اسلامي جمهوريه پاڪستان، بجيٽ ۽ عوام!
Tufail Magsi
ڪالم نگار
اسان جي پياري ملڪ پاڪستان جو آئيني نالو اسلامي جمهوريه پاڪستان آهي، پر جڏهن بجيٽ جو جائزو وٺجي ٿو ۽ حڪومت جون ترجيحون ڏسجن ٿيون ته ذهن ۾ هڪ بنيادي سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا اسان جي معاشي منصوبابندي واقعي انهن اصولن تي قائم آهي، جن جو بنياد قرآن، عدل، امانت، مساوات ۽ انساني فلاح تي رکيو آهي؟ قرآن جو معيشت وارو تصور صرف آمدني ۽ خرچن جو حساب ناهي، بلڪه هڪ اهڙو نظام آهي، جنهن ۾ دولت جو وهڪرو معاشري جي هر طبقي تائين پهچي، ڪمزور کي تحفظ ملي، يتيم، مسڪين، مزدور، هاري ۽ ضرورتمند کي سندس حق ملي ۽ وسيلا مٺ جيترن طاقتور هٿن ۾ محدود نه رهن. جيڪڏهن بجيٽ جا ثمر هيٺين طبقي تائين منصوبي سان گڏ نه پهچي سگهن ته معاشي ترقي جون دعوائون پنهنجي حقيقت يا سچائي وڃائي ويهن ٿيون. افسوس آهي ته اسان جي بجيٽ ۾ اڪثر صحت، تعليم، سائنسي تحقيق، نون تجربي گاهن، ٽيڪنالاجي ۽ انساني ترقي جا شعبا اها اهميت حاصل نه ڪري سگهيا آهن، جيڪي ڪنهن به ترقي يافته قوم جا بنياد بڻجن ٿا. دنيا جون اهي قومون اڳتي وڌيون جن اسپتالن، يونيورسٽين، تحقيقاتي مرڪزن ۽ انساني صلاحيتن تي سرمائيڪاري ڪئي. ڇو ته اصل دولت زمين جي هيٺان نه، بلڪه انسان جي ذهن ۾ هوندي آهي.
جيڪڏهن هڪ ملڪ تحقيق تي خرچ نه ڪري، سائنس کي واڌ نه ڏئي، نوجوانن کي تعليم ۽ هنر سان نه سينگاري ۽ صحت کي بنيادي اوليت نه بڻائي ته اها قرضن جي بار کان نڪرڻ بجاءِ دارومدار جي زنجيرن ۾ قيد ٿيندي ويندي آهي. اڄ پاڪستان بين الاقومي مالياتي دٻاءُ ۽ ٻاهرين قرضن جي بار جو منهن ڏسي رهيو آهي. ان صورتحال ۾ ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته اسان پنهنجين معاشي پاليسين کي اهڙن اصولن تي استوار ڪريون جيڪي پاڻ دارومداري، شفافيت، ديانت، انصاف ۽ وسيلن جي منصفاڻي ورهاست کي واڌ ڏين. ظلم، استحصال ۽ دولت جي هڪ جاءِ تي جمع ٿيڻ سان معاشرا ڪمزور ٿيندا آهن، جڏهن ته عقل ۽ امانت انهن کي مضبوط بڻائين ٿا. جيڪڏهن اسلامي جمهوريه پاڪستان واقعي پنهنجي نالي جي مطابق هڪ فلاحي رياست بنجڻ چاهي ٿي ته بجيٽ کي صرف مالياتي توازن جو دستاويز نه، بلڪه انساني ترقي جو منشور بنائڻو پوندو. اهڙو منشور جنهن ۾ تعليم، صحت، سائنسي تحقيق، زرعي سڌارا، ننڍا ڪاروبار، صنعت، ٽيڪنالاجي ۽ ڪمزور طبقن جي فلاح اولين ترجيح هجي ته جيئن ترقيءَ جو سفر صرف ايوانن تائين يا ڪاغذن تائين محدود نه رهي، بلڪه ٻهراڙين، بازارن، ڪارخانن ۽ عام شهري جي زندگي تائين پهچي سگهي. قرآن جو اصول چٽو آهي ته انصاف کان بنا مضبوطي ممڪن ناهي ۽ ناانصافي تي قائم نظام ديرپا ناهي هوندو. جيستائين وسيلن جي منصفاڻي ورهاست، قانون جي برابري ۽ انساني وقار کي بجيٽ جو مرڪز نٿو بڻايو وڃي، ان وقت تائين معاشي انگ ۽ اکر بهتر هئڻ جي باوجود عوام جي زندگي ۾ حقيقي خوشحالي پيدا نه ٿي سگهندي. اسلامي جمهوريه پاڪستان جي اصل طاقت انهيءَ وقت سامهون ايندي جڏهن ملڪ جي بجيٽ قرآن جي ابدي اصولن جي عملي تصوير بڻجي جن ۾ هر انسان جا حق، عزت، روزگار، علم ۽ فلاح کي رياست جي بنيادي ذميواري قرار ڏنو ويو آهي. جي ايئن نٿو ڪيو وڃي ته پوءِ هن ملڪ جو نالو ضرور تبديل ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ تي هن ملڪ ۾ ٿيندڙ هر عمل قرآن ۽ اسلام جي ابتڙ ٿيندو رهي ٿو.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟