اميدوار جي ڊي ايم سي تي پيپر چيڪ ڪندڙ پاران هر پاس ۽ ناڪام ٿيل پيپر تي ذاتي راءِ ۽ ناڪاميءَ جا سبب لکيا وڃن، جيڪي عوامي ۽ علمي جائزي لاءِ کليل هجن ۽ اهو ئي طريقو پاس ٿيندڙ اميدوارن لاءِ به هجڻ گهرجي. آخري ڳالهه اها ته اميدوارن سان گڏ هڪ آن لائن فيڊ بيڪ سسٽم (گذارشون ٻڌڻ جو نظام) ٺاهيو وڃي، جتي سندن شڪايتن جو ازالو ڪيو وڃي.
حوالو:ڊيلي ايڪسپريس ٽرائبيون، تاريخ:5 سيپٽمبر 2026
موضوع:CSS – the untold tragedy
ليکڪ: علي حسن ڀنگوار
هي مضمون ڪيئن رهيو؟