مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

چليءَ جو عظيم انقلابي شاعر پابلو نرودا ۽ منهنجو فيض احمد فيض

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

دنيا جي نقشي تي لاطيني آمريڪا جو هڪ ملڪ، جيڪو ڌرتيءَ جي گولي جو آخري ملڪ آهي، جتان کان پاڻين جو ختم نه ٿيڻ وارو سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو ۽ ماڻهو جنهن کي مختلف حوالن کان چليءَ جي نالي سان سڃاڻن ٿا. جڏهن ته مان ان سر زمين کي ٽامي جي ذخيرن ۽ پابلو نرودا جي نظمن جي حوالي سان سڃاڻان ٿو. پابلو نرودا جي شخصيت مان هن جا نظم ڪڍي ڇڏجن ته باقي هو هڪ عام ماڻهو ئي رهجي ٿو وڃي، هڪ عام ماڻهو جيڪو چليءَ جي روڊن تي گهمي ٿو، روز استعمال وارين شين جي خريداري ڪري ٿو. سمنڊ ڪناري تي رولاڪي ڪري ٿو، پوءِ پنهنجي ملڪ جي ڪميونسٽ پارٽي جو چيئرمين بڻجي ٿو، صدارتي اميدوار ٿئي ٿو ۽ مختلف ملڪن ۾ پنهنجي ملڪ جو سفير بڻجي هڪ ڏينهن چپ چاپ خاموش ٿي وڃي ٿو. ڇا مان ۽ اوهان اهڙن پابلو نرودا کي نٿا سڃاڻو؟ يقينن چليءَ جا قبرستان اهڙن سان ڀريا پيا هوندا. پابلو نرودا جي شاعري ئي هن کي عام پابلو نرودا کان ڌار ڪري ٿي. مون کي هن جي شاعري سان عشق آهي، ان لاءِ ته سندس نظم اهڙا جادوگريءَ وارا آهن، جيڪي هن کي عام ماڻهو جي صف کان ڪڍي دنيا سڄي جي انقلابين، امن پسندن ۽ آزادي جي پروانن جي دلين ۾ ويهاري ڇڏين ٿا. اوهان جيڪڏهن آزادي جي جنگ وڙهڻ وارن، محبت جا گيت ڳائڻ ۽ امن جو پرچار ڪرڻ وارن جي مسلڪ سان آهيو ته اوهان چاهيو ته ان جو اظهار نه به ڪريو، پر اوهان کي به لاشعوري طور تي پابلو نرودا کي مڃڻو پوندو. مان جڏهن پابلو جا نظم پڙهان ٿو ته مون تي هڪ خاص ڪيفيت ڇانئجي وڃي ٿي، هڪ ته هن جا نظم دماغ تي تمام ڳوڙهو اثر ڪندڙ آهن ۽ دل تي پنهنجو گهرو اثر ڇڏين ٿا. سندس نظم پڙهڻ کانپوءِ دل ائين ٿي چوي ته دنيا جا سڀ جهيڙا جهٽا ڇڏي سپاهي جي وردي پائي انقلابين جي ڪنهن جنگ جي اڳين مورچن تي پهچي پابلو نرودا جا نظم پڙهجن ۽ سپاهين کي جوش ڏيارڻ لاءِ سندس نظم پڙهجن ته جيئن سندن رت گرم ٿئي. يا وري سمنڊ جي ڪناري نڪري وڃجي ۽ محبت جو ڪو گيت وهندڙ سمنڊ تي رکي ڇڏجي ۽ انهيءَ کي هوا جي قوت تي سفر ڪرڻ ڏجي. ايئن به ڪري سگهجي ٿو ته ته ڪنهن رستي ويندڙ مسافر جي ڳچيءَ ۾ ڳراٺڙيون وجهي ان سان ائين ئي دل جون ڳالهيون ڪندي گهٽيءَ جي اڳئين موڙ تي ڇڏي اچجي. اهي اهڙا ئي تمثيل منهنجي ذهن ۾ پابلو کي پڙهڻ سان اڀرن ٿا. پابلو نرودا سان هڪ عوامي ڳانڍاپي جو تاريخي واقعو به مون کي پنهنجي گرفت ۾ وٺيو ڇڏي. اهو نرودا پنهنجي ياداشت تي پاڻ حيرت کائيندي لکي ٿو ته هسپانوي عوام جڏهن پنهنجي زمين تي جمهوريت جي جنگ هارائي رهي هئي ۽ مهاجرن جو هڪ وڏو انگ اسپين جي رستن کان فرانس ڏانهن وڌي رهيو هو، تڏهن ماڻهو سفر لاءِ اناج ۽ ڪپڙا ڪڍي پابلو نرودا جا ڪتاب پنهنجن ٿيلهن ۾ ڀري رهيا هئا. اهي ئي نسخا آهن، جيڪي جنگ جي تباهين دوران ڪاغذ جي کوٽ سبب سڙي ويل جهنڊن ۽ سپاهين جي رت سان ڀريل ڪپڙن مان تيار ڪيل ڪاغذ تي ڇاپيا ويا هئا، هي اهي سپاهي هئا جيڪي جنگ جي ميدان ۾ به وڙهي رهيا هئا ته ڇاپي خاني جي مشينن تي به وڙهي رهيا هئا، اهو ڪتاب ڪپڙي ۽ ڪاغذ جو عجيب سنگم هو جنهن مان بارود جي بوءِ پئي آهي.
جيڪي بعد ۾ گولا بارود جي جنگ ۾ اسپين جي رستن تي وکري ڪري خاڪ ٿيا. ڇا ڪو شاعر ان صدر محبت جي معراج تي پهچي ماڻهن جي دلين ۾ ائين ڌڙڪي سگهي ٿو ته ماڻهو بک جي سفر ۾ اناج ڦٽو ڪري هن جي ڪتاب کڻڻ کي اوليت ڏين. ان کي محبت جي ڪهڙي منزل چئي سگهجي ٿو. پابلو نرودا پاڻ سهولت يافته هو، پر سندس دل ۽ دماغ محنت ڪشن ۽ محبت ورهائڻ سان ڌڙڪندي هئي. هن جي لهجي ۾ هڪ اهڙي معتبر ۽ مانائتي سوچ هئي، جنهن هن جي شاعري کي ماڻهن جي دل ۽ دماغ تي ڇانئجي وڃڻ سيکاري ڇڏيو هو. مان جڏهن پابلو نرودا جو نانءُ وٺان ٿو ته ساز جي هڪ تار مون ۾ بيدار ٿئي ٿي. پابلو نرودا پاڻ هڪ مڪمل ساز آهي، ڪو شخص جيڪڏهن جلاوطني جي ڏينهن ۾ پنهنجي قاصد کي چئي ته مون کي پنهنجن سمنڊن جو آواز رڪارڊ ڪري موڪليو وڃي، جتي مان ور مٿي ڪري گهمندو رهيو آهيان ته اهڙي شخص جي موسيقي جي مزاج جو درجو ڇا ٿي سگهي ٿو. منهبجي دل چاهي ٿي ته مان سلميٰ جيلانيءَ جو ترجمو ڪيل پابلو نرودا جو هڪ نظم هتي پيش ڪيان. پابلو نرودا جيڪو عام ماڻهو ناهي ۽ نه ئي عام شاعر آهي. ڏسون ته ايڏي وڏي ۽ آفاقي شاعر ڇا چيو آهي، سندس شاعري ڇا ٿي چوي. ان جو تخليقڪار ڪيئن نوبيل تائين پهچي ٿو ۽ ماڻهو ڇو بک جي سفر ۾ اناج ۽ ڪپڙا ڇڏي سندس شاعريءَ ڇا نسخا پنهنجن ٿيلهن ۾ ڀرين ٿا.
توهان هوريان هوريان مرڻ لڳو ٿا
جيڪڏهن سفر نه ڪيو ها
جيڪڏهن مطالعو نه ڪريو ها
جيڪڏهن زندگي جا آواز نه ٻڌو ها
جيڪڏهن پاڻ کي نه ساراهيو ها
توهان هوريان هوريان مرڻ لڳو ٿا
جڏهن پاڻ توقيري کي قتل ڪريو ٿا
جڏهن ٻين کي اجازت نٿا ڏيو
ته اهي توهان جي مدد ڪري سگهن
توهان هوريان هوريان مرڻ لڳو ٿا
جڏهن پنهنجين عادتن جا قيدي بڻجي وڃو ٿا
هر ڏينهن ساڳين رستن تي هلندا رهو ٿا
جيڪڏهن پنهنجا معمول نٿا بدلايو
جيڪڏهن مختلف رنگ نٿا پايو
جيڪڏهن اجنبين سان ڳالهيون نٿا ڪريو
توهان هوريان هوريان مرڻ لڳو ٿا
جڏهن عشق کان ۽ ان جي هنگامن کان جان ڇڏايو ٿا
۽ انهن کان جن کي ڏسي توهان جون اکيون، روشني کان چمڪي پون ٿيون
دل جون ڌڙڪنون بي ترتيب ٿي وڃن ٿيون
توهان هوريان مري ويندو
جيڪڏهن خطرو نه کڻندو
اهو ڄاڻڻ جي لاءِ
ته نامعلوم ڪيترو محفوظ آهي
جيڪڏهن خوابن جي تلاش ۾ نه نڪرندو
زندگي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو
منطق کان نه ڊوڙندو
پاڻ کي ڦڙو ڦڙو ٿي مرڻ نه ڏجو
خوش رهڻ نه وسارجو.
مان جڏهن به هڪ خاص ڪيفيت ۾ پابلو نرودا جا اهڙا زندگي سان سرشار نظم پڙهان ٿو ته مون کي فيض صاحب ياد اچي ٿو. غالب، اقبال، مير يا فراز کي مان غالب، اقبال، مير ۽ فراز ئي لکان ٿو، پر فيض کي فيض صاحب لکان ٿو. ڇاڪاڻ ته منهنجو ساڻس هڪ خاص عشق وارو جنون آهي. مان سوچان ٿو ته فيض صاحب کي اسان پابلو نرودا ڇو نه مڃيو؟ هو به ته اهڙائي جادوئي نظم چئي ويو آهي. انقلابين جي جنگ ۾ اڳين مورچن تي پڙهڻ وارا نظم، امن ۽ محبت جو پرچار ڪرڻ وارن جون دليون ڌڙڪائڻ وارا نظم، ساڳئي ئي خوبصورت ٻولي، ساڳيو ئي تازو لهجو، رومان ۽ تخيل جي هڪ جهڙي اڏام ۽ ساڳي آفاقيت جيڪا پابلو نرودا جي نظمن ۾ ملي ٿي. فيض صاحب پابلو نرودا کان متاثر ضرور هو، ليڪن هن پابلو نرودا کان ماخوذ نظم نه چيا. پاڪستان ۾ پيدا ٿيڻ ۽ دفن ٿيڻ سندس هٿ ۾ نه هو.
اسان جيڪي اونداهين راهن ۾ ماريا وياسين
اي خاڪسارو! اٿي پئو اهو وقت ويجهو اچي پهتو آ
جڏهن تخت ڪيرايا ويندا جڏهن تاج ڦٽا ڪيا ويندا
مقتلن مان چونڊيل اسان جا عَلم
۽ نڪرندا عاشقن جا قافلا
جن جي طلب جي راهه سان گڏ اسان جا قدم
جن درد جي فاصلن کي ڪيو مختصر
جن جي خاطر اسان جهان کي فتح ڪندڙ بڻياسين
۽ پنهنجي جان ڏئي تنهنجي محبت جو ڀرم رکيوسين
اسان! جيڪي اونداهين راهن ۾ ماريا وياسين
اسان مجموعي کي اکيون بند ڪري کولينداسين، جيڪو صفحو سامهون ايندو پڙهندا وينداسين ۽ واھ واھ ڪندا وينداسين، اهي نظم آهن يا لفظن جي جادوگري، پڙهڻ واري کي ڪنهن ٻي دنيا ۾ وٺيو وڃن ٿا، جتان کان گهمي ڦري وري ساڳئي هنڌ وٺي ٿا اچن ته اسان فيض کي پابلو نرودا ڇو نه مڃيو؟ مون کي جڏهن ان جو ڪو جواب نٿو ملي ته پابلو ۽ فيض کي گڏ رکڻ لاءِ مون وٽ هڪ قول بچي ٿو، جيڪو مون کي سهارو ڏئي ٿو ۽ اهو ته شعر جي ڪابه سرحد ناهي هوندي، جنهن کي پار ڪرڻ لاءِ ان کي ڪو شناختي دستاويز گهربل هجي. جيتوڻيڪ ان پسمنظر ۾ چلي جو پابلو نرودا منهنجو فيض صاحب آهي، ليڪن مان اهو به ڄاڻان ٿو ته اسان ۾ اڃان بک ڪٽڻ جي رياضت مڪمل ناهي ٿي ۽ اڃان اسان بک جي سفر ۾ ڪتاب ڦٽا ڪري پنهنجن ٿيلهن ۾ اناج ڀرڻ وارن جي صف ۾ بيٺل آهيون. پابلو نرودا لاطيني آمريڪا جي ملڪ چليءَ ۾ 12 جولاءِ 1904ع ۾ جنم ورتو. جڏهن ته 23 سيپٽمبر 1973ع تي هن جي وفات ٿي. پابلو نرودا چلي جي ڪميونسٽ پارٽي جو اڳواڻ هو. جڏهن فوجي آمر پنوشي 11 سيپٽمبر 1973ع (9/11) کي آمريڪا سامراج جي پٺڀرائي کان وزيراعظم الاندي ۽ ساٿين کي قتل ڪري اقتدار تي قبضو ڪيو. ان وقت نرودا فرانس ۾ علاج هيٺ هو ۽ اتي ئي سندس وفات ٿي. پنوشي جي خوني آمريت ۾ جتي هزارين انقلابين کي قتل ڪيو ويو ۽ لکن کي بيدردي سان تشدد جو نشانو بڻايو ويو. اتي پچاڙي ۾ نرودا جي گهر کي به باھ ڏئي ساڙي ڇڏيائون.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو