آءِ ايم ايف جي شرطن هوندي ڇا عوام دوست بجيٽ ممڪن آهي؟
اڄڪلهه سرڪاري ادارن، صنعتڪارن، ملازمن توڙي واپارين، هارين ۽ مزدورن سميت پاڪستان جي هر عام ۽ خاص ماڻهوءَ جون نظرون ايندڙ بجيٽ ۾ کُتل آهن. سرڪار هر ڀيري جيان اهوئي ئي رهي آهي ته بجيٽ عوام دوست بجيٽ هوندي. جڏهن ته هميشه نئين بجيٽ ۾ ٽيڪس ڏيندڙ عوام مٿان وڌيڪ ٽيڪس لڳائي وڌيڪ بار وڌو ويندو آهي. پوءِ عوام جا هٿ سدائين مٿي تي هوندا آهن. هاڻي عوام بجيٽ جي انتظار کان اڳ آءِ ايم ايف جي شرطن جو انتظار ڪري رهي هوندي آهي ته الائجي ڪهڙيون شرطون لڳائيندو. هر دفعي آءِ ايم ايف جا نوان شرط، آمدني وسيلا وڌائڻ، ٽيڪس وصوليءَ جي شرح ۾ واڌ، سبسڊين جو خاتمو، مهانگائي جي شرح وڌائڻ ۽ سرڪاري خرچن ۾ ڪمي آڻڻ ته سندن اهم شرط رهندا آهن، پر سندن انهن شرطن جو سڌي يا اڻ سڌي طرح بار پوءِ به عوام تي ئي وڌو ويندو آهي. ٽيڪس وصولي جي شرح يا ٽيڪس جو دائرو وڌائڻ يعني سرڪاري ملازم، رجسٽرڊ صنعتي ادارا ۽ ڪاروباري ماڻهو جيڪي اڳ ئي ٽيڪس ادا ڪرڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، بجاءِ جو ڪو اهڙو مڪينزم جوڙيو وڃي جو نوان ٽيڪس ڏيڻ وارا ان دائري ۾ آندا وڃن، پر ٽيڪس نظام ۾ پهريان کان ئي موجود ٽئڪس ڏيندڙن تي اڃان وڌيڪ بار اڇلايو ويندو آهي. ان کانپوءِ عوام کي ڪٿي ڪٿي حڪومتن طرفان ڪا معمولي سبسڊي ڏني به ويندي آهي ته آءِ ايم ايف شرط جو جواز ڄاڻائيندي سا به ختم ڪئي ويندي آهي، باقي سرڪاري شاهي خرچن ۾ ڪمي آڻڻ جو ته هتي ڪو ڄڻ رواج ئي پيل ڪونهي، ان جي ڪسر به عوام مان ئي پوري ڪئي ويندي آهي، جيئن مهانگائي کي چوٽ تي چاڙهڻ، گئس ۽ بجلي جي بلن توڙي پئٽرول جي اگهن ۾ مسلسل واڌ مطلب ته روزمره جي زندگي ۾ استعمال ٿيندڙ شين کي مهانگو ڪرڻ مان ئي ڪسر پوري ڪئي وڃي ٿي.
آخر ملڪ جي معاشي بحران تي ضابطو ڪڏهن ۽ ڪهڙي نموني آندو ويندو؟ عوام سک جو ساهه کڻي به سگهندو يا نه؟ اهي سوال ملڪ جي 79 سالن جي تاريخ ۾ رڳو سواليه نشان ئي بڻيل رهيا آهن. تازو هلندڙ وچ اوڀر تڪرار سبب عالمي مارڪيٽ کان وٺي عام ملڪي سطح جي مارڪيٽن ۾ تيل جي قيمتن وڌڻ سبب وفاق جي ڳڻپ واري کاتي پاران جاري ڪيل تازن انگن اکرن موجب گذريل ڪجهه مهينن ۾ مهانگائي جي شرح تيزي سان وڌي رهي آهي. هلندڙ سال جي اپريل مهيني ۾ ملڪ ۾ مهانگائي جي واڌ جي شرح 10.9 سيڪڙو رهي، جڏهن ته مئي ۾ مهانگائيءَ جي واڌ جي شرح ان کان به وڌندي 11.7 سيڪڙو رهي آهي ۽ اهڙي طرح ملڪ جي هلندڙ مالي سال دوران مهانگائيءَ جي مجموعي شرح 6.6 سيڪڙو تائين پهتي آهي. اهي ته رڳو انگ اکر آهن، پر حقيقت ان جي ابتڙ ۽ هتان جو عوام ان کان وڌيڪ ڀوڳي رهيو آهي، بازارن ۽ مارڪيٽن ۾ هر شيءِ جا اگهه آسمان سان ڳالهائي رهيا آهن، هر طرف پريشاني ۽ فڪر جو عالم لڳو پيو آهي، ڏهاڙي ڪمائيندڙ جو ته ڄڻ جيئڻ تان ئي ارواح کڄي ويو آهي، هر ماڻهو ان تڪليف ۾ مبتلا آهي ته آخر اسان جي ملڪ ۽ عوام جو ڇا ٿيندو؟ هر دفعي آءِ ايم ايف ڏانهن وڃڻ کان پهرين حڪمرانن طرفان وڏا وڏا اعلان ڪيا ويندا آهن ته اهو سندن قرض وٺڻ جو عمل آخري ڀيرو هوندو ۽ ان کانپوءِ ملڪ جا حالات بهتر ٿي ويندا، پر ائين نه نه ڪندي به ملڪي تاريخ ۾ 25 ڀيرا پاڪستان کي آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻو پيو آهي.
آخر اسان جي ملڪ جي معيشت ڪڏهن مضبوط ٿيندي؟ آخر ڪيستائين ائين عالمي معاشي ادارن جي رحم و ڪرم تي رهنداسين؟ آخر ملڪ جي غريب ۽ مهانگائي ۾ پيڙهيل عوام جي مستقبل جو ڇا ٿيندو؟ ان لاءِ حڪمران طبقي کي سوچڻ گهرجي ۽ هڪ اهڙو معاشي نظام جوڙڻ لاءِ جوڳا قدم کڻڻ گهرجن، جن سان غريب عوام لاءِ روزگار جا ذريعا پيدا ٿين ۽ انهن جي غربت جو جلد خاتمو ٿي سگهي. ان کان علاوه ايندڙ بجيٽ ۾ هر طبقي جي ماڻهن لاءِ خاص رليف پئڪيج ڏئي منجهن پيدا ٿيل نااميدين ۽ پريشانين جو ڪو مستقل حل ڪڍيو وڃي، اها وقت جي بنيادي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته رياستون هميشه عوام جي ڪلهن تي ئي ڪڏنديون آهن. حڪمران طبقي کي ملڪي مفادن خاطر پنهنجن شاهي خرچن ۾ ڪمي ڪندي نه رڳو ڳالهيون ڪندي، پر عملي طور عوام دوست ۽ ملڪي مفاد ۾ بجيٽ تيار ڪري ملڪي عوام جي تڪليفن کي گهٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان کان اڳ جو آءِ ايم ايف جي شرطن آڏو گوڏا کوڙي، عوام جي اميدن تي پاڻي ڦيريو وڃي يا رڳو ڳالهين تائين محدود رهي، حڪمرانن جون عوام دوست بجيٽ واريون ڳالهيون رڳو پاڻيءَ ۾ ليڪا ثابت ٿين، ڪي سگهارا قدم کڻي عوام دوست بجيٽ تيار ڪري ملڪ جي عوام لاءِ رليف ممڪن بڻايو وڃي، مهانگائيءَ جي شرح کي نظر ۾ رکندي انهيءَ تناسب سان ملازمن جي پگهارن ۾ اضافي کان وٺي هر طبقي جي ماڻهن کي رليف ڏنو وڃي. خاص طور تي ملڪ جي ڪرنگهي جي هڏيءَ طور ڪم ڪندڙ هارين، مزدورن ۽ روز ڏهاڙيدار طبقي جي رليف کي يقيني بڻائڻ گهرجي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟