مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

موسمي تبديليون ۽ شاگردن جي ذهني صحت تي ان جا اثر

Preh Shuhab Siddiqui ڪالم نگار

ٽيچنگ اسسٽنٽ سائيڪالاجي ڊپارٽمينٽ، يونيورسٽي آف سنڌ ڄامشورو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

موسمياتي تبديليون: موسماتي تبديليون هن وقت سڄي دنيا خاص طور تي پاڪستان لاءِ خطرو بڻجي ويون آهن. گذريل ڪجھه سالن کان مستقل پاڪستان جا ڪجھه علائقا متاثر ٿي رهيا آهن. پاڪستان ۾ ڪيترن ئي سالن (2010،2022،2025) ۾ ننڍين وڏين ٻوڏون، جھڙڪ: (2025) ۾ پاڪستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ چوماسي جي برساتن سبب ٻوڏ آئي ۽ ٻيون ڪجھه اهڙيون تبديليون جنهن ۾ گرمي جي له، سونامي سمنڊ جي وڏي لهر ۽ زمين جو سرڪڻ شامل آهي.
نفسياتي طور تي موسمياتي تبديلين جا شاگردن تي اثر: موسمياتي تبديلي هڪ اهڙو چئلينج آهي، جيڪو انسانن توڙي جانورن ۽ هر شيءِ تي پنهنجا اثر ظاهر ڪري ٿو شاگرد جيڪي ملڪ جا مستقبل آهن، ان تبديلي جا انهن جي صحت، خوشحالي، شخصيت ننڊ جي ڪمي ۽ محنت ڪرڻ جي ڪوششون ۽ ان جا سٺا نتائج حاصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽ بڻجن ٿا. انهن ۾ پر اعتماد ٿيڻ بجاءِ انهن کي خوف ۽ غير يقيني واري صورتحال، بيروزگاريءَ جو فڪر ۽ سماجي تنهائي ۽ اهڙا ٻيا نفسياتي اثر پيدا ٿين ٿا.
ٻوڏون، ڏڪار ۽ شاگردن جي جذباتي حالت: موسمياتي تبديليءَ سان لاڳاپيل ٻوڏون، برساتون ۽ ڏڪار ڪيترن ئي خاندانن جي زندگيءَ کي متاثر ڪن ٿا. جڏهن ڪنهن شاگرد جو گهر، مال ملڪيت يا روزگار متاثر ٿئي ٿو ته ان جا اثر صرف معاشي مسئلن تائين محدود نٿا رهن، پر سندس نفسياتي ۽ جذباتي زندگيءَ تي به پون ٿا. مثال طور: جيڪڏهن ڪنهن شاگرد جو خاندان ٻوڏ سبب پنهنجو گهر ڇڏي عارضي رهائش اختيار ڪري ٿو ته شاگرد کي تعليم جاري رکڻ، ڪتابن ۽ تعليمي وسيلن جي دستيابي ۽ مستقبل بابت غير يقيني صورتحال کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ خوف، اداسي، بيوسي ۽ پريشانيءَ جا احساس پيدا ٿيڻ فطري آهن. ساڳئي طرح ڏڪار سبب زرعي آمدني متاثر ٿيڻ ۽ خاندان جي معاشي حالتن ۾ خرابي اچڻ سان شاگردن تي ذميوارين جو دٻاءُ وڌي سگهي ٿو. ڪي شاگرد تعليم ڇڏي ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿي سگهن ٿا، جنهن سان سندن تعليمي مستقبل ۽ نفسياتي ڀلائي متاثر ٿيڻ جو خطرو وڌي ٿو.
Implication/Solution Climate change جي نفسياتي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ خاندانن، تعليمي ادارن، حڪومت ۽ سماج کي گڏيل ڪوششون ڪرڻ گهرجن.
حل: موسمياتي اثرن کي نظر ۾ رکندي انهن جا ڪجھه اهم حل هيٺ ڏنا ويا آهن، جنهن ۾حڪومت، انتظاميه، ادارا اين جي اوز ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. انهن کي گھرجي ته شاگردن لاءِ اهڙيون پاليسون بڻائيون وڃن جنهن سان اهي پنهنجو مستقبل روشن ڪري سگهن. انهن جي تعليم سان گڏوگڏ ذهني تربيت به ڪئي وڃي. انهن کي هر شيءَ جي باري ۾ آگاهه ۽ مسئلن جي حل جي باري ۾ تعليم ۽ تربيت ڏني وڃي، خاص طور تي نوجوانن جي هنري تربيت جي لاءِ پروگرام ترتيب ڏنا وڃن. جنهن سان اِهي خود مختيار ٿي مالي طور تي پنهنجن پيرن تي بيهي پراعتماد زندگي گذاري سگھن. موسمياتي تبديليون کين ماحولياتي ڳڻتي، قدرتي حادثن کانپوءِ جي ذهني دٻاءُ جو مقابلو ڪرڻ جي تربيت ڏني وڃي. ان کان علاوه نوجوانن جي تعليم جي رڪجڻ، ذهني دٻاءُ ۽ چڙ بجاءِ اهي پنهنجو پاڻ کي ڪيئن بهتر طريقي سان انهن حالتن مان سنڀالي ڪڍڻ جي صلاحيت پيدا ڪري سگهن.
ذهني صحت ۽ تعليمي ادارا: شاگردن جي تعليم کي بهتر بنائڻ سان گڏوگڏ تعليمي ادارن کي گھرجي ته ڪائونسلنگ جا سيشن ڏنا وڃن. ادارن اندر نفسيات جي ماهرن ۽ ڪائونسلرن کي متعين ڪيو وڃي ته جيئن نوجوانن جي نفسياتي صحت کي جاچڻ جو ڪم ٿيندو رهي ۽ انهن جي نفسياتي صحت کي بهتر ڪري سگھجي. تعليم حاصل ڪرڻ ۾ مختلف مسئلا جنهن ۾ خود اعتماديءَ جي کوٽ ڪنهن ڪم ڪرڻ لاءِ اتساهه جو گهٽجي وڃڻ ۽ پنهنجو پاڻ کي مسئلن جي وچ ۾ اطمينان سان انهن حالتن مان نڪرڻ جو سليقو سيکارڻ جي لاءِ تربيت ۽ سکيا ڏيڻ ضروري آهي.
نصاب ۽ موسمياتي تبديلي جي سکيا: نصاب ۾ موسمياتي تبديلي ۽ ان سان مقابلو ڪرڻ جي تعليم شامل ڪجي جنهن ۾ موسمياتي تبديلي کي صرف خطري طور نه، بلڪه نصاب ۾ آفتن سان منهن ڏيڻ ۽ بچاءُ جا طريقا پڻ شامل ڪيا وڃن، جنهن سان نوجوانن ۾ خوف بدران اها صلاحيت پيدا ٿيندي ته اهي پاڻ کي انهن خطرن کان ڪيئن محفوظ رکي سگهن ۽ ذهني طور تيار رهن.
انفرااسٽرڪچر جي مضبوطي ۽ موسمياتي تبديليون: انفرااسٽرڪچر جي مضبوطي ڪافي حادثن جي برن نتيجن کان بچائي سگھي ٿي. استاد والدين ۽ ٻيا ادارا گڏجي شاگرد کي موسمياتي تعليم ۾ مدد فراهم ڪري سگھن ٿا، جنهن ۾ انهن کي اهڙيون سهولتون ڏنيون وڃن جنهن سان اهي خوف بدران منهن ڏيڻ ۽ انهن خطرن کي وقت کان اڳ سمجهڻ جي صلاحيت پيدا ڪري سگهن. ادارا جيئن نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ ۽ ٻيا ادارا نوجوانن جي سوشل ميڊيا ذريعي تربيت ڪري سگهن ٿا.
گرميءَ جي لهر ۽ وڻڪار: وڻڪار انسان کي ذهني سڪون فراهم ڪندي آهي ان لاءِ وڌ کان وڌ ٻوٽا پوکيا وڃن ۽ ٻهراڙين ۾ رهندڙ ماڻهن کي خاص طور تي نوجوانن کي نصاب ذريعي ان قسم جي تربيت ڏني وڃي ته جيئن اهي پنهنجي ماحول کي سائو ۽ صحتمند رکن.
تعليمي ادارن جو ڪردار: اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ شاگردن لاءِ سازگار ۽ محفوظ تعليمي ماحول پيدا ڪيو وڃي، ڪلاس رومن جي جوڙجڪ اهڙي هجي جتي مناسب روشني ۽ صاف هوا ايندي رهي ۽ شاگردن جي ڪلاس رومن جي وچ ۾ گرين بيلٽس ٺاهي اهڙو ماحول پيدا ڪيو وڃي جو انهن کي پنهنجن ڪلاس رومن ۾ سخت گرميءَ جو مقابلو نه ڪرڻو پيو ۽ ان جا انتظام وڻڪار ذريعي ڪيا وڃن. سخت موسمي حالتن دوران شاگردن جي حفاظت کي اوليت ڏني وڃي.
نفسياتي مدد ۽ رهنمائي: تعليمي ادارن ۾ نفسياتي صلاح مشوري ۽ رهنمائيءَ جون سهولتون ضرور فراهم ڪيون وڃن. شاگردن کي اهڙو ماحول ڏنو وڃي، جتي هو بنا خوف جي پنهنجي پريشانين ۽ احساسن جو اظهار ڪري سگهن، انهن لاءِ سندن تعليمي ادارن ۾ نفسياتدان ۽ ڪائونسلرن جو هجڻ ضروري آهي.
والدين جو سهڪار: والدين کي گهرجي ته هو ٻارن جي رويي، ننڊ، پڙهائيءَ ۾ دلچسپي ۽ جذباتي حالتن ۾ ٿيندڙ تبديلين تي ڌيان ڏين. ٻارن تي تنقيد ڪرڻ بدران سندن ڳالهه کي ڌيان سان ٻڌن، سمجهن ۽ سندن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ کين پنهنجو دوستاڻو سهڪار فراهم ڪن. ماحولياتي آگاهي ۽ عملي سرگرميون: شاگردن ۾ موسمياتي تبديليءَ بابت سائنسي شعور پيدا ڪيو وڃي. وڻڪار، صفائيءَ جي مهم، پاڻيءَ جي بچت ۽ ماحولياتي تحفظ جي سرگرمين ۾ سندن شموليت وڌائي وڃي. اهڙيون سرگرميون کين مثبت تبديليءَ جو حصو بڻجڻ جو احساس ڏياري سگهن ٿيون.
ذهني سڪون لاءِ صحتمند عادتون: مناسب ننڊ، متوازن خوراڪ، جسماني سرگرمي، دوستن سان سماجي مثبت لاڳاپا ۽ آرام لاءِ وقت ڪڍڻ شاگردن جي مجموعي صحت لاءِ ضروري آهي. جيڪڏهن ڪنهن شاگرد ۾ مسلسل اداسي، پريشاني يا روزمره جي سرگرمين ۾ واضح ڏکيائي نظر اچي ته کيس نفسيات جي ماهر کان مدد وٺڻ جي ترغيب ڏجي.
سنڌ جي تناظر ۾ اهميت: سنڌ ۾ گرميءَ جون شديد لهرون، پاڻيءَ جي کوٽ، ڏڪار ۽ ٻوڏون ماحولياتي ۽ سماجي مسئلن جي اهميت کي اجاڳر ڪن ٿيون. اهڙين حالتن ۾ شاگردن جي نفسياتي ڀلائيءَ کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. خاص طور تي ٻهراڙين ۽ انهن علائقن ۾ جتي وسيلن جي کوٽ آهي ۽ اهي مختلف مسئلن جي گڏيل اثر هيٺ انهن کي منهن ڏيئي رهيا آهن. تنهنڪري سنڌ جي تعليمي پاليسين ۾ ماحولياتي تحفظ سان گڏ شاگردن جي نفسياتي صحت کي به اهم جاءِ ڏيڻ گهرجي. يونيورسٽين، ايجوڪيشنل انسٽيٽيوشنز ۽ تحقيقي ادارن کي گهرجي ته هو سنڌ جي شاگردن تي موسمياتي تبديليءَ جي نفسياتي اثرن بابت مقامي تحقيق کي هٿي ڏين. اهڙي تحقيق ذريعي اهو سمجهي سگهجي ٿو ته سخت گرمي، ٻوڏن، ڏڪار ۽ مستقبل بابت ماحولياتي پريشانيءَ جو شاگردن جي نفسياتي ڀلائي ۽ تعليمي ڪارڪردگيءَ سان ڪهڙو تعلق آهي. ان بنياد تي وڌيڪ اثرائتي ۽ مقامي ضرورتن مطابق حڪمت عمليون تيار ڪري سگهجن ٿيون.
آخر ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته موسمياتي تبديلي صرف زمين جي گرميءَ ۾ واڌ يا ماحولياتي نظام جي تبديليءَ جو نالو ناهي، پر اهو انساني زندگيءَ، سماجي استحڪام ۽ نفسياتي ڀلائيءَ سان به گهرو تعلق رکي ٿو. شاگردن جي نفسياتي صحت جو تحفظ هڪ صحتمند، باشعور ۽ ترقي ڪندڙ سماج جي تعمير لاءِ ضروري آهي. ماحول جي حفاظت ۽ انساني ذهني صحت هڪ ٻئي سان لاڳاپيل آهن. جيڪڏهن اسان شاگردن کي ذهني طور مضبوط ۽ ڪامياب ڏسڻ چاهيون ٿا ته پوءِ ماحولياتي تحفظ، نفسياتي آگاهي ۽ تعليمي سهڪار کي گڏ کڻي هلڻو پوندو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو