سِرن CERN ليبارٽري شعور جو اڻ ٿڪ سفر
ازل جي پهرين صبح کان اڳ جڏهن نه ڪو زمان هو ۽ نه مڪان، تڏهن ڪائنات هڪ گهري اٿاهه ۽ اسرار سان ڀريل خاموشي هئي ان خاموشيءَ جي هنج مان جڏهن وجود جو پهريون ڏيئو ٻرندڙ چمڪ سان نڪتو ته روشني، مادي ۽ وقت جو هڪ اڻکٽ سفر شروع ٿي ويو. صدين کانپوءِ جڏهن انسان سنڌو جي ڪناري تي شعور جي اک کولي سنڌ جي عظيم فلاسافر ڪوٽليا چاڻڪيا يونانين کي بي جان يا جاندار شيءِ جي آخري جز ايٽم جي ڄاڻ فراهم ڪئي. حضرت انسان هن پاڻ کي ان اٿاهه ڪائنات ۾ اڪيلو ۽ حيران محسوس ڪيو، رات جي آخري پهر ۾ جڏهن آسمان جي ڪاري ريشمي چادر تي ڪروڙين هيرن جهڙا تارا چمڪندي نظر آيا ته حضرت انسان جي اندر ۾ هڪ ازلي تڙپ ۽ بي چينيءَ جنم ورتو، اها رڳو آسمان جي وسعتن کي ڏسڻ جي خواهش نه هئي، پر پنهنجي وجود جي اصل کي ڳولهڻ جو هڪ روحاني سڏ هو. جديد فزڪس جي باني البرٽ آئن سٽائن انساني شعور جي ان ئي حالت کي بيان ڪندي چيو ته دنيا جو سڀ کان وڏي ۾ وڏو راز اهو آهي ته هيءَ ڪائنات انسان کي سمجهه ۾ اچي ٿي ۽ جنهن انسان اندر هي حيرت جو جذبو ختم ٿي ويو، اهو ڄڻ هڪ مئل انسان آهي.
ان حيرت جي سحر ۾ جڪڙيل انسان ڪڏهن بابلي ۽ سميري مصري دور جي ڏاھن وانگر ستارن جي چال مان تقدير جا ورق پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪڏهن وري کيس ايٽم جي ذري اندر لڪل ڪائنات کي ڏسڻ جو شوق بيچين ڪندو رهيو، اها هڪ اهڙي ازلي ڳولها آهي، جتي سائنس جي حقيقت ۽ تخيل جي پرواز پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي وڃن ٿا. اڄ جي جديد ٽيڪنالاجي جنهن جو بنياد عقل ۽ تجربي تي آهي، اسان کي هڪ اهڙي مقام تي وٺي آئي آهي، جتي انسان ھن عظيم ڪائنات جي خالق کي ائٽمن جي ٽڪراءُ جي گونج ۾ ٻڌڻ چاهي ٿو. مشهور فزيسسٽ اسٽيفن هاڪنگ چيو هو ته اسان رڳو هڪ معمولي سياري تي رهندڙ ھن عظيم عاليشان ڪائنات جي خالق جي خوبصورت ۽ ذھين مخلوق آهيون، پر اسان جي عظمت اها آهي ته اسان ائٽمن جي علم جي مدد سان هن سڄي ڪائنات کي سمجهڻ جي صلاحيت رکون ٿا، اها رڳو سائنس جي ترقي ناهي، پر انساني روح جي اها تڙپ آهي، جيڪا کيس بي چين رکي ٿي ته هيءَ ڪائنات ڇا آهي ۽ اسان جو ان سان رشتو ڪهڙو آهي.
ان ئي فڪري تسلسل جو جديد ترين ۽ عظيم معجزو فرانس ۽ سوئٽزرلينڊ جي سرحد تي، زمين جي 175 ميٽر هيٺ گھرائي ۾ تعمير ٿيل سرنگ آهي، پر هن عظيم سائنسي شهر جي اڏاوت پٺيان رڳو سيمينٽ ۽ لوهه جو هنر ناهي، پر انساني تاريخ جي هڪ عظيم علمي بقا جو داستان پڻ لڪل آهي. 1945ع ۾ ٻي مهاڀاري جنگ جي عبرتناڪ تباهيءَ کانپوءِ، جڏهن يورپ مڪمل طور تي کنڊر بڻجي چڪو هو ۽ ان جا عظيم سائنسدان سمنڊ پار هجرت ڪري ويا هئا، تڏهن ڪجهه علمي ڏاهن محسوس ڪيو ته يورپ کي پنهنجو وڃايل علمي وقار واپس ڏيارڻ ۽ سائنس کي جنگي هٿيارن جي بجاءِ امن، محبت ۽ انساني بقا لاءِ استعمال ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. هن عظيم علمي تحريڪ جي پٺيان فرانسيسي فزسسٽ ۽ نوبيل انعام يافته لوئس ڊي بروگلي، آمريڪي نوبيل انعام يافته آئزڪ رابي ۽ اٽليءَ جي نامور سائنسدان ايڊوارڊو امالڊي جو نظريو ۽ اڻٿڪ محنت شامل هئي، انهن ڏاهن هڪ اهڙي جديد علمي آستان جو خواب ڏٺو، جتي دنيا جا سائنسدان رنگ، نسل، مذهب ۽ سياسي جهيڙن کان مٿانهون ٿي صرف ڪائنات جي رازن تان پردو کڻڻ لاءِ تاريخ جي عظيم جدوجهد ڪئي. نيٺ 9 ڊسمبر 1951ع تي يونيسڪو جي اجلاس ۾ پهرين قرارداد کانپوءِ، 29 سيپٽمبر 1954ع تي يورپ جي 12 ملڪن جي گڏيل معاهدي تحت سرن (CERN) جو باقاعدي بنياد رکيو ويو.
شروعات ۾ هڪ عارضي ڪيمپ وانگر جڙيل هي ادارو اڄ دنيا جي سڀ کان وڏي يورپي نيوڪليئر ريسرچ فيڪلٽي بڻجي چڪو آهي. هتي هڪ اهڙو سائنسي شهر اڏيو ويو آهي، جتي ڪائنات جي تخليق جا نوان داستان لکيا پيا وڃن، لکين يورپين شھرين جي پيرن هيٺان، جنيوا جي ويجهو هڪ 27 ڪلو ميٽر ڊگهي گول سرنگ آهي، جنھن کي “لارج هيڊرون ڪولائيڊر” چيو ويندو آهي. هي ڪو عام ريلوي يا ميٽرو جو رستو ناهي، هتي ڪو مسافر سفر نٿو ڪري سگهي، ان جي اندر تقريبن مڪمل خلائي نظام جوڙيو ويو آهي، جتي ائٽم جي ذرڙن ۽ ٻين مادي جي بنيادي جزن کي روشنيءَ جي تيز رفتار سان هڪٻئي سان ٽڪرايو ويندو آهي، جڏهن اهي ذرڙا پاڻ ۾ مهاڏو اٽڪائيندا آهن ته ان مان ايتري توانائي خارج ٿيندي آهي، جيڪا ڪائنات جي پيدائش بگ بينگ کان ڪجهه سيڪنڊ پوءِ موجود هئي، ان مادي جي ٽڪراءُ مان ئي 2012ع ۾ سائنسدانن مشهور “گاڊ پارٽيڪل” دريافت ڪيو جنهن ڪائنات جي وجود ۾ اچڻ واري فلسفي کي نئين سوچ ڏني. هيءَ اها ئي ليبارٽري آهي جنهن انساني اتحاد جي عظيم ثبوت طور دنيا کي “ورلڊ وائڊ ويب” WWW يعني اڄ جو انٽرنيٽ پڻ تحفي ۾ ڏنو.
پر انساني جستجو هتي ختم نٿي ٿئي، سائنسدان هاڻي هڪ نئين سُپر ڪولائيڊر، يعني فيوچر سرڪيولر ڪولائيڊر جي نقشي تي ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪو موجوده مشين کان ٽيڻو وسيع يعني 91 ڪلو ميٽر ڊگهو هوندو. هن نئين انقلابي قدم جو مقصد انهن پراسرار رازن تان پردو کڻڻ آهي، جن تي موجوده طبيعيات جا قانون خاموش آهن. هيءَ نئين مشين اسان کي ڪائنات جي ان وڏي حصي يعني ڊارڪ ميٽر کي سمجهڻ ۾ مدد ڪندي، جيڪو موجود آهي ۽ ڪائنات جي جسامت ستر سيڪڙو حصي تي ٻڌل آهي، پر نظر نٿو اچي. موجوده سائنسي ماڊل اسان کي ڪشش ثقل ۽ ڪائنات جي تيزيءَ سان ڦهلجڻ جا مڪمل جواب نٿو ڏئي سگهي. جديد دور جي فزسسٽ مشيو ڪاڪو جو چوڻ آهي ته جنهن کي اسان مادو چئون ٿا، اهو ته ڪائنات جو صرف هڪ معمولي حصو آهي، باقي سڄي ڪائنات ڊارڪ ميٽر جو هڪ اٿاهه سمنڊ آهي، جنهن کي سمجهڻ لاءِ اسان کي فزڪس جي موجوده قانونن کان به اڳتي ڏسڻو پوندو ۽ اهو نئون سُپر ڪولائيڊر انهن منجهيل سوالن کي سمجھڻ لاءِ ھڪ جديد ترين سائنسي چشمو ثابت ٿيندو.
ائٽم کي ٽوڙڻ ۽ ان جي اندر لڪل ڪوارڪس (Quarks) ۽ ليپٽانز (Leptons) جي گهرائيءَ تائين پهچڻ رڳو ڪا ليبارٽري جي تحقيق ناهي، پر انساني شعور جي اها عظيم فتح آهي، جيڪا مادي کي روحانيت جي ويجهو وٺي وڃي ٿي. هتي ڪوانٽم فزڪس جا اصول مادي جي سخت هجڻ واري تصور کي ئي ختم ڪري ڇڏين ٿا. ڪوانٽم فزڪس جو باني ميڪس پلانڪ پنهنجي سڄي ڄمار ائٽم تي تحقيق ڪرڻ کانپوءِ ان نتيجي تي پهتو هو ته، حقيقت ۾ مادي جو پنهنجو ڪو مستقل وجود ئي ناهي مادي جو سمورو وجود رڳو هڪ اهڙي قوت جي ڪري آهي جيڪا ائٽم جي ذرڙن کي پاڻ ۾ ملائي رکي ٿي ۽ اسان کي ان قوت جي پويان هڪ عظيم طاقت وحدانيت کي تسليم ڪرڻو پوندو، جيڪو ڪائنات جو تخليقڪار آهي. ان ئي فڪري گهرائيءَ کي وڌيڪ واضح ڪندي نيوڪليئر فزڪس جي ماهر ورنر هائيزنبرگ چيو هو ته ائٽم جا بنيادي ذرڙا رڳو مادي جا ٽڪرا ناهن، پر اهي هڪ اهڙي رياضياتي شڪل آهن، جيڪي توانائيءَ جي لهرن مان جڙيل آهن.
جيڪڏهن هن 91 ڪلو ميٽر وڏي سُپر ڪولائيڊر منصوبي جي منظوري ملي وئي ته هي انساني تاريخ جي سڀ کان وڏي انجنيئرنگ ۽ سائنسي ڪاميابي هوندي. انساني شعور جو هي سفر اسان کي ٻڌائي ٿو ته اسان ڪائنات کان ڌار ڪو وجود نٿا رکون، اسان ان مادي ۽ ان ئي روشنيءَ جو حصو آهيون، جنهن اربين سال اڳ بگ بينگ جي صورت ۾ جنم ورتو هو. سِرن جي هيءَ ليبارٽري ايندڙ نسلن لاءِ ڪائنات جا اهي دروازا کوليندي، جيڪي اڄ اسان جي تصور ۽ خوابن کان به وڌيڪ پراسرار آهن. انسان ڪالهه به ستارن کي ڏسي حيران ٿيندو هو، انسان اڄ به ائٽمن جي گونج ۾ پنهنجي وجود جي بقا ۽ معنيٰ کي ڳولهي رهيو آهي ۽ اها ڳولها ئي زندگيءَ جو حقيقي حسن آهي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟