ڪتابن جي ڪچهري: سنڌي ويس پهرايل ڏهن شاهڪارانقلابي ناولن جو اڀياس
Sarwech Sario
تعليمدان، ليکڪ
ناول نئين شيءِ، منفرد، مختلف، جديد ۽ عجيب جو شمار نثري ادب جي مک صنف ۾ ٿئي ٿو. افسانوي ادب جي هن صنف جا پيرا ته ايترو پوئتي وڃن ٿا، جيترو پوئتي، حضرت انسانَ، ٻولَ جوڙڻ شروع ڪيا ۽ پنهنجي اظهار کي اشارن بدران آوازن جو سهارو ڏنو. شروعاتي افسانوي ادب، داستانن ۽ قصن تي ٻڌل ملي ٿو، جنهن ۾ ڏند ڪٿائون ۽ پنهنجي پنهنجي دور جي مروج اخلاقيات سان ڀرپور سبق ملن ٿا؛ جيڪي پهريان قصن ۽ ڪهاڻين جي شڪل ۾ پيڙهي به پيڙهي، نسلن ڏانهن منتقل ٿيندا رهيا ۽ پوءِ جڏهن اظهار کي محفوظ ڪرڻ جا هنر سکيا ويا ته انهن داستانن کي مختلف صورتن ۾ محفوظ ڪرڻ جو رواج پيدا ٿيڻ لڳو.
ناول جي هاڻوڪي سڌريل صورت جو سفر، چوڏهين صدي عيسويءَ ۾ اٽليءَ کان شروع ٿيو، جيڪو مختلف ملڪ ۽ کنڊ پار ڪندو، دنيا جا اظهار جا اڻ ڳڻيا موضوع سمائيندو، ڏند ڪٿائن ۽ اخلاقي درسن کان اڳتي وڌندو، سماجيات، سياست، تاريخ، فلسفي، فطري سائنس سميت نفسيات ۽ پنهنجي دور تي مختلف ميدانن ۾ اثر ڇڏيندڙ شخصيتن جي حياتين جي مختلف رخن کي ڀرپور جمالياتي حسن، رومانيت ۽ ادبي ذوق سان قلمبند ڪندو، اڳتي وڌندو رهي ٿو.
اطالوي داستان گو، جوواني بيڪاچيئو (Giovanni Beccaccio 1313-1375)جي ڏهن ڏينهن جي داستانن (Beccaccio’s Decameron) واري قصي، (جنهن ۾ 100 ڪهاڻيون، 10 ڪردار، (ست عورتون، ٽي مرد) آهن، جيڪي طائون (Plague) جي بيماريءَ کان بچاءُ واسطي شهر ڇڏي جهنگ منهن ڪن ٿا ۽ اتي پاڻ کي مصروف رکڻ لاءِ ڏهن ڏينهن تائين قصا کڻن ٿا، جيڪي ان دور جي چالو رومانيت، محبت، مزاحمت، ڏند ڪٿائن، اخلاقيات ۽ لوڪ ڏاهپ کي قصن جي صورت ۾ لطيف جذبن ۽ ڀرپور نزاڪت سان بيان ڪن ٿا) کان وٺي ٽالسٽاءِ، ڊڪنس، هارڊي، جين آسٽن، هينري جيمس، ورجينيا وولف، هيمنگوي، کان وٺي ويهين صديءَ تائين دنيا جي مختلف ملڪن، خطن ۽ کنڊن ۾ ناول جي عروج تي رسڻ تائين، ناول هر دور ۽ هر علائقي ۾ هر آئي ڏينهن نئين نواڻ آڇي، اڳتي وڌندو رهيو آهي ۽ ايڪيهين صديءَ جي هاڻوڪي شارٽ ڪٽ دور ۾ به ناول، نثري ادبي صنفن منجهان سڀ کان وڌيڪ پڙهيو وڃي ٿو، توڙي جو مختصر ڪهاڻين جا ڪيترائي تجربا هر ٻئي ڏينهن ٿيندا رهن ٿا. ويهين صدي، پوري دنيا ۾ ادبي ترقيءَ جي حوالي سان، ناول جي ڪامياب صدي سمجهي وڃي ٿي، جنهن صديءَ دوران ناول پوري ادبي ذوق ۽ شعوري انداز جي بنيادن تي پوري دنيا ۾ ۽ دنيا جي لکتي ٻولين ۾سڀ کان وڌيڪ پڙهيا، لکيا ويندا رهيا.
سنڌي ادب به ناول لکڻ ۽ پڙهڻ جي ان رجحان ۾ پوري دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي اڳتي وڌندو رهيو ۽ پڙهندڙن جي ذهني آبياريءَ ۾ پاڻ ملهائيندو رهيو.
مرزا قليچ بيگ جي پهرين اصلوڪن ناولن دلا رام (1888ع) ۽ زينت (1890) ۽ ساڌو نولراءِ ۽ منشي اڌا رام پاران ڊاڪٽر جانسن جي ناول راسيلاس جو ساڳي نالي “راسيلاس” (1870ع ) سان ٿيل پهرين ترجمي کان وٺي ايڪيهين صديءَ جي هاڻوڪي ٽين ڏهاڪي جي اڌ تائين، سوين اصلوڪا سنڌي ناول لکجي به چڪا آهن ۽ ايترا ئي ترجمو به ٿي چڪا آهن. سنڌيءَ ۾ ڇپيل اصلوڪن ناولن ۽ ناول نگارن تي ڪجهه لکڻ بنا، پاڻ پنهنجي اصل موضوع ڏانهن اچڻ کان اڳ لائق پڙهندڙن آڏو اها ڳالهه ٿا رکون ته سنڌي ٻوليءَ پنهنجي ڪشادي جهوليءَ ۾ دنيا جي هر خطي جي ادب مان انمول موتي چونڊي پاڻ ۾ سمايا آهن ۽ انهن منجهان بامقصد زندگيءَ جي ڳولها لاءِ ۽ پنهنجي وطن ۽ ويڙهيچن جي زندگين جي اجڙيل چمن ۾ سونهن ۽ سينگار پيدا ڪرڻ لاءِ، سندن سمجهه ۽ جذبي جي تعميري سگهه کي مضبوط، منظم ۽ معياري بنائڻ لاءِ، جن شاهڪار ناولن، سنڌي ويس اوڍي، پڙهندڙن ۾ پنهنجي خاصي جاءِ والاري آهي، انهن کي هتي اڀياس هيٺ آندو ويندو.
ويرين جي وسندي: هي اصل ويٽنامي ٻوليءَ ۾ وطن دوست ويٽنامي اديب آنهه ڊڪ جو جڳ مشهور ناول، انگريزي ناول “هانڊاٽ”(Handat) تان سنڌي ويس ۾ نالي واري ترقي پسند اديب، مانواري رشيد ڀٽي صاحب جو آندل آهي. 328 صفحن تي ٻڌل هي ناول، پهريون ڀيرو 1986ع ۾ عظمت ادبي اڪيڊميءَ پاران ڇپرايو ويو هو، ان جو ٻيو ڇاپو منهنجي نظر مان ناهي گذريو، ممڪن هجي، ڪنهن اداري ڇپايو به هجي، پر پوءِ به اهو مارڪيٽ مان اڻلڀ آهي. ويرين جي وسندي، بهادر ۽ مجاهد ويٽنامي قوم جي قومي آزاديءَ جي داستان تي ٻڌل ناول آهي. ويٽنامين، ساندهه پورا ڏهه سال، دنيا جي سگهاري سامراجي طاقت آمريڪا سان جنگ جوٽي ۽ ساڻس ڀرپور مقابلو ڪري کيس گوڏا کوڙايا. هي ناول، ان سموري آزاديءَ جي جدوجهد جي داستان کي قلمبند ڪري ٿو. ويٽنامين جي بهادري، جنگي حڪمت عملي، ويڙهاڪ ساٿين جو هڪٻئي سان پيار ۽ ڀروسو، پنهنجي قوم جي مجموعي آباديءَ جو مٿن فدا ٿيڻ وارو جذبو، ڪم جو ڍنگ، سچائي، رازداري، پنهنجي محبوب ديس سان عشق، پنهنجن ماڻهن سان عشق، پنهنجن ساٿين ۽ ساٿياڻين سان عشق، سميت قرباني، ايثار ۽ جذبي جون اڻ کٽ ڪهاڻيون، هن ناول جو عنوان آهن. 1965ع ڌاري پهريون ڀيرو ويٽنامي ٻوليءَ ۾ ڇپيل هي ناول، ستر جي ڏهاڪي جي شروعاتي سالن اندر دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ڇپجي، پنهنجي عالمي مقبوليت ماڻي چڪو هو. هن ناول جو پلاٽ، ڏکڻ ويٽنام جي هڪ اهڙي وسنديءَ تي ٻڌل آهي، جيڪا ڏکڻ ويٽنام جي انقلابي گوريلن، عرف عام ۾ “ويٽ ڪانگن” جي قبضي هيٺ هئي، جنهن تي آمريڪي فوج اوچتو حملو ڪري ٿي؛ ان وسنديءَ جا گوريلا، پارٽي، وطن دوست ڳوٺاڻا، پوري همت، جرئت، جذبي، اڏولتا ۽ حڪمت عمليءَ سان دشمن جي حملي کي ناڪام بڻائين ٿا، ٻه هزار ڇاڙتي فوج کي، 22 ويٽ ڪانگن کي گهڻو ڪري ٻن هفتن جي گهيري تائين ۽ ڪيترن ئي خطرناڪ حملن ۽ راتاهن باوجود، آڻ مڃڻ تي راضي نٿي ڪري سگهي. هڪ ننڍڙو واهڻ، ارادي جي مضبوطي، مقصد سان محبت، آدرشن ۾ ايمان ۽ ظلم خلاف نفرت جي جذبي سان مضبوط ۽ منظم ٿي بيهي ٿو ۽ دنيا جي وڏي ۾ وڏي سامراجي طاقت کي ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏي ٿو. هن ناول ۾ ويٽ ڪانگن جي ڪاميابيءَ جو راز، مختلف ڪردارن ذريعي سمجهايو ويو آهي. ڳوٺ جا ٻڍا ۽ ٻڍيون، ٻار ۽ ٻارڙيون، جوان ۽ جوانڙيون، گوريلا ۽ گوريليون، ڪنواريون، پرڻيل ۽ بيواهون، هاري، ڪاروباري ۽ ايتري قدر جو مذهبي ماڻهو ۽ معذور، جهڙي نموني جنهن جوش، جذبي، ولولي ۽ حرفت سان پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪندي نظر اچن ٿا، سندن اهو هار نه مڃڻ وارو جذبو، اڄ به پوري دنيا جي غلام قومن لاءِ مثال بڻيل آهي. هي ناول، جهڙي نموني پوري ڳوٺ کي، جنهن ايڪي ۽ اتحاد سان جوڙي ٿو، اهڙو “قومي اتحاد” سنڌ وطن لاءِ انتهائي ضروري آهي ۽ اهڙي اتحاد ذريعي ئي سنڌ دشمنن جي سمورين مڪارين کي مٽيءَ ۾ ملائي، اسان پنهنجو وطن ۽ پنهنجو قومي وجود بچائي سگهون ٿا. هي ناول، جيتوڻيڪ مارڪيٽ ۾ اڻلڀ آهي، پر وري وري پڙهڻ جهڙو ناول آهي ۽ گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو، هر سنڌيءَ کي هي ناول، ضرور به پڙهڻ گهرجي. سنڌ وطن جي هاڻوڪي هنگامي صورتحال ۾ اهڙو ناول، مارڪيٽ ۾ موجود هجڻ ضروري آهي.
جي ماريا نه موت: ڏکڻ ويٽنام جي هڪ انقلابي هيرو، نگوين وان تروئي جي زندگي، جدوجهد ۽ سندس سائيگون جي جيل ۾ فائرنگ اسڪواڊ ذريعي 24 ورهين جي ننڍي ڄمار ۾ قتل ڪرڻ جي واقعن تي ٻڌل، هن ناول جو ترجمو، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ ڪيو آهي. پهريون ڀيرو اهو ناول، سنڌي عوامي ڪتاب گهر پاران 1973ع ڌاري ڇپيو هو. 1982ع ڌاري عظمت ادبي اڪيڊميءَ پاران ان ناول جو ٻيو ڇاپو شايع ٿيو ۽ ساڳي اداري پاران لاڳيتا ٽي ڇاپا آيا، جنهن جي چوٿين ڇاپي جو سال 1987ع آهي. ان ناول جا پهريان چار ڇاپا ڪرائون سائيز ۾ آيا ۽ منهنجي مطالعي هيٺ آيل ڪتاب، 1987ع وارو ڇاپو آهي، جيڪو ڪرائون سائيز تي 124 صفحن تي ٻڌل آهي. سنڌي ساهت گهر حيدرآباد پاران به ان ناول جو ڇاپو مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي.سچي ڪهاڻيءَ تي آڌاريل هن ناول جو هيرو، 1964ع ڌاري آمريڪي بچاءُ واري وزير رابرٽ ميڪنامارا جي قافلي کي نشانو بنائڻ لاءِ سائيگون جي ڪانگ لي پل هيٺ بارودي سرنگهه لڳائڻ ۽ حملو ناڪام ٿيڻ کانپوءِ جي الزام ۾ ٺيڪ پنهنجي شاديءَ جي سترهين ڏينهن تي گرفتار ٿئي ٿو ۽ ذري گهٽ ڇهن مهينن اندر 15 آڪٽوبر 1964ع ۾ ڦاسي ڏيڻ بدران کيس عبرت ناڪ مثال بنائڻ واسطي فائرنگ اسڪواڊ ذريعي قتل ڪيو وڃي ٿو. هن ناول جو سڄو داستان، سندس زال ڪوئين ذريعي بيان ڪيو ويو آهي ۽ ناول جي هر صفحي تي بهادري ۽ همت جا نت نوان نوان مثال قائم ڪيا ويا آهن. ناول جو هيرو، موت جي سزا جون آخري گهڙيون هجڻ باوجود پنهنجن پهريدارن ۽ نگهبانن کي ست سُريون ٻڌائڻ جي جرئت ڪري چوي ٿو ته: “مان انهن ٽوڊين ۽ پڇ لٽڪائو ڪتن وانگر جيئڻ نٿو چاهيان، جيڪي پنهنجي حياتي سلامت رکي، پنهنجي وطن ۽ هم وطن ڀائرن کي نقصان پهچائيندا رهن.” ناول جي هيروئن به مڙس جي ڪري قيد ٿئي ٿي، ڪيترن رياستي عذابن مان گذري ٿي، نيٺ زال مان “ساٿياڻي” بڻجي، وطن دوست گوريلي بڻجي وڃي ٿي ۽ پنهنجي محبوب سان وچن ٿي ڪري ته:
“لهرن ۽ تيز هوائن ۾،
طوفانن ۽ واچوڙن ۾،
دل توسان وفا ڪندي رهندي،
تون خطرن کان محفوظ رهين،
شل کٽي اچين هت خيرن سان،
۽ وطن وري ٿئي هڪ ملي!”
نوجوانن جو گيت: اصل چيني ٻوليءَ ۾ انقلابي ليکڪا يانگ مُو جو لکيل هي ناول، پهريون ڀيرو 1958ع ڌاري ڇپيو، ترت ئي انگريزيءَ سميت دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيڻ لڳو. اردوءَ ۾ اهو ناول، 1982ع دوران “نوجوانون ڪا گيت” جي نالي سان رشيد بٽ ترجمو ڪيو، جيڪو پهريان پيڪنگ جي اداري “غير ملڪي زبانن جو اشاعتي گهر” پاران ڇپايو ويو ۽ پوءِ آر بي پبلشرز ڪراچيءَ وارن ڇپيو، هن وقت ان ڪتاب کي فڪشن هائوس وارا ڇاپيندا، مارڪيٽ ۾ موجود رکندا پيا اچن. ان ناول جو سنڌي ترجمو، نالي واري صحافي ۽ پنهنجي دور جي مقبول ڊائجسٽ “سنڌ رنگ” جي تڏهوڪي ايڊيٽر، مانواري جعفر ميمڻ صاحب 1998ع ۾ “نوجوانن جو گيت” نالي سان اردوءَ تان ترجمو ڪري، ڪاوش اداري پاران ڇپرايو. لڳ ڀڳ 400 صفحن جو (انگريزي ايڊيشن ۾ 642 صفحا ۽ فڪشن هائوس واري اردو ايڊيشن ۾ 442 صفحا) اهو ناول، پهريان قسطن جي صورت ۾ “سنڌ رنگ” ۾ پڻ ڇپيو هو. جيتوڻيڪ ان ڪتاب جي ترجمي جي صحت تي نالي واري ڪهاڻيڪار، نجم عباسي صاحب سميت ڪجهه ٻين سڄاڻ شخصيتن به سوال اٿاريا هئا، ان باوجود اهو ناول، نوجوان سنڌي پاڙهڪن ۾ ڪافي ڪامياب ٿي ويو هو ۽ ٿوري وقت اندر ئي اهو ناول مارڪيٽ مان اڻلڀ ٿي ويو. ان ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، هن وقت تائين وري ڪنهن به اداري پاران نه اچي سگهيو آهي. هي ناول، چين جي اتر، اوڀر علائقي تي 1930ع ۾ ڪيل جاپاني حملي جي پسمنظر ۾ هلايل پيڪنگ (بيجنگ) جي محب وطن شاگردن جي جدوجهد جي ڪهاڻي آهي. جاپان خلاف مزاحمتي جنگ ۽ 1935ع واري شاگرد هلچل جا سمورا واقعا، ماحول، جدوجهد جا رنگ ۽ ڍنگ، جاپانين جو رويو، ڏيهي دلالن جو ڪردار، وچولي طبقي جي موقعي پرستي، قلم ڌڻين جي منافقاڻي روش ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي شاندار ڪردار سميت تڏهوڪي چيني سماج جي سمورن پاسن کي ڀرپور نموني قلمبند ڪيو ويو آهي. هي ناول ليکڪا جي جزوي آتم ڪٿا به سمجهيو ويندو آهي. ڇو ته هن ناول جي مک هيروئن، لِن تائو چنگ، خود يانگ مُو آهي، جيڪا ان پوري دور جي اکين ڏٺي شاهد آهي ۽ ان ناول ۾ آيل واقعن ۾ سندس ڀرپور ڪردار رهيو آهي. سنڌي ادب ۾ اهو ناول وري ڇاپڻ، انتهائي وقتائتو ثابت ٿيندو ۽ سنڌي نوجوانن، قومي طبقاتي جدوجهد ۾ پيدا ٿيندڙ رڪاوٽن ۽ ان جي حل بابت ڀليءَ ڀت واقف ٿيندو رهندو.
ڏونگر منجهه ڏيئو: روسي اديب، بورس پوليوائيءَ جو هي ناول، سنڌي ٻوليءَ جي بهترين ڪهاڻيڪارَ، علي محمد “پرويز”، اردو ترجمي “چراغ جلتا رها” تان ترجمو ڪري، 1990ع ڌاري “روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو” پاران پهريون ڀيرو ڇپايو ۽ ان ناول جو ٻيو ڇاپو، “سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد” پاران 2020ع ۾ آندو ويو آهي. ساڍا ٽي سئو صفحن تي پکڙيل اهو ناول، ٻي مها ڀاري جنگ جي ڪجهه انهن ڪردارن تي ٻڌل آهي، جن جو لاڳاپو روس ۽ جرمنيءَ سان آهي. روس تي جرمن حملي کانپوءِ روسي ماڻهن جهڙي نموني پنهنجي ديس جو بچاءُ ڪيو، اها هن ناول جي بنيادي ڪهاڻي آهي. روسي ماڻهن، جنگ جي ميدان تان جيڪي ڪارناما سرانجام ڏنا، پنهنجي وطن سان جيڪا بي پناهه محبت ڪئي، پنهنجن قومي فرضن کي جنهن سچائيءَ سان نڀايو، انهن ايثار ۽ قربانيءَ جا جيڪي اڻ مٽ نشان ڇڏيا؛ وطن سان، محبوبن سان، ساٿين سان، پنهنجي ديس ڌڻين سان، جيڪي نينهن جا ناتا رکيا ۽ انهن جو نڀاءُ ڪيو، ۽ جهڙي نموني انهن جنگ جي سائنس ۾ مهارت حاصل ڪئي ۽ پنهنجن پنهنجن شعبن جا ماهر بڻيا، سهپ، رازداري، ضابطي ۽ ثابت قدميءَ جا جيڪي شاندار مثال قائم ڪيا، اهڙا سوين مثال هن ناول جي صفحن تي ٽڙيا پکڙيا پيا آهن. هن ناول جو هيرو، اليڪسي ميريسيف، هڪ جنگي جهاز جو اڻ ورچ هواباز آهي، سندس جهاز جو دشمن جي گهيري ۾ اچڻ، اهو تباهه ٿيڻ کان اڳ ٽپو ڏئي پنهنجي حياتي بچائڻ، سندس سخت برف ۾ پير خراب ٿيڻ کان گينگرين بيماري لڳڻ ۽ نقلي پيرن سان وري جهاز اڏائڻ ۽ دشمن جي پنجن هوائي جهازن کي تباهه ڪرڻ تائين جي سندس ڪهاڻي، جرئت، همت، حوصلي، اڏولتا، حب الوطني، جنگي حرفت ۽ ڏاهپ جا جيڪي شاندار مثال پيش ڪري ٿي، اهي ڪنهن هڪ مخصوص دور جا منظر ۽ مظهر ناهن، پر اهي پوري انسان ذات لاءِ رهنمائيءَ ۽ هر ڏينهن، نئون نينهن سکڻ جا گُرَ آڇين ٿا. هر هر پڙهڻ جهڙو هي ناول، سنڌ جي نوجوان نسل کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو ته ضرور پڙهڻو آهي.
لڱ منهنجا لوهه: “عظمت ادبي اڪيڊمي، حيدرآباد” پاران پهريون ڀيرو 1985ع ڌاري ڇپيل، ايران جي عظيم انقلابي گوريلي، اشرف دهقانيءَ جو هي ناول، ترقي پسند، وطن دوست سياسي ڪارڪن محبوب علي راهوجي جو ترجمو ڪيل آهي. جيڪو هن وقت تائين، مختلف اشاعتي ادارن پاران ڪيترائي ڀيرا ڇپجي چڪو آهي. ايران جي بادشاهت خلاف سڌي جنگ ڪندڙ عوامي فوج جي عظيم ڪارڪن، اشرف دهقاني، ساواڪ جي هٿان جنهن ظلم، بربريت ۽ وحشي پڻي جو شڪار ٿيندي رهي، سندس اهو لڱ ڪانڊاريندڙ حياتيءَ جو اوکو داستان، هن ناول جو موضوع آهي. ايران جي عوامي مجاهدن، رضا شاهيءَ جو، جهڙي نموني ڄمي مقابلو ڪيو، اهو انساني تاريخ جو هڪ انوکو داستان آهي. آمريڪي سامراج ۽ سندن ايراني ديسي دلالن، ايراني تاريخ ۾ بدترين آمريت تي ٻڌل جيڪا وحشت ناڪ رياست قائم ڪئي هئي ۽ ايراني عوام کي پنهنجي حياتي ڪنهن به انساني جذبي بنا جانوري جبلتن جي بنياد تي گهارڻ تي مجبور ڪيو هو، اهو سڄو منظر هن مختصر ناول ۾ بهترين نموني پيش ڪيو ويو آهي. هي ناول، قومي سجاڳيءَ جي سمجهه پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ ناول آهي، جن جي ڪردارن جو ايراني پلاٽ تي هلندي به، سنڌي پڙهندڙ پنهنجو پاڻ کي پنهنجي وطن ۾ محسوس ڪندو.
سسي نيزي پاند: هي ناول، روسي ليکڪا سروسڪيءَ جي انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل ناول How The Steel Tempered جو اختصار سان پهرايل سائين محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو سنڌي ويس آهي. ناول جي سنڌي ويس ۾ آڻڻ جي پهرين ميرٽ اها ئي ٿي سگهي ٿي جو هن ناولَ، ڏيپلائيءَ جهڙي مذهبي ماڻهوءَ کي بقول سندس ايترو “متاثر” ڪيو جو، هن نه رڳو هن ناول جو ترجمو ڪيو، پر ان کي پنهنجي خرچ تي تڪڙو ڇاپي، مارڪيٽ ۾ به آڻي ڇڏيو هو. هن ڪتاب جو 110 صفحن تي مشتمل پهريون ڇاپو ڊسمبر 1957ع ۾ (انسان پبليڪيشن)، ٻيو ڇاپو 1973ع ۾ (پرڀات پبليڪيشن) ۽ ٽيون ڇاپو 1973ع ۾ (روشني پبليڪيشن) پاران ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو. هن ناول ۾ يوڪرين جي سر زمين تي عظيم آڪٽوبر انقلاب جي پهرين ۽ پوئين صورتحال کي ناول جو مک عنوان بڻايو ويو آهي. ناول جو هيرو، ڪورچاگن، هڪ اهڙو هيرو آهي، جيڪو ننڍي عمر جو ٻارڙو هجڻ باوجود، اهڙي ته نموني سماج ۽ انقلاب لاءِ ڪارائتو ٿئي ٿو، جو سندس بهادري ۽ ڏاهپ ڏسي، پڙهندڙ کي ڏندين آڱريون اچيو وڃن. هو ٻاروتڻ کان پنهنجي 32 سالن جي عمر تائين، وک وک تي ڏاهپ، سمجهه، بهادري، پاڻ ارپڻ، ڀروسي، همت، حوصلي ۽ ولولي جا اهڙا ۽ ايترا ته شاندار مثال قائم ڪري وڃي ٿو، جو کيس وري وري داد ڏيڻ تي دل چوي ٿي ۽ ناول ۾ انقلاب کان اڳ ۽ پوءِ واري روسي سماج جي جيڪا گهڻ طرفي حقيقي عڪاسي ڪئي وئي آهي، ان مان پڙهندڙ کي سمجهڻ، پرکڻ ۽ پروڙڻ لاءِ گهڻو ڪجهه مواد ملي ٿو. ان کان به اڳتي، ناول جي پنهنجي منظر نگاري ۽ ڏيپلائي صاحب جو شاندار ترجمو، ڄڻ پڙهندڙ کي تڏهوڪي روسي سماج ۽ انقلاب جو زنده جاويد ڪردار بڻائي ڇڏي ٿو. سنڌي ترجمي کي وڌيڪ دلڪش بنائڻ لاءِ ڏيپلائي صاحب، ڀٽائيءَ جي ۽ ٻين سنڌي شاعرن جي پڻ جيڪا شاعري ڏني آهي، اها پڙهندڙن جي جذبن ۾ اڃان وڌيڪ اڀار آڻي ٿي. هي ناول، هڪ ڀيرو وري ڇپجڻ، وقت جي اهم ضرورت آهي.
جنگ ۽ انسان: روسي اديب، ميخائيل شولو خوف، جيڪو پنهنجي جڳ مشهور ناولنQuite Flows The Don (ڊان بهتا رها، اردوءَ ۾) ۽Virgin Soil (مقدس مٽي) جي ڪري پوري دنيا جي ادبي دنيا ۾ قدر ۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي، تنهن جي انگريزي ترجمي واري هڪ ٻئي ناوليٽFate Of A Man جو سنڌي ترجمو، “جنگ ۽ انسان” جي نالي سان محترم عمر ميمڻ صاحب، 1978ع ۾ ڪري، عظمت ادبي اڪيڊميءَ پاران پهريون ڀيرو ڇپايو. ساڳي اداري هن ناول جو ٻيو ڇاپو، 1982ع ۾ وري آندو. ڪرائون سائيز ۾ 95 صفحن تي ڇپيل هن ناول ۾ٻي مها ڀاري جنگ ۾ ٿيل تباهڪارين کي هڪ حساس دل ليکڪ جي اک سان ڏيکاريو ويو آهي. هن ناول ۾ پنهنجي ڌرتي ماءُ روس جي حفاظت ڪندڙ هڪ غازيءَ واتان جنگ ۾ پيش ايندڙ واقعن ۽ تباهه ڪارين کان اسان کي روشناس ڪرايو ويو آهي. نازي جرمنيءَ خلاف روسين جنهن متحد ۽ منظم طاقت سان ۽ عزم، حوصلي ۽ ارادي جي قوت جي زور تي پنهنجي وطن جي مقدس مٽيءَ کي دشمن جي ناپاڪ وجود کان جهڙي نموني پاڪ رکيو، اهو داستان هن ناول جو داستان آهي. ٻي مها ڀاري جنگ ۾ پوري دنيا ته خوب ڀوڳيو، خاص طور روس، باقي دنيا کان سوايو سڌو متاثر ٿيو. روس جي هر گهر مان گهڻو ڪري ٻه يا ٽي ڀاتي، بمن ۽ گولين جي بک بڻجي ويا، صنعتون تباهه ٿي ويون، گهر ڊهي ويا، فصل سڙي ويا، شهر ويران ٿي ويا، ٻهراڙين جون ٻهراڙيون مليا ميٽ ٿي ويون، پر روسين پنهنجي ڌرتيءَ تان دشمن کي ڌڪي، دنيا جي مظلوم قومن لاءِ ان جنگ ذريعي هزارين نوان مثال قائم ڪري ڇڏيا. هن ناول جي ترجمي جو معيار، ايڏو ته وڻندڙ آهي جو پڙهندڙ، هڪ ويهڪ ۾ ناول جي سحر ۾ ايڏو ته هليو ويندو، جو ڪتاب جي آخري صفحي تي پهچي ويندو ۽ کيس پتو ئي نه پوندو ته ڪتاب پورو ٿي ويو. منهنجي نظر ۾ هي ناول ته ڄڻ، ٻي عالمي مها ڀاري جنگ جي ڪنهن خاص پاسي جي عوامي تاريخ آهي.
بغاوت: گذريل صديءَ جي صفا پڇاڙڪن سالن ۾ جڏهن مان هاءِ اسڪول جو شاگرد هوندو هئس ۽ ناول پڙهڻ جو شوق چوٽيءَ تي هوندو هو، ان وقت جيڪي ڪتاب، ڪتاب گهرن تان هٽي ڪري، عام بوڪ اسٽورن تان به درسي ڪتابن سان گڏ ملندا هئا، انهن ۾ خليل جبران جا ڪتاب سرفهرست هوندا هئا. ڪرائون سائيز ۾، ڪمپازيٽر اکرن بدران ڪمپيوٽر جي فونٽن ۾ جيڪي مون پهريان ڪتاب پڙهيا، انهن ۾ خليل جبران جا ڪتاب سرفهرست هئا. انهن ڪتابن منجهان، “ڀڳل کنڀراٽيون” ، “پيغامبر”، “غلامي”، “ڪنوار جي سيج”، “مسيح ۽ ماڻهو” ۽ “مرشد جو نينهن ۽ نياپو”، سندس ٻين سنڌي ويس پهريل ڪتابن منجهان ته شاندار هئا ئي هئا، پر جنهن ڪتاب مون تي خاصو اثر ڇڏيو، اهو سندس ناول/ناوليٽ “بغاوت” هو، ۽ عجيب اتفاق اهو ته اهو ناول، سندس ٻين ڪتابن جي ڀيٽ ۾ ساڳيو پراڻي روايتي ڪمپازيٽر اکرن واري پريس ذريعي ئي ڇپيل هو. جڏهن مون اهو ڪتاب ٿي ورتو ته ان وقت ان بُڪ اسٽور تي جيڪي به خليل جبران جا ڪتاب هئا، سواءِ ان جي منهنجا ورتل ۽ پڙهيل هئا، تڏهن ڪمپازيٽر پريس تي ڇپايل ناول، ڄڻ ته مجبوريءَ ۾ وٺڻو پيو. شام جو ورتل ڪتاب، ساڳي ڏينهن پرڀات تائين، چمنيءَ جي روشنيءَ تي به پڙهي پورو ڪري پوءِ ستس. روشني پبليڪيشن پاران 1990ع ۾ ناليواري سنڌي اديب، يوسف سنڌيءَ جو ترجمو ڪيل، 104 صفحن وارو ڇپايل، هي سنڌي ويس پهرايل ناول بنيادي طور مذهبي مهندارن جي منافقت، سازشي ذهنيت، پورهيت طبقي جي رت چوسي فطرت، جاگيرداري ظلم ۽ سماجي ناانصافيءَ جي ڪهاڻي بيان ڪري ٿو. اتر لبنان جي هڪ ڳوٺ جي ماحول ۾ لکيل هن ناول جو هيرو خليل، هڪ اهڙو ٻائو آهي، جيڪو پنهنجي ئي مذهبي اڳواڻن جي معاشي ۽ اخلاقي ڪرپشن ۽ سندن پورهيتن سان هلندڙ اڍنگي روش جا راز پڌرا ڪري ٿو ۽ ان سزا ۾ کيس گرجا گهر مان نيڪالي ڏني وڃي ٿي، کيس هڪ بيواهه ۽ سندس نياڻي پناهه ڏئي ٿي ۽ هو ڪرپٽ مذهبي مهندارن ۽ جاگيردارن خلاف پنهنجي پرچار جاري رکي ٿو.شيخ عباس، هڪ مذهبي مهندار جيڪو ڳوٺ ۾ جهوپڙين جي گهيري ۾ هڪ شاندار محلات ۾ رهي ٿو، سو سمورو ڳوٺ، گهر ۽ ٻنيون، پنهنجي قبضي ۾ رکي ٿو، جتي هو سارو وقت ڳوٺاڻن کان بيگار وهرائي ٿو ۽ ان اپائي ٿو، ان سموري اپت مان ڳوٺاڻن کي صرف جيئڻ جيتري خوراڪ مهيا ڪري ٿو، ڳوٺاڻا هر وقت سندس خوف ۽ تعبيداريءَ ۾ ساهه کڻڻ جي قيمت ادا ڪندا رهن ٿا. جيئن هر دور جي فرعون جي گهر ۾ موسيٰ پلجندو آهي، تيئن ظلم ۽ بربريت جي ان ماحول ۾گرجا گهر اندر هڪڙو ٻائو خليل، پلجي رهيو هو؛ جڏهن ڳوٺاڻن کي ابن ڏاڏن جي ويڙهن مان، ڪارپوريٽ فارمنگ واسطي زوريءَ اٿاريو ٿي ويو ته ان ڏاڍ خلاف، خليل سينو ساهي بيٺو. هو مذهبي تعليم، سندس اصل روح موجب پرائڻ ۽ پرچارڻ لڳو، مذهبي مهندارن جي منافقي، لالچ ۽ غريب ڳوٺاڻن کي پنهنجن ناجائز مفادن جي حصول وارن طور طريقن لاءِ استعمال ڪرڻ وارن حربن جي چٽي طرح مخالفت ڪرڻ لڳو، کيس “ڪافر” ۽ “منڪر” قرار ڏئي، هڪ سخت سرد رات جو گرجا گهر مان زوريءَ ڪڍيو ويو، هو جڏهن مرڻينگ حالت مان هوش ۾ آيو ته پاڻ کي هڪ بيواهه ۽ سندس ڌيءَ جي پناهه ۾ پاتائين ۽ سندس ذهن ۾ حضرت عيسيٰ جا اهي لفظ ٻرڻ لڳا ته: “جانورن کي پنهنجا غار آهن، پر انسانن کي پنهنجو منهن لڪائڻ لاءِ ڪابه جاءِ نه آهي.” خليل، پنهنجي نئين زندگي ۽ ديني پرچار نئين سر شروع ڪري ٿو ۽ ٻن هفتن جي اندر شيخ عباس جا واٺا، کيس زنجيرن ۾ ٻڌي، ڳوٺ جي مک چوراهي تي آڻين ٿا ۽ کيس “عبرت ناڪ مثال” بنائڻ جو جوڳو بندوبست ڪيو وڃي ٿو. خليل، ڪابه معافي وٺڻ بدران اتي گڏ ٿيل ميڙ سان سڌو مخاطب ٿئي ٿو ۽ ڳوٺاڻن کي “اصل سچ” ٻڌائي ٿو؛ ڳوٺاڻا سندس ڳالهيون ٻڌي، پنهنجي اجتماعي طاقت حاصل ڪري وٺن ٿا، شيخ عباس ۽ سندس استحصالي ٽولو ڀاڙي بڻجي موقعي تان ئي ڀڄي وڃي ٿو، ڳوٺاڻا خليل کي زنجيرن مان آزاد ڪن ٿا ۽ کيس پنهنجو محسن سمجهن ٿا ۽ سندس رهنمائيءَ ۾ ڳوٺاڻا روحاني ۽ سماجي آزادي، برابري، گڏيل عزت، گڏيل ملڪيت، گڏيل پيار ۽ گڏيل ڏاهپ حاصل ڪن ٿا. هن مختصر ناول جي ان ڪهاڻيءَ جو اهو اختصار پيش ڪرڻ کانپوءِ ان تي منهنجو وڌيڪ تبصرو ڪرڻ غير ضروري آهي.
پوڙهو ۽ سمنڊ: آمريڪي ناول نگار، ارنيسٽ هيمنگوَي جي جڳ مشهور نوبيل انعام يافتا ناول، The Old Man And The Sea جو سنڌي ترجمو، پهريون ڀيرو محترم عمر ميمڻ صاحب “پوڙهو ۽ سمنڊ” جي نالي سان ڪري، 1977ع ۾ پنهنجي ئي اداري “عظمت ادبي اڪيڊمي” پاران ڇپايو. سندس اهو ناول مارڪيٽ ۾ اڻلڀ آهي ۽ 2018ع ۾ نوجوان مترجم رشيد زهراڻيءَ “پوڙهو ماڻهو ۽ سمونڊ” جي نالي سان ترجمو ڪري، ڊجيٽل ايڊيشن ۾ “سنڌ سلامت” جي ويب سائيٽ تي رکيو آهي. مان ان ناول جا ٻئي ترجما پڙهيا آهن ۽ اصل انگريزي ناول به سنڌ يونيورسٽيءَ جي پهرين سال جي سبجيڪٽ ۾ شامل هئڻ ڪري، گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڀيرا ته ضرور پڙهيو آهي. ان حوالي سان اها ڳالهه پوري ذميواريءَ سان لکان ٿو ته هن ناول جو عمر ميمڻ وارو ترجمو، معياري ترجمو آهي. هڪ ته معياري ترجمو ٻيهر ڇپجي نه سگهيو آهي، ٻيو ته ٻيو ترجمو به ڪتابي صورت ۾ اچي نه سگهيو آهي. 2014ع دوران عمر ميمڻ صاحب واري ترجمي وارو ڪتاب مون هڪ پبلشر کي ڇپائڻ واري حامي ڀرڻ تي ڏنو، منهنجي بدنصيبي اها جو مان ان ڪتاب جي فوٽو ڪاپي ڪرائي نه سگهيس، ڪتاب به نه ڇپيو ۽ مون وارو ڪتاب به پبلشر وٽان ائين گم ٿي ويو، جيئن هڪ ٻي پبلشر رشيد ڀٽي صاحب جو ڪتاب “سچ جو فلسفو” مون کان ڇپائيءَ لاءِ ورتو ۽ گم ڪري ڇڏيو ۽ اهو ڪتاب به نه ڇپجي سگهيو، نه وري مون کي واپس ملي سگهيو، هاڻي اهي ٻئي ناياب ڪتاب نه مون وٽ آهن، نه سندن ٻيا ڇاپا، ڪنهن به اداري پاران ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندا ويا آهن. هن شاندار ناول جي ڪهاڻي، بظاهر ته هڪ مهاڻي جي عام رواجي ڪهاڻي آهي؛ هڪ مهاڻو (سنتياگو)، سمنڊ ۾ مڇي ڦاسائڻ جي نيت سان نڪري ٿو، 84 ڏينهن تائين هو سمنڊ جي لهرن سان وڙهي ٿو، مقامي مهاڻا کيس “سالائو” (بدنصيب) هجڻ جا مهڻا ڏينس ٿا، ساڻس هڪڙو ٻانهن ٻيلي ڇوڪرو به گڏ آهي ۽ 40 ڏينهن کانپوءِ ان ڇوڪري کي سندس والدين کيس ٻئي مهاڻي سان لڳائين ٿا، پوءِ به هو پنهنجي استاد جي کاڌي پيتي ۽ آرام جو خيال رکي ٿو؛ نيٺ 85 هين ڏينهن هڪ وڏي مڇي، سندس ڪنڍيءَ جو چوڳو کائي ٿي ۽ اها مڇي (مارلن) ايتري ته طاقتور آهي جو ڪنڍي کڻي ٻيڙيءَ کي سمنڊ جي وڏي گهرائيءَ ڏانهن گهلي وڃڻ لڳي ٿي؛ قصو ڪوتاهه، شارڪ مڇيون، مارلن تي حملو ڪن ٿيون ۽ ان جي مهاڻي جي پهچ تائين کيس رڳو هڏائون پڃرو بڻائي ڇڏين ٿيون.
هن ناول جو بنيادي مقصد، انسان جو عزم، لاڳيتي جاکوڙ ڪرڻ، شڪست کي شڪست ڏيڻ جي طاقت رکڻ، فطرت جي طاقت جو احترام ڪرڻ، سماج ۾ اخلاقي فتح حاصل ڪرڻ، سخت کان سخت حالتن ۾ به بقا لاءِ ويڙهه وڙهڻ آهي. هن ناول جو هڪ مختصر جملو، ڄڻ ناول جو ٽريڊ مارڪ بڻجي چڪو آهي: “انسان، هار مڃڻ لاءِ پيدا ناهي ٿيو؛ ماڻهوءَ کي تباهه ته ڪري سگهجي ٿو، پر کيس شڪست نٿي ڏئي سگهجي.”
انقلابيءَ جو موت: ڀارتي ليکڪ ائل بروي جو هي ناول اصل ۾ مرائي ٻوليءَ ۾ لکيل آهي، جنهن جو پهريان گجراتي ۽ پوءِ اردوءَ ۾ ترجمو ٿيو؛ سنڌي ٻوليءَ وارو ترجمو، اردوءَ تان ڪيو ويو آهي. يوسف سنڌيءَ جو ڪيل سنڌي ترجمو، جون 2016ع ۾ “سچائي اشاعت گهر” پاران ڇاپيو ويو آهي. هي ناول، هندستان اندر سٺ ۽ ستر واري ڏهاڪي ۾ هليل نڪسلائٽ تحريڪ (Naxalite Movement) جي پسمنظر ۾ لکيل آهي، جيڪا اولهه بنگال مان هٿيار بند ڪميونسٽ (مائوئسٽ) تحريڪ شروع ٿي هئي، جيڪا بنيادي طور هارين ۽ مزورن جي حقن لاءِ شروع ٿي هئي. عزم، حوصلي ۽ پنهنجي نظرئي سان وفادار نوجوان نوجوانن جي چوڌاري ڦرندڙ ناول جي ڪهاڻي، ذهني ۽ نفسياتي جنگ تي آڌاريل آهي؛ دشمن، هڪ انقلابيءَ کي جهڪائڻ لاءِ هزارين نفسياتي حربا استعمال ڪري ٿو، پر انقلابي پنهنجن اڏول ارادن تي پوري نظرياتي سچائيءَ سان قائم بيٺو رهي ٿو. نيٺ، نوجوان ساهه ته ڏئي ٿو، پر ويساهه نٿو وڃائي. نفسياتي ويڙهه تي سوڀارو ٿيڻ ۾ هي ناول، اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. باقي ترجمي جي حوالي سان مانواري يوسف سنڌيءَ کي جيڪا محنت ڪرڻ گهرجي اها نه ڪئي اٿائين، غير ضروري انگريزي جملا، محاورا وغيره ترجمي ۾ ڪا نواڻ آڻڻ بدران ويتر ڪهاڻيءَ کي ٻُسو ڪري ڇڏين ٿا، اردو لفظن جي ڀرمار ۽ الڳ الڳ عبارتن کي گهڻن هنڌن تي ملائي، ناول جو مزو وڃايو ويو آهي، فاضل ترجميڪار کي اهي اوڻايون ٻئي ڇاپي ۾ درست ڪرڻ گهرجن ته جيئن ناول پنهنجو پورو تاثر بحال رکڻ ۾ ڪامياب رهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ انهن ناولن کانسواءِ اڻ ڳڻيا ٻيا به اهڙا ناول آهن، جيڪي پڙهندڙن کي هڪ نئون ۽ بنهه مختلف انسان بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. سنڌي ادب جي هاڻوڪي پاڙهو ٽهيءَ کي ستر، اسي ۽ نوي جي ڏهاڪي جهڙا “ادب براءِ زندگي” واري خيال سان ڀرپور ناول، اصلوڪا توڙي ترجمو ٿيندڙ نه جهڙا ملي رهيا آهن. هاڻوڪن “جديد” ناولن جي گهڻائي، “ادب براءِ ادب” جو ريشمي چوغو پهريل، يخي براءِ يخي هڻندڙ، پڙهندڙن کي منجهائي ماريندڙ، ورغلائيندڙ ۽ مت مان ڪڍندڙ ادب، جادوئي، ڪرامتي، جاسوسي، جنسي ادب، ولولائي ۽ واويلائي ادب؛ رومانيت جي نالي ۾ اگهاڙپ، فحاشي ۽ جسم فروشيءَ کي هڪ مڪمل شوق پيش ڪري ڦهلائيندڙ ادب، عام ڪيو پيو وڃي؛ جيڪو نوجوان نسل کي سماج جو گهڻ رخو ڪارائتو ۽ ذميوار فرد بنائڻ بدران کيس وائڙو، ويڳاڻو، نفسياتي مسئلن ۾ گهيريل، گيدي، ڊڄڻو ۽ ذهني طور ايبنارمل شخص بڻجڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
صحتمند معياري ادب، صحتمند زندگي ۽ صحتمند معاشري جي اڏاوت ۾ ڄڻ ته پيڙهائتو ڪردار ادا ڪندڙ ادب هوندو آهي، صڦل زندگي گذارڻ ۽ پنهنجي حياتي، پنهنجي لاءِ، پنهنجي ڪٽنب لاءِ، پنهنجي اوڙي پاڙي لاءِ، پنهنجي سماج لاءِ، پنهنجي وطن ۽ وطن واسين لاءِ ۽ ان کان به اڳتي، پوري دنيا ۽ ان ۾ آباد انسانن لاءِ وقف ڪرڻ وارو رستو ڏيکاريندڙ ادب، ڪلهه به ايترو ئي ضروري هو، جيترو اڄ آهي ۽ سڀاڻي به اهڙي ادب جي اهميت کان انڪار ڪرڻ ممڪن نه رهندو.
تنهنڪري اچو ته اهڙي ادب جي آبياري ڪريون، جيڪو مٺ جيترن ڦورو ۽ رهزن ٽولن پاران جهنم بڻايل هن دنيا کي جنت بنائڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري رهيو هجي.
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟