بينظير ڀٽو جي آخري ڪتاب ۽ سندس حياتيءَ جي سفر جون ڳالهيون
Naseem Bukhari
ليڪچرار (سنڌي)، سينئر صحافي، ڪالم نگار، شاعر
شهيد محترمه بينظير ڀٽو جيترا ڪتاب لکيا، جيتريون تحريرون قلمبند ڪيون، جيترا انٽرويو ڏنا يا عوامي جلسن ۾ جيڪي خطاب ڪيا، انهن سڀني ۾ ڪيل ڳالهين کي عملي طور تي پاڪستان پيپلز پارٽي ڪيتري حد تائين يقيني بڻايو آهي؟ ۽ پنهنجي منشور سان انهن کي هم آهنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪيتري جاري رکي آهي؟
محترمه بينظير ڀٽو ڪتابن جي اهميت کان چڱيءَ ريت واقف هئي ۽ شايد اهوئي سبب هو جو سندس آخري ڪتاب سندس شهادت کان فقط ٻه ڏينهن اڳ مڪمل ٿيو. هن ڪتاب جو مختصر تعارف ۽ ان بابت مختلف رايا پيش ڪندي، محترمه جي حياتيءَ جي سفر تي به نظر وجهنداسين، پر سوال اهو آهي ته روايتي طريقن کان هٽي ڪري، سندس عزم ۽ مشن کي اڳتي وڌائڻ جي حوالي سان پاڪستان پيپلزپارٽي پنهنجي حصي جو ڪردار ڪيتري ممڪن حد تائين ادا ڪيو آهي؟
محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي ڪتاب “مفاهمت، اسلام، جمهوريت ۽ اولهه” بابت Mark C. Siegel لکي ٿو ته، پنهنجي ذات جي چوڌاري ڦرندڙ شورشن ۽ پارلياماني چونڊ مهم دوران پاڪستان جي وڏي سياسي جماعت پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت جون ذميواريون نڀائڻ باوجود، هن ڪتاب تي بينظير جي توجهه ڪڏهن به نه ٿڙي،۔ هن ان ڪتاب کي مڪمل ڪرڻ لاءِ اهڙي ثابت قدمي ۽ جذبي سان ڪم ڪيو، جهڙو هوءَ پنهنجي زندگيءَ جي ٻين اهم ڪمن کي پورو ڪرڻ وقت ڪندي هئي۔. هن کي پختو يقين هو ته اسلام جي پيغام کي انتهاپسند ۽ جنوني سياسي رنگ ڏئي ان جو استحصال ڪيو پيو وڃي ۽ آمريت جي ڇانوَ هيٺ انتهاپسندي جو ٻرندڙ مادو پچي وڌي نه رڳو سندس وطن پاڪستان، پر سڄي دنيا لاءِ خطرو بڻجي چڪو آھي۔. جيتوڻيڪ مون هن ڪتاب جي تحقيق ۽ لکڻ ۾ بينظير جي مدد ڪئي، پر شروع کان آخر تائين هي ڪتاب بينظير ڀٽو جو ئي آهي۔.
جيڪو مذهبن ۽ قومن جي وچ ۾ مفاهمت جو هڪ مثبت اظهار، اسلام جي حقيقي صورت جو بيباڪ بيان ۽ سماجن کي ويجهو آڻڻ لاءِ هڪ عملي راهه جو تعين آهي۔.
مون لاءِ ڪنهن حد تائين هي احساس تسڪين جوڳو آهي ته سندس آخري ياد خون سان رڱيل قتل واري منظر سان نه، پر هن ڪتاب جي ورثي سان جڙيل رهندي، جيڪو هڪ عظيم عورت جي مثبت سوچ، بصيرت ۽ خيال جي طاقت جو اظهار آهي۔.
سينيٽر ايڊورڊ ايم ڪينيڊي جو خيال آھي ته، “هي ڪتاب انهن چئلينجن کي سمجهڻ ۾ وڏي مدد فراهم ڪري ٿو جيڪي اڄ اسان کي درپيش آهن ۽ اهو به واضح ڪري ٿو ته اسلامي دنيا سان هوشمنديءَ ڀريو مڪالمو آمريڪا ۽ دنيا لاءِ ڇو ضروري آهي.”
ميڊيلين البرائيٽ جا احساس آھن ته، “پاڪستان کي سمجهڻ کانسواءِ اڄ جي دنيا کي سمجهڻ ناممڪن آهي ۽ هن ڪتاب کي پڙهڻ کانسواءِ پاڪستان کي سمجهڻ به ناممڪن آهي. المناڪ موت جو شڪار بڻجندڙ بهادر عورت اسان سان مفاهمت بابت ڳالهائي ٿي. اسان تي سندس ۽ پنهنجي ضمير جو اهو قرض آهي ته اسين سندس ڳالهه ٻڌون، سمجهون ۽ ان تي عمل ڪريون.”
پيٽر ڊبليو گالبريٿ جي سوچ آھي ته، “دهشتگرديءَ خلاف سڏيل جنگ ۾ پاڪستان هڪ اهم محاذ بڻجي چڪو آهي. ‘مفاهمت’ هڪ بهادر عورت جي جدوجهد جي ڪهاڻي آهي، جنهن اسلام ۾ جمهوريت ۽ اعتدال پسنديءَ لاءِ جدوجهد ڪئي. بينظير ڀٽو انهن انتهاپسندن جي نه، پر پاڪستاني مسلمانن جي وڏي اڪثريت جي نمائندگي ڪندي هئي، هي ڪتاب اسان کي ياد ڏياري ٿو ته اسان ڪيترو ڪجهه وڃائي ويٺا آهيون.”
شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڪتاب کي اردو ۾ ترجمو ڪندڙ پاڪستان پيپلزپارٽي جي سيڪريٽري جنرل جهانگير بدر جو چوڻ آهي ته هي ڪتاب محترمه شهيد جي ورثي جي آخري ڪڙي ۽ حق جي نعري جهڙي اهڙي صدا آهي، جنهن جي گونج ايندڙ زمانن ۾ به ٻڌڻ ۾ ايندي رهندي۔.
شهيد محترمه بينظير ڀٽو لکي ٿي ته مسلم دنيا اندر فرقن، نظرين ۽ اسلام جي پيغام جي مختلف تشريحن جي وچ ۾ هڪ اندروني خال ۽ سخت ٽڪراءُ موجود رهيو آهي۔ هن طبقاتي ۽ فرقي واري ويڙهه ڀاءُ کي ڀاءُ جي خلاف بيهاري ڇڏيو آهي ۽ اهڙي روايت کي جنم ڏنو آهي، جيڪا گذريل 1300 سالن کان رت جي راند ۽ ڀاءُ کي ڀاءُ جي قتل ڪرڻ جو سبب بڻجندي رهي آهي.۔ هن فرقي واري ڇڪتاڻ مسلمانن جي ٻيهر جنم (نشاةِ ثانيه) جي چمڪ ڌمڪ کي به ڌنڌلو ڪري ڇڏيو، جيڪا تاريخ جي عظيم دور ۾ ظاهر ٿي، جڏهن وڏيون يونيورسٽيون، سائنسدان، ڊاڪٽر ۽ فنڪار مسلمان هئا۔.
اڄ مسلمانن جي وچ ۾ فرقي وارو تشدد اهڙي گهري ويڙهه جي صورت ۾ صاف نظر اچي ٿو، جيڪا پنهنجي ئي پاڙن کي ڪمزور ڪري رهي آهي.۔ انتهاپسندن اسلامي عقيدن کي مغرب خلاف پنهنجي نالي ماتر جهاد لاءِ جواز ۽ منطقي بنياد مهيا ڪرڻ خاطر ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو آهي۔.
زهريلا خيال اسلام ۽ اولهه جي تهذيبن ۾ ٽڪراءَ جي راهه هموار ڪن ٿا. اهي آفيم وانگر ڪم ڪن ٿا، جيڪي مسلمانن کي ٻاهرين دشمنن خلاف هر وقت ڀڙڪائي رکندا آهن ۽ کين پنهنجي علمي، سماجي ۽ معاشي زوال جي اندروني سببن کي ڳولهڻ کان روڪيندا آهن. حقيقت ۽ دانشوراڻي سوچ جي تقاضا آهي ته اسين معاملي جي ٻنهي پاسن تي نظر وجهون.
شهيد محترمه بينظير ڀٽو لکي ٿي ته. مشرف ذاتي ملاقاتن دوران چوندو رهيو ته هو چونڊن کان اڳ پاڪستان نه اچي. بينظير ڀٽو کي اهو خدشو به هو ته سرحدي ۽ قبائلي علائقن مان خودڪش حملي آور آڻي سندس جان کي نقصان پهچايو ويندو.
هوءَ لکي ٿي ته، جڏهن هوءَ دبئي کان پاڪستان واپس اچي رهي هئي ته جهاز ۾ تمام ٿورن مسافرن کي اها خبر هئي ته ساڻس هڪ بريف ڪيس به موجود هو، جنهن ۾ سندس ڪتاب Reconciliation: Islam, Democracy, and the West بابت نوٽس رکيل هئا. اهي نوٽس ڪارساز بم ڌماڪي دوران ڪافي حد تائين متاثر ٿيا. ان سانحي ۾ 179 جانثار ڪارڪن شهيد ٿيا، جڏهن ته بينظير ڀٽو معجزاڻي طور بچي وئي.
بينظير ڀٽو لکي ٿي ته، وطن واپسي کان اڳ مشرف سرڪار کي چيو ويو هو ته پاڪستان پيپلزپارٽي پاڻ موبائل جيمنگ جو انتظام ڪندي، پر حڪومت ان جي اجازت نه ڏني ۽ پاڻ به ڪو مناسب بندوبست نه ڪيو. ڪارساز بم ڌماڪي کانپوءِ جڏهن حڪومت سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ڪو خاطر خواهه جواب نه مليو. جن رستن تان سندن استقبالي جلوس گذري رهيو هو، انهن هنڌن تي بجلي به غائب هئي. ڌماڪي جي وقت هوءَ ناهيد خان سان مزارِ قائد تي ٿيندڙ پنهنجي تقرير جي اهم نقطن بابت ڳالهائي رهي هئي. هوءَ چئي رهي هئي ته قبائلي علائقن ۾ سياسي پارٽين کي انتهاپسندن کان آزادي حاصل ڪرڻ گهرجي، يا گهٽ ۾ گهٽ ان آزادي لاءِ منظم جدوجهد ڪرڻ گهرجي.
ھاڻي محترمه جي حياتي بابت به ڪجھه حال احوال ٿا ونڊيون:
شهيد بينظير ڀٽو جنهن 21 جون 1953ع تي ڪراچيءَ ۾ اکيون کوليون. سندس گلابي رنگ ڪري کيس “پِنڪي” سڏيندا هئا. ابتدائي تعليم لاءِ ڪراچيءَ جي ليڊي جيننگز نرسري اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ هن 1958ع ۾ ڪراچيءَ جي مشهور ڪانوينٽ اسڪول آف جيزس اينڊ ميري (Convent of Jesus and Mary) ۾ داخلا ملي. ننڍپڻ ۾ هوءَ هڪ سلڇڻي ۽ سٻاجهي نينگر هئڻ سان گڏ تمام ذهين ۽ هوشيار شاگردياڻي هئي. ستن سالن جي عمر ۾ جڏهن سندس والد جنرل ايوب خان جي مرڪزي ڪابينا ۾ وزير ٿيو ته سندن ڪٽنب راولپنڊيءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتي پهرين کيس “پريزنٽيشن ڪانوينٽ هاءِ اسڪول راولپنڊي” ۾ داخل ڪيو ويو، پر پوءِ جلد ئي سندس ڀيڻ صنم ڀٽو سان گڏ ڪوهه مريءَ جي بورڊنگ هائوس ۾ موڪليو ويو. هن دور ۾ هن کي ڪتابن پڙهڻ جو شوق ٿيو. ڪتابن ۾ هن کي تاريخ، آتم ڪهاڻيون ۽ اگاٿاڪرسٽيءَ جون جاسوسي ڪهاڻيون وڻنديون هيون. بينظير کي ٽپال جون ٽڪليون گڏ ڪرڻ جو به شوق هو ۽ هوءَ اسڪول جي راندين ۽ ٻين غير نصابي سرگرمين ۾ به حصو وٺندي هئي، ان ڪري سندس استاد کيس گهڻو ڀائيندا ھئا. 1966ع ۾ خاندان ڪراچيءَ واپس موٽي آيو ۽ بينظير وري ڪانوينٽ آف جيزس اينڊ ميري اسڪول ۾ داخلا ورتي، جتان هن صرف 15 سالن جي عمر ۾ ‘او’ ليول جو امتحان ڏنو. ان کان اڳ 1967ع ۾ پيپلزپارٽيءَ جو بنياد پئجي چڪو هو، جنهن جو چيئرمين ڀٽو صاحب بڻيو ۽ بينظير صرف چوڏهن سالن جي عمر ۾ ان جي بنيادي پنجن ميمبرن ۾ شامل هئي.
ڪجهه وقت گرامر اسڪول ۾ پڙهڻ کانپوءِ هوءَ هارورڊ يونيورسٽيءَ جي ريڊڪلف ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ آمريڪا هلي وئي. اهو 1969ع جو سال هو. انهيءَ دور ۾ ويٽنام جنگ خلاف ٿيندڙ ڪيترن مظاهرن ۾ شرڪت ڪيائين، اوڀر پاڪستان ۾ آيل سامونڊي طوفان جي متاثرن لاءِ چندا گڏ ڪيائين ۽ ڪاليج جي ٻين ڪيترين سرگرمين ۽ تقريري مقابلن ۾ حصو ورتائين، جنهنڪري هوءَ ڪاليج ۾ گهڻي مشهور ٿي وئي.
بينظير ڀٽو جيئن 1972ع ۾ اونهاري جي موڪلن ۾ پاڪستان آئي ته ڀٽو صاحب کيس پاڻ سان هندستان وٺي ويو، جتي کيس شملا ۾ اندرا گانڌيءَ سان ملڻو هو. ان ملاقات 18 سالن جي نوجوان بينظير جي زندگيءَ تي وڏو اثر ڇڏيو. عملي سياست جو سندس اهو پهريون تجربو هو، جتي هوءَ اخبارن، ريڊيو ۽ ٽيليويزن جي نمائندن جي توجهه جو مرڪز بڻي. آمريڪا ۾ چئن سالن واري ڪورس کي پورو ڪري سياست ۾ گريجوئيشن ڪرڻ کانپوءِ پاڻ مختصر عرصي لاءِ پاڪستان اچي، وري پنهنجي والد جي خواهش مطابق آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ وڃي داخلا ورتائين، جيڪو پاڻ به اتان پڙهيو هو. جنهن وقت 14 آگسٽ 1973ع تي ملڪ جو آئين نافذ ڪيو ويو، بينظير پاڪستان ۾ آيل هئي. ان کانپوءِ ڀٽو صاحب مختلف دورن ۾ هن کي پاڻ سان وٺي ويندو هو، ان ڪري هن کي ڪيترن مشهور ماڻهن سان ملڻ جو موقعو مليو، جن ۾ هينري ڪسنجر به شامل هو. لاهور ۾ 1974ع ۾ ڪوٺايل اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ به هوءَ شامل هئي، جتي هن کي مصر جي صدر انور سادات، سعودي عرب جي شاهه فيصل، لبيا جي ڪرنل قذافي، بنگلاديش جي شيخ مجيب الرحمان، فلسطين جي ياسر عرفات ۽ ٻين سان ملڻ جو موقعو مليو. ان کانسواءِ گڏيل عرب امارات ۽ بحرين جي اميرن سان به ملي. اها سندس تربيت هئي، جيڪا سندس والد ڪري رهيو هو. ان سال آڪسفورڊ ۾ بينظير کي يونين جي ڊبيٽنگ سوسائٽيءَ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ويو هو. ان کان ڪجهه وقت پوءِ هن انهيءَ يونين جي صدر جي عهدي لاءِ چونڊ وڙهي ۽ 1977ع ۾ هوءَ پهرين ايشيائي ڇوڪري هئي، جنهن اهو عهدو ماڻيو.
1977ع ۾ پڙهائي پوري ڪري ڊگري وٺي بينظير واپس وطن آئي جنرل ضياءُالحق اوچتو 4 ۽ 5 جولاءِ جي وچ واري رات ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو. ذوالفقار علي ڀٽو جي نظربنديءَ کانپوءِ بينظير پنهنجي خاندان سان ڪراچيءَ موٽي آئي. ذوالفقار علي ڀٽو جي غيرموجودگيءَ ۾ بيگم نصرت ڀٽو کي پيپلزپارٽيءَ جي قائم مقام چيئر پرسن بڻايو ويو ۽ بينظير کي سندس سيڪريٽريءَ طور ذميواريون ڏنيون ويون. ڀائرن کي ماءُ ملڪ کان ٻاهر اماڻي ڇڏيو هو ته جيئن اهي پنهنجي پيءُ جي آزاديءَ لاءِ دنيا جي ضمير کي جاڳائڻ جو ڪم ڪن. ذوالفقار علي ڀٽو جو ڪيس هلندو رهيو، بينظير ۽ بيگم نصرت ڀٽو کي بار بار گرفتار ۽ آزاد ڪيو ويو، ڪڏهن ڪراچيءَ ۾ ته ڪڏهن سهالا پوليس ڪيمپ ۾ ته ڪڏهن سکر جيل ۾. جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي ڏيڻ وارو فيصلو ٿيو ته ان وقت بينظير ڀٽو ۽ سندس والده سهالا جيل ۾ قيد هيون. ان کانپوءِ کين ذوالفقار علي ڀٽو سان ملاقات لاءِ راولپنڊيءَ نيو ويو، جيڪا ساڻس سندن آخري ملاقات هئي. ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت جتي بينظير کي دنيا جو وڏو ڏک ڏنو، اتي وڏي تبديلي پڻ عطا ڪئي، هوءَ بي ڊپي، پراعتماد ۽ بيباڪ عورت بڻجي اڀري. محترمه پنهنجي ڪتاب “ڊاٽر آف دي ايسٽ” جي پهرين سٽ اها لکي هئي ته “مون پنهنجي هن زندگيءَ جي پاڻ چونڊ نه ڪئي، پر ان مون کي چونڊيو هو.” حالتن هن کي فولاد بڻائي ڇڏيو. بعد ۾ بيگم نصرت ڀٽو جي بيماريءَ سبب کيس پيپلز پارٽيءَ جي شريڪ چيئر پرسن ۽ پوءِ چيئر پرسن بڻايو ويو.
1981ع ۾ ايم آر ڊيءَ جي تحريڪ هلي، 1983ع ۾ عروج تي پهتي. مارچ 1981ع ۾ پي. آءِ. اي جو جهاز اغوا ٿيو، جنهن جو الزام سندس ڀائرن تي لڳائي بينظير ۽ بيگم نصرت ڀٽو کي گرفتار ڪيو ويو، جتي ٻئي 1982ع تائين قيد رهيون. ان کانپوءِ بيگم نصرت ڀٽو سخت بيمار ٿي پئي ۽ ڊاڪٽرن ڦڦڙن جي ڪينسر جو مرض تشخيص ڪيو، جنهن جي علاج لاءِ کيس ولايت وڃڻ جي اجازت ملي ۽ بينظير کي ڪراچيءَ واري گهر ۾ نظربند ڪيو ويو. 1984 ۾ بينظير کي ڪن ۾ شديد سور پيو، جنهن جي علاج لاءِ ولايت وڃڻ جي کيس اجازت ملي. هوءَ ايندڙ ڇهن سالن لاءِ ملڪ کان ٻاهر هلي ويئي. لنڊن ۾ هن ڪن جي آپريشن ڪرائي. 1985ع ۾ هوءَ ڀاءُ سان ملڻ فرانس وئي ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ سندس ڀاءُ شاهنواز کي سندس ئي اپارٽمينٽ ۾ زهر ڏئي قتل ڪيو ويو ۽ پوءِ هوءَ سندس جنازو کڻائي، پاڪستان واپس آئي. اهو سندس زندگيءَ جو ٻيو سانحو هو، جنهن سان کيس منهن ڏيڻو پيو. ڀاءُ کي پنهنجي پيءُ جي ڀرسان دفن ڪرايائين. ان وقت جنرل ضياءُ کيس نظربند ڪرايو. بهرحال هوءَ پنهنجي ڀاءُ جي قتل ڪيس جي پوئيواريءَ خاطر وري ڪجهه وقت لاءِ ٻاهر هلي وئي.
1986 ۾ جڏهن هوءَ لاهور واپس پهتي ته لکين ماڻهن سندس استقبال ڪيو. سندس اهڙي شاندار واپسيءَ کانپوءِ 1987 ۾ سندس شادي آصف علي زرداريءَ سان ٿي. 10 اپريل تي اوجهڙي ڪئمپ واري واقعي کانپوءِ 29 مئي1987تي جنرل ضياءُ، محمد خان جوڻيجي جي حڪومت ۽ اسيمبليون ختم ڪيون ۽ چونڊن جو اعلان ڪيو. 17 آگسٽ 1987 تي جنرل ضياءُ جو جهاز هوا ۾ ڦاٽي پيو ۽ ضياءُ دور جو خاتمو ٿيو.
غلام اسحاق خان ملڪ جو صدر مقرر ٿيو، جنهن بنا پارٽي اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. جنهن جي خلاف بينظير پٽيشن داخل ڪئي، ان وقت جڏهن بنا پارٽي اليڪشن خلاف بينظير جي پٽيشن سپريم ڪورٽ ۾ ڪامياب ٿي ۽ ملڪ ۾ اليڪشن جو چوٻول ٿيو، ته ان وقت بينظير، بلاول ڀٽو کي جنم ڏئي بلاول هائوس ۾ شفٽ ٿي چڪي هئي.
چونڊن ۾ هن جي پارٽيءَ خلاف نواز شريف جي سربراهيءَ ۾ آءِ. جي. آءِ نالي اتحاد ٺاهيو ويو هو. بينظير چونڊ مهم لاءِ ڪامياب دورا ڪيا ۽ پارٽيءَ کي منظم ڪيو. 1988ع واريون اهي چونڊون پيپلز پارٽيءَ کٽيون ۽ 2 ڊسمبر 1988ع تي ايوان صدر ۾ بينظر ڀٽو وزارت عظميٰ جو قسم کنيو. اسلامي ملڪن جي تاريخ ۾ هوءَ پهرين مسلمان عورت ۽ پهرين سنڌياڻي هئي، جيڪا ڪنهن اسلامي ملڪ جي وزيراعظم بڻي هئي. 12 ڊسمبر تي قومي اسيمبليءَ مان اعتماد جو ووٽ ورتائين. سندس اهو دور اختلافن سان ڀريل هو. پنجاب ۾ آءِ. جي. آءِ (نواز شريف) جي حڪومت هئي، جنهن جو مرڪز سان ٺاهه نه هو، سنڌ ۾ ايم. ڪيو. ايم حڪومت ۾ شامل هئي، پر لساني ڇڪتاڻ معمول بڻيل هئي. بلوچستان ۾ اڪبر بگٽي ساڻس ڪو نه ٺهيو ۽ اتان جون حالتون به صحيح ڪونه هيون. هوءَ “سياسيات” ۽ “بين الاقوامي تعلقات” جون ڊگريون رکندڙ هڪ قابل عورت هئي، هن پاڪستان کي دولت مشترڪه ۾ شامل ڪرائڻ جون ڪوششون ڪيون. هن پنهنجي پرڏيهي پاليسيءَ ۾ انقلابي تبديليون آنديون. ڀارت، آمريڪا، چين ۽ اسلامي ملڪن سان دوستاڻه جا ناتا وڌايا. پهرين نومبر 1989ع تي سندس حڪومت مخالفن سندس خلاف بي اعتماديءَ جي رٿ پيش ڪئي، جيڪا ناڪام ٿي. ان کانپوءِ حيدرآباد جي پڪي قلعي ۾ ٿيل آپريشن ۾ فوج جي مداخلت کانپوءِ حالتون خراب ٿي ويون ۽ نسلي فساد ڀڙڪي پيا. 5 آگسٽ 1989ع تي ملڪ جي صدر غلام اسحاق خان ٽيليويزن تان قوم کي خطاب ڪري بينظير حڪومت کي برطرف ڪري اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون.
ان کانپوءِ نگران حڪومت غلام مصطفيٰ جتوئيءَ کي ڏني وئي ۽ نين چونڊن جو اعلان ٿيو. چونڊون ٿيون ۽ نواز شريف حڪومت ٺاهي، نئين اسيمبليءَ ۾ بينظير مخالف ڌر جي ليڊر چونڊي وئي. 6 نومبر 1990ع تي هن مخالف ڌر جي اڳواڻ طور اسيمبليءَ کي خطاب ڪيو. سنڌ ۾ حڪومت ڄام صادق عليءَ کي ڏني وئي، جنهن پيپلزپارٽيءَ ۽ بينظير ڀٽو کي گهڻو نقصان پهچايو.
1992ع ۾ نواز شريف کي ساڳئي قسم جا الزام هڻي غلام اسحاق خان برطرف ڪيو ۽ اسيمبليءَ کي ختم ڪري بلخ شير مزاريءَکي نگران وزيراعظم مقرر ڪيو ويو. 1993 جي پڇاڙيءَ ۾ هڪ ڀيرو وري چونڊون ٿيون ۽ بينظير کي ٻيو ڀيرو وزيراعظم بنايو ويو. 13 نومبر تي سندس نامزد اميدوار فاروق احمد لغاري صدر چونڊيو ويو. ڪجهه وقت حڪومت ڪرڻ کانپوءِ وري وڳوڙ شروع ٿي ويا. ڪراچي انساني قتل گاهه بڻجي وئي هئي، ٽارچر سيل ۽ ٻورين ۾ بند لاش روز جو معمول بڻجي چڪا هئا. نتيجي ۾ ڪراچيءَ مان صنعتون پنجاب منتقل ٿيڻ لڳيون. ڌرين سان ٺاهه ٿيندا ۽ ڊهندا رهيا. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڌاڙيلن رڻ ٻاري ڏنو هو. 1995 جي آخري ڏهاڙن ۾ صدر فاروق لغاري بينظير جو مخالف ٿي بيٺو.
20 سيپٽمبر 1995ع تي بينظير جي پنهنجي حڪومت ۾ سازش ڪري سندس موڀي ڀاءُ مير مرتضيٰ ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو. هوءَ جهڙوڪر ٽُٽي پئي. اڃان صدمي ۾ ئي هئي ته 5 نومبر تي کانئس حڪومت به کسي وئي. قومي اسيمبليءَ کي ٽوڙي سندس سرڪار کي برطرف ڪيو ويو.
هڪ ڀيرو وري چونڊن جون تياريون ٿيون. سنڌ جو نگران وزيراعليٰ ممتاز علي ڀٽي کي ڪيو ويو. چونڊون ٿيون، انهن ۾ تمام گهٽ ماڻهن حصو ورتو. بهرحال 17 فيبروريءَ تي نواز شريف جي حڪومت قائم ٿي. 1997ع جي پڇاڙيءَ ۾ بينظير کي وري ڪيترن ڪيسن ۾ ڪورٽن کي منهن ڏيڻو پيو. جدوجهد جي طويل سفر ۽ مخالفن وٽان ملندڙ تڪليفن کيس اڃان عوام جي وڌيڪ ويجهو ڪري ڇڏيو.
1999ع ۾ جڏهن پاڻ ملڪ کان ٻاهر وئي. 12 آڪٽوبر 1999ع تي جنرل پرويز مشرف، نواز شريف جي حڪومت ختم ڪري اقتدار تي قبضو ڪيو. بينظير، دبئيءَ ۾ جلاوطنيءَ جي زندگي گذارڻ کانپوءِ 18 آڪٽوبر 2007ع تي وطن واپس آئي. سندس استقبال لاءِ ڪراچي ايئرپورٽ تي لکين ماڻهو اچي گڏ ٿيا. سندس قافلو جڏهن ڪارساز وٽ پهتو ته ٻه زوردار بم ڌماڪا ٿيا، جنهن ۾ 179 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا.
اليڪشن جي تياري ڪندي هن سمورن خطرن جي باوجود ملڪ جي مختلف علائقن جا دورا ۽ جلسا ڪيا. هنگامي حالتون لاڳو ڪرڻ بعد جڏهن جنرل مشرف ملڪ جي عدليه کي هٽايو ته هن نظربند چيف جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ جي گهر جي ٻاهران وڃي جلسو ڪيو ۽ چيو ته سندس چيف جسٽس اهو ئي آهي.
27 ڊسمبر 2007ع تي بينظير ڀٽو راولپنڊيءَ جي لياقت باغ ۾ هڪ عاليشان جلسو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. جلسي تان واپسيءَ مهل عوام جي زبردست محبتن ۽ نعرن جو جواب ڏيڻ لاءِ هن جيئن ئي پنهنجي گاڏيءَ مان منهن ڪڍيو ته هڪ ڀيرو وري مٿس گوليون وسايون ويون ۽ بم ڦاڙيا ويا، جنهن ۾ پاڻ شهيد ٿي وئي. کيس ماڻھو “مارئي ملير جي”، “سنڌ راڻي” ۽ “شهيد راڻي” جهڙن نالن سان ياد ڪن ٿا سندس تصنيف “Pakistan: the Gathering Storm” نالي سان شايع ٿي چڪي آهي. آخري ڪتاب
Reconciliation: Islam and The West آهي، کيس ڳڙهي خدا بخش ۾ سندن اباڻي قبرستان ۾ پنهنجي شهيد والد ۽ ڀائرن جي ڀرسان دفن ڪيو ويو، جيڪا سندس ابدي آرامگاهه آهي.
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟