مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

متان دلالن جي آسري سنڌ جي وحدت تي وار ڪيو، سنڌ جا جوڌا جاڳن پيا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اڄڪلهه نون صوبن ٺاهڻ جو چوٻول پکڙيل آھي، ملڪ جو نظام صحيح نموني نه ھلي رھيو آهي، سسٽم ناڪاره بڻجي ويو آهي، سڀ ڳالهيون زبردست آھن جو ملڪ ھلائيندڙن کي احساس ٿي ويو آهي ته تجربن جي بنياد تي ملڪ نٿو ھلائي سگهجي. ملڪ کي آئين جي دائري عوامي طاقت سان ھلائي سگهجي ٿو. طاقت جو سرچشمو عوام ئي آهي سسٽم ناڪاره بڻجي ويو آهي ته انھيءَ سسٽم جي ناڪامي جي اعتراف سان گڏ اھو به اعتراف ڪرڻ گهرجي ته ملڪ جي سسٽم ناڪاره ھجڻ ۾ وڏو ڪردار ھائبرڊ سياسي قيادتن جي سيکڙاٽ منافقي تعصب پرست سياست ۽ آئين ٽوڙيندڙ مارشلائون لڳائيندڙن جو به آهي. ھاڻي سمورا تجربا ۽ سسٽم جڏهن ناڪام ٿي چڪا آهن ته وڌيڪ تجربن جي ڪابه ضرورت ڪونهي ملڪ ۾آزاد شفاف اليڪشن ڪرائي وڃي، اقتدار عوامي چونڊيل نمائندن کي ڏنو وڃي ۽ سمورن فيصلن جو اختيار عوام کي ڏنو وڃي. باقي رهي ڳالهه نون صوبن جي انھيءَ جي اسان دليلن سان جواب ڏيڻ ڄاڻون ٿا ۽ اوهان جي ڏنل جھڙن تھڙن جوازن کي ٿڏي ٿا ڇڏيون، اھو به دليلن سان ۽ ھا ملڪ جو نظام ھلائڻ جو طريقو آئين ۾واضح آهي ۽ آئين کي ٽوڙڻ جي سزا به ھرڪو ڄاڻي ٿو. نوان صوبا ٺاهڻ جو ھڪ جواز نه اختيار ھيٺين سطح تي مشتمل ڪرڻ آهي ته پوءِ سنڌ ۾ بلدياتي نظام بحال آهي، اختيار عوامي چونڊيل نمائندن وٽ آھن. آئين جي تحت، ھو بلڪل پنھنجو ڪم ڪري رهيا آهن. اگر جتي جتي به ناانصافي ٿيل ھوندي ڪارڪردگي بهتر نه ھوندي ته ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾سندن عوام احتساب ڪندو ۽ پنهنجي جي مستقبل جو فيصلو ڪندو. ٻيو ته سنڌ ڌرتيءَ پاڪستان جو جنم ڏيندڙ ڌرتيءَ آهي. 1940ع جي قرارداد جي خالق ڌرتيءَ آهي ۽ سنڌ ۾عوامي چونڊيل حڪومت آهي، بھتر نموني آئيني فرض سرانجام ڏئي رھي آھي ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي عوام جو ھڪ ئي فيصلو آهي ته سنڌ ھزارين سالن کان تاريخي ديس آهي. ھن پاڪستان جي وجود لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. تاريخ ۾ ائين ڪڏهن ٿيو آهي ته پٽ جي صحبت نڀاڳن ماڻھن سان ھجي پنھنجي گھر جي سسٽم کي تباھ ڪري ڇڏي ۽ پوءِ ماءُ کي ماري چئي ته آئون گھر جو سسٽم صحيح ڪرڻ جي لاءِ پنھنجو جنم ڏيندڙ ماءُ ڌرتيءَ کي قتل ڪري رهيو آهيان. اهڙو بيانيو شڪست کاڌل ۽ شرمناڪ آهي. جڏهن ته پنجاب، ڪي پي ڪي ۾اتي جي صوبائي اسيمبلين باقاعده الڳ صوبن ٺاهڻ جون قردادون پاس ڪيون آهن، پر انهن تي عمل نٿو ٿئي آخر ڇو؟ جڏهن ته اتي جي عوام باقاعده تحريڪون هلايون آهن، آئيني تقاضائون پوريون آهن، اسيمبلين جا ٺھراءُ منظور ڪيل آهن. جڏهن ته عدالت جي فيصلن جي باوجود پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ڪيترن ئي سالن کان بلدياتي اليڪشن نٿي ڪرائي وڃي. عوام کي ھيٺين سطح تي اقتدار منتقل ڪيو ئي نه پيو وڃي، تخت لاهور جو راڄ آهي، انھيءَ تي خاموشيءَ به سسٽم جي نااهليءَ جو هڪ سبب آهي. بلوچستان ۾ بلدياتي اليڪشن ڪونه ٿي آهي، اتي ڪوبه مسئلو ڪونهي. جيڪڏهن هن وقت ضرورت آهي ته پنجاب جي اندر سرائيڪي صوبي جي آهي. جتي ترقي نه ٿي رهي آهي ۽ پنجاب جي آبادي تمام گهڻي وڌي وئي آهي، پنجاب اسيمبلي ٺھراءُ به منظور ڪري ڇڏيو آهي. ڪي پي ڪي ۾ به آئيني حق مطابق صوبا ٺاهيا وڃن جتي جي عوام سان گڏ صوبائي اسيمبليءَ جا ٺھراءُ منظور ڪيل آهن الڳ صوبن جا، جتي سالن کان وٺي بلدياتي نظام آهي ڪونه، جتي باقي ٽن صوبن ۾ بلدياتي اليڪشن ئي نٿي ڪرائي وڃي. اصل حقيقت اها آهي ته طاقتور ڌرين جون اکيون سنڌ ڌرتيءَ جي قدرتي وسيلن تي آھن، بندرگاهه ٻيٽن ۽ سنڌو درياءَ تي آھن. هنن کي سنڌ جي عوام جو ڪوبه ڏک احساس ڪونهي. سنڌ جي عوام ۾ شعور بيدار آهي. سنڌ ڌرتيءَ ھر وقت ھر غير آئيني قدمن کي للڪاريو آهي. پاڻ مٿان ٿيندڙ ھر وار کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي. صرف انھيءَ جو بدلو وٺڻ لاءِ ھي ڊرامو رچايو ويو آهي ته سنڌ ۾ پنهنجي پيارن دلالن، منافقن، سياسي يتيمن کان سالن کان پنھنجو بيانو ھلارايو پئي ويو ته سنڌ تباھ ٿي وئي آهي. سنڌ ۾ تعليم، صحت، انصاف جو نظام ختم ٿي ويو آهي. بدامني لاقانونيت جو راڄ آهي، سنڌ تباھ ۽ برباد ٿي وئي آهي، سنڌ کنڊر بڻجي چڪي آهي. جڏهن ته انھن دلالن منافقن جي بيانيي جو اثر ڏسڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ جي دلالن سنڌ جي ورهاست جو مطالبو ڪيو آهي ۽ شوشو ڇڏيو آهي، پاڪستان اسان جو وطن آهي، انھيءَ محافظ پاڪ فوج رياستي ادارن سان گڏوگڏ ڪروڙين عوام به آهي، جنهن ھن ملڪ لاءِ قربانيون ڏنيون آهن. سنڌ انھيءَ قربانين ۾ سڀ کان اڳيان رھي آھي ۽ پاڪستان جي خالق ڌرتي آهي ته پوءِ توهان ھنن منافق دلالن جي آسري سنڌ ڌرتيءَ سان ھٿ چراند نه ڪيو. باقي دلالن، منافقن، سياسي يتيمن، اداڪارن جي انھيءَ بيانيي کي سنڌ جو عوام جُتيءَ جي نوڪ تي رکي ٿو. انھن جي سياست ھڪ بدبودار زندھ لاش بڻجي وئي آهي. سنڌ ڌرتيءَ خوشحال سرسبز شاداب زمين آھي ۽ انشاءَ الله تاقيامت رھندي. جيڪڏهن سنڌ تباھ ۽ برباد ٿيل صوبو هجي ها ته پوءِ عالمي طاقتن، پنجاب ۽وفاق جون نظرون سنڌ تي نه هجن ها ۽ ٻين صوبن کان ماڻهو سنڌ جو رخ نه ڪن ها. جيڪڏهن سنڌ حڪومت ۾ صحت جو نظام خراب آھي ته پوري پاڪستان جا مريض سنڌ جي دل ۽ جگر جي اسپتالن ۾علاج ڪرائڻ ڇو ايندا آهن. جڏهن ته خوشحال پنجاب جي اسپتالن ۾ پنجاب جو حڪمرانو گهراڻو خود علاج ڪرائڻ لاءِ تيار ڪونهي. بدامني لاقانونيت دھشتگردي جي واقعن ۾به ڪي پي ڪي، پنجاب بلوچستان اڳيان آھن، اُنھن کي ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪرڻ بجاءِ سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪئي ٿي وڃي. هن وقت آزاد ڪشمير، ڪي پي ڪي، بلوچستان جون حالتون خراب آھن. ملڪ ۾ اليڪشن ڪميشن ناڪام ٿي وئي آهي. چونڊون تڪراري ٿي ويون آهن. هن وقت سنڌ کي ٽوڙڻ جو مطالبو ايم ڪيو ايم کان ڪرايو پيو وڃي. ان مطالبي ۾ اهي سنڌ جا وفادار نمڪ حلال اردو ڳالهائيندڙ شامل ناھن، اھي ان بيانيي جي مخالفت ڪن ٿا. اھو رياستي ادارن خود اعتراف ڪيو آهي ته ايم ڪيو ايم هڪ امن امان جو مسئلو پيدا ڪندڙ جماعت آهي. سنڌ اهو صوبو آهي جنهن اردو ڳالهائيندڙ عوام کي پناهه ڏني، پر اهي اڄ به پنهنجو پاڻ کي سنڌي سڏرائڻ بجاءِ مهاجر سڏرائين ٿا ۽ وري صوبي جي گهر ڪن ٿا. اهو به سنڌ کي ٽوڙي ان مان اسان جا شهري علائقا انهن کي صوبي طور گهرجن. جڏهن ته دنيا ۾ مهاجرن جو ڪوبه ديس ناهي هوندو، اهي هميشه ڪئمپن ۾ رهندا آهن. اهڙو بيانيو ڏيندڙ سنڌ ڌرتيءَ سان نمڪ حرامي ڪري رهيا آهن. سنڌ ۾ ھڪ لڪير نڪتل آهي، جتي ھڪ ڌر سدائين سگھارين ڌرين جي چاپلوسي ڪرڻ لاءِ ھر وقت تيار ھوندي آھي ۽ ھڪ ڌر جيڪا ھر وقت آئين جمهوريت ملڪ جي عوام سنڌ جي عوام سان گڏ بيٺل رهي آهي. سنڌ جي تاريخ گواهه آهي ته اھا ڌر پنهنجي ملڪ، آئين، جمهوريت سنڌ جي حق حاڪميت لاءِ انهن قوتن اڳيان سينو ساهي بيھڻ ڄاڻي ٿي ۽ پوري دنيا ڄاڻي ٿي سنڌ خلاف سازشون ڪا نئين ڳالهه ناهي. سنڌ جي سموري تاريخ جو ورق ورق اھڙن سازشي ٽولن ۽ ذهنيتن جي عڪاسي ڪندڙ قوتن سان مقابلو ڪرڻ وارن ماڻهن جي ڪردارن سان ڀريل آهي. سنڌ سان وفادار بھادر سنڌ جو پيروڪار مضبوط ٿي ميدان تي نڪرڻ لاءِ تيار آهي. جڏهن ته توهان جو پاليل طوطو ڪافي ڪمزور ٿي شرمساري وچان زنده سياسي لاش بڻجي ڌپ هڻي رهيو آهي. جيڪڏهن توهان جي سوچ آهي ته سنڌ جي عظيم شھيد الله بخش سومرو کان ويندي شھيد بينظير ڀٽو تائين جن سازشي عناصرن ساڻن ساٿ نڀايو آهي ھاڻي سنڌ جي ورهاڱي ۾ به ھميشه جيان ساٿ ڏيندا، پر ايئن ڪرڻ جي توهان همت به نٿا ڪري سگهو. ڇو جو آئين توهان جي رستي ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ کڙي ڪري ٿو. اها ڳالهه به سهي آهي ته سنڌ جي وزيراعظم شهيد الله بخش سومرو جي خلاف برطانوي سامراج جو ساٿاري به نام نهاد سنڌ پرست سنڌي ھئا ته پوءِ 1940ع ۾ ٺھراءُ به سنڌ اسيمبلي پاس ڪيو ھو. پوءِ ايوب خان جا ساٿاري به سنڌي ھئا ته پوءِ کيس للڪاري اقتداري ڪرسي تان لاهي ڦٽو ڪندڙ به بھادر سنڌي ھئا. جڏھن يحيٰ خان جا ساٿاري به سنڌي ھئا ته پوءِ ڀڄائڻ وارا به سنڌ جا بھادر سنڌي ھئا، جيڪڏهن جنرل ضياءُ الحق جي چاپلوسي ڪندڙ منافق سنڌي ھئا ۽ کيس شرافت جا لقب ڏيندڙ نام نهاد سنڌي ھئا ته پوءِ ايم آر ڊي تحريڪ جي دوران لکين سنڌين ميدان تي نڪري ضياءُ الحق جي مارشلا کي للڪاريو اهي عظيم ڪردار به سنڌي ھئا. گھٽي گھٽي ۾ ضياءُالحق جي ڪاري دور جي تاريخ ۾ ڦٽڪا هنيا ويا اهي ڦٽڪا کائڻ وارا به سنڌي هئا، ھر ڦٽڪي کائڻ سان پختي حوصلن سان ضياءُ الحق تي لعنت وجھندڙ به سنڌي ھئا، ڦاھي گھاٽ تي ڇيرون ٻڌي رقص ڪندي جيئي ڀٽو جو نعرو ھڻي سوليءَ سجائيندڙ به سنڌ جا عظيم جوڌا ھئا، گولين ڦٽڪن ڦاهين جي خوفناڪ منظرن جي دلڪش منظر ۾ تبديل ڪندڙ بھادر بيباڪ به سنڌي ھئا، پنھنجي ٻرندڙ گھرن تي حوصلي سان جشن ملهائي تاريخ لکندڙ سنڌ جا ھيرو ھئا، جن جي حوصلي سان ضيائي آمريت جون ٽنگون ڏڪڻ شروع ٿي ويون هيون. تڏهن ته ڪنهن شاعر چيو ته:
تون ھيڻو آن ھٿيارن سان ٿا ڀاري تنھنجا برج لڏن
سنڌ جي حقيقي عوامي جدوجھد ايم آر ڊي تحريڪ اھڙي ته سجاڳي پيدا ڪئي جو اھي منافق جن سنڌين سان منافقي ڪئي، اهي اڄ به معافين وٺڻ تي مجبور آهن. عوام ضياءُ سان گڏ نه، پر مھاڏو اٽڪائڻ وارن جوڌن کي سلام پيش ڪري ٿو. پوءِ پرويز مشرف سان گڏ بيھندڙ نام نهاد سنڌي ڪردار اڄ به عوام اندر ڪنڌ مٿي کڻي هلڻ جوڳا ناهن، پر مشرف کي للڪاريندڙ عظيم ڪردار عوام جي دلين تي راڄ ڪري رهيا آهن ۽ مشرف کي للڪاريندڙ به سنڌ جا عظيم جوڌا ھئا. ڪالا باغ ڊيم کي دفن ڪرائڻ وارا به بھادر سنڌي ڪردار ھئا، نه ته ويڪائو ڪردارن ڊيم جي حمايت ۾ مھم به ھلائي هئي. آئين ٽوڙيندڙ مارشلائون لڳائيندڙن جو مقابلو حوصلي سان سنڌ جي عوام ڪيو آهي. بھادري دليري جرئت سان ميدان سجائڻ ۾ سنڌ جو شان رھيو آھي نه ته پرويز مشرف کي 17 هين ترميم ذريعي وردي ۾ صدر رھڻ واري ترميم پاس ڪرائيندڙ به نام نهاد سنڌي ھئا ته وري پنهنجي جدوجهد جي ذريعي وردي لھرائڻ وارا به بھادر ڪردار سنڌي ھئا، جج بحالي تحريڪ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪرڻ وارا سنڌ جا بھادر جوڌا شامل ھئا. جڏھن ته ٽيڪنوڪريٽ شوڪت عزيز کي وزيراعظم بنائڻ سندس ورڪ ڪرڻ وارا به سنڌي ھئا. مشرف جي ريفرينڊم ۾ به ڪجهه اهڙا اڻوڻندڙ سنڌي هئا، نام نهاد سندس پولنگ ايجنٽ به ھئا ته سنڌ جا جوڌا پٽ به هئا جن کيس اقتدار جي ڪرسيءَ تان لاهي ڦٽو ڪيو. نواز شريف جي چاپلوسي ڪرڻ وارا به سنڌي ھئا ته عمران خان سان گڏ به هڪ سنڌي طبقو اهي دلال منافق جيڪي سدائين سگھارين ڌرين جي چاپلوسي ڪندڙ رهيا آهن. اھو ضياءُ الحق جو روحاني ۽ سياسي اولاد آهي، جيڪو ھر دور ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ ان جي حڪم جي تابعداري جي هڪ تاريخ رکي ٿو ۽ ٻيو سنڌ جو بھادر، بي غرض ۽ غيرتمند طبقو آهي جيڪو طاقت جي سامھون پنهنجي مظلوم عوام سان ڪلھو ڪلھي ۾ملائي بيهي ٿو. هن وقت سنڌ ڌرتيءَ کي ٽوڙڻ جو شوشو ڇڏيو ويو آهي، جيڪو آئيني طريقي سان ڪنهن به صورت ۾ ممڪن ناهي. سنڌ اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي جي واضح اڪثريت آهي اھا ڪڏهن به سنڌ کي ٽوڙڻ جو سوچي به نٿي سگهي يا سنڌ جي خلاف ڪو قانون پاس ڪرائي سگهي. باقي ايم ڪيو ايم سنڌ دشمنيءَ ۾ اقتدار جي حوس ۾ انڌي ٿي چڪي آهي، ٻيو اسان وارو اسٽيبلشمينٽ جو ساٿاري لڏو جيڪو ظاهر ته سنڌ جو وڏو خير خواهه لڳندو آهي، پر حقيقت ۾ منافق آهي. ياد رکو ته جيڪڏهن سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سنڌ ڌرتيءَ جا ڪيترائي بھادر بيباڪ عظيم جوڌا پنهنجي امڙ جي ٿڃ ملهائڻ لاءِ جدوجھد جو ميدان سجائڻ جو ڏينهن ملهائيندا. جيستائين پيپلزپارٽي وٽ سنڌ ۾ اڪثريت آهي اسيمبلي ۾ ته ھي سنڌ جي وحدت تي آسانيءَ سان ڪو وار نه ڪري سگھندا. سنڌ مان پ پ جو ووٽ بينڪ ختم ڪري ئي سنڌ سان ويساهه گهاتي ڪري سگھندا. جلد ئي سنڌ۾ پيپلزپارٽي جي خلاف ھڪ سياسي منافق پرستن يتيمن جو ٽولو گڏ ڪندا، انھيءَ جي سپورٽ ڪبي پوءِ انھيءَ ۾ ڪيترو ڪاميابي حاصل ڪن ٿا اھو ته ايندڙ وقت ثابت ڪندو، پر سگھارين ڌرين اصل واڳ ڌڻين کي اھا ڳالهه سمجھڻ گهرجي ته پاڪستان ھڪ ائٽمي قوت آهي، عظيم رياست آهي ھن کي تجرباتي طور نه ھلايو وڃي، ھن کي آئين پاڪستان جي حقيقي روح مطابق ھلايو وڃي. عوام جي ووٽن سان چونڊيل حڪومت کي فيصلو ڪرڻ جو اختيار ڏنو وڃي. آزادڻه اليڪشن ڪرائي وڃي صوبن جي قيام کان وٺي سمورا فيصلا عوامي طاقت سان جڙندڙ اسيمبلي جي ذريعي ڪيا وڃن. جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ سنڌ جي تاريخ توهان کان وڌيڪ ڪو ڄاڻندڙ شايد ھجي. باشعور غيرتمند سنڌين کي خبر آهي ته توهان سان ھڪڙو منافق سنڌي طبقو سدائين گڏ رهيو آهي. سنڌين تي ھر ٿيندڙ وار تي سھولتڪاري ڪندڙ اهو ئي طبقو آهي، پر ٻيو طبقو جنهن ھميشه وطن جو دفاع ڪيو آهي، ڌرتيءَ ماءُ جي هنج ۾خاموشيءَ سان نه ويھندو سازشي ذهنيت جي عڪاسي ڪندڙ قوتن جي پرامن عوامي جمهوري جدوجهد جي ذريعي سنڌ ڌرتيءَ ٽامون بڻائي ڇڏيندا. سنڌين جي جدوجھد جي تاريخ سڀ کي ياد رکڻ گهرجي ۽ متان ڪڏهن منافق سياسي يتيمن مڪار چالاڪ دلالن جي آسري سنڌ ڌرتيءَ جي سر زمين کي ورھائڻ واري غلطي ڪيو. شايد سنڌ جي بھادر غيرت مند ڌرتيءَ ماءُ سان وفادار عوام پنهنجي تاريخي ڪردار ۾ ھڪ اھڙي نئين باب جو اضافو ڪري ويندي جيڪو ايندڙ ھزارين سالن جي تاريخ ۾نه رڳو ياد رھندو، پر دنيا ۾ پرامن عوامي جمهوري جدوجهد لاءِ هڪ اتساهه پيدا ڪندڙ باب به لکي ڇڏيندو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو