ڪائناتي چئلينج: اصل ۾ اهي ٿنڀ آهن جن تي انسانيت جو محل بيٺل آهي
جڏهن کان انسان شعور جي اونهائين کي ڇهيو آهي، تڏهن کان هو پنهنجي وجود ۽ هن بي انتها ڪائنات جي اسرارن سان نبيرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي. انساني ذهن ۾ اڪثر اهو سوال اڀرندو آهي ته جيڪڏهن ڪائنات جو خالق سڀ ڪجهه پهريان کان ئي مڪمل، سينگاريل ۽ تيار ڪيل زندگي رکي ها ته زندگي ڪيتري نه سھنجي هجي ها! نه بک هجي ها، نه بيماري، نه موسم جي سختي ۽ نه ئي ڪا قدرتي آفت، پر گهرائيءَ سان جائزو وٺڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته اهڙي “مڪمل سهولت” ۽ “بنا محنت جي حاصلات” اصل ۾ انساني ارتقا جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ ثابت ٿئي ها. ڏکائيون، بيماريون ۽ ماحولياتي چيلينج ڪو عذاب يا رنڊڪ نھ آھن، پر اهي انساني وجود کي گهڙي ٺاهي هيري وانگر چمڪائين ٿيون. جيڪڏهن ڪائنات ۾ سڀ ڪجهه ٿالھيءَ ۾ رکيل ملي ها ته انسان ڪڏهن به اڄوڪي فڪري، ذهني ۽ جسماني اوج ۽ عظمت حاصل نه ڪري سگهي ها. حياتيات ۽ طبعيات جا بنيادي قانون واضح ڪن ٿا ته زندگي نالو ئي لاڳيتي چرپر، ڇڪتاڻ ۽ ماحول سان جاکوڙڻ جو آهي. جيڪڏهن هر شيءِ آسان هجي ها ته سائنسي طور انسان جو وجود ئي ناممڪن ٿي پوي ها. طبعيات جو هڪ تمام وڏو قانون آهي، جنهن کي اسان اجڙڻ (Entropy) جو قانون چوندا آهيون. هن قانون مطابق، ڪائنات ۾ موجود هر نظام قدرتي طور تي زوال، بگاڙ ۽ آرس طرف ويندو آهي، جيستائين ان تي ٻاهر کان توانائي يا طاقت نه لڳائي وڃي.
جيڪڏهن انسان کي هر شيءِ بنا محنت جي ملي وڃي ها، انسان پنهنجي جسم ۽ دماغ کي استعمال ڪرڻ بند ڪري ڇڏي ها. جڏهن توانائيءَ جو تبادلو ۽ استعمال بند ٿيندو آهي ته حياتياتي نظام تيزي سان زوال ڏانهن ويندو آهي. اسان جا جسماني عضوا نسل درنسل ڪمزور ٿيندا وڃن ها ۽ آخرڪار انساني نسل جو حياتياتي خاتمو ٿي وڃي ها. تنهنڪري بقا لاءِ مسلسل محنت طبعيات جي اها مجبوري آهي، جيڪا اسان کي زنده رکي ٿي. سائنسي تحقيق ٻڌائي ٿي ته انساني دماغ ڪنهن پٿر وانگر نھرو يا ڏاڍو نھ آھي، پر اهو هڪ لچڪدار عضوي وانگر آهي. جڏهن انسان ڪنهن نئين مسئلي کي منهن ڏئي ٿو ته سندس دماغ نوان رستا ڳولهڻ لاءِ “تنتي لاڳاپا” ٺاهيندو آهي. ان عمل کي “نيورو پلاسٽيسٽي” چيو ويندو آهي. جيڪڏهن انسان جي زندگي ڏکيائين کان خالي هجي ها ته دماغ کي ڪڏهن به ڪا پلاننگ، سوچ ويچار يا تخليقي ڪم ڪرڻو ئي نه پوي ها. چيلينجن جي غير موجودگيءَ ۾ انسان جو دماغ مڪمل طور سست ٿي وڃي ها، جنهن ڪري اسان اڄ به هڪ غار ۾ رهندڙ شروعاتي جاندار وانگر بلڪل سادا هجون ها. سڀئي علم، سائنسي کوجنائون، فضا جون اڏامون ۽ فلسفو رڳو تڏهن پيدا ٿيا جڏهن دماغ کي چيلينج مليا. ارتقا جي سڀ کان وڏي سگهه “طبعي چونڊ” آهي. جڏهن ماحول تبديل ٿيندو آهي ۽ ڏکيائيون پيدا ٿينديون آهن ته جاندارن جا جينز پاڻ کي ان سخت ماحول مطابق پلٽائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. جيڪڏهن ماحول شروعات کان ئي مڪمل طور تي سڻائو، وڻندڙ ۽ سھنجو هجي ها ته جينياتي ميوٽيشن ۽ موافقت جو عمل بيهي وڃي ها. ارتقا جي بيهڻ جو مطلب آهي ته انساني نسل ۾ نوان گڻ، نيون صلاحيتون ۽ سخت حالتن جو مقابلو ڪرڻ جي طاقت ڪڏهن به پيدا نه ٿئي ها. فلسفي جي تاريخ ۾ هي سوال هڪ تمام وڏي جڳهه والاري ٿو. مشهور فلسفين انسان جي تڪليف ۽ ڏکيائين کي زوال بدران روحاني ۽ شعوري بلنديءَ جو وسيلو قرار ڏنو آهي. مذهبي فلسفي John Hick هڪ تمام عظيم بحث پيش ڪيو، جنهن کي هو “روح سازي” چوي ٿو. سندس مطابق: “هيءَ دنيا انسان لاءِ ڪو تفريح گاهه ناهي جتي رڳو لذت وٺڻي آهي، پر هي هڪ اسڪول آهي جتي انسان پنهنجي اخلاقي ۽ روحاني ڪردار کي سڌاريندو آهي.”
جيڪڏهن دنيا ۾ ڪا تڪليف، غربت، ڏک يا بيماري نه هجي ها اسان ڪڏهن به صبر جو مطلب نه سمجهون ها، ڇاڪاڻ ته صبر ڪرڻ جي ضرورت ئي نه پوي ها. اسان وٽ بهادري جو ڪو تصور نه هجي ها، ڇو ته بهادري ڏيکارڻ لاءِ ڪو چيلينج ئي نه هجي ها. سخاوت ۽ قرباني جهڙا سدا بهار گڻ مٽجي وڃن ها، ڇو ته هر ڪنهن وٽ سڀ ڪجهه هوندو ته ڪنهن کي ٻئي جي مدد ڪرڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ٿئي ها. ان ڪري، تڪليف انساني روح کي پگهرائي ان مان سون تيار ڪرڻ واري بٺي آهي. سارتر ۽ ٻين وجودي فلسفين جي نظر ۾ انسان جو اصل جوهر “سندس آزاد ارادو آهي.” انسان پنهنجي فيصلن جي ڪري سڃاتو وڃي ٿو. جيڪڏهن سڀ ڪجهه “ٺهيل” ملي وڃي ها ته انسان وٽ ڪنهن به شيءِ جي چونڊ ڪرڻ جو رستو ئي نه هجي ها. جتي چونڊ نه هوندي، اتي اختيار ختم ٿي ويندو. ائين انسان هڪ آزاد وجود بدران مٽيءَ جي ان رانديڪي وانگر بڻجي وڃي ها جنهن جون سڀ چاٻيون اڳ ۾ ئي ڀريل هجن. چيلينج انسان کي موقعو ڏين ٿا ته هو پنهنجي مرضيءَ سان پنهنجو رستو چونڊي پنهنجي تقدير پاڻ لکي. جرمن فلسفي فريڊرڪ نيچا چيو هو ته: “جيڪا شيءِ اسان کي ماري نٿي سگهي، اها اسان کي وڌيڪ مضبوط بڻائي ٿي.” سندس نظر ۾ سچي خوشي آرام واري زندگي گذارڻ ۾ نه، پر پنهنجي اندروني طاقت کي سڃاڻڻ ۽ مشڪلاتن مٿان غالب پوڻ آهي. جيڪڏهن زندگي هر قسم جي تڪليف کان پاڪ هجي ها، ته انسان ڪڏهن به پنهنجي اندر لڪيل عظيم انسان کي ظاهر نه ڪري سگهي ها. ولاديمير لينن جي مشهور قول “اطمينان موت آهي” کي جيڪڏهن اسان سياسي، سماجي ۽ نفسياتي تناظر ۾ ڏسون ته معلوم ٿيندو ته اهو هڪ اٽل سچ آهي. انساني نفسيات ۾ جڏهن هڪ فرد پنهنجي حالتن تي 100 سيڪڙو مطمئن ٿي وڃي ٿو ته سندس اڳڀرائي بيهي رهي ٿي.
تجسس جو خاتمو: جڏهن انسان پاڻ کي مڪمل پرامن ۽ مطمئن محسوس ڪندو آهي ته سندس اندر جو “تجسس” مري ويندو آهي. تجسس ئي اهو جذبو آهي جيڪو انسان کي ڪائنات جون وسعتون ڳولهڻ تي مجبور ڪري ٿو. ذهني جمود: جيڪي قومون مڪمل اطمينان جي حالت ۾ اچي ويون آهن، اهي تاريخ جي صفحن تان مٽجي ويون. انساني نفسيات ڪم تڏهن ئي ڪندي آهي، جڏهن ان کي ڪنهن بهتريءَ جي اميد يا ڪنهن اڻپورائيءَ جو احساس هوندو آهي. دنيا جا سڀ عظيم شاهڪار چاهي شاهه لطيف جو رسالو هجي، مائيڪل اينجلو جو آرٽ هجي يا آئن اسٽائن جو نظريو، سڀ هڪ خاص قسم جي “ذهني بي چيني” مان پيدا ٿيا آهن. جيڪڏهن اهي عظيم دماغ پنهنجي وقت جي علم، سماج ۽ حالتن تي مطمئن هجن ها ته اڄ انساني تاريخ تمام گهڻي سادي هجي ها. بي چيني انسان کي اڳتي وڌڻ جو دڳ ڏيکاريندي آهي. جڏهن سماج ۾ ڪا بيماري، قدرتي آفت (جهڙوڪ: زلزلو، ٻوڏ يا ڏڪار) اچن ٿا ته اڪثر ماڻهو جذباتي ٿي خدا سان شڪايت ڪندا آهن. اچو ته هن پهلوءَ کي منطقي ۽ عقلي بنيادن تي پرکيون ته ڇا اها شڪايت درست آهي؟ ڪائنات ڪنهن مخصوص جذبي تحت نه، پر اٽل ۽ اَ ڌرين قدرتي يا فطري قانونن تي هلي ٿي. جيئن باهه جو ڪم ساڙڻ آهي، هوءَ اهو نٿي ڏسي ته هٿ ڪنهن معصوم ٻار جو آهي يا ڪنهن ڏوهاريءَ جو. زلزلي جو ڪم زمين جي پليٽن جي چرپر جي ڪري توانائي خارج ڪرڻ آهي. جيڪڏهن خدا هر دفعي ڪنهن معصوم کي بچائڻ لاءِ طبعيات جا قانون بدلائيندو رهي ته ڪائنات ۾ مڪمل گڙٻڙ پيدا ٿي ويندي. انسان کي عقل ان ڪري ڏنو ويو آهي ته هو انهن قانونن کي سمجهي، پاڻ کي ان کان بچائڻ جو رستو ڳولهي، نه ڪي قانون بدلائڻ جي فضول شڪايت ڪري. ڪيتريون ئي آفتون ۽ چيلينج جن کي اسين “خدا جو ڏنل عذاب” سمجهي شڪايتون ڪندا آهيون، اهي اصل ۾ انسان جي پنهنجي لالچ ۽ ناانصافيءَ جو نتيجو هونديون آهن. جيئن ٻوڏ جا نقصان جڏهن انسان دريائن جي لنگهن کي روڪي اتي غير قانوني عمارتون اڏينداسين ته ٻوڏ اچڻ تي نقصان لازمي ٿيندو. ان ۾ ڏوهه انسان جي لالچ جو آهي، نه ڪي پاڻي جو. ڏٺو وڃي ته اڄ سٺي دنيا ۾ ماحولياتي بگاڙ سبب گرمي ۽ موسم جي سختي محسوس ٿي رهي آهي. اهو سڀ انسان پاران ٻيلن جي ڪٽائي، فطرت کي نقصان پهچائڻ، ڪارخانن جي گندي دونهين ۽ بي لغام صنعتي ترقيءَ جو نتيجو آهي. هن ۾ خدا کي ميار ڏيڻ سراسر غير منطقي آهي. انسان جي ڏسڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت تمام محدود آهي. اسان ڪائنات جي مڪمل تصويرکي ڏسي نٿا سگهون. مثال طور: جيڪڏهن ڪو ماڻهو رڳو مٽيءَ جي مٿان ٻج جو گلڻ ۽ ٽٽڻ ڏسي، ته هو سمجهندو ته ٻج تي وڏو ظلم ٿي رهيو آهي، پر جيڪڏهن هو ان پروسيس کي پورو ڏسي ته کيس معلوم ٿيندو ته ان ٻج جي ٽٽڻ مان ئي هڪ وڏو ميويدار وڻ جنم وٺڻ وارو آهي. زندگيءَ ۾ موجود ڏک ۽ تڪليفون به اسان جي سامهون رڳو هڪ حصو هونديون آهن، پر ڪائناتي راند ۾ انهن جي پويان ڪو وڏو ارتقائي مقصد لڪيل هوندو آهي. ڪجهه اهڙا اهم رخ آهن جن تي عام طور تي انسانن جو ڌيان گهٽ ويندو آهي، پر اهي اسان جي فڪري اڏام لاءِ تمام ضروري آهن. جيئن ڪائنات ۾ هر شيءِ پنهنجي “ابتڻ” جي ڪري ئي سڃاتي وڃي ٿي. جيڪڏهن دنيا ۾ ٻڍاپڻ يا بيماري نه هجي ها ته اسان “جواني” ۽ “صحت” جي قيمت کي ڪڏهن به نه سمجهي سگهون ها. جيڪڏهن موت جو تصور نه هجي ها ته زندگيءَ جي هر لمحي جي اها اهميت ۽ خوبصورتي نه هجي ها جيڪا اڄ آهي. ڏک ۽ بيماريون اصل ۾ اهي ڪارا ڌٻا آهن جيڪي اسان کي اڇي روشنيءَ جي سچي معنيٰ ۽ نعمت جو احساس ڏيارين ٿا. جيڪڏهن سڀ ڪجهه تيار ملي ها ته انسان مڪمل طور تي خود غرض بڻجي وڃي ها. ڇو ته کيس ڪڏهن به ڪنهن ٻئي انسان جي گهرج ئي نه پوي ها. جيڪڏهن ڪا آفت ايندي آهي يا بيماري ايندي آهي ته سماج ۾ همدردي، ايثار، قرباني ۽ انسانيت جو جذبو جاڳندو آهي. اهي ڏک ئي آهن جيڪي انسان کي هڪٻئي سان ڳنڍين ٿا. تڪليفون اسان کي پٿر بڻجڻ کان روڪين ٿيون ۽ اسان جي اندر نفيس جذبن کي قائم رکن ٿيون.
هاڻي سوال ٿو اڀري ته هن پوري حقيقت کي سمجهڻ کانپوءِ انسان جو عملي ڪردار ڇا هجڻ گهرجي؟ ڇا هو رڳو شڪايت ڪندو رهي يا ڪو بهتر رستو اختيار ڪري؟ جڏهن بيماريون اچن ته اسان کي روئڻ ۽ تقدير کي ميارون ڏيڻ بدران، ميڊيڪل سائنس ۾ تحقيق کي تيز ڪرڻ گهرجي. ڪينسر ۽ ٻين خطرناڪ بيمارين جا علاج انسان رڳو ان ڪري دريافت ڪري سگهيو آهي. ڇو ته هن بيمارين جي چيلينج کي قبول ڪيو. اسان کي انهن شين تي وقت برباد نه ڪرڻ گهرجي، جيڪي اسان جي وس ۾ ناهن (جيئن زلزلي جي طبعي اڳڪٿي يا موت کي روڪڻ). ان بدران، اسان کي انهن شين تي ڌيان ڏيڻ گهرجي جيڪي اسان ڪري سگهون ٿا. جيئن ماحول کي صاف رکڻ، زلزلي کان بچاءُ جون جديد عمارتون اڏڻ، گڏيل سماجي مدافعتي نظام کي مضبوط ڪرڻ. انسان کي گهرجي ته هو پنهنجي غلطين جو لڏو خدا يا تقدير تي اڇلائڻ بند ڪري. جڏهن اسان پنهنجي ذميواري مڃينداسين، تڏهن ئي اسان پاڻ کي سڌارڻ ۽ ارتقا جو سفر تيزي سان طئي ڪرڻ جي قابل ٿينداسين. هيءَ ڪائنات ڪا اھڙي سيج نھ آھي، جتي انسان کي بس آرام سان ليٽي پوڻو آھي. هيءَ ڪائنات هڪ اڏجندڙ ماڙي آهي، جتي اڃان گهڻو ڪجهه ٺهڻو آهي ۽ اسان ان جي اڏاوت ۾ هڪ اڏڻھار جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون. جيڪڏهن خدا انسان لاءِ سڀ ڪجهه پهرين کان تيار ڪري رکي ها ته انسان جو وجود ائين هجي ها جيئن ڪو ڪک پاڻي ۾ پيل هجي، بنا ڪنهن مقصد ۽ مطلب جي. مشڪلاتون، ڏک، بيماريون ۽ ارتقائي چيلينج اصل ۾ اهي ٿنڀ آهن جن تي انسانيت جو محل بيٺل آهي. دانھن جو دفتر بند ڪري، پنهنجي حصي جي جاکوڙ ۽ هر مشڪل کي هڪ نئين ارتقائي ڏاڪي طور استعمال ڪرڻ ئي انسان هجڻ جو اصل ثبوت آهي. اسان جي ارتقا تڏهن ئي جاري رهندي، جڏهن اسان هر حاصلات کانپوءِ اڳتي وڌڻ جي سڌَ رکنداسين. ڇاڪاڻ ته سچ پچ “اطمينان موت آهي ۽ جدوجهد ئي زندگي آهي.”
هي مضمون ڪيئن رهيو؟