مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

مصروف والدين ۽ اڪيلائيءَ ۾ پلجندڙ ٻار، جديد دور جو نظر انداز ٿيل سماجي مسئلو

Farzana Noor Muhammad Chandio محقق، ڪالم نگار، ڪهاڻيڪارا، شاعره

چار ڪتابن جي مصنفه ۽ مختلف بين الاقوامي ليکڪن سان گڏجي گڏيل تصنيفن ۾ پڻ حصو وٺي چڪي آهي. سماجي مسئلن، عورتن جي حقن، تعليم ۽ انساني قدرن تي ڪالم لکندڙ.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اڄ جي تيز رفتار زندگيءَ ۾ انسان پنهنجي روزاني مصروفيتن، نوڪرين، ڪاروباري معاملن ۽ سماجي سرگرمين ۾ ايترو ته مصروف ٿي ويو آهي جو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ئي گهر ۾ موجود ٻارن لاءِ وقت ڪڍڻ به ڏکيو محسوس ڪري ٿو. والدين پنهنجي ٻارن جي بهتر مستقبل لاءِ محنت ڪن ٿا، کين سٺيون سهولتون فراهم ڪن ٿا، مهانگا اسڪول چونڊين ٿا ۽ سندن تعليم تي خرچ ڪن ٿا، پر هڪ اهم سوال اڃان به جواب طلب آهي ته ڇا ٻارن کي صرف سٺي تعليم ۽ مالي سهولتون ڏيڻ ئي سندن بهتر پرورش لاءِ ڪافي آهي؟ حقيقت اها آهي ته ٻارن کي رڳو کاڌي، ڪپڙي، رانديڪن ۽ اسڪولن جي ضرورت ناهي هوندي، پر کين والدين جي وقت، محبت، توجهه، رهنمائي ۽ تحفظ جي به ايتري ئي ضرورت هوندي آهي. افسوس جو اڄ ڪيترائي ٻار والدين جي موجودگيءَ باوجود ذهني ۽ جذباتي طور اڪيلائي محسوس ڪن ٿا. والدين گهر ۾ هوندي به موبائل فون، سوشل ميڊيا، آفيس جي ڪم ۽ ٻين مصروفيتن ۾ مشغول هوندا آهن. جڏهن ته ٻار پنهنجي ننڍڙي دنيا ۾ خاموشيءَ سان وقت گذاريندا آهن. ٻار جي پرورش هڪ اهڙو عمل آهي، جنهن ۾ صرف اسڪول داخل ڪرائڻ يا ٽيوشن لڳرائڻ ڪافي ناهي. والدين کي اهو به معلوم هجڻ گهرجي ته سندن ٻار اسڪول ۾ ڇا سکي رهيو آهي، ڪهڙن ماڻهن سان وقت گذاري ٿو، سندس دوست ڪير آهن، کيس ڪهڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ هو پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ ڪهڙن تجربن مان گذري ٿو. ڪيترائي والدين صبح جو ٻارن کي اسڪول موڪلي ڇڏيندا آهن، موڪل کانپوءِ ٽيوشن يا مدرسي موڪليندا آهن، پر کين اهو معلوم ڪرڻ جي به فرصت ناهي هوندي ته ٻار وقت تي پنهنجي منزل تي پهتو يا نه. خاص طور تي ننڍن ٻارن جي اچ وڃ تي والدين کي غير معمولي ڌيان ڏيڻ گهرجي. اسڪول، ٽيوشن سينٽر، مدرسو، راند جو ميدان يا ڪنهن مائٽ جي گهر، هر هنڌ ٻار جي حفاظت اهم آهي. ٻارن کي بنا نگرانيءَ جي اڻڄاتل ماڻهن سان گڏ وڃڻ، اڪيلي سر پري تائين سفر ڪرڻ يا ڪنهن جي غير ضروري آڇ قبول ڪرڻ کان روڪڻ گهرجي. والدين کي اسڪول جي حاضري، موڪل جي وقت ۽ ٻارن کي گهر پهچائڻ جي انتظام بابت مڪمل معلومات رکڻ گهرجي. هڪ ٻيو اهم مسئلو اهو آهي ته ڪيترائي والدين ٻارن کي هر وقت موبائل فون ڏئي خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ٻار روئي ته موبائل، کاڌو نه کائي ته موبائل، کيڏڻ چاهي ته موبائل ۽ والدين مصروف هجن ته وري موبائل سندن حوالي ڪيو ويندو آهي. آهستي آهستي موبائل ٻار جو دوست بڻجي ويندو آهي، جڏهن ته والدين سان ڳالهائڻ ۽ گڏجي وقت گذارڻ جي عادت گهٽجي ويندي آهي. ان صورتحال ۾ ٻار انٽرنيٽ تي نامناسب مواد، اجنبي ماڻهن جي رابطن ۽ مختلف آن لائين خطرن جو شڪار به ٿي سگهن ٿا. تنهنڪري موبائل جي استعمال لاءِ مناسب حد مقرر ڪرڻ ۽ ٻارن جي آن لائين سرگرمين جي نگراني ڪرڻ ضروري آهي. اسان جي سماج ۾ هڪ ٻيو مسئلو اهو به آهي ته ٻارن جي خاموشيءَ کي اڪثر فرمانبرداري سمجهيو ويندو آهي. جيڪڏهن ڪو ٻار پنهنجي پريشاني، خوف يا ڪنهن اڻ وڻندڙ تجربي بابت ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪري ته ڪڏهن ڪڏهن کيس ٻڌڻ بدران خاموش ڪرايو ويندو آهي. والدين کي سمجهڻ گهرجي ته ٻار جي هر ڳالهه غور سان ٻڌڻ ضروري آهي. کين اهڙو اعتماد ڏنو وڃي، جو هو بنا ڪنهن خوف ۽ شرمندگيءَ جي پنهنجي هر مسئلي بابت والدين سان ڳالهائي سگهن. خاص طور تي ذاتي حفاظت، سٺي ۽ خراب رابطي، اجنبي ماڻهن کان احتياط ۽ ڪنهن به غلط حرڪت جي صورت ۾ فوري طور مدد گهرڻ بابت عمر مطابق تربيت ڏيڻ گهرجي. تعليمي ادارن جي ذميواري به ڪنهن به صورت ۾ گهٽ ناهي. اسڪولن، ڪاليجن، مدرسن ۽ ٽيوشن سينٽرن جي انتظاميا کي ٻارن جي تحفظ لاءِ واضح اصول ٺاهڻ گهرجن. استادن ۽ عملي جي ذميوارين جو تعين، حاضريءَ جو باقاعده رڪارڊ، اسڪول ۾ داخلا ۽ موڪل جي نگراني، شڪايتن جو محفوظ نظام ۽ ٻارن سان عزت وارو رويو يقيني بڻائڻ گهرجي. والدين کي به صرف فيس ادا ڪري پنهنجي ذميواري ختم نه سمجهڻ گهرجي، پر تعليمي ادارن سان مسلسل رابطو رکڻ گهرجي. ٻارن جي ذهني صحت ۽ جذباتي تربيت به والدين جي ڌيان جي طلبگار آهي. هر ٻار جي شخصيت مختلف هوندي آهي. ڪي ٻار کليل نموني پنهنجي ڳالهه ظاهر ڪندا آهن، جڏهن ته ڪي خاموش طبيعت جا هوندا آهن. جيڪڏهن ٻار اوچتو خوفزده، چڙچڙو، اداس يا اڪيلائي پسند ٿيڻ لڳي، اسڪول وڃڻ کان لنوائي يا پنهنجي روزاني معمول ۾ تبديلي آڻي ته والدين کي ان ڳالهه کي سنجيدگيءَ سان وٺڻ گهرجي. ٻار جي رويي ۾ تبديليءَ جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ محبت سان ڳالهائڻ ۽ ضرورت پوڻ تي ماهر کان رهنمائي وٺڻ گهرجي. اسان کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته ٻارن جي تربيت صرف ماءُ جي ذميواري ناهي. پيءُ جو ڪردار به اوترو ئي اهم آهي. ٻار کي پيءُ جي رهنمائي، ماءُ جي محبت ۽ خاندان جي گڏيل توجهه جي ضرورت هوندي آهي. جيڪڏهن گهر ۾ والدين پاڻ هڪ ٻئي سان عزت ۽ محبت سان پيش ايندا ته ٻار به ساڳيا اخلاقي قدر سکندا. ٻارن جي سامهون غير ضروري جهيڙا، سخت لفظ ۽ مسلسل تنقيد سندن ذهني نشونما تي خراب اثر وجهي سگهن ٿا. والدين کي گهرجي ته روزانو پنهنجي ٻارن لاءِ ڪجهه وقت مخصوص ڪن. ساڻن گڏ ماني کائين، سندن اسڪول بابت پڇن، پڙهائيءَ ۾ مدد ڪن، سندن دلچسپين کي سمجهن ۽ راندين توڙي تفريحي سرگرمين ۾ حصو وٺن. ٻارن کي هر وقت پابندين ۾ رکڻ بدران کين ذميوار آزادي ڏيڻ گهرجي، پر اها آزادي نگراني، اعتماد ۽ مناسب رهنمائيءَ سان گڏ هئڻ گهرجي. اسان جي سماج ۾ اڪثر ٻارن جي ڪاميابيءَ جو معيار سندن نمبرن، ڊگريءَ ۽ اسڪول جي نالي سان لڳايو ويندو آهي، جڏهن ته سندن اخلاق، اعتماد، ذهني سڪون ۽ محفوظ ماحول کي پوئتي رکيو ويندو آهي. حقيقت ۾ هڪ ڪامياب ٻار اهو ناهي، جيڪو صرف امتحان ۾ سٺا نمبر حاصل ڪري، پر اهو به آهي جيڪو پنهنجي حقن کان واقف، ٻين جي عزت ڪندڙ، ذميوار ۽ پنهنجي حفاظت ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ هجي. وقت اچي ويو آهي ته والدين پنهنجي ترجيحن تي ٻيهر غور ڪن. ٻارن جي بهتر مستقبل لاءِ دولت گڏ ڪرڻ سان گڏ کين پنهنجو قيمتي وقت به ڏيو. ڇو ته ننڍپڻ زندگيءَ جو اهو مرحلو آهي، جيڪو ٻيهر واپس نٿو اچي. اڄ جيڪڏهن ٻار پنهنجي مسئلن ۾ اڪيلو رهجي ويو ته سڀاڻي شايد هو پنهنجن والدين سان دل جون ڳالهيون ڪرڻ کان به لنوائي. آخر ۾ اهو چوڻ مناسب ٿيندو ته جديد دور ۾ ٻارن جي سڀ کان وڏي ضرورت صرف جديد سهولتون نه، پر ذميوار والدين، محفوظ ماحول ۽ محبت ڀريو خاندان آهي. والدين جي مصروفيت مجبوري ٿي سگهي ٿي، پر ٻارن کان مڪمل لاتعلقي ڪنهن به صورت ۾ مناسب ناهي. اسان کي اهڙو سماج ٺاهڻو پوندو، جتي ٻار صرف اسڪولن ۾ تعليم حاصل نه ڪن، پر گهرن ۾ محبت، ادارن ۾ تحفظ ۽ سماج ۾ عزت به حاصل ڪن. ياد رکو! ٻارن کي سٺو مستقبل ڏيڻ لاءِ صرف سندن مستقبل بابت سوچڻ ڪافي ناهي، پر اڄ سندن ننڍپڻ ۾ موجود رهڻ به ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته ٻار کي والدين جي دولت کان وڌيڪ سندن وقت، ڌيان ۽ محبت جي ضرورت هوندي آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو