ڪتاب تي تبصرو: سنڌي بنيادي گرامر مستقبل جو ضامن آهي
هن وقت منهنجي هٿيار کڻندڙ هٿن ۾ هڪ اهڙو ڪتاب آهي جيڪو هر عمر جي انسان مرد توڙي عورت ۽ ننڍي توڙي وڏي جي لاءِ بنيادي ڪتاب آهي، ڇو ته جنهنجو بنياد مضبوط هوندو آهي، اهو انسان ڪڏهن به ناڪام ناهي ٿيندو ۽ اهڙي ڪتاب جو لائبريرين ۾ به هجڻ گهرجي ته جيئن جيڪي علم جا خواهشمند آهن اتي اچي پنهنجي آئيندي خاطر مختلف ڪتابن جو جائزو وٺي اندر جي اڃ اجهائڻ سان گڏ پنهنجي جيون ۾ علم جي جوت جلائي اهو ثابت ڪندا آهن ته جيڪڏهن پنهنجي پڇاڙيءَ کي سرهو ۽ مضبوط ڏسڻ ٿا چاهيو ته پوءِ سنڌي بنيادي گرامر پڙهو ۽ انهيءَ تي عمل ڪريو .