مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

بجيٽ محصول ۽ خرچن جو جائزو ۽ ملازمن جا مسئلا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جا مالياتي رڪارڊ ٻڌائين ٿا ته ايندڙ مالي سال 2026-27 لاءِ بجيٽ خسارو گهٽائڻ هڪ وڏو چئلينج رهندو. حڪومت جي ٽيڪسن ۾ واڌ جي امڪان کي 13.7 ٽريلين کان وڌائي 18.33 ٽريلين رپيا تائين پهچائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جيڪو موجوده مالي سال جي مقابلي ۾ تقريبن 13.7٪ کان 18.33 ارب رپيا وڌيڪ آهي. هن واڌ جو دارومدار ٽيڪس اصلاحن، ڊجيٽلائيزيشن ۽ ٽيڪس نيٽ وڌائڻ تي هوندو. ايف بي آر کي 430 ارب رپيا اضافي ٽيڪس گڏ ڪرڻ جو ٽارگيٽ ڏنو ويو آهي. ان کان علاوه غير ٽيڪس آمدني، جهڙوڪ سرڪاري ادارن مان ڊويڊنڊ، لائسنس فيون ۽ پي ايس ڊي پي منصوبن جي مد ۾ فنڊنگ کي به وڌائڻ جو منصوبو رٿيو ويو آهي. جيڪڏهن خرچن جي ڳالهه ڪجي ته سرڪاري خرچن ۾ محتاط واڌ جي پاليسي اختيار ڪئي ويندي. دفاع، قرضن جي واپسي ۽ سبسڊين تي خرچ اڳ وانگر بجيٽ جو وڏو حصو رهندا، پر تعليم، صحت ۽ سماجي ڀلائي جي شعبن لاءِ مختص رقم ۾ معمولي اضافو ڪيو ويو آهي ته جيئن انساني ترقي جي اشارن کي بهتر بڻايو وڃي.
مالي سال 2026-27 جو بجيٽ خسارو جي ڊي پي جي 5.2 سيڪڙو تي رکڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو گذريل سال جي 5.9 سيڪڙو کان گهٽ آهي. هن مقصد جي حاصلات لاءِ حڪومت غير ترقياتي خرچن تي ڪنٽرول ۽ رياستي ملڪيت وارن ادارن جي نجڪاري جي عمل کي تيز ڪندي. اقتصادي ماهرن جو خيال آهي ته جيڪڏهن ٽيڪس وصولي جو هدف حاصل ٿي ويو ته بجيٽ خسارو گهٽائڻ ۾ مدد ملندي، پر عالمي منڊي ۾ تيل جي اگهن ۾ ڦير گهير، قرضن جي واپسي جي قسط ۽ سبسڊين جي دٻاءُ سبب هدف حاصل ڪرڻ ڏکيو به ٿي سگهي ٿو. گڏيل طور تي ايندڙ مالي سال جو بجيٽ “مالي استحڪام + سماجي تحفظ” جي فلسفي تي ٻڌل هوندو. حڪومت جي ڪوشش هوندي ته مهانگائي تي ضابطو رکندي ترقي جي رفتار کي به برقرار رکي.
جيڪڏهن سرڪاري ملازمن جي مسئلن جي ڳالهه ڪجي ته حڪومت هر ڀيري ملازمن کي ئي پريشان ڪندي آهي. موجوده بجيٽ ۾ ملازمن لاءِ ڇا آهي؟ ان بابت گذريل ڏينهن وفاقي وزير خزانه جو بيان سامهون آيو، جنهن مان لڳي ٿو ته ملازمن کي به هن ڀيري ڪي خاص فائدا نه ملندا. موجوده مالي سال جي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 کان 15 سيڪڙو تائين اضافو ٿي سگهي ٿو، اهو اضافو مهانگائي جي مقابلي ۾ تمام گهٽ آهي. گريڊ 1 کان 16 تائين 15 سيڪڙو ۽ گريڊ 17 کان مٿي 10 سيڪڙو ڊسپيرٽي الائونس ڏيڻ به ترجيحات ۾ شامل آهي. ظلم اهو آهي ته ملازمن جا مکيه مسئلن تي غور نٿو ڪيو وڃي. جيڪڏهن “مهانگائي بمقابله پگهار” جو جائزو وٺجي ته نتيجو سامهون اچي ويندو. بجلي، گئس، پيٽرول ۽ راشن جي اگهن ۾ واڌ سبب پگهاردار ملازمن جي پگهار جو گهڻو حصو بلن ۾ هليو وڃي ٿو. 10 سيڪڙو واڌ مهانگائي جي 15 سيڪڙو شرح کي پورو نٿي ڪري سگهي. ان کانسواءِ ملازمن مٿان ٽيڪس جو بار وڌو وڃي ٿو اهو ملازمن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي ٿو. پگهاردار طبقي تي وڌيڪ ٽيڪس لڳڻ سبب هٿ ۾ ايندڙ پگهار گهٽجي وڃي ٿي. ڪيترائي ملازم چون ٿا ته پگهار واڌ کانپوءِ به سندن بچت منفي آهي. جيڪڏهن پينشن ۽ ميڊيڪل جو جائزو وٺجي ته رٽائرڊ ملازمن جي پينشن مهانگائي سان نه وڌي رهي آهي. سرڪاري اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ سبب ملازمن کي خانگي علاج تي مجبور ڪيو وڃي ٿو. خود اسپتالن ۾ ڪم ڪندڙ سرڪاري ملازم پنهنجون دوائون پنهنجن پئسن تي خانگي اسٽورن تان وٺڻ تي مجبور آهن، جنهن ڪري کين علاج معالج پنهنجي اسپتال هوندي ٻاهران ڪرائڻو پوي ٿو. ائين ڪجهه ادارن ۾ الائونس وقت تي نه ملڻ جي شڪايتون آهن.
ايندڙ بجيٽ 2026-27 ۾ امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته جيڪڏهن حڪومت 18.33 ٽريلين ٽيڪس جو هدف حاصل ڪري ورتو ته ملازمن لاءِ وڌيڪ رليف جو امڪان آهي، پر بجيٽ خسارو 5.2 سيڪڙو تي آڻڻ لاءِ IMF جون شرطون به سامهون آهن، جنهن ڪري وڏي واڌ جو امڪان گهٽ آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته “ڊسپيرٽي الائونس” کي بنيادي پگهار ۾ ضم ڪرڻ ۽ گهٽ ۾ گهٽ اجرت 50 هزار رپيا ڪرڻ ملازمن جو وڏو مطالبو آهي. موجوده بجيٽ ملازمن کي جزوي رليف ڏئي ٿو، پر مهانگائي ۽ ٽيڪس جي ڪري حقي قوتِ خريد گهٽجي وڃي ٿي. ملازمن جو وڏو مطالبو اهو آهي ته واڌ مهانگائي جي شرح کان وڌيڪ هجي ۽ ٽيڪس جو بار گهٽايو وڃي. مطلب ته مهانگائي جي هن دور ۾ سرڪاري ملازم سخت مالي دٻاءُ جو شڪار آهن. اٽو، کنڊ، گهي، بجلي، گئس، گهر جي ڪراين ۾ ڀيرا واڌ اچي وئي آهي، پر ملازمن جون پگهارون اڄ به ان مطابق ناهن. سرڪاري ملازمن جو مطالبو آهي ته پگهارن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 200 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي ته جيئن ملازم پنهنجي خاندان جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪري سگهن. سال 2008 جي حساب سان ڏنا ويندڙ سمورن الائونسن کي فوري طور 2026 جي مهانگائي مطابق نظرثاني ڪري وڌايو وڃي. جيڪڏهن هڪ ملازم ذهني ۽ مالي پريشاني ۾ مبتلا هوندو ته سندس ڪارڪردگي به متاثر ٿيندي، جنهن جو اثر سڄي نظام تي پوندو. ان ڪري حڪومت کان اپيل آهي ته بجيٽ 2026-27 ۾ سرڪاري ملازمن کي رليف ڏنو وڃي ته جيئن ملازم باعزت طريقي سان زندگي گذاري سگهن. سرڪاري ملازمن کي رليف ڏيڻ صرف پگهار وڌائڻ نه آهي، پر ملڪ جي انتظامي نظام کي مضبوط ڪرڻ آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو