جيتن جو حياتياتي ضابطي وارو نظام صحتمند زراعت ڏئي سگهي ٿو
Dr Nazir Ahmed Abro محقق، تعليمدان، ليکڪ
پي ايڇ ڊي ماڪڙ جي حياتياتي ڪنٽرول بيجنگ چين مان. پيسٽيسائيڊ جي نقصانن تي تحقيق ڪندڙ. سامي فائونڊيشن عمرڪوٽ ۾ پروجيڪٽ مينيجر.
اڄوڪي دور ۾ جتي جديد سائنس زرعي پيداوار وڌائڻ جا نوان طريقا ڳولهي لڌا آهن، اتي فصلن کي نقصانڪار جيتن کان بچائڻ لاءِ ڪيميائي زهرن جو بي پناهه استعمال هڪ وڏو ناسور بڻجي چڪو آهي. اهي زهر نه صرف اسان جي زمين جي زرخيزي کي چٽ ڪري رهيا آهن، پر هوا، پاڻي ۽ خود انساني صحت لاءِ به موت مار ثابت ٿي رهيا آهن. اهڙي خطرناڪ صورتحال ۾ حياتياتي ضابطو (Biological Control) هڪ اهڙو قدرتي ۽ پائيدار حل آهي، جيڪو بغير ڪنهن نقصان جي اسان جي فصلن جي حفاظت ڪري سگهي ٿو. حياتياتي ضابطو دراصل فطرت جي ان اصول تي ڪم ڪري ٿو جنهن کي اسان “جاندار ئي جاندار جو شڪاري آهي” چوندا آهيون. هن طريقي ۾ نقصانڪار ڪيڙن کي مارڻ لاءِ ڪيميائي زهر جو ڦوهارو ڪرڻ بدران، فطرت ۾ اڳ ئي موجود انهن جي قدرتي دشمنن يعني فائديمند جيتن، پکين ۽ مخصوص جراثيمن کي استعمال ڪيو ويندو آهي. حياتياتي نظام کي وڌيڪ اثرائتو بنائڻ لاءِ، سائنسدانن ۽ زرعي ماهرن ان کي مختلف حصن ۾ ورهايو آهي، جن مان پريڊيٽرس (شڪاري)، پيراسيٽوائڊ ۽ ميٽابولڪ ڦڦوندي سڀ کان وڌيڪ اهم آهن.
پريڊيٽرس يا شڪاري جيت: پريڊيٽرس اهي طاقتور جيت آهن جيڪي نقصانڪار ڪيڙن کي سڌو سنئون پڪڙي کائي ويندا آهن. اهي پنهنجي سڄي زندگي ۾ سوين نقصانڪار جيتن جو شڪار ڪن ٿا: ليڊي برڊ بيٽل (Ladybird Beetle) هي بيٽل ڪپهه، سرنهن ۽ سبزين جي فصلن ۾ اڇي مک، تيلي ۽ ميلي بگ کي وڏي تعداد ۾ کائي ختم ڪندو آهي. گرين ليس ونگ يا ڪرائيسوپيرلا هن کي زراعت جو هڪ بهترين دوست جيت مڃيو وڃي ٿو. هن جا ٻچا(Larvae) ڪپهه جي فصل ۾ رس چوسيندڙ جيتن جي آنن ۽ ٻچن کي چٻاڙي کائي ويندا آهن.
پيراسيٽوائڊس طفيلي جيت: هي اهي جيت هوندا آهن جيڪي نقصانڪار جيتن کي کائڻ بدران، پنهنجو نسل وڌائڻ لاءِ انهن جي جسمن يا آنن کي استعمال ڪندا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ميزبان جيت مري ويندو آهي.
ٽرائڪوگراما ڏينڀو: هيءَ هڪ ننڍڙي فائديمند ڏينڀو آهي. هيءَ ڪپهه، ڪمند ۽ مڪئي جي فصل ۾ نقصانڪار جيتن جي آنن جي اندر پنهنجا آنا ڏئي ٿي. نتيجي طور، نقصانڪار جيت پيدا ٿيڻ بدران ان مان فائديمند ڏينڀو جا ٻچا نڪرندا آهن. “اينڪارسيا فارموسا” هيءَ طفيلي مک خاص طور تي سبزين ۽ گرين هائوس ڪلچر ۾ “اڇي مک” جي ٻچن تي حملو ڪندي آهي ۽ انهن جي جسم جي اندر آنا ڏئي کين ماري ڇڏيندي آهي.
بريڪن هيبٽر : هيءُ جيت مختلف قسمن جي سنڊين(Caterpillars) جي جسم ۾ زهر داخل ڪري کين مفلوج ڪندو آهي ۽ پوءِ انهن جي مٿان آنا ڏئي پنهنجو نسل وڌائيندو آهي.
اينٽومو پيٿوجينڪ فنگس، جيتن تي اثر ڪندڙ ڦڦوندي: هي حياتياتي ضابطي جو هڪ جديد ۽ انتهائي ڪارائتو طريقو آهي، جتي خاص قسم جي ڦڦوندي جا اسپورس (Spores) جيتن جي چمڙيءَ کي ڳاري ان جي جسم ۾ داخل ٿين ٿا ۽ کين بيمار ڪري مارين ٿا.
بيوويريا بيسيانا: هيءَ هڪ مشهور فنگس آهي جيڪا ميلي بگ، اڇي مک ۽ سنڊين تي اثر ڪندي آهي. جڏهن هيءَ جيت جي جسم تي لڳندي آهي ته جيت جي مٿان اڇي رنگ جو پائوڊر چڙهي ويندو آهي ۽ جيت ڪجهه ڏينهن ۾ مري ويندو آهي.
ميٽارهيزيم اينيسوپليا: هن فنگس کي “گرين مسڪارڊين” به چيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته هيءَ جيتن کي مارڻ کانپوءِ انهن جي جسم تي سائو رنگ پيدا ڪندي آهي. هيءَ خاص ڪري زمين جي اندر رهندڙ جيتن، اڏوهي ۽ تيزي سان وڌندڙ ماڪڙ جي خلاف استعمال ڪئي ويندي آهي.
ورٽيسيليم ليڪاني: هيءَ ڦڦوندي انهن جيتن لاءِ موتمار آهي جيڪي ٻوٽن جو رس چوسين ٿا، جهڙوڪ: تيلو ۽ ٿرپس. هيءَ گهم واري ماحول ۾ جيتن جي آبادي کي تيزي سان ختم ڪندي آهي.
حياتياتي ضابطي جي اهميت ۽ پائيداري: حياتياتي ضابطي جا فائدا بيشمار آهن. سڀ کان وڏو فائدو اهو آهي ته هي طريقو مڪمل طور تي ماحول دوست آهي، جيڪو اسان کي زهر کان پاڪ، صحت بخش اناج، ميوا ۽ سبزيون فراهم ڪري ٿو. ڪيميائي زهرن جي مقابلي ۾ هي طريقو ڪافي سستو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪيميائي زهرن جي خلاف جيتن ۾ مدافعت پيدا ٿي ويندي آهي، پر قدرتي شڪارين جي خلاف جيت مدافعت پيدا نٿا ڪري سگهن. هڪ ڀيرو جڏهن فائديمند جيت يا فنگس فصل ۾ پنهنجو نظام قائم ڪن ٿا ته اهي پاڻمرادو ڊگهي عرصي تائين نقصانڪار جيتن کي ڪنٽرول ۾ رکن ٿا. تنهنڪري جيڪڏهن اسان کي پنهنجي زراعت کي بچائڻو آهي، زمين جي صحت بحال رکڻي آهي ۽ ايندڙ نسلن کي هڪ صحتمند ماحول ڏيڻو آهي ته اسان کي ڪيميائي زهرن تي انڌو ڀاڙڻ ڇڏي حياتياتي ضابطي جهڙن قدرتي ۽ سائنسي طريقن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻي پوندي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟