مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪاربان ڪريڊٽس: ماحولياتي تباهي کان معاشي خوشحاليءَ جو نئون تصور

Ramesh Raja سول اينڊ ريسرچ انجنيئر، آرٽسٽ، ڪالم نگار

PMP سرٽيفائيڊ ۽ ادب، فن ۽ سياحت سان خاص شوق رکندڙ.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڌرتي صرف هڪ سيارو ناهي، پر انسانيت جو گڏيل گهر آهي. اها اسان کي زنده رهڻ لاءِ صاف هوا، پيئڻ لاءِ مٺو پاڻي، کاڌ خوراڪ لاءِ زرخيز زمين، بيشمار ٻوٽا، جهنگلي جيوت ۽ زندگيءَ لاءِ سازگار آبهوا مهيا ڪري ٿي. هزارين سالن تائين انسان ۽ فطرت هڪ اهڙي هم آهنگيءَ سان گڏجي رهيا، جنهن ۾ ترقي به هئي ۽ توازن به، پر ارڙهين صديءَ جي صنعتي انقلاب کانپوءِ ترقيءَ جي رفتار ايتري تيز ٿي وئي، جو ان سان گڏ ماحولياتي توازن به بگڙڻ لڳو. ڪارخانن جي چمنين مان نڪرندڙ دونهين، بجلي گهرن ۾ ڪوئلي ۽ تيل جي استعمال، لکين گاڏين مان نڪرندڙ زهريليون گئسون ۽ ٻيلن جي بي رحماڻي ڪٽائي فضا ۾ گرين هائوس گئسن جي مقدار کي وڌائي ڇڏيو. انساني زندگي ته آرامده ٿي، پر ڌرتيءَ جي صحت تي ڳرو بار پئجي ويو. اڄ دنيا کي جنهن خطري کي منهن ڏيڻو پوي پيو، اها موسمياتي تبديلي آهي، جيڪا هاڻي رڳو سائنسي بحث جو موضوع نه رهي آهي، پر هرهڪ هر شهر ۽ هر انسان جي روزمره زندگيءَ تي اثرانداز ٿي رهي آهي.
جڏهن فطرت جو توازن بگڙجي وڃي: ماحولياتي تباهي ڪنهن هڪ واقعي يا هڪ سبب جو نالو ناهي، پر اها انساني سرگرمين جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ڪيترن ئي عملن جو مجموعو آهي. اڄ دنيا جي هوا صنعتي دونهين، گاڏين جي اخراج ۽ بجليءَ گهرن مان نڪرندڙ زهريلي گئسن سبب گدلاڻ جو شڪار آهي. درياءَ سمنڊ، ڍنڍون ڍورا، ڪيميائي مادن سبب گدلا ٿي رهيا آهن. لکين ايڪڙ ٻيلن جي ڪٽائي ڌرتيءَ جي قدرتي حفاظتي نظام کي ڪمزور ڪيو آهي. جانورن ۽ پکين جون بيشمار نسل پنهنجي رهائش وڃائڻ سبب پنهنجو نسل به وڃائي چڪا آهن. انهن مسئلن جي پاڙ گرين هائوس گيسن جو وڌندڙ اخراج، جنهن ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ (CO₂) ميٿين (CH₄) ۽ نائٽرس آڪسائيڊ (N₂O) نمايان آهن. اهي گئسون ڌرتيءَ جي چوڌاري هڪ ديوار ٺاهين ٿيون، جيڪا سج جي گرميءَ کي ٻاهر نڪرڻ نٿي ڏئي. نتيجي ۾ عالمي گرمي پد مسلسل وڌي رهيو آهي، جنهن سان موسمي نظام ۾ بنيادي تبديليون اچي رهيون آهن. اڄ سڄي دنيا انهن موسمي اثرن کان متاثر ٿي رهي آهي. ڪٿي شديد گرمي جون لهرون ماڻهن جي زندگيءَ کي مفلوج بڻائي ڇڏين ٿيون ته ڪٿي غير معمولي برساتون ۽ ٻوڏون هزارين ڳوٺ ۽ شهر تباهه ڪري ڇڏين ٿيون. ڪيترن ئي علائقن ۾ ڏڪار، پاڻيءَ جي کوٽ، زرعي پيداوار ۾گهٽتائي ۽ خوراڪ جي بحران جا خطرا وڌي رهيا آهن. قطبي علائقن ۽ بلند جبلن تي موجود گليشيئر تيزيءَ سان ڳري رهيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ سمنڊ جي سطح وڌي رهي آهي. ساحلي علائقا آهستي آهستي پاڻيءَ هيٺ اچي رهيا آهن، هاڻي اها تبديلي صرف ماحولياتي مسئلو نه، پر معيشت، صحت، زراعت، پاڻي، خوراڪ ۽ توانائي سان سڌيءَ ريت لاڳاپيل آهي. موسمياتي انصاف جو سڀ کان وڏو مثال پاڪستان آهي. دنيا جي ڪل گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، پر ان جي باوجود اهو دنيا جي انهن ملڪن ۾ شامل آهي، جيڪي موسمياتي تبديليءَ جا سڀ کان وڌيڪ اثر ڀوڳي رهيا آهن. سال 2022ع جون ٻوڏون ان جو زنده مثال آهن. هي سانحو دنيا کي اهو واضح پيغام ڏئي ويو ته ماحولياتي تبديلي سرحدن جي پابند ناهي، جيڪي ملڪ سڀ کان گهٽ گدلاڻ پيدا ڪن ٿا، اهي ان جو سڀ کان وڌيڪ شڪار ٿي سگهن ٿا.
ذميوار ڪير؟: تاريخ شاهد آهي ته صنعتي انقلاب کانپوءِ آمريڪا، برطانيا، جرمني، روس، جاپان ۽ ٻين صنعتي ملڪن وڏي مقدار ۾ ڪوئلو، تيل ۽ گئس استعمال ڪري پنهنجي معيشتن کي ترقي ڏني. بعد ۾ چين ۽ ڀارت جهڙا ملڪ به تيز صنعتي واڌ سبب انهن ملڪن ۾ شامل ٿي ويا. اڄ چين سالياني بنيادن تي دنيا جو سڀ کان وڏو ڪاربان خارج ڪندڙ ملڪ آهي. جڏهن ته آمريڪا ۽ ڀارت ان کانپوءِ اچن ٿا. خوشحال ملڪ ڪيترن ئي ترقي پذير ملڪن کان وڌيڪ آلودگي پيدا ڪن ٿا. انهيءَ حقيقت عالمي سطح تي هڪ اهم بحث کي جنم ڏنو آهي ته موسمياتي تبديليءَ جي ذميواري ۽ ان جي مالي بار جي ورڇ انصاف جي بنيادن تي ٿيڻ گهرجي.
دنيا ڪاربن ڪريڊٽس تائين ڪيئن پهتي؟: ويهين صديءَ جي ٻئي اڌ تائين سائنسدانن کي پڪ ٿي وئي هئي ته ڌرتيءَ جو گرمي پد تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي ۽ ان جو بنيادي سبب انساني سرگرمين مان خارج ٿيندڙ گرين هائوس گئسون آهن. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ ماحولياتي معاشيات جي ماهرن هڪ بنيادي اصول پيش ڪيو، جنهن کي “گدلاڻ پيدا ڪندڙ ئي قيمت ادا ڪندو” چيو ويو. هن اصول موجب، جيڪو فرد، صنعت يا ملڪ ماحول کي نقصان پهچائي، ان تي لازم هئڻ گهرجي ته اهو ان نقصان جي تلافي لاءِ مالي ذميواري به قبول ڪري. هي اصول اڳتي هلي عالمي ماحولياتي قانونن ۽ ڪاربن ڪريڊٽس جي نظام جو بنياد بڻيو. ماهرن جلد محسوس ڪيو ته دنيا جي هر ڪارخاني يا هر صنعت کي هڪ جهڙي مقدار ۾ اخراج گهٽائڻ تي مجبور ڪرڻ نه صرف مهانگو، پر عملي طور ناممڪن به هو. مثال طور: جيڪڏهن هڪ شمسي توانائي جو منصوبو تمام گهٽ خرچ سان هزارين ٽن ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي اخراج کي روڪي سگهي ٿو. جڏهن ته هڪ اسٽيل ڪارخاني لاءِ ساڳي مقدار گهٽائڻ تي ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ خرچ اچي ٿو، ته پوءِ ڇو نه اهڙو نظام ٺاهيو وڃي جنهن ۾ گهٽ خرچ سان اخراج گهٽائيندڙ اداري کي ان جو مالي فائدو ملي؟ اهڙي سوچ مان ڪاربن مارڪيٽ ۽ ڪاربن ڪريڊٽس جو تصور پيدا ٿيو. هن نظام تحت جيڪو ادارو پنهنجي حصي کان وڌيڪ گرين هائوس گئسون گهٽائي ٿو، اهو ان گهٽتائي کي ڪاربن ڪريڊٽس جي صورت ۾ وڪرو ڪري سگهي ٿو. جڏهن ته جيڪي ادارا پنهنجو اخراج فوري طور گهٽائي نٿا سگهن، اهي ڪريڊٽ خريد ڪري پنهنجي ماحولياتي ذميواري پوري ڪن ٿا. انهيءَ ريت ماحولياتي تحفظ کي معاشي قدر مليو. سوال اهو آهي ته آخر ڪاربن ڪريڊٽ ڇا آهي؟ سادن لفظن ۾، ڪاربن ڪريڊٽ هڪ ڊجيٽل سرٽيفڪيٽ آهي، جيڪو ثابت ڪري ٿو ته فضا مان هڪ ميٽرڪ ٽن ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ (CO₂) يا ان جي برابر مقدار ۾ ٻي گرين هائوس گئس گهٽائي يا ختم ڪئي وئي آهي. ايئن چئجي ته هڪ ڪاربن ڪريڊٽ = هڪ ميٽرڪ ٽن ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي گهٽتائي. اهو ڪو ڪاغذي سرٽيفڪيٽ ناهي، بلڪه عالمي رجسٽريشن ۾ اليڪٽرانڪ صورت ۾ محفوظ هوندو آهي، جتان دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ ان جي خريد ۽ وڪرو ٿي سگهي ٿو. جيئن مثال طور نيشنل هاءِ وي اٿارٽي يا سنڌ حڪومت قومي شاهراهن جي ٻنهي پاسن تي ڏهه لک وڻ پوکي ٿي. پنجن يا ڏهن سالن کانپوءِ ماهر سائنسي طريقي سان ماپ ڪن ٿا ته اهي وڻ هر سال 25 هزار ميٽرڪ ٽن ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ فضا مان جذب ڪري رهيا آهن. Verra يا Gold Standard جهڙا عالمي ادارا انهن انگن اکرن جي تصديق ڪن ٿا ۽ تصديق کانپوءِ منصوبي کي 25 هزار ڪاربن ڪريڊٽس جاري ٿين ٿا. جيڪڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ هڪ ڪريڊٽ جي قيمت  20 آمريڪي ڊالر هجي ته صرف هڪ سال ۾ ان منصوبي مان لڳ ڀڳ پنج لک آمريڪي ڊالر آمدني حاصل ٿي سگهي ٿي. هيءَ رقم وري وڌيڪ وڻ پوکڻ، ٻيلن جي حفاظت، ماحولياتي بحالي ۽ نون منصوبن تي خرچ ڪري سگهجي ٿي. انهيءَ ڪري ڪاربن ڪريڊٽس کي ڪيترائي ماهر “وڻن مان حاصل ٿيندڙ نئون معاشي سرمايو” پڻ سڏين ٿا.
سوال پيدا ٿو ٿئي ته آخر اهي ڪريڊٽس ڪير خريد ٿو ڪري؟ جيڪڏهن ڪو منصوبو ڪاربن ڪريڊٽس پيدا ڪري ٿو ته پوءِ انهن جو خريدار ڪير آهي؟ جواب اهو آهي ته دنيا جون اهي صنعتون ۽ ڪمپنيون، جيڪي فوري طور پنهنجي سموري آلودگي ختم نٿيون ڪري سگهن. انهن ۾ هوائي ڪمپنيون، سيمينٽ جا ڪارخانا، اسٽيل جون صعنتون، تيل ۽ گئس ڪمپنيون، ڪيميائي صنعتون ۽ سامونڊي ٽرانسپورٽ جا ادارا شامل آهن. ڪيترن ئي ملڪن ۾ قانوني طور انهن ڪمپنين لاءِ ڪاربن ڪريڊٽس خريد ڪرڻ لازمي آهي، جڏهن ته مائيڪرو سافٽ، گوگل، ايموزون، شيل جهڙيون عالمي ڪمپنيون رضاڪاراڻي طور ماحولياتي ذميوارين تحت به هر سال لکين ڪاربن ڪريڊٽس خريد ڪن ٿيون، جن جو مقصد قانون تي عمل ڪرڻ کان وڌيڪ دنيا کي اهو پيغام ڏيڻ آهي ته معاشي ترقي ۽ ماحولياتي ذميواري گڏ گڏ هلي سگهن ٿيون. ڪاربن ڪريڊٽس جي سڀ کان وڏي خوبي اها آهي ته هنن ماحولياتي تحفظ کي رڳو اخلاقي ذميداري نه بڻايو آهي، پر ان کي هڪ باقاعدي معاشي سرگرمي بڻائي ڇڏيو. جيڪڏهن ڪو ادارو، ڪمپني يا حڪومت ٻيلن جي حفاظت ڪري شمسي توانائي پيدا ڪري ٿي، مينگرووز بحال ڪري ٿي يا گرين هائوس گئسن جو اخراج گهٽ ڪري ٿي ته هاڻي ان کي صرف ماحولياتي ساراهه نه، پر مالي فائدو پڻ حاصل ٿي سگهي ٿو. اهوئي سبب آهي جو اڄ دنيا ۾ ڪاربن ڪريڊٽس کي “سبز معيشت” جو اهم ٿنڀ سمجهيو وڃي ٿو.
ويهين صديءَ جي آخر تائين واضح ٿي چڪو هو ته موسمياتي تبديلي ڪنهن هڪ ملڪ يا خطي جو نه، پر سڄي انسانيت لاءِ هڪ گڏيل خطرو آهي. جيڪڏهن گرين هائوس گئسن جي اخراج تي ضابطو نه آندو ويو ته ايندڙ نسلن لاءِ پاڻي، خوراڪ، توانائي ۽ رهائش جا مسئلا سنگين ٿي سگهن ٿا. تڏهن دنيا پهريون ڀيرو گڏجي موسمياتي تبديلين خلاف قانوني ۽ ادارياتي قدم کڻڻ شروع ڪيا.
1988ع ۾   IPCCجو قيام عمل ۾ آيو. گڏيل قومن جي سرپرستي هيٺ قائم ٿيل هن عالمي سائنسي اداري جو مقصد موسمياتي تبديلين بابت تحقيق ڪرڻ، ثبوت گڏ ڪرڻ ۽ حڪومتن کي سائنسي بنيادن تي پاليسيون تيار ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ هو. هن اداري جي رپورٽن واضح ڪيو ته عالمي گرمي پد ۾ واڌ جو بنيادي سبب انساني سرگرمين مان نڪرندڙ گرين هائوس گئسون آهن. جيڪي رپورٽون بعد ۾ عالمي موسمياتي قانون جو بنياد بڻيون.
جنهن کانپوءِ 1992ع ۾ برازيل جي شهر ريوڊي جينيرو ۾ تاريخي سمٽ ٿيو، جتي دنيا جي تقريبن سڀني ملڪن (UNFCCC) تي صحيحون ڪيون. هن معاهدي دنيا کي پهريون ڀيرو اهو اصول ڏنو ته موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ گڏيل ذميداري آهي، پر ترقي يافته ملڪن جي ذميواري وڌيڪ آهي، ڇو ته تاريخي طور سڀ کان وڌيڪ گدلاڻ انهن پيدا ڪئي آهي. هي اصول اڄ به عالمي موسمياتي سفارتڪاريءَ جو بنيادي ٿنڀ آهي.
1997ع ۾ جاپان جي شهر ڪيوٽو ۾ هڪ اهم معاهدو منظور ڪيو ويو، جيڪو Kyoto Protocol جي نالي سان مشهور ٿيو. هي تاريخ جو عالمي معاهدو هو، جنهن ۾ ڪيترن ئي ترقي يافته ملڪن لاءِ قانوني طور گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ گهٽتائي لازمي قرار ڏني وئي ۽ هن معاهدي ۾ پهريون ڀيرو بين الاقوامي ڪاربن ٽريڊنگ کي قانوني حيثيت ملي.
2015ع ۾ فرانس جي گاديءَ واري شهر پيرس ۾ هڪ ٻيو تاريخي معاهدو طئي ٿيو، جيڪو Paris Agreement جي نالي سان مشهور آهي. ان جو بنيادي مقصد عالمي گرمي پد ۾ واڌ کي صنعتي دور کان اڳ واري سطح جي مقابلي ۾ ٻه ڊگري سينٽي گريڊ کان هيٺ ۽ ممڪن هجي ته 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ تائين محدود رکيو وڃي. پيرس معاهدي جو آرٽيڪل 6  خاص اهميت رکي ٿو. ڇاڪاڻ ته اهو ملڪن کي ڪاربن مارڪيٽن وسيلي هڪٻئي سان سهڪار ڪرڻ، ڪاربن ڪريڊٽس جي خريد ۽ وڪري ۽ گڏيل منصوبن جي اجازت ڏئي ٿو.
ڇا هر ملڪ جا قانون ساڳيا آهن؟ نه. جيتوڻيڪ تقريبن سڀئي ملڪ پيرس معاهدي جا ميمبر آهن، پر هر ملڪ جي اندروني پاليسي مختلف آهي. يورپي يونين وٽ دنيا جو سڀ کان ترقي يافته Emissions Trading System (EU ETS) موجود آهي، جتي هزارين صنعتون قانوني طور ڪاربن ڪريڊٽس خريد ڪرڻ يا اخراج گهٽائڻ جون پابند آهن. سوئيڊن، ناروي، ڊينمارڪ، جرمني ۽ ڪئنيڊا جهڙن ملڪن ڪاربن ٽيڪس يا اخراج واپار جا مضبوط نظام قائم ڪيا آهن. آمريڪا جي صورتحال ڪجهه مختلف رهي. هن ڪيوٽو پروٽوڪول تي صحيحون ته ڪيون، پر ان جي منظوري نه ڏني.
پاڪستان جو ڪردار: پاڪستان موسمياتي تبديليءَ خلاف عالمي ڪوششن جو سرگرم حصو رهيو آهي. ملڪ پيرس ايگريمينٽ، ڪيوٽو پروٽوڪول ۽  UNFCCC،  ٽنهي جو رڪن آهي. جيتوڻيڪ پاڪستان جو عالمي اخراج ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، پر حڪومت ماحولياتي تحفظ لاءِ انتهائي اهم قدم کنيا آهن. جنهن ۾ بلين ٽري ۽ ٽين بلين ٽري شجرڪاري مهم، سنڌ ۾ مينگرووز جي بحالي، شمسي ۽ هوائي توانائي جي واڌ، برقي گاڏين جي پاليسي، قومي ڪاربن مارڪيٽ جي تياري، آرٽيڪل 6 تحت عالمي ڪاربن واپار ۾ شموليت لاءِ قانوني فريم ورڪ تي ڪم شامل آهن. اڄ پاڪستان هڪ اهڙي مرحلي تي بيٺو آهي، جتان هو ماحولياتي تحفظ کي هڪ نئين معاشي شعبي ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو.
دنيا هاڻي روايتي معيشت کان “گرين اڪانامي” ڏانهن وڌي رهي آهي. هن نئين معيشت ۾ ترقي جو معيار صرف ڪارخانا، روڊ رستا يا پيداوار نه، پر اهو به هوندو ته ڪنهن ملڪ ڪيترو ماحول بچايو، ڪيترو ڪاربان گهٽايو ۽ قدرتي وسيلن جي ڪيتري حفاظت ڪئي. اهڙي سوچ ڪاربن ڪريڊٽ کي مستقبل جي عالمي معيشت جو اهم حصو بڻائي رهي آهي.
ڪنهن به مالي نظام جي ڪاميابي اعتماد تي بيٺل هوندي آهي. جيڪڏهن ڪو ادارو رڳو دعويٰ ڪري ته هن ماحول کي فائدو پهچايو آهي ۽ ان جا سائنسي ثبوت موجود نه هجن ته ان جي ڪابه حيثيت نه رهندي. ان ڪري هن معيشت جو نظام سخت جاچ، نگراني ۽ شفافيت تي بيٺل آهي. آزاد ماهرن کان تصديق ڪرائي ان جو اندراج ڪرايو وڃي ٿو. هي صرف هڪ واعدو نه، پر سائنسي ثبوتن تي بيٺل معيشت آهي، جنهن جي سرٽيفڪيشن دنيا جا معتبر ادارا ڪن ٿا.
جن مان Verra، Gold Standard،  American Carbon Registry ۽ Climate Action Reserve سڀ کان وڌيڪ معتبر سمجهيا وڃن ٿا. تصديق کانپوءِ اهي عالمي ادارا اليڪٽرانڪ رجسٽري ۾ ڪاربن ڪريڊٽ جاري ڪن ٿا، جيڪي دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ خريد ۽ وڪرو ڪري سگهجن ٿا. هي شفاف نظام ئي ڪاربن مارڪيٽ جي اصل طاقت آهي.
يورپي يونين جي (EU ETS) تحت جيڪڏهن ڪا ڪمپني پنهنجي مقرر ڪيل اخراج جي حد کان وڌي وڃي ۽ ضروري ڪاربن ڪريڊٽس جمع نه ڪرائي ته ان تي ڳرا مالي ڏنڊ لاڳو ٿين ٿا. اهڙا ڪيترائي مثال موجود آهن، جتي وڏين عالمي ڪمپنين کي غلط اخراج رپورٽنگ يا ماحولياتي قانونن جي ڀڃڪڙي سبب لکين ۽ ڪروڙين ڊالرن جا ڏنڊ ڀرڻا پيا.
اهو ئي سبب آهي جو اڄ مائيڪرو سافٽ، گوگل، ايمزون، ايپل، شيل ۽ بي پي جهڙين ڪيترين ئي عالمي ڪمپنين پنهنجي ڪاروباري پاليسيءَ ۾ ڪاربن نيوٽرل ٿيڻ کي اهم مقصد بڻايو آهي ته جيئن پنهنجي صنعتن مان پيدا ٿيندڙ اخراج جو ازالو ڪري سگهن. اڄ ڪاربن ڪريڊٽس جي عالمي مارڪيٽ اربين ڊالرن تائين پهچي چڪي آهي ۽ ماهرن جو خيال آهي ته ايندڙ ڏهاڪن ۾ ان جي اهميت وڌيڪ وڌندي.
جيڪڏهن پاڪستان پنهنجي قدرتي وسيلن کي درست نموني استعمال ڪري ته هن معيشت مان عالمي سرمايو حاصل ڪري سگهي ٿو. پاڪستان وٽ مينگرووز لڳائڻ لاءِ ۽ ٻيا وڻ پوکڻ لاءِ لکين هيڪٽر خالي زمين، هزارين ڪلو ميٽر قومي شاهراهون، زرخيز زرعي علائقا ۽ ٻيلن لاءِ مختص ٿيل زمينون موجود آهن. اهي سڀئي مستقبل جا ڪاربن ڪريڊٽ منصوبا بڻجي سگهن ٿا.
سنڌ جي انڊس ڊيلٽا ۾ جاري  Delta Blue Carbon Project پاڪستان جو سڀ کان وڏو ۽ عالمي سطح تي مشهور ڪاربن ڪريڊٽ منصوبو آهي. هي دنيا جي وڏي ۾ وڏي مينگرووز بحالي ۽ تحفظ واري منصوبن مان هڪ آهي. هن منصوبي تحت لکين هيڪٽر سامونڊي ٻيلن جي حفاظت ڪئي پئي وڃي، جيڪي هر سال وڏي مقدار ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ڪن ٿا.
پاڪستان جي هزارين ڪلو ميٽر قومي شاهراهون ۽ موٽرويز جيڪڏهن منظم انداز سان گرين ڪوريڊورز ۾ تبديل ڪيا وڃن ته اهي رڳو خوبصورتي جو سبب نه رهندا، پر اهي ناجائز قبضن هيٺ به اچي نه سگهندا ۽ حڪومت جي مستقل آمدنيءَ جو ذريعو بڻجي سگهن ٿا.
ڪاربن ڪريڊٽس جو نظام صرف مالي فائدو نه، پر ايمانداري، شفافيت ۽ ڊگهي مدي واري ماحولياتي ذميداري لاءِ ٺهيل آهي. جيڪڏهن ڪو ملڪ يا ادارو صرف منافعي خاطر انگ اکر وڌائي پيش ڪري يا غلط دعوائون ڪري، ته نه صرف ان جا ڪريڊٽ رد ٿي سگهن ٿا، پر ان کي ان مارڪيٽ مان خارج به ڪري سگهجي ٿو. ان ڪري هن شعبي ۾ سائنس، قانون ۽ شفافيت بنيادي اهميت رکن ٿا.
هاڻي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا هي گرين معيشت صرف حڪومتن ۽ وڏين عالمي ڪمپنين تائين محدود آهي؟ ڇا هڪ انجنيئر، زرعي ماهر، ماحولياتي ماهر، سرڪاري ادارو يا نجي شعبي جو ڪاروباري شخص به هن شعبي ۾ ڪو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو؟ جواب آهي، ها. دنيا ۾ اڄ ڪاربن ڪريڊٽس رڳو ماحولياتي پاليسي نه، پر هڪ مڪمل معاشي صنعت بڻجي چڪي آهي، جنهن ۾ منصوبن جي تياري، سائنسي تحقيق، ماحولياتي سروي، بين الاقوامي واپار ۽ سيڙپڪاري جهڙا بيشمار شعبا تيزي سان ترقي ڪري رهيا آهن. هن شعبي ۾ داخل ٿيڻ جا ڪيترائي قانوني ۽ عملي طريقا موجود آهن.
ڪاربن پروجيڪٽ ڊولپر بڻجڻ: هي سڀ کان بنيادي طريقو آهي. ڪو ادارو يا ڪمپني اهڙو منصوبو تيار ڪري، جيڪو ماحول مان ڪاربان گهٽائي يا جذب ڪري، جهڙوڪ: وڏي پيماني تي شجرڪاري، مينگرووز جي بحالي، شمسي ۽ هوائي توانائي، لينڊ فل مان ميٿين گئس حاصل ڪرڻ، ماحول دوست زراعت، توانائي بچائيندڙ صنعتي منصوبا. منصوبي جي عالمي تصديق کانپوءِ حاصل ٿيندڙ ڪاربان ڪريڊٽس عالمي مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪري سگهجن ٿا.
ڪاربن صلاحڪار: هي شعبو خاص طور انجنيئرن، ماحولياتي ماهرن، شهري منصوبابندن ۽ پاليسي ماهرن لاءِ انتهائي موزون آهي. اهي صلاحڪار ادارن جي مدد ڪندا آهن ته: اخراج جي ماپ ڪيئن ڪجي؟، منصوبي جي فني دستاويز ڪيئن تيار ڪجن؟، عالمي سرٽيفڪيشن ڪيئن حاصل ڪجي؟، آڊٽ ۽ تصديق جا مرحلا ڪيئن مڪمل ڪجن؟، عالمي خريدارن تائين ڪيئن پهچجي؟ هن شعبي ۾ سرمائي کان وڌيڪ علم، تجربي ۽ پيشه وراڻي مهارت جي اهميت هوندي آهي.
ڪاربن بروڪر يا ٽريڊر: هي ماڻهو منصوبا تيار ڪندڙن ۽ عالمي خريدارن جي وچ ۾ رابطو پيدا ڪن ٿا. اهي ڪاربان ڪريڊٽس جي خريد ۽ وڪري جا معاهدا ڪرائين ٿا ۽ ان جي بدلي ۾ ڪميشن حاصل ڪن ٿا.
سيڙپڪاري: سيڙپڪار ڪاربن منصوبن ۾ مالي مدد ڪن ٿا. جڏهن منصوبا عالمي سرٽيفڪيشن حاصل ڪري ڪاربان ڪريڊٽ وڪرو ڪن ٿا، تڏهن سيڙپڪارن کي به پنهنجي سيڙپ تي منافعو ملي ٿو.
5. ڪاربن ايڊوائزري ڪمپني: پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ امڪان هن شعبي ۾ موجود آهن. انجنيئر، ماحولياتي ماهر، مالي صلاحڪار، قانوندان ۽ پاليسي ماهر گڏجي اهڙيون ڪمپنيون قائم ڪري سگهن ٿا، جيڪي: منصوبن جي سڃاڻپ ڪن، فني مطالعا تيار ڪن، عالمي سرٽيفڪيشن حاصل ڪرائين، مانيٽرنگ ۽ آڊٽ جو انتظام ڪن ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ ڪاربان ڪريڊٽس جي وڪري تائين مڪمل سهڪار فراهم ڪن. هي ڪاروبار مستقبل جي اهم ترين ماحولياتي صنعتن مان هڪ بڻجي سگهي ٿو.
قدرت پاڪستان کي اهڙا وسيلا عطا ڪيا آهن، جيڪي ڪيترن ئي ملڪن وٽ موجود ناهن. مثال طور: انڊس ڊيلٽا جا مينگرووز، سنڌ ۽ پنجاب جا دريائي ٻيلا، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه جا جبل، لکين ايڪڙ خالي زمين، قومي شاهراهون ۽ موٽروي، زرعي زمينون، سولر ۽ ونڊ ڪوريڊور، صنعتي توانائي بچت جا منصوبا.
جيڪڏهن انهن شعبن ۾ منظم منصوبابندي ڪئي وڃي ته پاڪستان هر سال لکين نه، پر اربين ڊالرن جا ڪاربن ڪريڊٽ حاصل ڪري سگهي ٿو.
قومي شاهراهه رڳو روڊ نه، پر ڪاربان جا ذخيرا ثابت ٿي سگهن ٿا. هڪ سول انجنيئر جي حيثيت سان منهنجو يقين آهي ته پاڪستان جا قومي شاهراهه، موٽروي ۽ ايڪسپريس ويز صرف آمدرفت جا ذريعا ناهن. جيڪڏهن انهن کي منظم گرين ڪوريڊورز ۾ تبديل ڪيو وڃي، مقامي نسلن جا وڻ وڏي پيماني تي پوکيا وڃن، انهن جي ڊجيٽل مانيٽرنگ ڪئي وڃي ۽ عالمي سرٽيفڪيشن حاصل ڪئي وڃي ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي، صوبائي هاءِ وي کاتا ۽ موٽروي اختياريون مستقبل ۾ ڪاربان ڪريڊٽس مان مستقل آمدني حاصل ڪري سگهن ٿيون. ان سان نه صرف انهن جي آمدني ۾ اضافو ٿيندو، بلڪه ماحول ۾ بهتري ايندي گرمي پد گهٽ ٿيندو ۽ عوام جي نفسيات تي به بهتر اثر پوندو.
جتي اهي موقعا موجود آهن اتي چئلينج به ڪر کنيو بيٺا آهن. هن شعبي ۾ ڪاميابيءَ لاءِ شفافيت، سائنسي تحقيق، صحيح ڊيٽا، عالمي معيارن جي پيروي، آزاد آڊٽ، ڊگهي مدي واري مانيٽرنگ منصوبا. ڪنهن به قسم جي غير شفافيت هن شعبي جي ساک کي نقصان پهچائي سگهي ٿي.
دنيا ۾ ترقيءَ جو تصور تيزي سان تبديل ٿي رهيو آهي. هاڻي صرف وڏا ڪارخانا، شاهراهه ۽ عمارتون ترقيءَ جي علامت ناهن، پر صاف هوا، محفوظ ٻيلا، گهٽ ڪاربن اخراج، ٻيهر استعمال ٿيندڙ توانائي ۽ پائيدار معيشت قومي خوشحاليءَ جو معيار سمجهيا وڃن ٿا. پاڪستان لاءِ هي هڪ تاريخي موقعو آهي ته نه رڳو ماحول محفوظ بڻائجي، پر قومي معيشت کي نوان وسيلا، روزگار جا هزارين موقعا ۽ بين الاقوامي سيڙپڪاري جا جيڪي نوان دروازا کليا آهن انهن مان فائدو حاصل ڪجي. ڪاربان ڪريڊٽس حقيقت ۾ ماحولياتي تباهي کي معاشي خوشحالي ۾ تبديل ڪرڻ جو اهڙو جديد تصور آهي، جيڪو فطرت، معيشت ۽ ايندڙ نسلن جي مفادن کي هڪ ئي زنجير ۾ ڳنڍي ٿو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو