مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

موسمياتي تبديليءَ جي دور ۾ ڪاربان ڪريڊٽس: پاڪستاني هارين لاءِ نئين اميد

Ali Nawaz Rahimon ڪالم نگار، سوشل ورڪر

سماجي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ. خاص طور تي ماحوليات، موسمي تبديلين ۽ ٻهراڙين ۾ پاڻي جي موضوع تي لکندڙ ليکڪ.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پاڪستان جا هاري اڄ ماحولياتي تبديليءَ جي سڀ کان اڳئين مورچي تي بيٺل آهن. هر پوکائي جي موسم نئين غير يقينيءَ واري صورتحال کنيو اچي. بي مُنديون برساتون، ڊگها ڏڪار، سخت گرمي جون لهرون، ٻوڏون ۽ زمين جي زرخيزيءَ ۾ گهٽتائي زرعي پيداوار لاءِ وڏو خطرو بڻجي چڪا آهن. اهڙي ملڪ ۾، جتي زراعت معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي هجي تقريبن 37 سيڪڙو مزدورن کي هي شعبو روزگار فراهم ڪري ٿو ۽ لکين خاندانن جو گذر سفر زراعت تي آهي، اتي ماحولياتي ۽ موسمياتي تبديلي هاڻي معاشي مسئلو بڻجي ملڪ جي خوراڪ ۽ سلامتيءَ لاءِ سنگين خطرو پيدا ڪري رهي آهي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان عالمي گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ ذميدار آهي، پر ان جي باوجود اهو دنيا جي انهن ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي موسمياتي تبديليءَ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿا. 2022ع جي تباهه ڪندڙ ٻوڏن، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ بار بار ايندڙ ڏڪار ۽ سنڌو درياءَ جي ماٿري ۾ وڌندڙ گرمي پد ملڪ جي زرعي نظام جي ڪمزوري کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. هاري هڪ اهڙي وڏي بحران جي قيمت ادا ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ سندن ڪوبه حصو ناهي. جڏهن حڪومتون ۽ پاليسي ساز ماحولياتي تبديليءَ سان هڪ جهڙائي جون حڪمت عمليون ڳولهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، تڏهن هڪ اهڙو اهم موقعو موجود آهي، جنهن تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ۽ اهو آهي هارين لاءِ ڪاربان ڪريڊٽس. ڪاربان مارڪيٽون دنيا ۾ ماحولياتي تبديليءَ سان مقابلي لاءِ هڪ اهم مالي نظام طور سامهون اچي رهيون آهن. هڪ ڪاربان ڪريڊٽ جو مطلب آهي هڪ ميٽرڪ ٽن ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ يا ان جي برابر گئس، جيڪا يا ته فضا مان ختم ڪئي وئي هجي يا ان جي اخراج کي روڪيو ويو هجي. اهي حڪومتون ۽ ڪمپنيون، جيڪي نيٽ زيرو هدف حاصل ڪرڻ چاهين ٿيون، اهي آزاد ادارن پاران تصديق ٿيل منصوبن کان اهي ڪريڊٽ خريد ڪن ٿيون ته جيئن اهي پنهنجن باقي رهيل اخراجن جو ازالو ڪري سگهن. هاڻي زراعت به هن عالمي ڪاربان مارڪيٽ جو اهم حصو بڻجي رهي آهي. زمين کي گهٽ هر ڏيڻ، فصلن جي ڦيرڦار، زرعي ٻيلن، جديد آبپاشي، ڀاڻ جي بهتر استعمال ۽ خراب ٿيل زمينن جي بحالي جهڙن زرعي طريقن سان هاري نه رڳو گرين هائوس گئسن جي اخراج کي گهٽائي سگهن ٿا، پر زمين ۽ ٻوٽن ۾ ڪاربان جي ذخيرن کي به وڌائي سگهن ٿا. انهن ماحولياتي فائدن کي سائنسي طريقي سان ماپي، تصديق ڪري، واپار لائق ڪاربان ڪريڊٽس ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو.
هارين لاءِ ان جو مطلب انتهائي اهم آهي. هاڻي هو رڳو فصلن مان نه، پر ماحول جي تحفظ ۽ قدرتي وسيلن جي سنڀال ذريعي به آمدني حاصل ڪري سگهن ٿا. گذريل ڏهاڪي دوران رضاڪاراڻي ڪاربان مارڪيٽ ۾ تيزي سان واڌ ٿي آهي. ڇاڪاڻ ته دنيا جون ڪمپنيون فطرت تي ٻڌل تدارڪن ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيون آهن. جيتوڻيڪ ڪاربان ڪريڊٽس جون قيمتون معيار، سرٽيفڪيشن ۽ طلب مطابق تبديل ٿينديون رهن ٿيون، پر سٺي نموني تيار ڪيل زرعي منصوبا هارين لاءِ اضافي آمدني جو ذريعو بڻجي سگهن ٿا. ان سان گڏ اهي زمين جي زرخيزي، پاڻيءَ جي ذخيري، مٽي جي ڪٽائي جي روڪٿام ۽ موسمياتي آفتن خلاف مزاحمت ۾ پڻ واڌارو آڻين ٿا. پاڪستان وٽ هن شعبي ۾ وڏي صلاحيت موجود آهي، جيڪا اڃان تائين مڪمل طور استعمال نه ٿي آهي. ملڪ وٽ 2 ڪروڙ 20 لک هيڪٽرن کان وڌيڪ پوکيل زمين، دنيا جي سڀ کان وڏن آبپاشي نظامن مان هڪ ۽ لکين ننڍا وڏا هاري موجود آهن. ماحولياتي لحاظ کان سمارٽ (ذهين) زراعت نه رڳو زرعي پيداوار وڌائي سگهي ٿي، پر زمينن جي بحالي ۽ عالمي موسمياتي فنڊن جي حاصل ڪرڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي. پاڪستان اڳ ئي عالمي سطح تي تسليم ٿيل ڪاربان منصوبن تي عملدرآمد جو تجربو رکي ٿو. سنڌ ۾ ڊيلٽا بليو ڪاربان پراجيڪٽ، جيڪو لڳ ڀڳ 3 لک 50 هزار هيڪٽرن تي پکڙيل انڊس ڊيلٽا جي مئنگروو ٻيلن تي مشتمل آهي، دنيا جي سڀ کان وڏن بليو ڪاربان منصوبن مان هڪ آهي. هن منصوبي ذريعي مئنگروو ٻيلن جي تحفظ ۽ بحالي سان تصديق ٿيل ڪاربان ڪريڊٽس پيدا ٿين ٿا، گهڻ پاسائي حياتيات مضبوط ٿئي ٿي، سامونڊي علائقن جي ماڻهن جي روزگار ۾ بهتري اچي ٿي ۽ موسمياتي خطرن ۾ گهٽتائي ٿئي ٿي. هي منصوبو ثابت ڪري ٿو ته پاڪستان فطرت تي ٻڌل موسمياتي تدارڪن ذريعي عالمي سيڙپڪاري حاصل ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو. بدقسمتيءَ سان زراعت اڃان تائين هن اڀرندڙ ڪاربان مارڪيٽ کان ٻاهر آهي، ان جا ڪيترائي سبب آهن. پاڪستان جي گهڻن هارين کي ڪاربان فنانس بابت ڄاڻ ۽ فني سهائتا به گهٽ ملي ٿي. زمين ۾ ڪاربان جي مقدار ماپڻ، اخراج جي نگراني ڪرڻ ۽ عالمي سرٽيفڪيشن حاصل ڪرڻ لاءِ جديد مهارت ۽ مالي وسيلن جي ضرورت هوندي آهي. اهي خرچ خاص طور تي ننڍن هارين لاءِ وڏو بار آهن، جيڪي رڳو چند ايڪڙ زمين جا مالڪ آهن. ادارتي رڪاوٽون پڻ موجود آهن. پاڪستان وٽ زرعي ڪاربان مارڪيٽن لاءِ جامع قومي پاليسيون موجود ناهن. تصديقي نظام اڃان ترقيءَ جي مرحلي ۾ آهن. ان مارڪيٽ جي پکيڙ ۾ اڃان ڪيتريون ئي رڪاوٽون آهن ۽ ماحولياتي ذهين زراعت جي مالي سهائتا لاءِ مناسب نظام به موجود ناهي. جيڪڏهن اهي خاميون دور ڪيون وڃن ته ڪاربان مارڪيٽ جا فائدا نه رڳو هارين کي پهچندا، پر ان جو فائدو پوري ماحول تائين پکڙجي ويندو. ان ڪري حڪومت جو ڪردار انتهائي اهم بڻجي وڃي ٿو. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي گهرجي ته ڪاربان فارمنگ کي زرعي ۽ ماحولياتي پاليسين جو باقاعدي حصو بڻائين. تحقيقاتي ادارا ۽ يونيورسٽيون مقامي حالتن مطابق زمين ۾ ڪاربان جي ماپ جا قابلِ عمل طريقا تيار ڪن. زرعي پکيڙ کاتا هارين کي اهڙين جديد زرعي طريقن جي تربيت ڏين، جيڪي پيداوار وڌائڻ سان گڏ اخراج کي گهٽائين.
ساڳئي وقت هارين کي ڪوآپريٽو سوسائٽين يا پيدا ڪندڙ گروپن جي صورت ۾ منظم ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن هزارين ننڍا هاري گڏجي ڪاربان منصوبن ۾ حصو وٺي سگهن. اهڙي گڏيل نظام سان تصديق جا خرچ گهٽ ٿيندا، هارين جي ڳالهه ٻولهه جي طاقت وڌندي ۽ ڪاربان فنانس معاشي طور وڌيڪ فائديمند بڻجي سگهندو. ترقياتي، مالي ادارن ۽ نجي شعبي کي به گهرجي ته اهي هارين کي فني مدد، ڊجيٽل نگراني جي ٽيڪنالاجي ۽ سستي سرٽيفڪيشن تائين رسائي آسان بڻائين، پر اهو پڻ ياد رکڻ گهرجي ته ڪاربان ڪريڊٽس کي ڪو جادوئي حل نه سمجهڻ گهرجي. ڪاربان مارڪيٽون قيمتن جي لاٿ چاڙهه، عالمي معيارن جي تبديلي ۽ ماحولياتي شفافيت بابت خدشن کان متاثر ٿينديون رهن ٿيون. ان ڪري مضبوط قانونسازي، شفاف نظام ۽ فائدن جي منصفاڻي ورڇ لازمي آهي ته جيئن ڪاربان فنانس جو اصل فائدو ڳوٺاڻين برادرين تائين پهچي ۽ وچولن تائين محدود نه رهي. ڪاربان ڪريڊٽس کي آبپاشي جي بهتري، ماحولياتي مزاحمتي ٻجن، پاڻيءَ جي بچاءُ، وري ٻيهر استعمال ٿيندڙ توانائي، زرعي تحقيق ۽ ڳوٺاڻي ڍانچي ۾ سيڙپڪاري جو متبادل نه، پر انهن جي هڪ اهم اضافي وسيلي طور ڏسڻ گهرجي. پاڪستان جا هاري هميشه ملڪ جي قدرتي وسيلن جا محافظ رهيا آهن. سندن فيصلا زمين، ٻيلن، پاڻي جي وسيلن ۽ گهڻ پاسائي حياتيات جي مستقبل تي سڌو اثرانداز ٿين ٿا. انهن ماحولياتي خدمتن جو جيڪڏهن انهن کي معاوضو ملندو ته نه صرف انهن جي زندگين ۾ مثبت تبديلي ايندي، پر سندن معاشي بهتري پوري زراعت ۽ ماحول کي ڀرپور فائدو رسائيندي. هاڻي جڏهن عالمي ماحولياتي فنڊنگ تيزيءَ سان فطرت تي ٻڌل تدارڪن ڏانهن منتقل ٿي رهي آهي ته حڪومت پاڪستان وٽ هڪ اهڙو نادر موقعو موجود آهي ته هو پنهنجي زرعي شعبي کي عالمي ماحولياتي حل سان ڳنڍي ان جو هڪ اهم حصو بڻائي هارين جي زندگين کي به تبديل ڪري، سيڙپڪاري حاصل ڪري ته جيئن مستقبل جي زراعت کي صرف اناج يا ٻي پيداوار سان پرکيو نه وڃي، پر ان ڳالهه سان به ان کي ڳنڍيو وڃي ته اها زمينن جي بحالي، ڳوٺاڻن جي معيشت جي مضبوطي ۽ موسمياتي مزاحمت ۾ ڪيترو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. جيڪڏهن هن شعبي ۾ شفاف، منصفاڻي ۽ ذميداريءَ سان ڪم ڪيو وڃي ته انهن ٽنهي مقصدن کي حاصل ڪري سگهجي ٿو. پاڪستان لاءِ هاڻي اهو سوال نه رهيو آهي ته موسمياتي تبديلي زراعت کي تبديل ڪندي يا نه، ڇو ته اها تبديلي اڳ ئي شروع ٿي چڪي آهي. اصل سوال اهو آهي ته ڇا اسان پنهنجن هارين کي گهٽ ڪاربان واري معيشت ڏانهن ٿيندڙ هن تبديلي مان فائدو حاصل ڪرڻ جو موقعو ڏينداسين يا انهن کي اڪيلو ئي هن بحران جي قيمت ادا ڪرڻ لاءِ ڇڏي ڏينداسين؟

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو