مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ماتلي ۾ جسم فروشي جي اڏن تي بليڪ ميلر گروهن جو انڪشاف

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

بدين ضلعي ۾ ماتلي واحد شھر آھي جنھن ۾ انگريزن جي وقت کان ھتي ڳاڙھي بازار قائم ھئي. پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ جڏھن جسم فروشي تي پابندي لڳي تڏھن به اھا بازار پياري پوليس جي تعاون سان ھلندي رھي. ماتلي شھر ۾ ايندڙ ديھه انڙڪي واري حصي ۾ ھلندڙ ان ڳاڙھي بازار ۾ ڌنڌي لاءِ باقاعده ڪوٺيون ٺھيل ۽ مسواڙ تي ڏنل ھيون، ھڪ خاص قبيلي جا ماڻھو انگريزن جي دور کان ان بازار ۾ آباد ھئا، جيڪي ھاڻ شھر جي مختلف حصن ۾ پکڙيل آھن. اڳتي هلي ان بازار جي ڪافي عورتن عزت ۽ شرافت واري زندگي ڏانھن رخ ڪيو، پر اڃان به ان قبيلي جي ڪيترن خاندانن جو اھو پراڻو ڪاروبار شھر جي مختلف حصن ۾ جاري آھي. ماتلي جي اھا ڳاڙھي بازار ضياءُ الحق جي سخت اسلامي قانونن باوجود به بند نه ٿي سگهي. ماضي ۾ اھا بازار فقط اي ڊي خواجه تڏھن پھريون دفعو بند ڪرائي جڏھن ھو 1993ع 1994ع ۾ بدين ۾ ايس پي ٿي آيو. آبادين ۾ اضافي سبب خالي پلاٽن ۾ ڪالونيون ٺھڻ ڪري اُن بُري بازار تي وقت سان گڏ وڏا اثر به پيا، ڪي مرد مجاھد اھڙا به پيدا ٿيا جن ان بازار کي مڪمل طور تي بند ڪرايو، نه ته ان بازار ۾ ڌنڌي لاءِ ويھندڙ عورتون بازار ۾ کٽون ۽ ڪرسيون رکي سينگارجي ويھنديون ھيون ۽ اتان گذرندڙ ماڻھن کي باقائدي سڏي ڌنڌو ڪنديون ھيون، عورت جي آزادي جي منفي اثرن سبب ھن بازار ۾ ويھندڙ خاندانن جون اڪثر عورتون مردن طرفان نه ڪمائڻ واري روايت سبب معاشي طور تي ڪنگال به ٿي ويون. ڪن پنهنجن چاهيندڙن سان شاديون ڪري عزتن وارين زندگين کي اپنايو، اولاد کي پڙھائي نئين سڃاڻپ به ماڻي، ان جي باوجود ان ئي قبيلي جون ڪافي عورتون اڃان به اُن پراڻي ڌنڌي سان لاڳاپيل آھن، جن جا ڪيئي مشھور جسم فروشي جا اڏا مختلف پاڙن ۾ ھلندڙ آھن، جيڪي ھاڻ جسم فروشي سان گڏ ٻين ڏوھن جا به اڏا ٿي ويا آھن. ماتلي شھر ۾ جسم فروشي جا اھڙا مشھور اڏا به آھن جن تي ٻين شھرن کان ڇوڪريون گھرائي ويھاري سپلائي ڪيون وڃن ٿيون، اھي عورتون ساڳئي وقت منشيات سپلائي ڪندڙ به آھن، جسم فروشي جي اڏن تي خفيا ڪيميرائن سان وڊيوز رڪارڊ ڪري سفيد پوش عياشن کي بليڪ ميل ڪرڻ جي انڪشاف کانپوءِ ٻڌايو ويو آھي ته اھڙيون ڪيميرائون رڪارڊنگ لاءِ استعمال ڪيون وڃن ٿيون جيڪي بجلي جي سيورن، موبائيل فون جي چارجرن جي دٻين ۽ چشمن ۾ به لڪل ھونديون آھن. جسم فروشي جي ھر اڏي جا سھولتڪار انھن جا سمورا معاملا سنڀالين ٿا، انھن طرفان عورتن کي ٻين معاملن ۾ استعمال ڪري، ٻيا به ڪيئي ڏوهه ڪرايا وڃن ٿا، جن کي وقت تي کولي ثبوت طور استعمال ڪري بليڪ ميل ڪيو وڃي ٿو. اسلامي رياست ۾ اهڙن اڏن جو هلڻ پوليس جي ڪارڪردگيءَ جي مٿان هڪ وڏو سواليه نشان کڙو ڪري ٿو. ان کانپوءِ اسان جي سماج ۾ انهن مردن کي به سوچڻ گهرجي جيڪي اهڙن اڏن تي پهچن ٿا ۽ پوءِ انهن عورتن جي هٿان يا انهن عورتن جي دلالن جي هٿان بليڪ ميل ٿين ٿا، جن جي گهرن جا خرچ انهن جي پئسن سان هلن ٿا. اهڙن مردن کي ايڏانهن وڃڻ کان پهرين سئو ڀيرا سوچڻ گهرجي ته هو ڪهڙي آڙاهه ۾ ٽپو ڏئي رهيا آهن. جسم فروشي جي اڏن تي خفيا ڪيميرائن سان عياشي لاءِ ايندڙ سوداگرن جون وڊيو ڀري انھن کي بليڪ ميل ڪرڻ جا انڪشاف عام ٿيا آھن. بليڪ ميل ٿيندڙ شخصن قانوني مدد لاءِ ملاقاتون به ڪيون آھن ۽ مشورا به ورتا آھن، سندن اها شڪايت آهي ته اهي بليڪ ميلر ٽولا ماڻھن کي لکين رپيا ڀتي طور وٺن ٿا، پوءِ سندن جان نٿي ڇٽي. ماتلي پوليس کي هڪدم ان معاملي ۾ تحقيق ڪري انهن اڏن کي بند ڪرائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو