مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

آئيني ادارا ۽ انهن جا ڪم

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

(صرف ادارا ئي قوم جي تخليق ڪندا آهن- بنجامن ڊزرائيلي، برطانوي وزيراعظم (1870)
اڪثر ڪري ماڻهو عدليه، قومي اسيمبلي، سينيٽ، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي آئيني ادارا سمجهندا آهن، پر حقيقت ۾ رياست اندر موجود سڀئي سرڪاري ادارا، ويندي يونين ڪائونسل تائين، آئيني ادارن جي دائري ۾ اچن ٿا. سادي وصف مطابق، آئين بنيادي اصولن، قانونن ۽ ضابطن جو مجموعو آهي. آئين تحت قائم ٿيندڙ هر اداري کي آئيني ادارو چيو ويندو آهي.
جيئن واچ، ڪمپيوٽر يا ڪار ظاهري طور هڪ ئي مشين نظر ايندي آهي، پر حقيقت ۾ انهن جي اندر سوين پُرزا هوندا آهن، جيڪي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هوندا آهن ۽ هر پُرزو پنهنجو مخصوص ڪم سرانجام ڏئي مشين کي هلائڻ ۾ حصو وٺندو آهي. ساڳئي طرح رياست ۾ به ڪيترائي آئيني ادارا موجود هوندا آهن، جن مان هرهڪ جي پنهنجي مخصوص ذميواري هوندي آهي. جڏهن اهي ادارا گڏجي ڪم ڪندا آهن ته رياست پنهنجا بنيادي مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي آهي، جن ۾ شهرين جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ، بنيادي سهولتن جي فراهمي، عوام جي حقن جو تحفظ ۽ شهرين کي هڪ باوقار زندگي گذارڻ جا موقعا شامل آهن.
مثال طور؛ جيڪڏهن پوليس جو ادارو پنهنجون ذميواريون صحيح نموني سان نڀائي ته ماڻهن جي جان، مال ۽ عزت محفوظ رهي ٿي. جيڪڏهن صحت جا ادارا بهتر ڪم ڪن ته ماڻهن کي معياري علاج ملي ٿو. ساڳي طرح جيڪڏهن معاشي ادارا موثر طريقي سان ڪم ڪن ته ملڪ ۾ روزگار جا موقعا وڌن ٿا، غربت گهٽجي ٿي ۽ قومي دولت ۾ اضافو ٿئي ٿو.
آئيني ادارا: رياست کي هلائڻ، قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻ ۽ سماج جي بهتري لاءِ مختلف آئيني ادارا ڪم ڪندا آهن. انهن مان ڪجھه اهم ادارا هيٺ بيان ڪجن ٿا:
1. قانون ساز ادارو: قانون ساز ادارا انهن تنظيمن کي چيو ويندو آهي جيڪي قانون ٺاهڻ، انهن ۾ ترميم ڪرڻ ۽ انهن کي منظور ڪرڻ جو اختيار رکن ٿا. عام طور تي پارليامينٽ يا اسيمبليءَ کي قانون ساز ادارو سڏيو ويندو آهي. اهي ادارا چونڊيل عوامي نمائندن تي مشتمل هوندا آهن، جيڪي عوام جي خواهشن ۽ ضرورتن کي نظر ۾ رکندي قانون سازي ڪندا آهن. قانون ساز ادارا رياستي پاليسين، قانونن جي منظوري ذريعي
شهرين جي حقن جو تحفظ ۽ ڀلائيءَ کي يقيني بڻائيندا آهن. پاڪستان ۾ قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ صوبائي اسيمبليون قانون ساز ادارن جا اهم مثال آهن.
2. حڪومت/انتظاميه: حڪومت يا انتظاميه اهو ادارو آهي، جيڪو قانونن تي عمل ڪرائڻ ۽ ملڪ جي روزمره معاملن کي هلائڻ جو ذميوار هوندو آهي. حڪومت قومي سلامتي، معاشي پاليسين، تعليم، صحت، انفرااسٽرڪچر ۽ ٻين عوامي خدمتن جي فراهمي جو انتظام سنڀاليندي آهي. انتظاميه مختلف وزارتن، کاتن ۽ ادارن تي مشتمل هوندي آهي، جيڪي شهرين جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪندا آهن. مثال طور: سنڌ حڪومت ۾ تقريبن 41 مختلف کاتا موجود آهن، جيڪي تعليم، صحت، زراعت، آبپاشي، روڊن، توانائي ۽ ٻين شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏين ٿا.
3. عدليه: عدليه يا عدالتي نظام رياست جي بنيادي آئيني ادارن جو حصو آهي، جنهن جو بنيادي ڪم آئين ۽ قانون جي تشريح ڪرڻ ۽ انهن تي عمل ڪرائڻ جو ذميوار هوندو آهي. عدليه شهرين جي حقن جو تحفظ ڪري ٿي، ماڻهن ۽ حڪومت جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ تڪرارن ۽ شهرين جي وچ ۾ جهڳڙن کي حل ڪري ٿي. عدليه قانون ساز ادارن جي نگراني ڪري هر سطح تي شهرين لاءِ انصاف کي يقيني بڻائي ٿي.
مثال طور: پاڪستان ۾عدالتي نظام جنهن ۾ سپريم ڪورٽ، آئيني ڪورٽ، هاءِ ڪورٽون، ضلعي سيشن ڪورٽون، سول ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ ڪورٽون شامل آهن. ان کان علاوه مخصوص مقصدن لاءِ ڪورٽون ڪم ڪن ٿيون، جيئن بئنڪنگ ڪورٽون، ڪنزيومر ڪورٽون، ليبر ڪورٽون ۽ ٽيڪس ڪورٽون پڻ قائم آهن. عدليه جي موجودگيءَ کانسواءِ نه آئين جي بالادستي قائم رهي سگهي ٿي، نه حڪومت جي قانوني حيثيت قائم رهي سگهي ٿي ۽ نه وري شهرين جا بنيادي حق محفوظ رهي سگهن ٿا.
4. چونڊ ڪرائڻ جو ادارو (اليڪشن ڪميشن): اليڪشن ڪميشن هڪ آزاد ۽ خود مختيار آئيني ادارو آهي، جيڪو ملڪ ۾ چونڊ عمل کي آزاد ۽ شفافيت سان يقيني بنائڻ جو ذميوار هوندو آهي. هي ادارو قومي، صوبائي ۽ مقامي حڪومتن جي چونڊن جي انتظام، ووٽر لسٽن جي تياري، حلقه بندي ۽ چونڊ نتيجن جي نگراني جا فرض سرانجام ڏيندو آهي.
اليڪشن ڪميشن جمهوري نظام جي بنيادي ڍانچي مان هڪ آهي. ڇاڪاڻ ته آزاد، انصاف ڀري ۽ شفاف چونڊون جمهوريت جي بقاءَ ۽ پائيداري لاءِ ضروري هونديون آهن. جيڪڏهن چونڊ عمل ۾ بي ضابطگيون يا ناانصافيون ٿين ته جمهوريت جي ساک ۽ قانوني حيثيت متاثر ٿيندي آهي.
5. سياسي پارٽيون: آئين شهرين کي سياسي پارٽيون ٺاهڻ ۽ ان ۾ شامل ٿيڻ جو حق ڏئي ٿو. سياسي پارٽيون ماڻهن کي گڏ ڪري پنهنجي سياسي نظرين، پاليسين ۽ منشور جي بنياد تي چونڊن ۾ حصو وٺنديون آهن. جنهن سياسي پارٽيءَ کي عوام جي اڪثريت جي حمايت حاصل ٿئي ٿي، اها حڪومت ٺاهي آئين ۽ قانون جي دائري ۾ اندر رهي ملڪ جو انتظام هلائيندي آهي. سياسي پارٽين جو بنيادي مقصد عوام جي حقن جو تحفظ، سماجي ۽ معاشي ترقي ۽ بهتر حڪمراني فراهم ڪرڻ هوندو آهي. جمهوري نظام ۾ سياسي پارٽيون هڪٻئي سان مقابلي ۾ هونديون آهن ۽ عوام آڏو پنهنجا منشور پيش ڪنديون آهن. اهي اليڪشن ڪميشن وٽ رجسٽرڊ هونديون آهن ۽ قانوني ضابطن، اخلاقي اصولن ۽ مالي شفافيت جون پابند هونديون آهن.
6. معاشي ادارا: معاشي ادارا ملڪ جي اقتصادي ترقي، روزگار جي فراهمي، سرمائيڪاري جي واڌ ۽ قومي دولت جي تخليق ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. اهي ادارا عوام جي بچت، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي سرگرمين کي منظم ڪن ٿا ته جيئن ملڪ جي خوشحالي ۾ اضافو ٿئي. مثال طور: پاڪستان ۾ پلاننگ ڪميشن، بئنڪون، نجي سيڙپڪاري، اسٽيٽ بئنڪ، اسٽاڪ مارڪيٽ، واپاري تنظيمون، زرعي شعبو ۽ صنعتي ادارا معاشي نظام جو حصو آهن. معاشي ادارن جي ڪارڪردگي جو اثر سڌو سنئون ماڻهن جي زندگيءَ تي پوندو آهي، جن ملڪن ۾ معاشي ادارا مضبوط ۽ موثر هوندا آهن، اتي روزگار جا وڌيڪ موقعا، خوشحالي ۽ شهري زندگيءَ جو معيار وڌائيندا آهن. آءِ ايم ايف جي انگن اکرن (اپريل 2026) مطابق، سينگاپور جي في ڪس جي ڊي پي 107,758، ڏکڻ ڪوريا 37,412، جاپان 35,703، چائنا 14,874، فرانس 52,083 ۽ جرمني جي 65,303 آمريڪي ڊالر آهي. جڏهن ته پاڪستان جي في ڪس جي ڊي پي صرف 1,700 آمريڪي ڊالر آهي.
7. ريگيوليٽري ادارا: ريگيوليٽري ادارا مختلف معاشي، حڪومتي ۽ سماجي شعبن جي نگراني لاءِ قائم ڪيا ويندا آهن. انهن جو مقصد اهو هوندو آهي ته مارڪيٽ ۾ انصاف ڀريو مقابلو برقرار رهي، خريدارن جا حق محفوظ رهن ۽ آئيني طور ڪوبه هڪ هٽي (Monopoly) قائم نه ڪري سگهي. مثال طور: پاڪستان ۾ نيپرا (NEPRA) بجلي جي شعبي کي منظم ڪري ٿي. ساڳي طرح بئنڪنگ ڪائونسل جيڪا مالي شعبي جي نگراني ۽ ريگيوليٽ ڪندي آهي. اوگرا پاڪستان ۾ پيٽرول، گئس ۽ ڊيزل جا اگھه مقرر ڪرڻ لاءِ ان تي نظر رکندي آهي.
8. احتسابي ادارا: احتسابي ادارن جو بنيادي مقصد قانون جي حڪمراني کي يقيني بنائڻ، ڪرپشن جي روڪٿام ڪرڻ ۽ عوامي وسيلن جو تحفظ ڪندا آهن. اهي ادارا حڪومت، سرڪاري عملدارن ۽ نجي شعبي جي ڪارڪردگي تي نظر رکندا آهن ته جيئن قانون جي ڀڃڪڙي، مالي بدعنواني يا اختيارن جي ناجائز استعمال کي روڪي سگهجي. پاڪستان ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي، نيب(National Accountability Bureau)، صوبائي اينٽي ڪرپشن ادارا، آڊيٽر جنرل، وفاقي ۽ صوبائي محتسب(Ombudsman) ۽ عدليه احتسابي نظام جو حصو آهن. اهو ياد رهي ته جيڪي به آئيني ادارا آهن انهن جو سنئون سڌو شهرين جي حفاظت، حقن ۽ ڀلائي سان واسطو آهي. جيڪڏهن اهي بهتر ڪارڪردگي ڏيکارين ٿا ته شهرين کي عزت واري زندگي ملي ٿي، پر جيڪڏهن صحيح ڪم نٿا ڪن ته شهرين کي نقصان رسي ٿو ۽ انهن لاءِ تڪليف ۽ پريشانيون پيدا ٿين ٿيون.
آئيني ادارن تي تنقيد: دنيا ۾ جيڪي به ترقي ڪيل جمهوري ملڪ وجود رکن ٿا اتي آئيني ادارا نه صرف پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارين ٿا، پر انهن کان سخت پڇاڻو ڪري انهن کي قانون جي حڪمراني تحت هلايو وڃي ٿو، پر جيڪي ڏتڙيل هٿ ٺوڪيون جمهوري يا هائبرڊ حڪومتون آهن، اُهي مخصوص گروھ جي مفادن کي هٿي ڏيندا آهن. قانون ساز ادارا هجن، عدليه هجي، حڪومت هجي يا ريگيوليٽري تنظيمون هجن اهي پنهنجي مليل عوامي اختيار جي بجاءِ مخصوص گروهن يا فردن جي خدمت ڪندا آهن، خاص ڪري احتسابي ادارا پنهنجي پسند جي بنياد تي صرف حڪومت مخالف فرد، سياسي پارٽين ۽ سول سوسائٽي جي ادارن کي نشانو بڻائيندا آهن. هي ادارا ڊڪٽيٽرشپ هائبرڊ سياسي نظام ۽ فاشزم کي مضبوط ڪندا آهن.
پڄاڻي: دنيا جي هر ملڪ ۾ آئين تحت ادارا قائم ڪيا ويندا آهن، جيڪي آئيني طور سڀ ادارا گڏجي شهرين جي جان، مال، عزت، بنيادي حقن جو تحفظ، خوشحالي ۽ هنن جي باوقار زندگيءَ کي يقيني بڻائيندا آهن. هنن ادارن ۾ قانون ساز، عدليه، حڪومت، اليڪشن ڪميشن، معاشي، ريگيوليٽري ۽ احتسابي ادارا اچي وڃن ٿا. ان جي ابتڙ ڏتڙيل ملڪن ۾ آئيني ادارا ڊڪٽيٽرشپ، هائبرڊ سياسي نظام ۽ فاشزم کي هٿي ڏيندا آهن، جنهنڪري قانون جي حڪمراني ڪمزور هوندي آهي ۽ شهرين جا حق ۽ معيارِ زندگي ڪمزور هوندا آهن. ڇاڪاڻ ته اهي سڀ ادارا شهرين جي خدمت بجاءِ خاص گروھ جي مفادن جي تابع هوندا آهن. ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته اهي سڀ آئيني ادارا پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکاري آئيني مقصد حاصل ڪن، فرد ۽ گروھ جي بجاءِ شهرين جي حقن ۽ خوشحاليءَ لاءِ ڪم ڪن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو