مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪالم ڪهاڻي: جڏهن مانيءَ جو مُلهه هڪ گولي ٿيو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اَسان سڀ اَنڌا آهيون ۽ وَقت جي اَنڌي گهوڙي تي سَوار آهيون. وَقت جو اَنڌو گهوڙو، جيڪو واڳُون ڇِنايل آهي ۽ اُهو منزل جي اُبتڙ پاسي ڊوڙي رهيو آهي. اَسان منزل جي ويجهو ٿيڻ بجاءِ پَري ٿي رهيا آهيون. اَسان سڀني خاموشيءَ جا ڪپڙا پائي ڇڏيا آهن. وقت جي اَنڌي گهوڙي جو مالڪ نَنگو آهي. اُهو اَسان سڀني جو تَماشو ڏِسي رهيو آهي ۽ اَسان تَماشو بڻجي، هُن جي کِل جو سبب ٿي رهيا آهيون. اُهو ڏينهن ڪو پُراڻو ڪونهي، جنهن ڏينهن هِڪ مانيءَ جو مُلهه هِڪ ڪوڙو هوندو هو. وَقت جي اَنڌي گهوڙي جو مالڪ، اَسان سڀني کي هِڪ هِڪ ماني ڏيندو ۽ هِڪ هِڪ ڪوڙو هڻندو ويندو هو. اَسان ڪوڙو کائيندا ۽ ماني کائيندا ويندا هُئاسين. ڪُجهه وَقت کانپوءِ مانيءَ جو مُلهه وَڌي ويو، هِڪ مانيءَ تي ٻه ڪوڙا لڳڻ لڳا. جڏهن هِڪ ڪوڙو لڳندو هو ته اُن وقت اَسان هِڪ ماني کائيندا هُئاسين. جڏهن ٻِيو ڪوڙو لڳندو هو ته اَسان رڙ کي روڪڻ لاءِ ساهه کي روڪي ڇڏيندا هُئاسين.
آسمان جي وچ تي بيٺل چنڊُ اَسان سڀني کي ڏِسندو آهي. جڏهن اَسان ماني چَٻاڙيندا آهيون، ته هُو مُرڪندو آهي. چنڊُ کي پيٽ ناهي، اُن ڪري هُن کي بُک ناهي لَڳندي. ڪوڙن سان پيٽ ناهي ڀَربو، پيٽ ڀَرڻ لاءِ مانيءَ جو مُلهه ڪوڙن ۾ ادا ڪرڻو پوندو آهي. چنڊُ اَسان کي ڏِسي ڏندَ ٽيڙي کِلندو آهي. هِڪ ڀيري اَسان مان هِڪڙي سيد سَڳوري بَغاوت ڪَئي. هُو نِنڊ ۾ سُمهي سُمهي بيزار ٿِيو ۽ اَچانڪ جاڳِي پِيو. اُن هِڪ مانيءَ جي بدلي ٻه ڪوڙا کائڻ کان اِنڪار ڪيو. اُن نَنگي مالڪ سان مُهاڏو اَٽڪايو ۽ چيو ته:
“جو کيڙي سو کائي”
اُن جي سَڏ تي اَسان ڪونه اُٿياسين. هُو پنهنجي بهادريءَ سان وڙهيو، پر اُن هِڪ مانيءَ جي بدلي ٻه ڪوڙا کائڻ قبول ڪونه ڪيو. اَسان سڀ هِڪ مانيءَ جي بدلي ٻه ڪوڙا کائي زنده آهيون ۽ هُو بغاوت ڪَري مَري ويو. اَسان اُن کي شهيد جي نالي سان ياد ڪندا آهيون. اَسان جو ڪوبه نالو ناهي، اَسان نالي کانسواءِ جيئرا آهيون. اَسان سڀ ڳاڻيٽيءَ ۾ تمام گهڻا آهيون، پر ڪڏهن به هڪٻئي کي ڏِسي ناهيون سگهيا. ڇو ته اَسان سڀ اَنڌا آهيون. اَنڌن جي اکين ۾ نظر ناهي هُوندي، اَسان کي اکيون به آهن ۽ اُنهن اکين ۾ نظر به آهي، پر اَسان جون اکيون هر وقت پوريل رهن ٿِيون. اُن ڪَري اَسان اَنڌا ليکيا وڃون ٿا. اَسان جي وات ۾ زبان آهي، پر اَسان رڙ ناهيون ڪندا. اُن ڪَري وقت جي اَنڌي گهوڙي جو مالڪ اَسان سَڀني کي گونگو سَمجهندو آهي. رُڳو اَسان جا ڪن ٻُڌي سَگهندا آهن.
اَسان سَڀني هڪ ڏينهن وڏو آواز ٻُڌو، اُهو آواز اسان جي ڪَنن ويجهو وڏي رڙ جِهڙو نعرو هُيو. اَسان سڀ ٻوڙا ناهيون، اُن ڪري آواز ٻُڌي سَگهندا آهيون. وڏي آواز تي اَسان ڇِرڪ ڀريندا آهيون. ڇِرڪ هِڪڙي لمحي لاءِ هوندو آهي. اُن لمحي کانپوءِ اَسان هوش ۾ اَچي ويندا آهيون. اَسان جو هوش وقت جو اَنڌو گهوڙو، منزل جي اُبتڙ پاسي ڊوڙ، هِڪ مانِيءَ جي بدلي ٻه ڪوڙا ۽ اَسان جِي گَهري ننڊ آهي.
“مَرسون، مَرسون، سنڌ نه ڏيسون”
اُهو اَسان سڀني ٻَڌو، پر اُن جو ڪوبه پڙاڏو ڪونه ٿِيو. اُن ڪري هِڪ دفعي جي آواز اَسان تي ڪوبه اثر ڪونه ڪَيو. اَسان جي ننگي مالڪ اُن نعري هڻندڙ کي اُن ڪري ماريو، ته اُن هِڪ ماني وٺڻ کان اِنڪار ڪيو هو. اُن جَوان ڀانيو ته اَسان سڀ جاڳي پَونداسين ۽ اُن جَوان جو ساٿ ڏيئي، ننگي مالڪ کي قتل ڪري ڇڏينداسين، پر اَسان مان ڪوبه ڪونه اُٿيو. وقت جو اَنڌو گهوڙو ڊوڙندو رهيو. مانيءَ جو مُلهه وڌي، هِڪ مانيءَ تي هِڪ تلوار جو گهاءُ ٿي ويو. اسان هڪ ماني کائي، هِڪ تلوار جو گهاءُ کائيندا رهياسين.
اَسان سڀ خاموش نَنگر جا رهواسي آهيون. وقت اَسان کي گُم ڪرڻ چاهي ٿو. اَسان کي خبر آهي ته اَسان جو ڪو به مُلهه ناهي، اَسان کان وڌيڪ مانيءَ جو مُلهه آهي. اَسان جو پيٽ پنهنجي بُک مِٽائڻ لاءِ پهرين اَسان جي پُٺن کي ڪوڙا کارائيندو هو ۽ هاڻي جسم جي مُختلف حصن تي تلوار جا گهاءُ کارائيندو آهي. اَسان ڪوڙن ۽ گهاوَن کان وَڌيڪ ماني کائڻ کي ترجيح ڏيندا آهيون.
هِڪڙي ڀيري، اَسان جي آزاديءَ لاءِ آواز اُٿاريو ويو. اُهو سن جو سيد هو، جنهن اَسان کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪَئي ۽ چيو ته:
“اَسان جي نِجات، اَسان جي آزاديءَ ۾ آهي.”
اَسان آزاديءَ کان وَڌيڪ پيٽ جي پُوڄا ڪَئي. اَسان کي هُن جون ڳالهيون جاڳائي نه سَگهيون. هُن پنهنجي ماني پاڻ پچائڻ جي صلاح ڏِني، پر اَسان گهڻي وقت کان پَچيل ماني کائڻ جا عادي بڻجي چُڪا آهيون. اُن ڪري پنهنجي مانيءَ جو فلسفو سمجهه ۾ ڪونه آيو.
هُو راهه رباني ٿي ويو ۽ اَسان وٽ مانيءَ جو مُلهه وڌي، هِڪ مانيءَ تي تلوار جا ٻه گهاءُ ٿي ويو. اَسان هِڪ ماني کائي، تلوار جا ٻه گهاءُ برداشت ڪرڻ لڳاسين، پر اَسان مان ڪو به رڙ ناهي ڪندو. وقت گذرندو ويو ۽ وقت جو اَنڌو گهوڙو اَڃان به تيز ڊوڙندو رهيو. اُن اَنڌي گهوڙي کي واڳ وِجهڻ لاءِ هِڪڙو ڀُٽو آيو، جنهن وڏي آواز ۾ تقريرون ڪري اَسان جي ڪنن جا پڙدا ڦاڙڻ چاهيا، پر اَسان جي ڪنن جا پڙدا ڦاٽي نه سَگهيا. اَسان گَهري ننڊ ۾ سُتل رهياسين.
“ماني، ڪپڙو ۽ گهر”
اَسان اُن جي نعري مان رُڳو هِڪڙو پهريون لفظ سَمجهي سَگهياسين، جيڪو ماني هو. پر اَسان مُفت ۽ خيرات ۾ ماني وٺڻ نٿي چاهي. اسان جي تن تي ته رُڳو خاموشيءَ جو ڪپڙو آهي. اَسان جو ڪوبه گهر ناهي. هُو ڦاهي چَڙهي ويو ۽ مانيءَ جو مُلهه وڌي، هِڪ مانيءَ تي تلوار جا ٽي گهاءُ ٿي ويو.
اسان مان ڪوبه وطن جو سپاهي ناهي. اسان جي وطن تي وقت جي اَنڌي گهوڙي جي چار ٽنگن ۽ اَسان سَڀني جو بارَ آهي. اَسان پنهنجي وطن ۾ به بي وطن ماڻهو لڳندا آهيون. اسان جي وطن تي رُڳو اَسان جو نَنگو مالڪ پنهنجي وقت جي اَنڌي گهوڙي کي هَڪلي رهيو آهي ۽ گَهڙِي گَهڙِي هِڪڙي تَلهڙُ گهوڙي جي پُٺيءَ تي هَڻندو آهي. اَسان کي پنهنجي ڳاڙهين اکين سان ڏِسندو ۽ پاڻ کان خوف ڏياريندو رهندو آهي.
هِڪڙو سَنهي ڪاٺِي جهڙو همراهه جُنگشاهيءَ مان اُٿيو، هُن نه رُڳو اَسان کي اُٿارڻ جي ڪوشش ڪَئي، پر هُن ته هِڪڙي ڊگهن وارن واري فوج به ٺاهي. اُهو همراهه وقت جي اَنڌي گهوڙي اڳيان هِڪڙي لٺ بڻجڻ ٿي چاهيو.
هُن اَسان کي چيو ته: “عورتن، هارين ۽ مزدورن کي پنهنجا حق ملڻ گُهرجن”
هُو پنهنجي تقريرن ۾ اسان کي اصل منزل جو دڳ ڏَسيندو رهيو. هُو اَسان جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ رڙيون ڪندو، اَسان کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. هُو اَسان کي مانيءَ جي اهميت کان وڌيڪ پاڻيءَ جي اهميت جو ٻُڌائيندو رهيو. هُو ڳاڙهو جَهنڊو لهرائي، اَسان سَڀني جي حقن جي ڳالهه ڪَندو رهيو، پر اَسان هُن جي گَهرائي وارن لفظن کي سَمجهي نه سگهياسين.
اَسان اُن صُبح جي انتظار ۾ آهيون، جڏهن سِج اُڀرندو ۽ اونداهي مات کائي موٽي ويندي. اَسان سڀ جاڳي پونداسين، وقت جي اَنڌي گهوڙي تان لهنداسين ۽ پَنهنجي وطن جي مالڪي ڪنداسين. ننگي مالڪ جي بدن کي ڌرتيءَ جي مِٽيءَ ۾ دفن ڪرڻ بجاءِ ساڙي راک ڪري ڇڏينداسين.
وقت جي اَنڌي گهوڙي جو نَنگو مالڪ حيران ٿي ويو آهي. سڄي تاريخ ۾ هُن کي اهڙي حيراني ڪڏهن به نه ٿي هُئي. هُن جي تلهڙُ سان گهوڙي جي پُٺيءَ تي گهرو زخم ٿي ويو آهي. گهوڙو ڊوڙي ڊوڙي ساڻو ٿي پيو آهي. هُن مانيءَ جو مُلهه وڌائي، هِڪ مانيءَ تي هِڪ گولي ڪري ڇڏيو آهي.
اسان هِڪ مانيءَ تي ڪوڙا کائي سگهون ٿا، اسان هِڪ مانيءَ تي تلوار جا گهاءُ کائي سگهون ٿا، پر اسان هِڪ مانيءَ تي هِڪ گولي کائي، مرڻ کان اِنڪار ڪري ڇڏيو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو