سنڌي وائي جي ڪرت ۾ ٿيڙون (شعبي وار مواد جي کوٽ، گهاڙيٽي وارا خال ۽ ٻوليءَ جي نواڻ لاءِ گهڻ ڌريو دڳ نامو)
ٻولي اهو بنيادي وسيلو آهي، جنهن جي ذريعي انساني سماج علم جي تخليق، منتقلي، سمجهاڻي ۽ اداراجاتي استعمال جا عمل سرانجام ڏئي ٿو. ڪنهن به مروج ۽ متحرڪ ٻوليءَ جي سگهه جو اندازو رڳو ان جي ادبي ورثي، شاعري يا تاريخي ادب مان نٿو لڳائي سگهجي؛ ان جي حقيقي فعالي وسعت ان ڳالهه مان به ظاهر ٿئي ٿي ته اها ٻولي سائنس، ٽيڪنالاجي، طب، قانون، معيشت، تعليم، انتظام، ميڊيا ۽ ڊجيٽل دنيا ۾ جديد علم ۽ تجربن جي اظهار لاءِ ڪيتري حد تائين استعمال ٿي رهي آهي.
سنڌي ٻوليءَ وٽ هزارين سالن تي پکڙيل ثقافتي، ادبي، شعري ۽ تاريخي ورثو موجود آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ چين راءِ لُنڊ ساميءَ جي صوفي فڪر کان وٺي جديد شاعري، افسانوي ادب، صحافت ۽ مزاحمتي توڙي سياسي نثر تائين، سنڌيءَ پنهنجي اظهار جي وڏي صلاحيت ثابت ڪئي آهي. تنهن هوندي به جديد دور ۾ هڪ اهم ساختي مسئلو نمايان ٿئي ٿو: شعبي وار سائنسي، فني، طبي، قانوني، معاشي ۽ ڊجيٽل مواد جي نسبتن محدود اپت.
هن صورتحال کي هتي “سنڌي وائي جي ڪرت ۾ ٿيڙون” جي اصطلاح سان بيان ڪيو ويو آهي. هتي “ٿيڙ” مان مراد سنڌي ٻوليءَ جي اندروني اظهارِي صلاحيت جي کوٽ نه، پر جديد علمي ۽ پيشيوراڻن شعبن ۾ ان جي محدود استعمال مان پيدا ٿيندڙ بي قاعدگي، انحراف ۽ فعالي عدم توازن آهي. تجزيي جو بنيادي سوال اهو آهي ته سنڌيءَ کي پنهنجي مضبوط ادبي بنياد سان گڏ جديد علم، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل دنيا جي هڪ وڌيڪ مڪمل فعال ٻولي ڪيئن بڻائي سگهجي ٿو.
اھڙي مقصد لاءِ ٻوليءَ جي تبديلي ۽ ٻوليءَ جي رٿابنديءَ سان لاڳاپيل نظرياتي تصورن جي روشنيءَ ۾ هڪ گهڻ ڌريو دڳنامو پيش ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ عام شهري، شعبي وار ماهر ۽ اسڪالر، تعليم يافته وچولو طبقو ۽ پيشيور ماڻهو، شاگرد ۽ نوجوان، يونيورسٽيون، سرڪاري ادارا، نجي شعبو ۽ ٽيڪنالاجيءَ سان لاڳاپيل ادارا پنهنجا مخصوص ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. تجزيي جو نتيجو اهو آهي ته سنڌيءَ جي جديد ڪاري رڳو نون لفظن ٺاهڻ جو عمل ناهي؛ ان لاءِ اصطلاح سازي، علمي ترجمو، شعبي وار تصنيف، ڊجيٽل لوڪلائيزيشن، ڪمپيوٽيشنل لسانيات، کليل علمي ذخيرا، ٻارن جو اسٽيم (سائنس، ٽيڪنالاجي، انجينئرنگ مئٿيميٽڪس يا سائنس، صنعت حرفت، انجينئرنگ ۽ رياضي) ادب ۽ اداراجاتي سهڪار کي هڪ گڏيل حڪمت عمليءَ ۾ آڻڻ ضروري آهي.
ٻولي: ادب کان اتاهون، علمي ۽ سماجي وسيلو:
ٻولي صرف خيالن، جذبن ۽ احساسن جي اظهار جو وسيلو ناهي؛ اها علم جي تعمير ۽ سماجي تنظيم جو بنيادي اوزار پڻ آهي. تعليم، قانون، صحت، معيشت، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ انتظامي نظامن ۾ ٻوليءَ جو ڪردار سماج جي فڪري ۽ عملي صلاحيتن سان سڌو سنئون لاڳاپيل آهي. هڪ ٻولي جيڪا شاعري، ڪٿائن، ڏند ڪٿائن، قصن ڪھاڻين ۽ ثقافتي اظهار ۾ مضبوط هجي، پر جديد سائنسي ۽ فني شعبن ۾ محدود استعمال ٿئي، ان جي فعالي وسعت اڻپوري رهجي سگهي ٿي. ان جو مطلب اهو ڪونھي ته اها ٻولي ڪمزور يا غير ترقي يافته آهي؛ مسئلو اهو آهي ته ان جي موجوده استعمال جا دائرا جديد علم جي رفتار سان گڏ وڌي نه سگهيا آهن.
سنڌي ٻوليءَ جي موجوده صورتحال کي به انهيءَ پسمنظر ۾ سمجهڻ جي ضرورت آهي:
سنڌيءَ جي ادبي ۽ ثقافتي طاقت ۾ بھ ڪو شڪ ناهي. مسئلو ان ڳالهه سان لاڳاپيل آهي ته ڇا سنڌيءَ ۾ اڄ جو شاگرد، استاد، ڊاڪٽر، انجنيئر، وڪيل، سائنسدان، پروگرامر، هاري، واپاري ماڻهو ۽ عام شهري پنهنجي پيشيوراڻي ۽ علمي ضرورتن لاءِ ڪافي مواد حاصل يا پيش ڪري سگهي ٿو؟
جيڪڏهن جواب ڪيترن ئي شعبن ۾ محدود هجي ته پوءِ مسئلو ٻوليءَ جي وجود جو نه، پر ان جي فعالي توسيع جو آهي.
سنڌيءَ ۾ شعبيوار مواد وارا خال:
سائنس، هٿرادو ڏاهپ ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيون
ڪمپيوٽر سائنس ۽ هٿرادو ڏاهپ جي تيز ترقيءَ سان نوان تصور مسلسل نسري اسري رهيا آهن. مشين لرننگ، ڊيپ لرننگ، نيورل نيٽ ورڪس، ڪمپيوٽر ويزن، نيچرل لينگويج پروسيسنگ (اين ايل پي)، جنريٽو اي آءِ ۽ پرامپٽ انجنيئرنگ جهڙن موضوعن تي سنڌيءَ ۾ معياري تعارفي ۽ فني مواد اڃان محدود نظر اچي ٿو.
ساڳيءَ طرح سائبر سيڪيورٽي، ڪرپٽوگرافي، ڊيٽا تحفظ، روبوٽڪس، ڊيٽا سائنس، ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ، نينو ٽيڪنالاجي ۽ جديد فلڪيات جهڙا شعبا پڻ وڌيڪ سنڌي مواد جا محتاج آهن.
هڪ اهم مسئلو اصطلاحن جي هڪ جهڙائي ۽ معياري استعمال جو آهي. ڪيترن ئي سنڌي مضمونن ۾ انگريزي اصطلاح سڌيءَ طرح سنڌي جملن ۾ داخل ڪيا وڃن ٿا. ڪجهه حالتن ۾ اهو عملي حل ٿي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن معياري سنڌي متبادل، وضاحت ۽ اصطلاحي رهنمائي موجود هجي ته موضوع پڙهندڙ لاءِ وڌيڪ پهچ جوڳو ٿي سگهي ٿو.
طبي ۽ صحت جون سائنسون:
سنڌيءَ ۾ بنيادي صحت بابت مواد موجود آهي، پر جديد طبي علم جا ڪيترائي شعبا وڌيڪ وسيع ۽ معياري مواد جا گهرجائو آهن. انهن ۾ آنڪالاجي، ايميونولاجي، آٽو اميون بيماريون، نيورو ڊي جينريٽو بيماريون، جينيٽڪس، جينيٽڪ انجنيئرنگ ۽ نوان نوان تشخيصي طريقا شامل آهن. ذهني صحت جي حوالي سان به سائنسي ۽ ثبوتن تي ٻڌل مواد جي ضرورت آهي، جنهن ۾ سٻوجهڪ (ادراڪي) وهنواري اپاءُ، نفسياتي علاج، صدمن ڌياني علاج، آٽزم اسپيڪٽرم ۽ نفسياتي دوا سازي جهڙا موضوع شامل آهن. ايم آر آءِ، پوزيٽرون ايميشن، ٽوموگرافي اسڪين، جينومڪ سيڪوئنسنگ ۽ جديد ليبارٽري تشخيص بابت سادو، درست ۽ عام فهم سنڌي مواد پڻ صحت بابت عوامي ڄاڻ وڌائڻ ۾ مددگار ٿي سگهي ٿو.
معيشت، بئنڪنگ ۽ جديد واپار:
سنڌي معاشي لکڻيءَ جو وڏو حصو ميڪرو معيشت، زرعي معيشت ۽ سياسي، اقتصادي تجزين سان لاڳاپيل رهيو آهي، پر عام شهريءَ لاءِ عملي مالي ڄاڻ جي ضرورت وڌي رهي آهي. ذاتي ماليات، بجيٽ، بچت، سيڙپ، ٽيڪسيشن، رٽائرمينٽ پلاننگ، ڊجيٽل بئنڪنگ، فِن ٽيڪ (فنانشيل ٽيڪنالاجي يعني مالي هُنر يا ٽيڪنالاجي) ، آن لائين ادائيگيون، بلاڪ چين، ڪاروباري انتظام، اسٽارٽ اپس، مارڪيٽ ريسرچ ۽ ڊجيٽل مارڪيٽنگ بابت معياري سنڌي مواد هن خال کي گهٽائي سگهي ٿو.
قانون، آئيني حق ۽ شهري ڄاڻ:
شهري پنهنجي قانوني حقن کان واقف هجي ته ئي قانوني سرشتي مان جوڳو فائدو پرائي سگهي ٿو. ان لاءِ قانوني معلومات عام فهم ٻوليءَ ۾ ھجڻ ضروري آهي. سنڌيءَ ۾ آئين، بنيادي حقن، قانوني طريقيڪار، فوجداري قانون، سائبر قانون، دانشوراڻي ملڪيت، ڊيٽا رازداري، صارفين جي حقن ۽ ڪارپوريٽ قانون بابت آسان ۽ سند جوڳي مواد جي وڌيڪ ضرورت آهي.
موسمياتي تبديلي، ماحوليات ۽ زراعت:
سنڌ موسمياتي تبديلي، گرميءَ جي لهرن، پاڻيءَ جي کوٽ، ٻوڏن، سامونڊي اثرن ۽ زرعي دٻاءُ جهڙن مسئلن کي منهن ڏئي ٿي. تنهنڪري ماحولياتي ۽ موسمياتي علم کي سنڌيءَ ۾ عام ڪرڻ خاص اهميت رکي ٿو. ڪاربان نيڪال، گرين هائوس گيسون، موسمياتي موافقت، ماحولياتي بحالي، ٻيهر استعمال ڪرڻ جوڳي توانائي، پاڻيءَ جو انتظام ۽ پريسيزن ايگريڪلچر جهڙن موضوعن تي سنڌي مواد جي ضرورت آهي. ساڳيءَ طرح هائيڊرو پونڪس (جر پوکائي)، ڊرپ آبپاشي، مٽيءَ جي صحت، زرعي حياتيات ۽ جديد آبپاشيءَ بابت عملي رهنمائي ٻهراڙيءَ جي پڙهندڙن لاءِ ڪارائتي ٿي سگهي ٿي.
ٽيڪنيڪل ۽ پيشيوراڻو ادب:
سنڌيءَ ۾ پيشيوراڻي تربيت لاءِ مرحليوار هدايتي ڪتابن ۽ مينوئلن جي ضرورت واضح آهي. سولر سسٽم جي تنصيب ۽ سارسنڀال، برقي وائرنگ، صنعتي آٽوميشن، پروگراميبل لوجڪ ڪنٽرول، ھيٽنگ، وينٽيليشن اينڊ ايئرڪنڊيشننگ، مشيني ڪم، زرعي مشينري ۽ ٻين فني شعبن بابت تصويرن، خاڪن ۽ مرحليوار هدايتن سان گڏ سنڌي مواد تيار ڪري سگهجي ٿو.
نفسيات، ذاتي اوسر ۽ وهنواري سائنس:
سنڌيءَ ۾ نفسياتي ۽ ذاتي اوسر بابت گهڻو مواد اخلاقي، مذهبي يا عام نصيحتن تي ٻڌل آهي. ان سان گڏ ثبوتن تي ٻڌل نفسياتي علم جي به ضرورت آهي. ذهني دٻاءُ جو انتظام، برن آئوٽ، مھل بندي/ٽائيم مئنيجمينٽ، سکيا جا جديد طريقا، قيادت، ڳالهه ٻولهه جون مهارتون، مسئلا حل ڪرڻ ۽ فيصلا سازي جهڙن موضوعن تي عام فهم علمي ڪتاب ۽ ڊجيٽل مواد تيار ٿي سگهي ٿو.
ٻارن ۽ نوجوانن جو ادب:
ٻوليءَ جي مستقبل لاءِ ٻارن جو ادب بنيادي اهميت رکي ٿو. سنڌي ٻارن جي ادب ۾ لوڪ ڪهاڻين، اخلاقي قصن، شاعري ۽ روايتي موضوعن سان گڏ جديد سائنسي ۽ تخليقي صنفن جي وڌيڪ گنجائش موجود آهي. سائنس فڪشن، خلائي مهمن، جاسوسي ۽ منطقي ڳجهارتن، ماحولياتي ڪهاڻين، روبوٽڪس ۽ ٽيڪنالاجيءَ تي ٻڌل ڪامڪس ۽ عمر مطابق غير افسانوي ڪتاب ٻارن کي سنڌيءَ سان گڏ جديد علم سان به ڳنڍي سگهن ٿا.
علمي ترجمو ۽ اصطلاح سازي:
علمي ترجمو جديدڪاريءَ جو اهم اوزار آهي، پر ترجمو صرف لفظن جي مٽاسٽا جو نالو ناهي. مترجم کي موضوع جي ڄاڻ، سنڌي نثر جي رواني ۽ اصطلاحي درستگيءَ تي هڪ ئي وقت ڌيان ڏيڻو پوي ٿو. سائنسي، طبي، قانوني، معاشي ۽ سماجي علمن جي معياري ڪتابن، کليل رسائيءَ واري مواد ۽ تعليمي وسيلن کي سنڌيءَ ۾ منتقل ڪرڻ سان علم جي پهچ وڌائي سگهجي ٿي. ان لاءِ شعبي وار ماهرن ۽ لساني ماهرن جي گڏيل ڪم جي ضرورت آهي.
ڊجيٽل ۽ ڪمپيوٽيشنل وسيلا:
ڊجيٽل دور ۾ ڪنهن ٻوليءَ جي موجودگي رڳو ويب سائيٽن ۽ سوشل ميڊيا پوسٽن سان نٿي ماپي سگهجي. ان لاءِ اسپيل چيڪر، او سي آر، ٽيڪسٽ ٽو اسپيچ، اسپيچ ٽو ٽيڪسٽ، مشيني ترجمو، سرچ، وائيس ريڪگنيشن ۽ ٻوليءَ جا معياري ڊيٽا سيٽ ضروري آهن. سنڌيءَ لاءِ وڏي پيماني تي، اعليٰ معيار جا ۽ قانوني طور استعمال لائق ٽيڪسٽ ۽ اسپيچ ڪارپس تيار ڪرڻ مستقبل جي اي آءِ نظامن لاءِ پڻ اهم آهن.
مواد جي کوٽ جا گهاڙيٽي وارا سبب:
سنڌيءَ ۾ شعبي وار مواد جي محدود موجودگيءَ کي صرف ليکڪن جي عدم دلچسپيءَ سان بيان ڪرڻ ڪافي ناهي. ان جا ڪيترائي تعليمي، اداراجاتي، معاشي، لسانياتي ۽ ڊجيٽل سبب ٿي سگهن ٿا.
تعليمي پاليسي ۽ وسيلي جي ٻولي:
اعليٰ تعليم، سائنسي تحقيق ۽ ڪيترن ئي پيشيوراڻن شعبن ۾ انگريزيءَ ھڪ ھٽي نھ سھي، پر ان جو پورو پورو ڌاڪو آهي. ان سان شاگردن ۽ ماهرن جي پيشيوراڻي لغت گهڻو ڪري انگريزيءَ ۾ ٺهي ٿي. نتيجي ۾ سنڌيءَ ۾ فني لکڻيءَ لاءِ نه رڳو اصطلاحن جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي، پر هڪ مستقل پڙهندڙ طبقي جي موجودگيءَ بابت به غير يقيني پيدا ٿئي ٿي.
اداراجاتي ترجيحون:
سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن ادبي ورثي، شاعري، لوڪ ادب ۽ تاريخي مواد جي تحفظ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. مستقبل جي چئلينجن لاءِ ساڳي ادارياتي توانائي کي سائنس، ٽيڪنالاجي، ترجمي، اصطلاح سازي ۽ ڊجيٽل وسيلا ٺاهڻ ڏانهن به وڌائڻ جي ضرورت آهي.
اشاعتي معيشت:
ٽيڪنيڪل ڪتاب تيار ڪرڻ لاءِ ماهر ليکڪ، مترجم، ايڊيٽر، ڊزائينر، چترڪار ۽ علمي نظرثاني ڪندڙ گهربل هوندا آهن. اهڙي اشاعت جو خرچ عام ادبي ڪتاب کان وڌيڪ ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته پڙهندڙن جي منڊي نسبتن محدود هجي. انهيءَ ڪري گرانٽس، اداراجاتي سهڪار، کليل رسائيءَ ۽ ڊجيٽل اشاعت جا ماڊل اهم ٿي سگهن ٿا.
اصطلاح سازي ۽ لساني لاڙا:
اصطلاح سازيءَ ۾ ٻن انتهاپسند روين کان بچڻ ضروري آهي: هڪ طرف هر پرڏيهي اصطلاح کي رد ڪرڻ ۽ هٿرادو طور پيچيدا متبادل ٺاهڻ؛ ٻئي طرف هر انگريزي اصطلاح کي بنا ضرورت سنڌي جملن ۾ شامل ڪرڻ. وڌيڪ عملي رستو اهو ٿي سگهي ٿو ته اصطلاح جي مفهوم، استعمال، صوتياتي سهولت ۽ پڙهندڙ جي سمجهه کي نظر ۾ رکندي مناسب سنڌي متبادل تيار ڪيا وڃن، جڏهن ته عالمي سطح تي رائج اصطلاح کي ضرورت مطابق ڏنگين ۾ برقرار رکيو وڃي.
ٻوليءَ جي جديدڪاريءَ لاءِ گهڻ ڌريو دڳنامو:
سنڌيءَ جي جديد ڪاري صرف حڪومت، يونيورسٽي يا ڪنهن هڪ اداري جي ذميواري نٿي بڻجي سگهي. ان لاءِ سماج جي مختلف ڌرين جي گڏيل شراڪت ضروري آهي.
عام شهرين جو ڪردار:
عام پڙهندڙ ٻوليءَ جي مواد جي طلب پيدا ڪري سگهي ٿو. صحت، سائنس، زراعت، تاريخ، ذاتي ماليات ۽ ٽيڪنالاجي بابت سنڌي ڪتاب خريد ڪرڻ، پڙهڻ، سفارش ڪرڻ ۽ ڊجيٽل مواد شيئر ڪرڻ سان غير افسانوي مواد لاءِ پڙهندڙن جي منڊي وڌي سگهي ٿي. عام شهري سرڪاري ادارن، بئنڪن، ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپنين ۽ ڊجيٽل خدمتن کان سنڌي انٽرفيس ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ خدمتن جي گهرج به ڪري سگهن ٿا.
شعبي وار ماهرن ۽ اسڪالرن جو ڪردار:
سائنسدان، ڊاڪٽر، انجنيئر، وڪيل، معاشياتدان ۽ يونيورسٽي استاد پنهنجي علم کي سنڌيءَ ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هر ماهر لاءِ مڪمل ڪتاب لکڻ ضروري ناهي. مختصر تعارفي مضمون، اصطلاحي لغت، سوال جواب، وڊيو ليڪچر، درسي نوٽس ۽ عام فهم وضاحتون به علمي سرمايو بڻجي سگهن ٿيون.
اصطلاحي ڪميٽيون:
مختلف شعبن لاءِ ننڍيون ماهر ڪميٽيون قائم ڪري سگهجن ٿيون، جيڪي:
1. بنيادي اصطلاحن جي فهرست تيار ڪن؛
2. سنڌي متبادل تجويز ڪن؛
3. انگريزي اصطلاح به گڏ ڏين؛
4. اصطلاح جي تعريف ۽ مثال فراهم ڪن؛
5. آن لائين، کليل ۽ مسلسل اپڊيٽ ٿيندڙ لغتون تيار ڪن.
تعليم يافته طبقي ۽ پيشيور ماھرن جو ڪردار:
سافٽ ويئر انجنيئر، استاد، صحافي، ڊزائينر، ميڊيا پروڊيوسر ۽ آنٽرپرينيئر علمي مواد کي عام ماڻهن تائين پهچائڻ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. سنڌي سائنس بلاگَ، پوڊڪاسٽَ، يوٽيوب چينلَ، انفوگرافڪسَ، اينيميشنَ، آن لائين ڪورس ۽ تعليمي ويب سائيٽون ان سلسلي ۾ اهم وسيلا بڻجي سگهن ٿيون.
سافٽ ويئر لوڪلائيزيشن:
اوپن سورس سافٽ ويئر، ويب برائوزرن، موبائل ايپليڪيشنن ۽ ٻين ڊجيٽل خدمتن جي سنڌي لوڪلائيزيشن سان ٻوليءَ جي روزمره ڊجيٽل استعمال ۾ واڌارو اچي سگهي ٿو. اھڙو شايد ھڪڙو ئي مثال، پر موجود ضرور آھي. منھنجي خيال ۾ تھ ماھروز ظفاران پاران تيار ڪيل سنڌي ڪيلڪيوليٽر سافٽ ويئر لوڪلائيزيشن (Software Localization) جو هڪ بهترين مثال آهي.
ڪمپيوٽيشنل لسانيات
سنڌيءَ لاءِ هيٺيان وسيلا خاص اهميت رکن ٿا:
(1) اسپيل چيڪر، (2) او سي آر، (3) ٽيڪسٽ ٽو اسپيچ، (4) اسپيچ ٽو ٽيڪسٽ، (5) مشيني ترجمو، (6) سنڌي ٽيڪسٽ ڪارپس، (7) اسپيچ ڪارپس، (8) لغوي ڊيٽابيس، (9) نالي سڃاڻپ نظام، (10) سرچ ۽ سوال جواب جا ماڊل، (11) اي آءِ ۽ لارج لينگوئيج ماڊلس لاءِ اعليٰ معيار جا سنڌي ڊيٽا سيٽ.
شاگردن ۽ نوجوانن جو ڪردار:
شاگردن وٽ وقت، ٽيڪنيڪي مهارت ۽ ڊجيٽل اوزارن تائين رسائيءَ جا وڌيڪ امڪان هوندا آهن. يونيورسٽيون سنڌيءَ لاءِ کليل علمي منصوبن کي تعليمي سرگرمين سان ڳنڍي سگهن ٿيون.
وڪيپيڊيا ۽ کليل علم:
شاگرد حياتيات، ڪيميا، طبعيات، ڪمپيوٽر سائنس، تاريخ، جاگرافي ۽ ٻين شعبن تي سنڌي وڪي پيڊيا ۽ ٻين کليل علمي منصوبن لاءِ مواد تيار ڪري سگهن ٿا.
ڊجيٽلائيزيشن:
پراڻا سنڌي ڪتاب، تحقيقي مقالا، رسالا ۽ ليڪچر ڊجيٽل ڪري ڳولها جوڳي متن ۾ تبديل ڪرڻ سان هڪ وڏو علمي ذخيرو محفوظ ٿي سگهي ٿو.
ڪميونٽي ٽيوشن ۽ اسٽيم ڪلب:
شاگرد اسڪولن ۽ ڪميونٽيز ۾ بنيادي پروگرامنگ، رياضي، سائنس ۽ روبوٽڪس بابت سنڌيءَ ۾ سرگرميون منظم ڪري سگهن ٿا.
اسٽريٽجڪ پاليسي سفارشون ۽ اداراجاتي حڪمت عملي:
سنڌي ٽيڪنيڪل اصطلاحن واري ڪائونسل
سنڌي ٻوليءَ سان لاڳاپيل ادارن، يونيورسٽين ۽ شعبي وار ماهرن جي سهڪار سان هڪ مستقل ٽيڪنيڪل اصطلاحن واري ڪائونسل قائم ڪرڻ تي غور ڪري سگهجي ٿو.
ان ڪائونسل جا اهم ڪم هي ٿي سگهن ٿا:
1. سائنس، ٽيڪنالاجي، طب، قانون ۽ معيشت جي بنيادي اصطلاحن جون معياري لغتون تيار ڪرڻ؛
2. آن لائين ڳولها جوڳي اصطلاحي ڊيٽابيس ٺاهڻ؛
3. اصطلاحن جون وصفون ۽ استعمال جا مثال ڏيڻ؛
4. نون اصطلاحن جي وقت بوقت نظرثاني ڪرڻ؛
5. ڊولپرز ۽ مترجمن لاءِ اَي پي آءِ ذريعي مشين-پڙهڻ لائق ڊيٽا فراهم ڪرڻ.
يونيورسٽين ۾ سنڌي علمي خلاصا:
پوسٽ گريجوئيٽ تحقيق جي نتيجن کي سنڌي پڙهندڙن تائين پهچائڻ لاءِ يونيورسٽيون پنهنجي تحقيق جا سنڌي علمي خلاصا (ايگزيڪيوٽو سمريز)، عام فهم خلاصا ۽ اصطلاحي فهرستون تيار ڪرڻ جي حوصلا افزائي ڪري سگهن ٿيون.
ان سان سنڌيءَ ۾ نئين علم جي مستقل وهڪري جو بنياد پئجي سگهي ٿو.
ترجمي ۽ تصنيف لاءِ گرانٽس:
سائنسي ۽ فني ڪتابن جي ترجمي، اصل سنڌي نصابي ڪتابن جي تصنيف، ٻارن جي اسٽيم ادب، ڊجيٽل تعليمي مواد ۽ لغت نويسي لاءِ مقابلي ذريعي گرانٽس ۽ انعام متعارف ڪرائي سگهجن ٿا.
ڪمپيوٽيشنل لسانيات لاءِ گڏيل منصوبا:
سرڪاري ادارا، يونيورسٽيون، نجي ٽيڪنالاجي ڪمپنيون ۽ اوپن سورس ڪميونٽيز گڏجي سنڌيءَ لاءِ ٽيڪسٽ ۽ اسپيچ ڪارپس، او سي آر، ٽي ٽي ايس، اسپيچ ريڪگنيشن ۽ مشيني ترجمي جا وسيلا تيار ڪري سگهن ٿا.
ٻوليءَ جي جديدڪاريءَ لاءِ مرحليوار منصوبا:
پهريون مرحلو
1. موجوده سنڌي علمي ۽ ٽيڪنيڪل مواد جو سروي؛
2. اصطلاحن جي بنيادي فهرست؛
3. موجوده ڊجيٽل وسيلن جو جائزو؛
4. ترجيحي شعبن جي چونڊ.
ٻيو مرحلو
1. ٽيڪنيڪل لغتون؛
2. ترجمي جا منصوبا؛
3. سنڌي سٽيم ڪتاب؛
4. ڊجيٽل ڪارپس؛
5. او سي آر، ٽي ٽي ايس ۽ اسپيچ ريڪگنيشن جا منصوبا.
ٽيون مرحلو
1. يونيورسٽي سطح جا سنڌي علمي وسيلا؛
2. وڏي پيماني تي کليل علمي منصوبا؛
3. ڊجيٽل تعليمي پليٽ فارم؛
4. سنڌي سافٽ ويئر لوڪلائيزيشن.
چوٿون مرحلو
1. اڳڀرائيءَ جو ڪاٿو؛
2. اصطلاحن ۽ لغتن جي نظرثاني؛
3. ڪامياب ماڊلن جي توسيع؛
4. سنڌيءَ کي جديد علمي ۽ ڊجيٽل ماحول ۾ وڌيڪ وسيع ڪرڻ لاءِ نئين ڏهن سالن جي حڪمت عملي.
ٻولي جامد شيءِ ناهي. اها استعمال سان وڌي ٿي، نون شعبن ۾ داخل ٿيڻ سان نوان لفظ ۽ اسلوب پيدا ڪري ٿي ۽ سماج جي بدلجندڙ ضرورتن سان پنهنجي فعالي وسعت وڌائي ٿي. سنڌي ٻوليءَ جو ادبي ۽ ثقافتي ورثو ان جي وڏي طاقت آهي، پر جديد دور ۾ صرف ورثي جي حفاظت ڪافي ناهي. ٻوليءَ کي مستقبل جي علم سان به ڳنڍڻو پوندو. سنڌيءَ کي سائنس، ٽيڪنالاجي، طب، قانون، معيشت، ماحوليات، انجنيئرنگ ۽ ڊجيٽل دنيا ۾ وڌيڪ فعال ڪرڻ لاءِ ڪنهن هڪ اداري يا طبقي تي ڀاڙڻ بدران گڏيل حڪمت عملي جي ضرورت آهي. عام شهرين جو ڪم طلب پيدا ڪرڻ آهي؛ شعبي وار ماهرن ۽ اسڪالرن جو ڪم علم ۽ اصطلاح مهيا ڪرڻ آهي؛ تعليم يافته پيشيوراڻي طبقي جو ڪم علم کي ڊجيٽل ۽ عوامي صورت ڏيڻ آهي؛ شاگردن ۽ نوجوانن جو ڪم کليل علم، ڊجيٽلائيزيشن ۽ نئين ميڊيا کي اڳتي وڌائڻ آهي؛ ۽ ادارن جو ڪم هن سموري عمل لاءِ پائيدار پاليسي، وسيلا ۽ معيار فراهم ڪرڻ آهي. سنڌيءَ جي جديدڪاريءَ جو مطلب انگريزي يا ٻين ٻولين سان چٽاڀيٽي ڪرڻ نه، پر سنڌيءَ کي پنهنجي ڳالهائيندڙن جي جديد علمي، سماجي ۽ پيشيوراڻي ضرورتن لاءِ وڌيڪ ڪارائتو بڻائڻ آهي. جيڪڏهن سنڌي پنهنجي ادبي ورثي سان گڏ جديد سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل علم کي به جذب ڪري سگهي ٿي ته اها صرف ماضيءَ جي ثقافتي سڃاڻپ جي ٻولي نه رهندي، پر مستقبل جي علم، تحقيق، تعليم ۽ جدت جي ٻولي پڻ بڻجي سگهي ٿي. اصل چئلينج اهو ناهي ته سنڌيءَ ۾ لفظ ڪيترا آهن؛ اصل سوال اهو آهي ته جديد دنيا جو علم سنڌيءَ ۾ ڪيترو موجود، منظم، معياري ۽ پهچ جوڳو آهي ۽ شايد اتان ئي سنڌي وائيءَ جي ڪرت ۾ موجود ٿيڙن کي سڃاڻڻ کانپوءِ، انهن کي درست ڪرڻ جو گهڻ ڌريو دڳنامو شروع ٿئي ٿو.
چو لساني متوازي اصطلاحي لغت
(مضمون ۾ شامل اصطلاحن وغيره جي فھرست)

سنڌي ٻوليءَ جي ھڪ شاگرد ۽ ڪوڏيي طرفان سنڌي ٻولي ۾ سائنٽيفڪ مواد جي اڻاٺ جي حوالي سان ھي ليک مطالعي، مشاھدي ۽ مباحثن/مذاڪرن جي آڌار تي لکيل آھي. موضوع، مواد ۽ متن سان ڪيترو نڀائي سگهيو آھيان اھو فيصلو پڙھندڙ ڪندا. البته ڪن اصطلاحن جي وضاحت ضروري آھي. ليک ۾ زبان بدران “وائي” ان مشھور پھاڪي جي حوالي سان ڪتب آندل آھي جنھن ۾ چيو ويو ھو تھ، “سنڌي وائي قلم نھ آئي.” دڳنامو روڊ ميپ جو متبادل يا سھمٽ آھي جيڪو ڀلنامو جي پوئيواري ڪري ٿو. ان کانسواءِ ھڪ عدد چولساني لغت پڻ ڏنل آھي جيڪا وڌيڪ غور ويچار ڪندڙن کي سوچ جو سامان مھيا ڪندي. فارسي ۽ ھندي اصطلاح ڄاڻڻ لاءِ جاچ ڀيٽ لاءِ ڪارائتا ٿي سگهن ٿا.
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟